پاڻيءَ لاءِ پڪاريندڙ سنڌ ۽ پنجاب جي هوڏ!

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پاڻيءَ لاءِ پڪاريندڙ سنڌ ۽ پنجاب جي هوڏ!​


    حميرا علواڻي

    ارسا جي وقتي چيئرمين شفقت مسعود سنڌ ۽ وفاق جي شديد مخالفت هوندي به 6 جولاءِ 2010ع تي تڪراري چشمه-جهلم لنڪ ڪينال لاءِ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي جاري ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون!

    هڪ پاسي سڄي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي حوالي سان شديد احتجاج جاري آهن، ته ٻئي پاسي ٺٽي ضلعي جي سڄي سامونڊي پٽي تعلقه گهوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر، شاهبندر، کارو ڇاڻ، جاتي، ساڪرو ۽ سجاول سميت سڄي ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ هن وقت به پيئڻ جو پاڻي ميسر ڪونهي . ڪجهه عرصو اڳ برساتن ۽ ”پيٽ“ طوفان سبب 60 هزار ماڻهو دربدر ٿيا، تن لاءِ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران 6 جون 2010ع تي ڪيٽي بندر جي دوري دوران پريس سامهون واضح اعلان ڪري ڍل، آبيانو ۽ ٻيا زرعي ٽيڪس ۽ وصوليون معاف ڪرڻ باوجود ٺٽي جي مسڪين آبادگارن کان ڍل ۽ آبيانو وصول ڪيا پيا وڃن، جيڪا پڻ سراسر ناانصافي آهي. پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي ساحلي ضلعن ٺٽي ۽ بدين جون لکين ايڪڙ آباد زمينون بنجر ۽ سوڪهڙي جو شڪار آهن، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ دربدر آهن، ته ٻئي پاسي اسان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ لاءِ چشمه-جهلم لنڪ ڪينال ۾ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي جاري ڪرڻ جون هدايتون، اسان سنڌ واسين سان ظلم آهي، جنهن خلاف سنڌ جو عوام احتجاج ڪري رهيو آهي. چشمه-جهلم لنڪ ڪينال غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، ڇو جو 1991ع جي پاڻي ٺاهه ۾ چشمه-جهلم لنڪ ڪينال لاءِ هڪ قطرو به پاڻي جو حصو مقرر ٿيل ناهي، ته ٻئي پاسي سڄي سنڌ هن وقت به 40 سيڪڙو پاڻي کوٽ ۽ پوڇڙ وارا ضلعا 70 سيڪڙو پاڻي کوٽ برداشت ڪري رهيا آهن. ارسا پهرين اسان جي کوٽ ته پوري ڪري ڏئي.

    چشمه-جهلم لنڪ ڪينال ذريعي پنجاب پنهنجي ريگستاني ضلعن خوشاب، بکر، ليه سميت چولستان جي ساڍا 21 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن ڪينال ذريعي پنجاب پنهنجن 4 ضلعن کي غربت ۽ پسماندگي مان ڪڍي خوشحال ضلعن ۾ شمار ڪري پيو ته ٻئي پاسي اسان جا خوشحال ترين ضلعا ٺٽو ۽ بدين سميت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم هيٺ انڊس ڊيلٽا هٿ وٺي تباهه و برباد ڪيا پيا وڃن. اهو ڪهڙو انصاف آهي؟! چشما-جهلم لنڪ ڪينال، تونسا-پنجند لنڪ ڪينال سميت ٿل ڪينال رڳو ٻوڏ جي ڏينهن لاءِ ٺاهيا ويا آهن. جڏهن سڄي سنڌ 40 سيڪڙو پاڻي کوٽ برداشت ڪري پئي ته ان کوٽ واري وقت ۾ اهي فلڊ ڪينال (جنهن کي رڳو ٻوڏ واري ڏينهن ۾ وهائڻو آهي) اهي ريگيولر ڪينال طور وهائڻ جي ارسا جي وقتي چيئرمين ڪيئن اجازت ڏني آهي؟ 1991ع واري پاڻي ٺاهه مطابق انڊس ڊيلٽا لاءِ maf 10 پاڻي مختص آهي، ڇا ارسا اهو ٽارگيٽ پورو ڪيو آهي؟! پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ جي لوڻياٺي پاڻي ڊيلٽا واري علائقي جي جر جو پاڻي به کارو ڪري ڇڏيو آهي، تمر جا ٻيلا تباهه ٿي ويا ۽ سمنڊ روزانو 80 ايڪڙ زمين پائيندو وڃي. سرڪاري رڪارڊ موجب سمنڊ 1996ع کان وٺي سنڌ جي ساحلي علائقن جي 18 لک ايڪڙ زمين پائي ويو آهي. 40 لک ايڪڙ زمين زرعي هجڻ باوجود پاڻي نه هجڻ سبب بنجر بڻجي وئي آهي. سڄو ايڪو سسٽم تباهه ٿيندو پيو وڃي، لاڙ جي معيشت ۽ معاشرتي حالت تباهه ٿي وئي آهي. لکين ماهگير، ملاح، مير بحر پناهگيرن واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پر ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ تي بندش لڳائي وئي آهي، ته اهو پاڻي جو زيان آهي. ڇا اتي انسان نٿا رهن؟ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ 30 لک ماڻهو رهن ٿا، اهو انساني مسئلو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ هڪ فلڊ ڪينال کي وهائڻ ڪيئن ۽ ڇو برداشت ڪندي!؟

    سارين جي ٻيجاري کي پاڻي ڏيڻ لاءِ اسان جي ڪمانڊ ايريا رائيس ڪينال، روهڙي ڪينال، سيف الله ڪينال سميت سڀني واهن ۽ شاخن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ آهي. لاڙ کي پاڻي مهيا ڪندڙ پڃاري ڪينال ۽ ڪي بي فيڊر ۾ پڻ کوٽ واري حالت آهي. هن ڀيري سنڌ ۾ پاڻي کوٽ هئڻ ڪري سارين جهڙو منافعي بخش فصل پوکڻ پڻ آبادگارن لاءِ مشڪل ٿي ويو، ساڳي وقت تي پنجاب خريف جي فصلن لاءِ جهلم، چناب ۽ ٻين ندين جو پاڻي منگلا ۾ اسٽور ڪندو رهيو، حالانڪه منگلا ۾ سنڌ جو پڻ حصو آهي، پر سنڌ کي رڳو تربيلا مان پاڻي ڏنو ويندو آهي.

    پنجاب روزانو تونسا-پنجند ڪينال، ٿل ڪينال ۽ ڊيرا غازي خان ڪينال ذريعي روزانو 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي پيو. ڪالاباغ هيڊ ورڪس جو مٿانهون وهڪرو 46 هزار ۽ هيٺاهون وهڪرو 43 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چشمه بيراج وٽان 4 هزار 3 سئو ڪيوسڪ ۽ تونسا بيراج وٽان 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي پنهنجي واهن ذريعي کڻي هن سال پنهنجي خريف جي فصلن کي آباد ڪيو. جڏهن ته پنجاب پنهنجا فلڊ ڪينال چشمه-جهلم، تونسا-پنجند ڪينال پڻ سڄو سال وهائي ٿو ته ٻئي پاسي ڪوٽڙي بيراج ۾ پاڻي جي گهٽتائي سبب لاڙ جا علائقا پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن.

    ارسا 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت ورڇ ڪرڻ بجاءِ پنجاب جي پريشر ۾ اچي گذريل 8 سالن کان تاريخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ پيو ڪري. پنجاب دراصل گريٽر ٿل ڪينال (جيڪو چشمه-جهلم مان ئي نڪري ٿو) لاءِ چشما-جهلم لنڪ ڪينال سڄو سال وهائڻ چاهي ٿو. پنجاب ارسا کان چشما-جهلم لنڪ ڪينال لاءِ 22000 ڪيوسڪ روزانو پاڻي جي گهر ڪئي، ان سان ته سنڌ تباهه ٿي ويندي. هن وقت سکر بيراج لاءِ 21 هزار ڪيوسڪ پاڻي روزانو وهڻ گهرجي، پر هن وقت 7800 ڪيوسڪ وهي پيو ۽ ساڳي وقت چشمه بيراج وٽان روزانو 24000 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي! ڇا اهو سنڌ سان ظلم ناهي؟

    سنڌ جو عوام هن وقت پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي. سنڌو ندي تي سنڌ جي عوام جو حق آهي، پنجاب جڏهن 1960ع ۾ ستلج ۽ بياس درياءَ هندستان کي وڪڻي رهيو هو، تڏهن هن سنڌ کان صلاح ورتي هئي، انهن دريائن کي وڪڻي، انهن جي پئسن عيوض سنڌو ندي تي بند، بيراج ۽ لنڪ ڪينال ٺهرايا ويا ۽ انهن کي رڳو ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ کولڻ جو پنجاب واعدو ڪيو هو. پنجاب اڄ انهن واهن، ڪينالن، بيراجن کي ريگيولر نموني وهائي سنڌو ندي تي اڌو اڌ حصيدار بڻجي ٿو! اهڙي صورتحال ۾ سنڌ تباهي، بربادي، خشڪ سالي جو شڪار آهي!

    ارسا کي گهرجي ته فوري طور تي اجلاس سڏائي چشمه-جهلم لنڪ ڪينال کي روزانو 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهائڻ واريون هدايتون واپس وٺي، پهريان سنڌ جي 40 سيڪڙو کوٽ کي پورو ڪري ۽ maf 10 ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ انڊس ڊيلٽا تائين پهچائڻ جو فيصلو ڪري. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت پاران پڻ وفاقي آبپاشي وزير راجا پرويز اشرف تائين لکت ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ۽ اميد ته سنڌ جي درخواست تي عمل ڪندي وفاقي حڪومت جلد قدم کڻندي ۽ 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائيندي چشمه-جهلم لنڪ ڪينال کي رڳو ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ کولڻ جي اجازت ڏيندي
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: پاڻيءَ لاءِ پڪاريندڙ سنڌ ۽ پنجاب جي هوڏ!

    هڪ ڏينهن انقلاب جو نارو زرور لگندو جڏهن پنجاپ ڏانهن ويندڙ رستا بند ٿيا ته خبر پوندي پاڪستان کي ته پاڪستان ۾ سنڌ جي ڪيتري اهميت آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو