ڪارونجهر جيڏو قربت رکندڙ ”امر “ روپلو ڪولهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ليکڪ زاهد گل اوٺو

    اهي ماڻهو سدا امر آهن جيڪي ٻين لاءِ جيئن ۽ مرن ٿا ۽ پنهنجي فڪر سوچ ۽ بهترين صلاحيتن سان قوم ۽ وطن جي ماڻهن ۾ حوصلو ۽ شعور پيدا ڪن ٿا. پنهنجي وجود، قوم ۽ ڌرتي جو احساس ڏيارين ٿا، انهن ۾ سُرن ۽ ساڃاهه پيدا ڪن ٿا. جڏهن ماڻهو چُهنب هڻي ته چڻو به ملندو جي مصداق سچائي، ايمانداري ۽ حقيقتن جون سمورين راهون ڀلجي ويندا آهن تڏهن ڌرتي پنهنجي ڪک مان اهڙن انسانن کي جنم ڏيندي آهي،

    جيڪي

    ”جيڏيون جوڙ سرتيون رهيون ۾ سکن،

    سبب تو پرين کنيو مون ڏکن“.

    مطابق دنيا جهان جا ڏک درد پنهنجي سيني ۾ سانڍي، ذاتي سکن کي تياڳي سر جو سانگو لاهي خواب خرگوش جي ننڍ ستل قوم کي جهنجهوڙي جاڳائي بيدار ۽ سجاڳ ڪندا آهن، ايئن اسين سنڌي ماڻهو هڪ اهڙي قوم جو تسلسل آهيون جيڪا ڌارين ۽ انهن جي ديسي دلالن جي ڪاهن، حملن، ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ته رهياسين پر ڪڏهن ڪنهن جي اڳيان هٿيار ڦٽا نه ڪيا. ڪڏهن عربن ڪڏهن يونانين، ڪڏهن خلجين، ارغونن، ترخانن، مغلن ته ڪڏهن انگريزن هن ڌرتي تي ناجائز قبضا ڪري پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ سنڌ جي انهن غيرتمند، دلير، ڪن مٿي کڻندڙ سرفروشن سپاهين کي جانورن وانگر ڪٺو، گهاڻن ۾ پيڙهيو، ڦاسيون ڏنيون، دودو سومرو ، هاسو سوڍو ، مخدوم بلاول، آخوند صالح، دولهه دريا خان، شاهه عنايت ، هيمون ڪالاڻي، هوشو شيدي جهڙن جوڌن ڌرتي جي حقيقي فرزندن جانين جون ته قربانيون ڏنيون پر ڌارين کي هن ڌرتي تان ٽپڙ ويڙهڻ لاءِ مجبور ڪيو. پٺتي ڏسڻ جي عادت ناهي، وڌي سگهون ٿا هٽي نه ڄاڻون مرڪي مرڻ جي ريت ڪرم آ،ڪُسي سگهون ٿا جهڪي نه ڄاڻُون تاريخ شاهد آهي سنڌ جي سرزمين تي ڪو به اهڙو علائقو نه هوندو جتي سرويچ سورهيه ، عظيم سپاهين جي رت جا نشان نه هجن، جيڪو رت ڌارين کي هن ڌرتي تان تڙي ڪڍڻ لاءِ وهايو ويو، ايئن ڪارونجهر جبل جي گود ۾ گوڙڌرو ندي جي ڪپ تي، پيٽ گذر لاءِ گذر لاهيندڙ ڪنهن ڪاري چمڙي واري ڪولهڻ جا ڪانڀي ۾ پلجندڙ امر روپلو ڪولهي ڌرتي کي بچائڻ لاِ سر جو نذرانو ڏيئي وهايو هو. ”بنجامن مولائيس“ جون سٽون ڄڻ ته امر روپلي ڪولهي لاءِ چيل هيون،

    All the Armies that even marched

    All the parliaments that even act

    Have not affected the life of man of earth

    As that one society life.

    I am proud to be what I, am

    I am proud of oppression will will be followed be the

    Rain of any blood.

    I am proud to give my life

    My one society life.

    ”اهي سڀ فوجون جيڪي اڄ تائين پيش قدمي ڪري چڪيون آهن، اهي سڀ پارليامينت جيڪي اڄ تائين پنهنجا اجلاس منعقد ڪري چڪا آهن. هن ڌرتي تي انساني زندگي کي ايترو تبديل نه ڪري سگهيا، جيترو هڪ اڪيلي زندگي جي قرباني ڪري سگهي ٿي، مونکي فخر آهي پنهنجي ڪئي ته منهنجي رت جو مينهن ظلم ۽ تشدد جي طوفانن جو پيڇو ڪندو مونکي فخر آهي ته مان پنهنجي زندگي ڏيئي رهيو آهيان پنهنجي اڪيلي زندگي“

    سنڌ جو سج اُڀاري ڳوٺ چونچا جوڻيجا جي عارف جوڻيجو، آديگام جي مگهنو ڪولهي، ساٿي سومجي، کان وٺي ڪاسبو، سوراچند، بڙتلاءُ، آلاڻي، اُٺ ڪپاريو، ڊيڊويرو، ڀوڏيسر، موندرو تائين ٻين لاءِ جيئڻ جو جستجو ڪندي ظلم خلاف ميدان عمل ۾ آهن سي سمورا انهي شمع جا پروانا آهن. ڏيڍ صدي اڳ ڪولهڻ جي ڪل مان جنم وٺندڙ امر روپلو ڪولهي ڪارونجهر جي سونهن کي بچائڻ لاءِ سر جو نذرانو ڏيئي جلائي هئي.

    پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ

    پسي لهس نه لڇيا،سڙيا سچ

    سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃايا.

    اُهو وقت هو جڏهن هتان جا وڏيرا، رائيس، سوڍا، سردار لقبن تي وڪجي، زمينون حاصل ڪرڻ، غريب ماڻهن تي پنهنجو ڌاڪو قائم رکڻ، ٻڌ ڇوڙ ۽ روينيو رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڌرتي کي ڌارين حوالي ڪرڻ جو سودو ڪري چڪا هئا.

    روپلي جي ماءُ روپلي جي رتو رت ٿيل چهري کي ڏسي رُني ڪونه نه وري تروٽ کي ايلاز منٿون ڪيائين پر روپلي کي آٿت ڏيندي چيائين ته روپا تون ماءُ جي ٿڃ جو سودو نه ڪجان، متان مونکي هڪ جيڏيون طعنا ڏين، منهنجو سرتين ۾ ڳاٽ اوچو ڪجان“ تون جي مري ويندين، ته هزارين مائرون روپا ڄڻينديون جيڪي تنهنجي رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب وٺندا. ايئن امر روپلي ڪولهي پنهنجي سر جو نذرانو ڏيئي هن سرزمين تان انگريز سامراجن جا هميشه لاءِ پير اکيڙي ڇڏيا. پاڻ شهيدن جو تسلسل برقرار رکي ڌرتي جي حلالي پٽ جو ثبوت ڏيئي هميشه لاءِ امر ٿي ويو.

    ته ڪر ڪيئن سُئي جي سير، نه گهڙي سهڻي،

    هونئن ته حياتي ڏينهڙا، هڏين تان نه هُئي

    چڪيءَ تنهن چري ڪيس جاڏنيس اُن ڏهي

    سهڻي کي سيد چئي وڌو قرب ڪُهي

    هونئن ته هوند هُئي، پرٻڏي جا ٻيڻا ٿيا.

    موت جي مسڪرائي آجيان ڪندڙ جو جنازو ماتمي ترانن بدران توب جي گجگوڙ ۾ کڄاڻو، جنگ ۽ جيت جي انقلابي گيتن سان فضائن جا هانءَ ڪنبي ويا. هي انقلابي عزم رکندڙ اڏول ۽ اڻ ورچ انسان تاريخ جو امر ڪردار بنجي ويو.

    ڪنهن پارڪرياڻي جي پيٽ ڄائو، هو هندو هو ۽ ڪولهي هو،

    نه راڻن مان نه سوڍن مان، ۽ ڪاري چمڙي وارن مان

    جنهن کي هتي نيچ چئي، پيرن ۾ وهارين ٿا ڌڪارين ٿا

    انسانيت کان ڌار به رهي، اوبر سوبر اڇلايل کاڌو،

    ڪتن جيئن کارائين ٿا. تنهن ڪاري ڪولهڻ جي ڪانڀي ۾

    پارڪر جي ڦٽن تي، گگر لاهيندي جا گهمندي هُئي،

    اُڃ سهي ۽ بک سهي تتا ڪاڙها لڪ سهي، جو نپنو هو ۽ پليو هو. سو روپو ڪولهي هو. ڌرتي خاطر ڌارين سان ، جنگ وڙهيو جو جوڌو هو. گهوٻاٽن ۽ ڪاترن سان ٽروٽ انگريز پارن سان.

    منهن ڪارونجهر جي سونهن بچائي، جتي اڄ به مور جو ٽهوڪو آ.

    جتي اڄ به روپو جا وارث عذاب ۾ آهن، تڏهن سندس ساٿي نقش قدم تي هلندي، عارف جوڻيجي، مگهني ڪولهي، ساٿي سومجي جي روپ ۾ روپلي جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ ظالمن خلاف للڪار بنجي، ڌرتي ۽ قوم جو قرض چڪائي رهيا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    163
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڪارونجهر جيڏو قربت رکندڙ ”امر “ روپلو ڪولهي

    شيئر ڪرڻ لاء وڏي مهرباني
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روپلو ڪولهي، انگريزن جي سنڌ تي قبضي خلاف گوريلا ويڙه ڪندڙ هڪ آزاديءَ جو سپاهي هو. هن ڪارونجهر جي جبلن ۾ لڪي انگريزن خلاف اثرائتيون ڪاروائيون ڪيون. روپلي جي ويڙه انگريزن کي تمام گهڻو پريشان ڪيو، نيٺ هڪ ڏينهن کيس گرفتار ڪري ورتائون. انگريزن، روپلي ڪولهيءَ تي ڪيس هلائي کيس بغاوت جي الزام هيٺ 22 آگسٽ 1858ع تي سندس ساٿين سميت ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيو.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روپلو ڪولهي جي شهادت جو ڏينهن

    پنهل ساريو

    1843ع ۾ انگريزن جنهن چالاڪي مڪاري ۽ جديد هٿيارن سان جنگ وڙهي سنڌ جي مختلف علائقن کي فتح ڪري سنڌ تي قبضو ڪر ورتو. انهيءَ انگريز کي 16 سالن تائين راجپوتن جي فوج سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو. جنهن فوج جو وڏو تعداد ڪولهين تي مشتمل هو ۽ ان جو سپهه سالار دراوڙ نسل جو روپلو ڪولهي هو. ياد رهي ته ڪولهي سنڌ ۽ راجستان جي ٿر ۽ پارڪر جي علائقي ۾ اصلوڪن رهاڪن جي حيثيت رکن ٿا. 1843 کان 1859 تا ئين انگريزن سان جنگ جوٽيندڙ روپلو ڪولهي نه فقط بهادر پر پنهنجي ڌرتي، ماڻهن ۽ حڪمرانن جو بنهه وفادار انسان هو، بي پناهه ڪمنٽمينٽ جو مالڪ روپلو ڪولهي ٽي ڀيرا ان وقت انگريز فوج جي جنرل ٿروٽ کي شڪست ڏيئي چڪو هو ۽ جنرل ٿروٽ پنهنجون فوجون واپس وٺي بار بار اچي ميرپور ڪئمپ پهچندو هو.

    جڏهن انگريزن وٽ توپون، رائفلون، بندوقون، گولابارود ۽ جديد هٿيار هئا. تڏهن هماليه جبل کان سنڌي سمنڊ تائين انگريز راڄ ته قائم ڪري ويا پر کين سنڌ جي نقشي تي موجود ڪارونجهر جبل ۽ ٿرپارڪر 16 سالن تائين آزاد خودمختيار علائقي جي حيثيت سان آباد هئا. بغاوت جو جهنڊو بلند ڪندڙ روپلو ڪولهي طئه ڪري چڪو هو ته ڪنهن به صورت ۾ انگريزن کي ڪارونجهر جي ڪور تائين پهچڻ نه ڏبو.

    روپلي ڪولهي جنهن ڪارونجهر ۽ ٿرپارڪر لاءِ جدوجهد ۽ مزاحمت جي تاريخ پئي جوڙي اهو ٿر دنيا جو ارڙهون ريگستاني علائقو آهي. رڻ ڪڇ ۽ هندستان جي ڀڪ سان 22 هزار چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل سنڌ جي ڏاکڻي علائقي جو هي منفرد حيثيت رکندڙ خوبصورت علائقو آهي. 1858 ۾ هن علائقي کي چارلس نيپيئر ڪڇ پوليٽيڪل ايجنسي ۾ شامل ڪيو. ۽ 1843 کان 1858 تائين حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ سان الحاق ۾ رهيو. پر ان دوران انگريز حڪمران هن ڌرتي تي ڪڏهن به سک جو ساھ کڻي رهي نه سگهيا. بعد ۾ انتقامن هن علائق کي سنڌ کان الڳ ڪري ڪڇ سان ملايو ويو. روپلو ڪولهي جيڪو اهڙي سامراجي فيصلي کان ڪجهه مهينا بعد مئي مهيني ۾ 1859 دوران گرفتار ڪيو ويو ۽ انگريز عذاب گهرن ۾ مٿس سخت تشدد ڪيو. کانئس سوڍن ۽ راجپوتن جا نالا گهريا ويا جن سان گڏجي ڳچ عرصو روپلو ڪولهي هزارين ڪولهين سان گڏجي مزاحمتي ويڙھ وڙهندو رهيو. روپلو ڪولهي جنهن لڳاتار 16 سال ڏڦن، ڀالن، ڪرپان ۽ گليل سان ويڙھ وڙهي تنهن انگريزن کي پنهنجي هڪ به ساٿي جو نالو نه ٻڌايو. جڏهن کيس چيو ويو ته سوڍا مال ملڪيتون جاگيرون وٺي ٺاھ ڪري چڪا آهن، تون به ٺاھ ڪر ته روپلي چيو ته منهنجي ڌرتي تان ناپاڪ قدم کڻي وڃو. مان پنهنجن امر شهيدن جي رت سان سودو نه ڪندس ۽ اوهان سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندس. ڪيسر ڪولهڻ جو پٽ روپلو ساھ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو پر هن انگريز سامراج آڏو ڪنڌ جهڪائڻ ڪڏهن به قبول نه ڪيو.

    ٿر جي تتل واري ۽ پارڪر جي پٿريلي زمين تي پيرن اگهاڙي انگريزن سان ويڙھ وڙهندڙ بهادر پارڪرين سامراج کي للڪاريو، انهن ماڻهن ۾ اڳئين صف جو ويڙهاڪ روپلو ڪولهي سامراجن جي خوني چنبن ۾ قيد دوران به بهادري ۽ جرئت جو پاڻ مثال هو.ڌناڻي، تلوار، بڙڇ ۽ ڀالا کڻي معمولي هٿيارن سان برطانوي فوج کي ڀاڃ تي مجبور ڪندڙ هي ماڻهو ڌرتي جو غيرت مند اولاد هئا.

    جڏهن مئي مهيني ۾ روپلو گرفتار ٿيو تڏهن ننگر ۾ سخت برسات وسي رهي هئي. پٽيالي ۽ گودروندي تيز وهي رهيون هيون. ان ڏينهن انگريزن سان دوبدو ويڙھ وڙهي وئي، ڇهه هزار ڪولهي شهيد ٿيا. جن جو خون انهن برساتي ندين ۾ وهندو رهيو. پاڻي ريٽو رت بڻجي ويو. ڌرتي ۽ وطن تان هزارين ڪولهي جان جو جذرانو ڏئي شهادت جو جام پيندا رهيا. هنن ساھ ڏئي ويساھ قائم ڪري ورتو. جڏهن ته سندن راجا لاڏو سنگهه ۽ ڪرن سنگهه توڙي ٻاوا ۽ ٻيون برادريون ميدان ڇڏي ڀڄي ويون. ڪن معافيون ورتيون پر هي دلير ۽ مڙس ماڻهو ٽارچر سيل ۾ ڪڙهندي به آڻ مڃڻ لاءِ هڪ سيڪنڊ به تيار نه ٿيو ۽ چوندو رهيو ته مان پنهنجي ڌرتي تان ٻاٽ اونداهي مٽائي روشن سج اڀارڻ لاءِ آخري پساھ تائين جنگ ڪندو رهندس. روپلي ڪولهي جي وني جڏهن ساڻس ملاقات ڪرڻ اچي ٿي ته انگريز کيس روپلي کي ٺاهه تي راضي ڪرڻ جي آسري تي ملائن ٿا ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته روپلي جيڪڏهن آڻ نه مڃي ته سندس لڄ سرعام لٽي ويندي. بهادر زال جڏهن پنهنجي باغي مڙس سان ملي ٿي ته ان وقت رتن ٻائي ڪولهڻ پاڻ بهادري جي علامت بڻجي پئي ٿي ۽ روپلي کي همت وٺرائيندي چئي ٿي ته نه ساٿين جا نالا ڏجانءِ نه ئي وري انگريزن جي ڳالهين ۾ اچي انهن سان ٺاھ ڪجانءِ. توکي ماريو ويو ته وري منهنجي ڪک مان ڄمندڙ ٻار تنهنجي جدوجهد ۽ مزاحمت کي جاري رکندو. هي منهنجي لڄ لٽين يا توکي ماري ڇڏين. ان سان اسين امر ٿي وينداسين. اهو ئي سبب آهي ته اڄ انگريزن جي قبرن تي ڪير وڃڻ لاءِ تيار ناهي پر ڪارونجهر جي ڪور تي امر شهيد روپلو ڪولهي جي يادگار تي سنڌ، هنڌ ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو اچن ٿا سنڌ جا نوجوان اتي پنهنجو قومي ترانو پڙهن ٿا. روپلي ڪولهي ساھ ڏئي جيڪو ويساھ قائم ڪيو اڄ ڪولهين کان علاوه سنڌ ۽ هند ۾ کيس قومي هيرو تصور ڪيو ٿو وڃي. قومي تحريڪ سندن ويڙھ کي پنهنجي جودجهد لاءِ اتساھ سمجهي اڳيان وڌي رهي آهي. انگريزن کان اڄ تائين غلامي جي جنهن پاتال کي سنڌ ڇهي رهي آهي. انهن هڪ سئو 67 سالن تائين هلندڙ جدوجهد ۽ قومي ويڙھ شهيد روپلي ڪولهي جي مزاحمت ويڙھ جو تسلسل آهي. نيٺ هر طرح جي غلاميءَ کان قوم نجات ماڻيندي.

     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روپلو ڪولهي : اسانجو هيرو

    انجنيئر پرديپ ڪالاڻي

    خبر نه آهي ته سنڌ کي ڪنهن جي بددعا لڳي آهي يا سنڌي قوم ڪنهن جنم ۾ ڪهڙا گناهه ڪيا هئا، جو پنج هزار سال پراڻي موهن جو دڙو جهڙي ثقافت رکندڙ قوم جنهن مان ڦيٿو مليو ۽ انهي ڦيٿي تي اڄ سڄي دنيا جا سفر طئه ٿين ٿا، جنهن مان چرخو مليو ۽ انهي چرخي (گراڙي) تي اڄ سڄي دنيا جا ڪارخانا هلن ٿا، سڄي دنيا ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته جنهن گهر جو ڪچن ۽ باٿ روم صاف نه آهي ته هو گهر مهذب نه آهي، اهي باٿ روم ۽ ڪچن موهن جي دڙي مان مليا. پر اڄ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پنج هزار سال پراڻي ثقافت جا وارث جنهن وقت دنيا جا ماڻهون جهنگلن ۾ اگهاڙا رهندا هئا ۽ ڪچو گوشت کائيندا هئا، اڄ اها غلام آهي ۽ اُنهي سنڌي قوم لاءِ عطا محمد ڀنڀري جي لفظن مطابق ته ”منهنجي قوم ۽ منهنجا هٿ غلامي جي زنجيرن سان جڪڙيل آهن، تنهنڪري آئون هي ٻيو دفعو تمغه امتياز ايوارڊ نه وٺندس“ اڄ ڇو اهڙي شاهوڪار ثقافت جا مالڪ غلامن واري زندگي گذاري رهيا آهن؟ شايد اسان پنهنجا لڇڻ خراب ڪندي، پنهنجي شاهوڪار ثقافت جا هيرا شهيد روپلي ڪولهي جهڙا بهادر انسان وساري ڇڏيا آهن.

    ڪيسر ڪولهڻ جو پُٽ روپلو ڪولهي جيڪو مسڪين لوئر ڪلاس سان تعلق رکندو هو، جنهن جڏهن۱۸۴۳ع ۾ سوڍن (راجپوتن) جو سپاهي ٿي، ٿر جي تتل واري ۽ ڪارونجهر جي پٿرن تي انگريزن کي للڪاريو ته ٽي دفعه انگريز ڪرنل تروت پنهنجون فوجون مارائي، تڏا ويڙهي ڀڄي ويو. سنڌ جو هي بهادر سپاهي ۱۸۴۳ع کان ۱۸۵۹ع تائين مسلسل ۱۶ سال انگريزن سان پنهنجي ڪولهي برادري جي بهادر ۽ بااعتماد ساٿين سان گڏ اڳئين صفن ۾ وڙهندو رهيو. انهيءَ وقت انگريز پوري برصغير ۾ هماليه جبل کان وٺي نئون ڪوٽ قلعي تائين پنهنجو راج ڀاڳ قائم ڪري چڪا هئا ۽ پهاڪو مشهور ٿي ويو هو ته ”سڄي دنيا ۾ انگريزن جي حڪومت ايتري وسيع آهي جو مٿان سج لهي ئي ڪو نه ٿو“. پر هن ڌرتي جي بهادر سپوت کي ڪرنل تروت چوٿون دفعو ۲۱ آگسٽ۱۸۵۹ع کان تقريبن ٽي مهينا اڳ ۾ تڏهن گرفتار ڪري سگهيو جڏهن هن هزارين فوجي ڀڄ ڪڇ، ٻاڙمير، راڌن پور، حيدرآباد، ميرپورخاص مان گهرائي بدين رستي آڻي، سڄي ٿر جي هزارين ڪلوميٽر ايريا کي سخت ڪڙو چاڙهي ناڪابندي ڪئي. اُن وقت انگريزن وٽ جديد هٿيار، بم گولا مشينون، رائفل، بندوق وغيره هيون پر روپلي ڪولهي ۽ سندس ساٿين وٽ صرف تير، ڌناڻي، تلوار، ڀالا بڙڇ ۽ گليل وغيره جهڙا معمولي هٿيار هئا. جنهن ڏينهن روپلو گرفتار ٿيو، اُنهي ڏينهن سخت برسات هلي رهي هئي، ننگرپارڪر جون گودرو ندي ۽ پٽياڻي ندي وهي رهي هئي، اُنهي ڏينهن دوبدو آخري ويڙهه ٿي، جنهن ۾ روپلي جا ساٿي، ۷ هزار ڪولهي شهيد ٿيا ۽ سندن خون اُنهن وهندڙ ندين ۾ وهيو ۽ اُهي نديون رت سان ڳاڙيون ٿي ويون. ڪولهين ساهه ڏي ويساءِ بچايو ۽ سندس راجه لاڌو سنگهه ۽ ڪرن سنگهه ۽ ٻيون برادريون ٻاووا ۽ ميگهواڙ ڀڄي ويا، پر هي سنڌ جو سرويچ سپاهي ۽ چريو پُٽ مسلسل ٽي مهينا ۲۱ آگسٽ تائين انگريزن جي ٽارچر سيل ۾ سخت تشدد جو نشانو ٿيندو رهيو. ٽارچر سيل ۾ تشدد دوران انگريزن. سندس ساٿين ۽ سوڍن جا نالا ۽ ڏس پتا پُڇڻ لاءِ روپلي جي هٿن جي ترين کي ڏيو ٺاهي ٻاريو، ته هن سنڌ جي بهادر سرويچ پُٽ انگريزن کي اهو چيو ته شايد ”اوهان اهو سمجهو ٿا ته منهنجون تريون ٻري رهيون آهن ۽ مونکي تڪليف ٿي رهي آهي“ پر آئون اهو سمجهان ٿو ته ”اها روشني آهي جنهن سان منهنجو وطن ۽ منهنجي برادري سدائين لاءِ روشن ٿي رهي آهي، جيڪا قيامت تائين روشن رهندي، تنهنڪري آئون پاڻ اها روشني مرڻ دم تائين روشن رکندس“ اُتي وري روپلي ڪولهي جي اڻ پڙهيل ۽ سادي سودي ڳوٺاڻي زال جو ڪردار ته ڏسو جڏهن انگريز سندس زال کي اهو سمجهائي روپلي وٽ وٺي آيا ته روپلي کي سمجهاءِ ته انگريزن سان بغاوت بند ڪري، آڻ مڃي ۽ ساٿ ڏي ته اسان روپلي کي غريب سمجهي، زنده سلامت آزاد ڪري ڇڏينداسون ۽ جيڪڏهن نه مڃائي سگهين ته روپلي اڳيان تنهنجي جسم جي بي حرمتي ڪنداسون. اُن وقت روپلي جي زال جي ذهن ۾ ته هڪ ئي اڻ تڻ هئي ته اُنهي بهاني آئون پنهنجي بهادر ورِ جو آخري ديدار ڪري وٺان. جڏهن انگريزن رتن ٻائي ڪولهڻ کي روپلي وٽ ٽارچر سيل ۾ وٺي آيا ته سندس زال پنهنجي بهادر وَر روپلي ڪولهي کي ڏٺو ته هو، سخت تشدد ڪري صرف ساهه کڻي رهيو هو ۽ سندس بهادر زال رتن ٻائي ڪولهڻ پنهنجي وَر روپلي کي ڀاڪر پائي اهو چيو ته ”اي روپلا مونکي انگريزن ڌمڪي ڏني آهي، ته جيڪڏهن تو آڻ نه مڃي ته هو مونکي تنهنجي اڳيان بي آبرو ڪندا پر تون پوءِ به پنهنجي وطن ۽ ساٿين سان غداري نه ڪج. تون جيڪڏهن وطن تان شهيد ٿي وئين ۽ منهنجي آبرو لُٽجي ويئي، پر توسان منهنجو وچن آهي ته منهنجي ڪُک مان جيڪو ٻار پيدا ٿيندو، اُنهي جي آئون وري اهڙي تربيت ڪندس جو اهو وري روپلي ڪولهي جو روپ وٺي انگريزن سان پنهنجي رت جي آخري ڦُڙي تائين وڙهندو رهندو. انگريزن جڏهن روپلي جي زال کان پُڇيو ته روپلي ڇا چيو ته جواب ۾ ٿر جي سادي عورت انگريزن جي ڳالهه کي گهٽ اهميت ڏيندي صرف اهو چيو ته اوهان واري ڳالهه ڪرڻ مونکي وسري ويئي.
    رت ديــس تنهنجي راهه ۾، ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
    منهنجو نصيب ٺهي وڃي، تنهنجو قرض به لهي وڃي.
    روپلي جي ٽارچر دوران ئي سوڍي راجا لاڌو سنگهه ۽ ڪرن سنگهه انگريزن سان ٺاهه ڪري انعام طور ننگرپارڪر جون جاگيرون ورتيون ۽ اڄ به سڄي ننگرپارڪر جي زمين جو رڪارڊ سوڍن (ٺڪرن) جي نالي تي آهي ۽ اهي سوڍا ۱۹۴۷ع کانپوءِ جاگيرون ۽ زمينون ڇڏي ڀڄي ويا ۽ روپلي ڪولهي جي يادگار به ٺهرائي ڪو نه سگهيا. پر ڪولهي اڄ به سنڌ ۾ جيڪڏهن وڌ ۾ وڌ ملندا ته اهي ننگرپارڪر ۾ مسڪيني ۽ رحم جوڳي حالت ۾ پنهنجو گذر سفر ڪندي نظر ايندا. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته شهيد روپلي ڪولهي جي بهادري جي ڪولهين جي نئين ٽئي کي اها خبر ئي ڪونهي ته روپلو ڪولهي ڪير هو. ڇو جو انگريز انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن کي سمجهائي ويا هئا ته ڪولهين ۽ ڀيلن کي موچڙي هيٺ رکجو ۽ اُنهن کي سُڌرڻ نه ڏجو ۽ تعليم کان پرتي رکجو، جيڪڏهن اهي سُڌري ويا ته اوهان انهن سان ڪنهن به فيلڊ ۾ مقابلو ڪري ڪو نه سگهندا. اها حقيقت آهي ته اسان سڀني شايد! ڪولهين کي سڃاتو ئي ڪونهي. ڪولهي ايمانداري ۾ اهڙا ايماندار جو ڪو زميندار جيڪڏهن هاري رکندو ته ڪولهي رکندو ۽ جيڪڏهن رکندو ته اُنهن کي ڇڏيندو ڪو نه، محنتي اهڙا جو ڪڻڪ، سارين، مرچ ۽ ڦُٽي ۽ ڪمند ڪٽڻ جو سخت ڪم ڪولهين جهڙو ٻيو ڪو به ڪري ڪو به نه سگهندو، سونهن ۾ ۲۰ سيڪڙو ڪولهي اهڙا سهڻا جو جيڪڏهن مس ورلڊ ۽ مس يونيورس مقابلي ۾ موڪلجي ته اهو انعام به کٽي اچن، ايترو پرسينٽيج ٻئي ڪنهن برادري يا ذات ۾ ڪو نه ملندو. پنهنجي ڪمينٽمينٽ ۾ اهڙا پڪا جو ها ڪن ته نه ڪو نه ڪن ۽ جيڪڏهن نه ڪن ته پوءِ ها ڪو نه ڪن.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روپلو ڪولهي

    ويرجي ڪولهي

    انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ امر ڪردار روپلو ڪولهي جي پونئيرن متعلق هلندڙ بحث پڙهي سٺو لڳو، انهي ڳالھ تي آئون به متفق آهيان ته اسان جا جيڪي به قومي هيروز آهن، انهن تي تحقيق ٿيڻ کپي ۽ انهن کي سرڪاري طور “قومي هيروز”، جو اعزاز ملڻ گهرجي، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته سرڪار جي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي، قومي هيرو ته قومي هيرو آهي، جيڪو تاريخ جي سُنهري ورقن تي هميشه ياد رهندو پر وري به اهو ضروري آهي ته جنهن رياست جي قوم ۽ ڌرتي جي لاءِ جن ماڻهن جان جا نظرانا ڏيئي ڌارين کي ڌڪي ڪڍيو هاڻ جڏهن اسان آزاد آهيون ته موجوده رياست ۾ بنا دير جي انهن سمورن قومي هيروز کي سرڪاري اعزاز ڏيئي درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن اسان جي اُڀرندڙ ۽ ايندڙ نسل کي به خبر پوي ته تاريخ ۾ اسان جا قومي هيرا ۽ قومي غدار ڪير هئا. قومي غدار جن کي انگريز سرڪار پاران خان بهادر، نواب ۽ سر جا خطاب ڏنا انهن کي ته اسان درسي ڪتابن ۾ هيرو ڪري پڙهايون ٿا پراصل جيڪي اسان جا هيروز آهن انهن کي درسي ڪتابن ۾ شمل ڪرڻ لاء تيار ناهيون ڇو؟؟
    امر روپلو ڪولهي اصُل ڳوٺ ڪُونڀاري يونين ڪاوُنسل هاڙو، تپو مامچيرو جو رهاڪُو هو ، ڳوٺ ڪُونڀاري ، ڳوٺ ڪويا کان اولھ طرف، کارسر کان اتر طرف، ۽ مامچيرو کان اوڀر طرف واقعي آهي. امر روپلو ڪولهي جي پيءِ جو نالو سامتو، ماءُ جو نالو ڪيسر ٻائي چوهاڻ، ۽ زال جو نالو ميڻاوتي هو. دوستن کپرو طرف رهندڙ سرڳواسي (مرحوم) ڪامريڊ سترام ڪولهي جو ذڪر ڪيوته هُو امر روپلو ڪولهي جو وارث آهي، ائين ئي آئون به ڪيئي وڏن فورمن تي اها دعوي ڪري چُڪو آهيان ته آئون امر روپلو ڪولهي جو وارث آهيان، ۽ آئون سمجهان ٿو ته نه صرف ڪولهي قبيلي بلڪه سموري سنڌ جي هر مُحبِ وطن انسان کي اها دعوي ڪرڻ گهرجي. پر تحقيق اها ڪجي ته هُو ڪهڙي خاندان سان تعلق رکندڙ هو. سرڳواسي ڪامريڊ سترام ڪولهي سان تمام گهڻيون ڪچهريون ٿيل آهن، هُو سابق ايم اين اي، ۽ ڪولهي برادري جي معزز اڳواڻ سرڳواسي (مرحوم) پارو مل ڪولهي جو تمام ويجهو دوست هوندو هو، ڪولهي برادري جي هر خاص گڏجاڻي ۾ گولاڙچي جو سرڳواسي ڀڳوانداس موريو ڪولهي، وڪيل ڀورومل ڪولهي (جيڪو هن وقت مٺي ۾ وڪالت ڪري ٿو)، سرڳواسي پارو مل ڪولهي، سرڳواسي ڪامريڊ سترام داس ڳوئيل ڪولهي، پٽيل رامشي ڪولهي (جيڪو هينئر سامارو جي ويجهو رهي ٿو پنهنجو ٻني ٻارو اٿس) وارا گڏ هوندا هئا.
    سرڳواسي ڪامريڊ سترام داس ڪولهي اڪثر محفلن ۾ چوندو هو ته هو امر روپلوڪولهي جو اصل وارث آهيان، هُو ڪامريڊ هو۽ عوام لاءِ جاکوڙيندو هو، ان ڪري ڪير به اعتراض ڪونه ڪندو هو، وري به پارومل صاحب ٽوڪيندو هو ته ”تون امر روپلو ڪولهي جي پير جهڙو به ڪونه آهين“.
    سرڳواسي ڪامريڊ سترام داس ڪولهي ڏاڍو سٺو کاهوڙي ماڻهو هو،اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، پر هن جو اصل ڳوٺ پيٿاپُور آهي،جيڪو منهنجي ڳوٺ ڌنا ڳام کان 6 ڪلوميٽر اُتر طرف آهي، جتي اڄ به روپاڻي ڳوئيل رهن ٿا، ۽ هُو ”روپو“ جا پوٽا آهن، 1. هن جو نالو ورپو جيڪو ٻيو هو، امر روپلو ڪو نه هو، هوُ پاڻ ۾ 3 ڀائر هئا، روپو پويانروپاڻي ڳوئيل، ڀورو پويان ڀُوراڻي ڳوئيل، واهتو پويان واهتواڻي ڳوئيل، اڃا به رهن ٿا.
    هڪ دوست لکيو ته ڳوئيل اصل ڀوڏيسر جا آهن. ڀوڏيسر جي نالي سان واقعي 2 ڳوٺ آهن، هڪ ڀوڏيسر جيڪا نگر پارڪر ويندي مين روڊ تي اچي ٿي، جتي پُراڻا جين مندر ۽ مسجد ٺهيل آهي، اُتي هن وقت ڪولهين جا ٽوٽل 6 گهر آهن جيڪي ”ڪاهويا چوهاڻ“ نُک جا آهن. نئون دمبالو لڳ ڳوٺ ڪپري موري تي رهندڙ سيٺ هيرالال ڪاهويو چوهاڻ اُنهن مان آهي، ۽ 30 کن گهر ميگهواڙن جا آهن. ٻيو ڳوٺ ڀوڏيسر ننگرپارڪر کان اوڀر طرف ڳوٺ ڀڙ تلاءُ ۽ چوڙيو جي ويجهو بلڪل انڊيا جي بارڊر تي واقع آهي، جنهن ۾ ڪولهين جا 5 گهر ”ٿانوراڻي ڳوئيل“ رهن ٿا، جن جو هن وقت چڱو مڙس ڳومدو ٿانوراڻي جيڪو واڍڪو ڪم ڪندو آهي، باقي 12 کن گهر ٺڪرن جا ۽ 4 گهر ٻانڀڻن جا آهن. ڪو وري امر روپلو جو گيڏيو (لڪُڻ، لٺ) رکيو ويٺو آهي، جنهن جي بُنياد تي وارثي جي دعوي ٿو ڪري، انهن دوستن جي لاءِ عرض آهي ته امر روپلو ڪولهي تمام وڏو بهادر، سورهيه، ۽ همت وارو انسان هو، جيڪو هميشه پاڻ سان تلوار کڻي هلندو هو. ڪيئي نالي وارا بهادر اُن جي سامهون بيهي نه سگهندا هئا، هُو جنگ وڙهندي ئي گرفتار ٿيو ۽ ان کي ڦاسي ڏني ويئي. مونکي حيرت ٿي ٿئي ته امر روپلو ڪولهي گيڏيو کڻي ڪڏهن هلندو هو؟؟؟؟؟؟
    امر روپلو ڪولهي جي باري ۾ مذڪوره تاريخ اسان کي ننگر پارڪر واسي هر جُهوني جي واتان ٻڌڻ لاءِ ملي ٿي، آئون سمجهان ٿو ته اها ئي اسان کي حقيقت سمجهڻ گهرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو