محترمه بينظير ڀٽو کي ڪنهن قتل ڪيو؟؟؟

'راءِ شماري' فورم ۾ صادق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2009۔

?

ڇا توهان موضوع سان متفق آهيو؟؟؟

  1. جي مان متفق آهيان.

    2 ووٽ
    33.3%
  2. جي نه مان متفق نه آهيان.

    1 ووٽ
    16.7%
  3. ان جو ڪارڻ اڃان ڪو ٻيو آهي.

    3 ووٽ
    50.0%
  1. صادق سولنگي

    صادق سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مئي 2009
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    خيرپور ميرس (سنڌ پاڪستان) ۽ انڊونيشيا
    اڄوڪي عبرت اخبار ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ خبر پڙهيم ته محترمه بينظير ڀٽو کي اڳوڻي نائب صدر ڊڪ چيني جي حڪم تي سندس خصوصي ڊيٿ اسڪواڊ قتل ڪيو۔ سيمور حريش جو چوڻ آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي ويب سائيٽن تي بينظير ڀٽو شهيد جي قتل جو شڪ به انهي يونٽ تي ظاهر ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته 2 نومبر 2007 تي شهادت کان اڳ محترمه بينظير ڀٽو الجزيره سان انٽرويو ۾ اسامه بن لادن جي قتل جو ذڪر ڪيو هو، جنهن کي بينظير ڀٽو جي چوڻ مطابق عمر سعيد شيخ قتل ڪيو هو پر انهن جملن کي ڊيوڊ فراسٽ جي جملن سان ختم ڪيو ويو. آمريڪي صحافي جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جو شڪ موجود آهي ته اهو ڄاڻي ٻجهي ائين ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته آمريڪي قيادت اهو نه پئي چاهيو ته اسامه کي مئل ظاهر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي جو جواز ئي نه رهي ها ۽ نه وري طالبان خلاف ڪارروايون عمل ۾ اچن ها.. هڪ يورپي ويب سائيٽ پڻ انڪشاف ڪيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ بهادر سياستدان هئي ۽ اها دنيا ۾ پيش ايندڙ لاهن چاڙهن کي ڄاڻندي هئي، جڏهن ته کيس اها به ڄاڻ هئي ته پاڪستان مخالف قوتون سندس وطن کي ايٽمي پروگرام کان محروم ڪرڻ گهرن ٿيون ۽ ڪيترن ئي فورمن تي محترمه بينظير دٻيل لفظن ۾ ان جي مخالفت به ڪئي، جيڪا يهودي لابي کي نه وڻي ۽ آخرڪار 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو تي راولپنڊي ۾ قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ هوءَ الله کي پياري ٿي وئي ۽ اڄ تائين اها ڳالهه سامهون ناهي آئي ته سندس قاتل ڪير هئا.

    ڇا توهان آمريڪي جي مٿي ڄاڻايل ڳالهه سان يا حوالو ڏنل يورپي ويب سائيٽ سان متفق آهيو۔
    يا توهان جي خيال ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڪارڻ اڃان ڪو ٻيو هو۔
    بهتر ٿيندو ته پنهنجي راءِ جو اظهار ڪجهه وضاحت سان ڏيندا
     
  2. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    صادق سولنگي صاحب
    سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته (گهر جو ڪتو ڀاڙي نه ٿئ ته گدڙ کي ڪهڙي مجال جو گهر ۾ گهڙي )
    باقي هر ڪنهن کي معلوم آهي ته محترمه کي ڪنهن شهيد ڪيو.
    وڌيڪ سمجهدار اهيو.
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا اوهان جي تمام مهرباني جو اهڙي ڪم جو تهريڊ بڻايو مهنجي طرفان اوهان کي کوڙ ساريون دعاون ادا باقي مان ادي نثار منگي جي ڳاله سان متفق آهيان
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    اسان به سائين نثار سان گڏ آهيون،
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا توهان سڀ مڃيو نه مڃيو پر مٿين ڳالهه حقيقت سان تعلق رکي ٿي۔۔۔ بينظير کي رستي تان هٽائڻ جو پروگرام ٻاهرئين قوتن جي اشاري تي مُلڪ جي ڪرائي جي قاتلن ٺاهيو۔۔۔۔ ۽ مناسب وقت تي ان کي مڪمل ڪيو ويو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو