ارسا جي قلابازي، چشما کلي ويو، پنجاب کي 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي جاري

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ارسا جي قلابازي، چشما کلي ويو، پنجاب کي 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي جاري​



    اسلام آباد (م ڊ/اي پي پي) ارسا پنهنجي هڪ ڏينهن اڳ ڪيل اعلان جي ابتڙ چشما جهلم لنڪ ڪئنال صوبن جي وچ ۾ ٿيل اتفاق راءِ واري فيصلي ۽ وقت کان اڳ کولي پنجاب جي حصي ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) پاران ڪالهه خميس ڏينهن چشما جهلم لنڪ ڪئنال منجهند جو هڪ وڳي کولي ڇڏيو آهي ۽ ان ذريعي پنجاب کي 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهمي شروع ڪئي وئي، ارسا جي انگن اکرن موجب ڪالهه خميس ڏينهن گڊو بئراج جو هيٺاهون پاڻي وهڪرو هڪ لک 39 هزار ڪيوسڪ هيو، جڏهن ته اربع ڏينهن ارسا جي چيئرمين رقيب خان اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اعلان ڪيو هو ته سنڌ جي پاڻي حصي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ جڏهن گڊو بئراج جو هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 55 هزار ڪيوسڪ ۽ سکر بئراج جو هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 35 هزار ڪيوسڪ تائين پهچندو ته ان کانپوءِ ئي چشما جهلم لنڪ ڪئنال کوليو ويندو. ارسا جي چيئرمين پاران هڪ ڏينهن اڳ ڪيل اعلان جي ابتڙ ڪالهه خميس ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي چشما جهلم لنڪ ڪئنال کوليو ويو آهي ۽ ان ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. ارسا جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق چشما بئراج مان پاڻي جو ڇوڙ 2 لک 85 هزار ڪيوسڪ آهي جڏهن ته سکر بئراج جو هيٺاهون وهڪرو 63 هزار ڪيوسڪ آهي. انهي سلسلي ۾ ارسا جي چيئرمين سان رابطو ڪرڻ تي چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه (اڄ) ڪندس، ان معاملي تي هن وقت نه ڳالهائيندس. جڏهن ته ارسا جي ترجمان خالد رانا سان پڻ رابطو ڪرڻ تي جنهن چيو ته سي جي ڪئنال کولڻ جي حوالي سان صرف ارسا جو چيئرمين ئي ڳالهائي سگهي ٿو، ان معاملي تي آئون نٿو ڳالهائي سگهان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو