آئون آهيان حڪيم محمد يوسف کتري

'تعارف' فورم ۾ حڪيم محمد يوسف کتري طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2009۔

  1. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    منهنجو نالو حڪيم محمد يوسف ولد محمد صالح کتري آهي آئون ماتلي ۾ 1959 ۾ پيدا ٿيس .ابتدائي تعليم ماتلي ۾ئي حاصل ڪيم ،انهيءَ کان پوءَ ماتلي مان لڏي ٽنڊو محمد خان جا وڻ ڏٺم ، ميٽرڪ جو امتحان 1975 ۾ ٽنڊو محمد خان هاءِ اسڪول مان پاس ڪيم ، انهيءَ سان گڏ طب سان لڳاؤ ڪري فاضل طب و جراحت جو امتحان پاس ڪيم.انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ۾ ايم اي جو امتحان پاس ڪيم سنڌي ادب سان لڳاؤ ڪري ،ڪافي تحقيقي مضمون لکيم جيڪي نئين زندگي .لطيف ڊائجيسٽ ڪينجھر ۽ سوجھرو ۾ شايع ٿيا ، انهيءَ کان علاوه هڪ سنڌي اخبار بنام ڏات جاري ڪيم جنهن ڪافي ادبي نمبر شايع ڪيا پر بدقسمتيءَ سان ان اخبار تي ٽندو آدم ۾ ڪيس داخل ٿيو جيڪو اڃان تائين ڀوڳي رهيو آهيان .
    روزگار جي معاملي ۾ طب تي دارو مداراٿم انهيءَ ڪري هڪ رسالو بنام ”ماهوار صحت سرير جي “جاري ڪيم جيڪو اڃان تائين جاري آهي .انهيءَ کان سواءَ هڪ ذاتي ويب سائٽ بنام www.hakimmohdyousif.com جواجرا ڪيو اٿم . جنهن ۾ ٽي پراجيڪٽ ڪم ڪري رهيا آهن هڪ طب جي دنياٻيوعوام دوست اخبار۽ ٽيون ٽنڊو محمد خان تاريخ جي آئيني ۾ .انهيءَ کان سواءِ هڪ اشاعتي ادارو بنام لطيفي طبي اڪيڊمي جي ڪم ڪري رهيو آهي .هن اداري طرفان ويهارو کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن ۾ طب کان علاوه شاعري جا ڪتاب به شامل آهن .ذاتي طور ويهارو کن ڪتابن جو مصنف آهيان لکڻ پڙهڻ جو شوق ٻال جتي کان آهي. هن وقت به جيڪڏهن ٻه ڪلاڪ نه پڙهان ته ننڊ نه ايندي آهي.اهوئي سبب آهي ته ڪتابن گڏ ڪرڻ جي شوق ڪري هڪ وڏي ذاتي لائيبريري پڻ آهي جيڪا لطيفي ويلفيئر سوسائٽي جي حوالي ڪرڻ جو پروگرام آهي جنهن ۾انشاء الله هڪ هزار فوٽ کان مٿي پلاٽ ۽ بلڊنگ سوسائٽي جي حوالي ڪئي ويندي. منهنجو دوستن کي اهو نياپو اهي ته هو وڌ کان وڌ سنڌي ادب جي خدمت ڪن جيڪو نه صرف پڙهڻ لکڻ ۽ شايع ڪرڻ تائين محدود هجي پر سڄي دنيا ۾ رو شناس ڪرائڻ لاءِويب سائٽن تي به پنهنجا جوهر ڏيکاريندا رهن.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    حڪيم صاحب سڀ کان پهريائين ته مان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جو ميمبر ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ادا علي علي اصل ۾ ويو آهي گاه ڪرڻ نه ته هو اوهان جو استقبال گلن سان ضرور ڪري چڪو هجي ها پر پرواه نه آهي مهنجي طرفان هي حڪير نظرانو قبول ڪجو
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    sadayeen gud
     
  3. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    محترم حڪيم يوسف صاحب
    هڪ ڏينهن ادا وڏي وٽ توهان جو لکيل هڪ ڪتاب ڏٺم، غلطي سان کڻي پنهنجي هڪ حڪيم دوست کي ڏيکاريم ته هن کي ايترو وڻيو جو هن ڪتاب ئي رکي ڇڏيو پر دوست جو ڀرم رکڻ لاءِ ادا وڏي جي مار به سَهي ويم پر دوست جو نالو نه کنيم۔
    ڪتاب جو نالو شايد نم جا فائدا يا سونفن جا فائدا هيو۔ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته توهان جهڙا عظيم ماڻهون پڻ سنڌ سلامت فورم تي موجود آهن۔
    توهان جي حڪمت واري ڪتاب کي پڙهي ادا رشيد کي پرزور رڪيسٽ ڪندس ته صحت بابت پڻ هڪ سيڪشن کولي جتي توهان جا فائديمند ٽوٽڪا ملي سگهن۔ نه ته هنن انگريزي ڊاڪٽرن ته اصل منجهائي وڌو آهي۔
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ


    السلام عليڪم HaqMojood

    سائين bhali kareaya مان اوهان کي دل جي گهرائين سان سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چوان ٿو سائين حقيقت هي آهي ته جڏهن ادو رشيد سنڌي فورم ٺاهڻ جو ذڪر ڪندو هو ته مان ان کي اهو ئي جواب ڏيندو هئس ته
    يار فورم ٺاهيون ته سهي پر ايندو ڪير؟

    پر اڄ اوهان جهڙي شخصيت کي هن فورم تي ڏسي ڪري منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي آهي ڇو ته اوهان جهڙي شخصيت جو هن فورم تي اچڻ سنڌ سلامت جي ڪاميابي جو هڪ وڏو قدم آهي مان سمجهندو هئس ته اهڙا گهٽ ئي ماڻهون هوندا آهن جيڪي نيٽ جو صحيح استعمال ڪندا هوندا انهن ۾ اگر حساب به ڪيو وڃي ته سنڌي ڪيترا هوندا؟؟؟پر مون کي اڄ خبر پئي ته اسان سنڌي به نيٽ جي معاملي ۾ ڪنهن کا پوئتي نه آهيون ۽ هڪ عام ماڻهون ئي نه پر سنڌ جا وڏا وڏا اديب ۽ شاعر به نيٽ استعمال ڪن ٿا ۽ اسان سنڌي تمام گهڻا آهيون ۽ اسان کي هي نيٽ ورڪ مليو آهي سڀني کي گڏ ٿيڻ لاء يقينن اها اسان جي لاء هڪ وڏي ڪاميابي آهي
    سائين اوهان هتي هلي آيان مون وٽ الفاظ نه آهن جن سان مان اوهان جو شڪريو ادا ڪيان ڇو ته جڏهن دل خوشي سان جهومڻ لڳندي آهي تڏهن الفاظ ناهن ملندا سائين اوها ن جا لک قرب اسان جي دل ۾ اوهان لاء کوڙ ساري عزت پيار ۽ محبت آهي. اوهان جي پياري لکڻيڻ جو اسان کي شدت سان انتظار رهندو ۽ اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي جو اوهان جهڙي شخصيت جو دست شفقت اسان مٿان رهي
    هڪ دفعو ٻيهر اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ۽ اوهان جي لاء هي تحفا اميد ته قبول پوندا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    sadayeen gud
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    فقير سائين ڇا ڪيان اڪيلو مڙس هان مٿان وري ڀوري مينهن به ويامي پئي آهي ڀٽاري کير جي به تمام ڀلي آهي سو ان جو گاه پٺو ڪرڻ لا هر روز ٻاهر هليو ويندو آهيان نه ته مان ئي سڀ کان پهريان پنهنجي مهمان کي ڀليڪار چوان ها ادا جڏهن کان مينهن ويائي آهي ماڻهن اچي سر کاڌو آهي ته اسان کي کير ڏي اسان وٺنداسين، اسان کي کير گهرجي جيترا پئسا چوين ڏيون. مون چيو مان ته ادا منهنجا ڀائرو مالڪ مون کي کير جهڙي نعمت ڏني آهي اها گهر ۾ برڪت آهي اها برڪت مان ٻاهر ڪيئن ڪڍان ۽ اها به چند پئسن جي عيوض اهو مون کان ڪونه ٿيندو. پنهنجا ٻچا کير کائيندا دعا ڪندا. اسان به سڄو ڏينهن ٿا گاه ڪيون . لوڙهيون اسان کڻي وڃن ٻيا! سو مان ٺپ جواب ڏنو مان ته ادا مون کي کير ناهي وڪڻڻو. منهنجا ٻچا کير کائيندا انهن لاء ئي مون مينهن ورتي هئي. ادا تون ٻڌاء ڀلا مون صحيح ڪيو يا غلط؟؟
     
  6. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا ڦلپوٽا اوهان جي مهرباني جو اوهان ڪمپيوٽر جي گلن جي ورکا سان منهنجو استقبال ڪيو.سچ پڇو ته ٿوري دير لاءِ مون اهو محسوس ڪيو ته ڄڻ اهي اصلي گل آهن .خير اصلي يانقلي گل هجن پرڳالهه محبت ۽ خلوص جي هوندي آهي آئون مصروف هئڻ جي باوجود هاڻ اهو محسوس ڪريان ٿو ته اوهان جھڙانوجوان دوست ادبي ڪمن ۾ مصروف آهن . ته اوهان سان هر ننڍي وڏي ڳالهه شيئر ڪرڻ سان مون کي انتهائي خوشي محسوس ٿيندي انشاءَالله اوهان سان ساٿ نڀائبو​
     
  7. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا وحيد سمو صاحب مهرباني ، اوهان مون کي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان آڌرڀاءُ ڪيو ان جي مهرباني انکان سواءِ اوهان منهنجي ڪتاب نم جا فائدا ياسونفن جي فائدن بابت جن خيالن جو اظهار ڪيو اهو منهنجي لاءِ باعث خوشي آهي نه ته اسان ته اهو سوچيندا آهيون ته اسان جا ڪتاب ماڻهو پڙهن ٿايا ردي جي ٽوڪري ۾ ٿا اڇلائين اوهان جي ان ڳالهه مان اها خبر پئي ته اسان جي محنت رائيگان نه وئي آهي ماڻهو ٻين جا ڪتاب به کڻي پڙهن ٿا۔ موقعو مليو ته سونفن جا فائدا ڪتاب PDFفارميٽ ۾ سنڌ سلامت فورم تي ضرور شيئر ڪندس​
     
  8. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا علي علي اوهان جي مهرباني توهان جو استقبال ۽ مينهن ويامڻ واري خبر تي ڏاڍي خوشي ٿي انڪري جو آئون به پنهنجي گھر واري سان وڙهيس ته ان ڪاوڙ ۾ مينهن وڪڻي ڇڏيم ان ڏينهن کان پوءِ پاڻي واري کير تي گزر آهي هڪ ڇوڪر ته کير وٺي اڇلائي ڇڏيندو آهي انهيءَ ڪري مينهن ويامڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان ته ان گھر ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻارن کي بهتر ته کير ملندو انهيءَ ڪري اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان ته ڪڏهن به اتفاقيه مون وانگر گھر ۾ ڪنهن سان وڙهي مينهن نه وڪڻ جو نه ته مون وانگر پيا ٻاٿون کائيندا۔ انهيءَ کان وڌ اها خوشي آهي ته جيجل امان جي ٻولي ۾ اسان جا نوجوان فعال آهن ۔ اسان جو نيڪ خواهشون اوهان سان گڏ آهن
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين حڪيم محمد يوسف کتري کي هي ناچيز دل جي گهراين سان خوش آمديد ٿو چوي۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا حڪيم محمد يوسف کتري صاحب ڀلي ڪري آئين جي ڪري آئين۔ بس هڪڙو شعر خالص تُنهنجي لاءِ آهي هينئر هينئر بڻايو اٿم توهان جي آجيان لاءِ ته​

    آيو حڪيم مُنهنجو ڀاءُ مُنهنجا ڀاڳ جاڳي پيا
    جنهن تان گهوريان پنهنجو ساهه مُنهنجا ڀاڳ جاڳي پيا
    سنڌ سلامت فورم پيو آهي مهڪي ۔ کتري يوسف آيو مُرڪي
    اچي پئي هر هنڌان واهه واهه مُنهنجا ڀاڳ جاڳي پيا!​
    ادا
    يوسف سچ پڇو ته توهان جهڙي سنڌ ڏاهي جو سنڌ سلامت فورم تي اچڻ مطلب وڃي ٿيا ست خير، اسان جي سنڌ نوجوانن ڏينهن رات هڪ ڪري سنڌ سلامت فورم لانچ ڪيو آهي، ٿي سگهي ٿو هنن سنڌي سپوتن کان ڪجهه ٽيڪنيڪل خاميون ٿيون هُجن، جيئن ته توهان کاهوڙي ماڻهو آهيو، سنڌ سلامت فورم کي خوبصورت بنائڻ لاءِ توهان وٽ ڪي قيمتي مشورا هُجن ته مهرباني ڪري، هنن دوستن سان ضرور ضرور شيئر ڪندا، ادا يوسف هي نوجوان ٻيو ڪجهه ڪونه ٿا گُهرن پر توهان جهڙي عظيم ليکڪن، تحقيق دانن، کاهوڙين کان صرف دست شفقت ٿا گهرن، مونکي اميد آهي ته پنهنجي قيمتي مقالن، پنهنجي محبت ڀرين لکڻين، خاص ڪري سنڌي تاريخ جي وڃايل پهلوئن کي اُجاگر ڪرڻ وارا مضمون اسان سڀني سان شيئر ڪري سنڌي ٻولي، سنڌي سڀيتا، سنڌي ماڻهن جي خدمت جي جذبي واري عمل کي اڳتي وڌائيندا، توهان جون هڪ دفعو وري به مهربانيون مڃي توهان کي ڀليڪار چوان ٿو۔​
     
  11. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    واه واه

    واه واه

    واه واه

    [​IMG]
     
  12. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    نه ادا ائين ڪونه ڪندس پر جڏهن نه مون پوڙهي کي گرمي تنگ ڪندي آهي گاه ڪندي ان مهل ڪنهن ڪنهن مهل مڙئي خيال ايندو اٿم پر ڪن ڇنڊي اهو خيال ڪڍي ڇڏيندو آهيان سوچيندو آهيان ته ٻين ڪاڻ جيئڻ ۾ ئي ته اصل زندگي جو مزو آهي ۽ هي ته مهنجا ٻيا نه پر پنهنجي اولاد آهن سو انهن کي ڪهڙي تڪليف ڏيان جيسيتائين سنڌن ۾ ساه آهي پيو ڪبو سائين اوهان اسان سڀني کي ايتري محبت ۽ توجه سان جواب ڏنا اوهان جا لک ٿورا مولا اوهان کي آباد رکي شل زندگي جون هزارين بهارون جيو
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، حڪيم سائين ابصار عالم کتري جو ڀلا مائٽ آهي ڇا۔
     
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا

    آگَمَ اِيَ نه اَنگَ، جَھڙو پَسَڻُ پرينءَ جو؛
    سيڻَنِ رِءَ سَيَّدُ چئي، رُوحَ نه رُچَنِ رَنگ؛
    سَھَسين ٿِيا سارَنگَ، جاني آيو جُوءِ ۾.​

    محترم سائين حڪيم محمد يوسف کتري صاحب توهان جا لک لائق جو سنڌ سلامت جهڙي ننڍڙ انڱڻ تي قدم ڀريوَ۔۔۔
    ٽنڊو محمد خان هڪ دفعو سائين نثار جن ڏانهن اچڻ ٿيو هيو ۔۔۔ اچڻ کان اڳ توهانجا ڪتاب پڙهڻ ڪري هڪ هلڪو تصور اڀري آيو ۽ شديد خواهش پيدا ٿي ته توهان سان ملبو پر وقت تي ڪنهن جو اختيار نه هلي۔۔۔ ڪنهن مجبوري سبب اها سڪ دل ۾ ئي رکي واپس آيس۔۔۔۔ توهان جهڙن اعلٰي صفت، معتبر ۽ انسان ذات لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شخصيتن جو سنڌ سلامت تي اچڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته اسان جي جوشيلي رت ۾ ڪڏهن ڪَمي نه ايندي ۽ اهو مشن جيڪو سنڌي زبان ۽ سنڌي نوجوانن کي صحيح دڳ طرف لاڙڻ جو آهي ضرور ڪامياب ويندو۔۔۔۔
    مڃيوسين ته اڄ جهڙي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ جتي ”ڪتاب دوست“ صرف نالو رهندو ٿو وڃي ڪافي پٺتي رهجي ويو آهي ۽ ڪمپيوٽر تي اي بوڪ جي صورت ۾ سافٽ ڪاپي طور ڪتاب موجود آهن پر بجلي جي اک ٻوٽ ۽ اٻوجهه مارن وٽ ڪمپيوٽر جي گهٽتائي ڪري اڄ به ڪتابن کي هٿن ۾ پڙهن جي روايت قائم آهي۔۔۔۔ ان جي باوجود به سنڌ جي جديد نسل کي سنڌي ڪتابن کي اي بڪ جي صورت ۾ پيش ڪري ڏيڻ پڻ هڪ جهادي ڪم آهي۔۔۔
    ان سلسلي ۾ کوڙ سارا سنڌي جوان ڪم جوٽيون ويٺا آهن اهڙي طرح ان سلسلي جي سنڌ سلامت به هڪ ننڍڙي ڪڙي آهي۔۔۔
    سنڌين لاءِ هوئن ته توهان جي کوڙ ساريون محنتون ڪارائتيون آهن پر توهان جا لکيل ڪتاب جيڪڏهن اي بڪ جي صورت ۾ سنڌ سلامت جي زينت بڻيا ته اهو سنڌ سلامت فورم جي سڀني رڪنن لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه هوندو۔۔۔
    محترم سنڌ سلامت جا ساٿيو۔۔۔ سائين جا هوئن ته ڪئي ڪتاب لکيل آهن پر منهنجي لائبريري جي زينت بڻيل هيٺان ڪتاب آهن۔۔۔
    [​IMG]
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، مهرباني توهان جي جو حڪيم صاحب جي ڪتابن جو ديدار ڪرايو
     
  16. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سائين ابصار قوم وارو ضرور آهي باقي مائٽي نه آهي ۔ انهيءَ کان وڌ سندس والد منهنجو دوست هو انجي وفات تي مون ماهوار صحت سرير جو خاص نمبر به عنوان حڪيم محمد عثمان جون طبي خدمتون جي نالي سان رنگين ٽائيٽل ۾ ڇپايو هوم ، ابصار وارن مهرباني ڪري ان ڪتاب جي مهورت ڪرائي ان سلسلي ۾ سندن هڪ رات مهمان رهيس جنهن ۾ سٺي مهماني سان گڏ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ به حاصل ڪئي سين۔ ان کان اڳ سائين نثار ناز کي خطاط جو شوق هو، سو سندس والد کان پڇا ڪيم ته ابصار ڪير آهي ۔ٿورن ڏينهن کان پوٌٌ ابصار خطاط جي سي ڊي رواني ڪئي پر نثار ان مان فائدو وٺي نه سگھيو ايئن سندس خطاط جي خواهش اڌوري رهجي وئي
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين توهان جا لک لائق جو توهان پنهنجو سون جهڙو قيمتي وقت اسان جهڙن اٻوجهن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ وقف ڪريو ٿا۔ مٺا مولا شاد رکئي آباد رکئي،
    سائين ڀلا کو شاگرد تيار ڪيو اٿئو يا نه،
     
  18. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    شاگردن جو شوق گھٽ اٿم ڪافي پر پٺ استاد چوندا آهن ٻه ٽي شاگرد ٿيڻ لاءِ لڏو لاهي ويٺا انهن جو مقصد هو ته سڀ نسخا ٻن ڏينهن ۾ ٻڌايو انڪري اڪثر شاگرد ورائي ڇڏيندو آهيان
     
  19. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا حڪيم مهرباني جو خطاط واري منهنجي شوق جو اظهار سنڌ سلامت جي سڀني دوستن سان ڪيو۔ پر مٺا کترين واري اها سي ڊي مونکان وڌيڪ توهان ڄاڻو ٿا ته انتهائي ٽپيڪل هُئي، توهان واري ڪمپيوٽر کان سواءِ هلندي ئي ڪونه هُئي، باقي انهيءَ سي ڊي يا سافٽ ويئر جي قيمت ابصار عالم کتري صاحب جن ٻن هزارن کان وڌيڪ رکي هُئي ۽ اسان بي روزگار ۽ پن سن (پينشن) تي هلڻ وارا مولائي لڏا سو هٿي ٻڌي پاسو ڪيوسين ۽ ائين اها خطاط واري آس اڌوري رهجي وئي​
     
  20. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا رشيد اوهان جي مهرباني جو ياد ڪيو اٿو ، نثار اوهان جي آ مد جو ٻڌايو هو ته ايندو ڏاڍي اڪير هئي ته اوهان سان ڪچهري ٿيندي، حالانڪه آئون گس تي هيس پر شايد ناز صاحب اوهان کي تڪليف نه ڏيڻ جو سو چي مون سان نه ملايو بهرحال يار زنده صحبت باقي ، ادا اوهان جي اها خدمت وسارڻ جي نه آهي انشاءَالله سنڌ سلامت وڌي وڻ ٿيندي ،آئون سمجھان ٿو ته اوهان کي به شايد سنڌي ٻولي ۽ ماڻهن سان عشق آهي انهيءَ ڪري فورم جاري ڪئي اٿو۔آئون به انهي ءَ عشق ڪري ويب سائٽ هلائي رهيو آهيان نثار ناز جي موجو دگي ۾ ڪئين ماڻهو پڇندا آهن ته اوهان کي ڪهڙو مالي فائدو آهي ،اسان چوندا آهيون ته ڪوبه نه وري چوندا ته اوهين بي وقوف آهيو جو محنت ۽ خرچ ڪريو ٿا ۔انهن دوستن کي ڪهڙي خبر ته اسان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جاعاشق آهيون ۔ عشق ۾ عاشق هميشه نقصان ۾ هوندو آهي منهنجي دعا آهي ته نه صرف اوهان جو اهو عشق قائم ۽ دائم هجي پر ٻيا به اسان جھڙا عاشق پيدا ٿين باقي منهنجا ڪتاب جيڪي مون ۽ ناز پاڻ ڪمپوز ڪيا هئا انشاءَالله انهن کي سنڌ سلامت جي اي بڪ ۾ شامل ڪبو
    خادم طب و ادب حڪيم محمد يوسف کتري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو