ڪجه خيال

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جا دوستو!

    حق موجود ۽ جيئي سنڌ

    جيئن ته هي ويب سائيٽ اڃان ٻاراڻي عمر ۾ آهي پر تنهن هوندي به مواد سان آهستي آهستي ڀرجندي پئي وڃي ۽ دوستن جي محنت سان بهتريءَ طرف قدم کڻي رهي آهي ... جنهن لاءِ دوستن خيرون لهڻيون ...

    ذهن ۾ ڪجه خيال آهن جي دوستن سان ونڊ ڪرڻ مناسب سمجهانٿو ...

    1. دراصل سائيٽ جو مقصد ڪي ڪچهريون ڪرڻ ته هوندو ناهي انڪري انکي سٺي ۽ معياري مواد سان ڀريو وڃي ...
    2. شاباشون ڏيڻ پنهنجي جاءِ تي سٺي ڳالهه آهي پر ڪنهن مواد تي سٺي تنقيد ڪرڻ ان کان به بهتر هوندو آهي ...
    3. مواد هميشه اهڙو هجڻ کپي جو نه فقط ڪارائتو، معلوماتي ۽ سماج سڌارڪ پڻ هجي ...
    4. سنڌ کي ڪهڙي وقت ڪهڙي شئي جي ضرورت آهي ان وقت ۽ حالت کي سامهون رکندي مواد جي چونڊ ڪجي ته جيئن موقعي ۽ مناسبت سان ڳالهه ٿي وڃي ...
    5. سائيٽ ۾ ڪجه موضوعن جي ڪمي لڳي ٿي جنهنکي پورو ڪجي ته شايد وڌيڪ ڪارائتي ٿيندي ... مثلن؛
    أ‌. عورتن جو صفحو، جنهن ۾ حسن جا نقطا، لباس، ڀرت ۽ سلائيءَ جا نقطا، مهنديءَ جا نقطا ۽ سماج ۾ عورت جي اهميت جا نقطا وغيره
    ب‌. سکيا جو صفحو؛ جنهن ۾ مختلف ڪمن جي باري ۾ معلومات ۽ هنري سکيا جا مضمون شامل ڪيا وڃن ته جيئن ان پاسي به ڪم ٿي سگهي جو انتهائي ضرور آهي ..
    ت‌. مرض ۽ علاج جو صفحو؛ هي صفحو پڻ انتهائي اهم آهي جنهن ۾ مختلف بيمارين مطلق ڄاڻ ۽ انهن جي علاجن جا نسخا پوءِ اهي حڪيمي هجن يا يوناني هجن
    ث‌. تعليمي صفحو؛ جنهن ۾ مختلف ڪورسن ۽ ڪاليجن مطلق ڄاڻ هجي ته جيئن ان پاسي واري رجحان ۾ فائدو ٿي سگهي ...
    ج‌. ڪاروباري معلومات ۽ ڄاڻ وارو صفحو؛ هن صفحي ۾ سنڌ جي ڪاروباري ادارن جي ڄاڻ سان گڏ انهن ادارن جي مشهوري (قيمت به وٺي سگهجي ٿي) پڻ هجي ...
    ح‌. حڪومتي ادارن ۾ نوڪرين حاصل ڪرڻ ۽ انهن ۾ موجود نوڪرين جي ڄاڻ وغيره

    دوستو، هي ڪجه ضروري ڳالهيون هيون، شايد اوهانکي سٺيون لڳن يا بريون پر، دوستو اچو ته پاڻ ملهايون ۽ هڪ اهڙي سائيٽ جو جنم ٿئي جا مڪمل مسئلن تي ڪارائتي هجي ... صرف وقت پاس ڪرڻ وقت کي ضايع ڪرڻ جي برابر آهي ... اچو ته کس ڪم جهان پاڪ واري ترتيب ڏاهن وڌون ....
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا نثار ، توهان جا نصيحت ڀريا نقطا يقينن سنڌ سلامت لاٌءِڪارائتا دڳ آهن، هي نوجوان بلڪل توهان جي ڏسيل راهه تي آهستي آهستي قدم وڌائيندي پنهنجي روشن منزل کي وڃي رسندا، الله کين سوڀون ڏي جيجل سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪندي ڪندي اسين نه وچ منزل ۾ قربان ٿي وياسين تڏهن به سودو مهانگو ڪونهي. مهرباني ادا.
     
  3. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    ادا نثار جي مشورن سان سهمت آهيان۔ ان تي سنجيدگي سان عمل ڪرڻ گهرجي۔

    مان فورم جي سڀني دوستن کي اهو ئي چوندس ته اسان لاءِ اهو بهترين موقعو آهي ته اسان هن فورم جي لائق ۽ قابل احترام ساٿين کان ڪجهه سکون۔ تنقيد نه به ڪيوپر تعريف ڪرڻ به ته فن آهي، صرف واه واه ۽ شاباس لکڻ کان بهتر آهي ته ڪي سٺا ۽ معياري جملا لکيا وڃن ۽ اچو ته سنجيده ٿي سکڻ جو ارادو ڪيون ۽ ان سان گڏ تخليقي مواد جمع ڪري فورم جي زينت بڻايون۔

     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بلڪل ادا توهان ۽ اسان گڏجي ڪري اهو ڪم ڪنداسين
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    1. دراصل سائيٽ جو مقصد ڪي ڪچهريون ڪرڻ ته هوندو ناهي انڪري انکي سٺي ۽ معياري مواد سان ڀريو وڃي ...
    سائين انٽرنيٽ تي فورم هڪ سائيبر اوطاق هوندو آهي جتي سٺي ۽ معياري مواد سان گڏ ڪچهري ۽ هلڪي ڦلڪي مذاق فورم تي دلچسپي وڌائيندي آهي۔۔۔ بس هر رڪن کي گهرجي ته ٻئي رڪن جو احترام ڪڏهن به نه وسارين۔۔۔۔
    2. شاباشون ڏيڻ پنهنجي جاءِ تي سٺي ڳالهه آهي پر ڪنهن مواد تي سٺي تنقيد ڪرڻ ان کان به بهتر هوندو آهي ...
    اصل ۾ هر رڪن جي ڪوشش هوندي آهي ته هو بهتر کان بهتر مواد فورم تي آڻي ۽ شاباس جو مستحق ٿئي ۽ تنقيد برائي اصلاح هڪ گهاٽي ڄاڻ رکندڙ رڪن ئي ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔۔ فورم تي ايندڙ زياده نوجوان بشمول هي ناچيز ته توهان جهڙن مدبرن ۽ مفڪرن کان سکڻ جي مرحلي ۾ آهن۔۔۔۔ بس دعا ڪريو ته الله پاڪ وڌيڪ سکڻ جي سگهه ڏئي جنهن کان پوءِ ڪنهن به موضوع تي تنڪيدي راين جي ڪمي محسوس نه ٿيندي۔۔۔۔
    3. مواد هميشه اهڙو هجڻ کپي جو نه فقط ڪارائتو، معلوماتي ۽ سماج سڌارڪ پڻ هجي ...
    بلڪل سموري ساٿ کي ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي
    4. سنڌ کي ڪهڙي وقت ڪهڙي شئي جي ضرورت آهي ان وقت ۽ حالت کي سامهون رکندي مواد جي چونڊ ڪجي ته جيئن موقعي ۽ مناسبت سان ڳالهه ٿي وڃي ...
    ان سلسلي ۾ جيڪر دوستن کي زور ڀربو ته هو اخبارن جي خبرن مان ڪٽ پيسٽ ڪري بغير محنت جي تحريرن وڌائڻ ۾ دير نه لڳائيندا باقي مون کي يقين آهي ته سائين نثار احمد ناز جن اها ذميواري تمام سٺي نموني نڀائيندا جن سان فورم جا سڀئي ميمبر ٻانهن ٻيلي ٿي سگهن ٿا۔۔۔۔۔
    5. سائيٽ ۾ ڪجه موضوعن جي ڪمي لڳي ٿي جنهنکي پورو ڪجي ته شايد وڌيڪ ڪارائتي ٿيندي ... مثلن؛
    أ‌. عورتن جو صفحو، جنهن ۾ حسن جا نقطا، لباس، ڀرت ۽ سلائيءَ جا نقطا، مهنديءَ جا نقطا ۽ سماج ۾ عورت جي اهميت جا نقطا وغيره

    اها صلاح زيرِ غور آهي اوهان کان اڳ ادي رابيا، ادي نجمه ۽ ننڍڙي نور به ان ڳالهه طرف ڌيان ڇڪايو آهي جلدي ئي توهان هن سيڪشن کي فورم تي ڏسندا۔۔۔۔
    ب‌. سکيا جو صفحو؛ جنهن ۾ مختلف ڪمن جي باري ۾ معلومات ۽ هنري سکيا جا مضمون شامل ڪيا وڃن ته جيئن ان پاسي به ڪم ٿي سگهي جو انتهائي ضرور آهي ..
    سنڌي سکيا جو صفحو موجود آهي جنهن تي ڪجهه ٽيڪنالاجي جون ڳالهيون سيکارجن پيون ۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن توهان ڪو سلسلو شروع ڪرڻ چاهيندا هجو ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر جو احساس وڌي ويندو۔۔۔
    ت‌. مرض ۽ علاج جو صفحو؛ هي صفحو پڻ انتهائي اهم آهي جنهن ۾ مختلف بيمارين مطلق ڄاڻ ۽ انهن جي علاجن جا نسخا پوءِ اهي حڪيمي هجن يا يوناني هجن
    ان سلسلي ۾ سائين محترم محمد يوسف کتري جن کي عرض گذارش آهي ته فورم لاءِ پنهنجي مصروف شيڊيول مان جيڪر ٿورو وقت ڪڍي سگهن ته سائين جا لک لائق ٿيندا۔۔۔۔
    ث‌. تعليمي صفحو؛ جنهن ۾ مختلف ڪورسن ۽ ڪاليجن مطلق ڄاڻ هجي ته جيئن ان پاسي واري رجحان ۾ فائدو ٿي سگهي ...
    توهان جي هن بهترين مشوري تي جلد ئي عمل ڪيو ويندو۔۔۔
    ج‌. ڪاروباري معلومات ۽ ڄاڻ وارو صفحو؛ هن صفحي ۾ سنڌ جي ڪاروباري ادارن جي ڄاڻ سان گڏ انهن ادارن جي مشهوري (قيمت به وٺي سگهجي ٿي) پڻ هجي ...
    ح‌. حڪومتي ادارن ۾ نوڪرين حاصل ڪرڻ ۽ انهن ۾ موجود نوڪرين جي ڄاڻ وغيره

    توهان جي مهرباني جو اهڙن سيڪشنن ڏانهن پڻ توهان توجه ڏياري ۔۔۔۔ مختلف فورمن تي اهو ڏٺو ويو آهي ته اتي ڪجهه اضافي سيڪشن بڻايا ته ويندا آهن پر مواد پوسٽ نه ڪرڻ ڪري اهي خالي رهجي ويندا آهن۔۔۔۔ دوستن کي دعوت ٿي ڏجي ته توهان جي ڏنل مشورن وارن سيڪشن مطابق جيڪڏهن ڪا سندن وٽ تحرير موجود آهي هتي جواب موڪلين۔۔۔۔ ته جيئن جلد ئي اهڙن سيڪشنن جو اضافو آڻي سگهجي۔۔۔۔
    دوستو، هي ڪجه ضروري ڳالهيون هيون، شايد اوهانکي سٺيون لڳن يا بريون پر، دوستو اچو ته پاڻ ملهايون ۽ هڪ اهڙي سائيٽ جو جنم ٿئي جا مڪمل مسئلن تي ڪارائتي هجي ...
    توهان جا مشورا اسان جي لاءِ مشعلِ راه آهن۔۔۔۔ جيڪي سدائين اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا۔۔۔۔
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين اسان نوجوانن کي توهان جي اصلاح ۽ مشورن ضرورت آهي۔ مونکي ڏا\ڍي خوشي ٿيندي آهي جڏهن توهان اسان سنڌين کي اصلاح ڏيندا آهيو۔
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين اوهان جون ڳالهيون بلڪل درست آهن ۽ انهن تي اڳتي وڌڻ لا عمل ڪرڻ ضروري آهي مهرباني سائين اوهان جي اهڙن مفيد مشورن جي, يقينن اوهان جهڙن بزرگن جي ئي مشورن جي روشني ۾ اسان ترقي جي منزلن کي طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا سين هڪ دفعو ٻيهر اوهان جي مهرباني
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مٺا توهان به ته اسان جا بزرگ آهيو،
     
  9. اسدي

    اسدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڀاءُ نثار ابڙو صاحب
    توهان جا ڏنل مشورا پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ڪجه دل کي سڪون مليو فقط مونکي ڏک ناهي ادا پر هتي تنقيد تمام گهڻي آهي اسان جهڙا اٻوجه اگر ڪاشئ سکڻ لاءِ ان جي تفصيل لاءِ چيو وڃي ٿو ته سيرس ڳاله کي مذاق ڏانهن کڻي ٿا وڃن بس اها ته هڪ تفريح ٿئي ۔
    مان مذاق جي برخلاف ناهيان فورم ۾ اهي شيون هونديون آهن پر اگر ڪوسکڻ جي عنوان سان پڇي ٿو ته ان تي مذاق ڪئي وڃي ٿي ۔
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا رشيد اوهان جي مهرباني جو هن ليک کي مان ڏيندي، تفصيلي جواب لکيو اٿو جو ممڪن حد تائين اميد افزا پڻ آهي ... ان باري ۾ ذهن ۾ وڌيڪ ڪي خيال آيا ته ونڊ ڪرڻ مناسب سمجهيم ... يار! ڳالهه دل مان ڪڍجي ته بهتر ...

    دراصل سائيٽ جو مقصد ڪي ڪچهريون ڪرڻ ته هوندو ناهي انڪري انکي سٺي ۽ معياري مواد سان ڀريو وڃي

    سائين انٽرنيٽ تي فورم هڪ سائيبر اوطاق هوندو آهي جتي سٺي ۽ معياري مواد سان گڏ ڪچهري ۽ هلڪي ڦلڪي مذاق فورم تي دلچسپي وڌائيندي آهي۔۔۔ بس هر رڪن کي گهرجي ته ٻئي رڪن جو احترام ڪڏهن به نه وسارين۔۔۔۔

    راز جا راڻا آهيو ... مذاقون اکين تي پر زبان جي هلڪڙائي ۽ غير ضروري تبصرا ڪڏهن ڪڏهن دوستن کي جذباتي به ڪري وجهندا آهن ... ٻيو ته موضوع ڪو خاص ۽ علمي هجي ۽ انتي دوست پنهنجا حال احوال شروع ڪن ته پوءِ ان موضوع جي اهميت يا ته گهٽجي ويندي آهي يا مورڳو ختم ٿي ويندي آهي ... بهرحال اوطاق جا به ڪي آداب ۽ اخلاق هجن جو هيءَ رسالت ڪنهن هڪ پاڙي يا دوستن جي ڪچهريءَ تائين محدود ناهي ... هي سائيبر اوطاق بين الاقوامي آهي ... جنهن ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ وسندڙ سنڌي معلومات ۽ دل وندرائي ڪري سگهن ٿا ... ادا سائين ٻڌو نه اٿي ته جهڙي سنگت اهڙو ئي رنگ ...

    شاباشون ڏيڻ پنهنجي جاءِ تي سٺي ڳالهه آهي پر ڪنهن مواد تي سٺي تنقيد ڪرڻ ان کان به بهتر هوندو آهي
    ...
    اصل ۾ هر رڪن جي ڪوشش هوندي آهي ته هو بهتر کان بهتر مواد فورم تي آڻي ۽ شاباس جو مستحق ٿئي ۽ تنقيد برائي اصلاح هڪ گهاٽي ڄاڻ رکندڙ رڪن ئي ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔۔ فورم تي ايندڙ زياده نوجوان بشمول هي ناچيز ته توهان جهڙن مدبرن ۽ مفڪرن کان سکڻ جي مرحلي ۾ آهن۔۔۔۔ بس دعا ڪريو ته الله پاڪ وڌيڪ سکڻ جي سگهه ڏئي جنهن کان پوءِ ڪنهن به موضوع تي تنقيدي راين جي ڪمي محسوس نه ٿيندي۔۔۔۔

    جيتوڻيڪ فورم تي ايندڙ ۽ هلائيندڙ دوست قابل اعتبار ۽ مٺڙا آهن ... پر تنهن هوندي به هو پنهنجي ڄاڻ ۽ علمي طاقت وڌائيندا رهن ... جنهن لاءِ مطالعو ۽ سکڻ جي روش کين مددگار ثابت ٿيندي ...

    سنڌ کي ڪهڙي وقت ڪهڙي شئي جي ضرورت آهي ان وقت ۽ حالت کي سامهون رکندي مواد جي چونڊ ڪجي ته جيئن موقعي ۽ مناسبت سان ڳالهه ٿي وڃي ...

    ان سلسلي ۾ جيڪر دوستن کي زور ڀربو ته هو اخبارن جي خبرن مان ڪٽ پيسٽ ڪري بغير محنت جي تحريرن وڌائڻ ۾ دير نه لڳائيندا باقي مون کي يقين آهي ته سائين نثار احمد ناز جن اها ذميواري تمام سٺي نموني نڀائيندا جن سان فورم جا سڀئي ميمبر ٻانهن ٻيلي ٿي سگهن ٿا۔۔۔۔۔

    حال پريان نال ... ادو نثار ناز پڻ راز جو راڻو آهي ... جي اهو ڪم نباهي سگهي ته اسانجون اکيون ٿڌيون ... انڌو گهري هڪ اک جي ٻئي ملن ته !!!.

    سائيٽ ۾ ڪجه موضوعن جي ڪمي لڳي ٿي جنهنکي پورو ڪجي ته شايد وڌيڪ ڪارائتي ٿيندي ... مثلن؛

    سکيا جو صفحو؛ جنهن ۾ مختلف ڪمن جي باري ۾ معلومات ۽ هنري سکيا جا مضمون شامل ڪيا وڃن ته جيئن ان پاسي به ڪم ٿي سگهي جو انتهائي ضرور آهي ...

    سنڌي سکيا جو صفحو موجود آهي جنهن تي ڪجهه ٽيڪنالاجي جون ڳالهيون سيکارجن پيون ۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن توهان ڪو سلسلو شروع ڪرڻ چاهيندا هجو ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر جو احساس وڌي ويندو۔۔۔

    ڀائڙا! آ ٽي کان علاوه ٻين هنري سکيا جي مضمونن جوڪو عنوان يا معلومات هجي ته ڪٿي پوسٽ ڪجي؟ ... انلاءِ سنڌي سکيا جي هيٺان ”هنري سکيا“ جو خانو هجي ته بهتر يا وري ڪا ٻي مناسب جڳهه هجي ته اوهان بهتر ڄاڻو ٿا ...

    ت‌. مرض ۽ علاج جو صفحو؛ هي صفحو پڻ انتهائي اهم آهي جنهن ۾ مختلف بيمارين مطلق ڄاڻ ۽ انهن جي علاجن جا نسخا پوءِ اهي حڪيمي هجن يا يوناني هجن

    ان سلسلي ۾ سائين محترم محمد يوسف کتري جن کي عرض گذارش آهي ته فورم لاءِ پنهنجي مصروف شيڊيول مان جيڪر ٿورو وقت ڪڍي سگهن ته سائين جا لک لائق ٿيندا۔۔۔۔[/COLOR]

    سائين محترم کتري صاحب کي گذارشون ئي گذارشون، اميد ته دوست پوريون ڪندو، ۽ ها جي پاڻکي به ڪا ڄاڻ هوندي ته ونڊ ضرور ڪبي ... اوهين صرف جڳهه ٺاهيو ...

    ڪاروباري معلومات ۽ ڄاڻ وارو صفحو؛ هن صفحي ۾ سنڌ جي ڪاروباري ادارن جي ڄاڻ سان گڏ انهن ادارن جي مشهوري (قيمت به وٺي سگهجي ٿي) پڻ هجي ...
    ح‌. حڪومتي ادارن ۾ نوڪرين حاصل ڪرڻ ۽ انهن ۾ موجود نوڪرين جي ڄاڻ وغيره

    توهان جي مهرباني جو اهڙن سيڪشنن ڏانهن پڻ توهان توجه ڏياري ۔۔۔۔ مختلف فورمن تي اهو ڏٺو ويو آهي ته اتي ڪجهه اضافي سيڪشن بڻايا ته ويندا آهن پر مواد پوسٽ نه ڪرڻ ڪري اهي خالي رهجي ويندا آهن۔۔۔۔ دوستن کي دعوت ٿي ڏجي ته توهان جي ڏنل مشورن وارن سيڪشن مطابق جيڪڏهن ڪا سندن وٽ تحرير موجود آهي هتي جواب موڪلين۔۔۔۔ ته جيئن جلد ئي اهڙن سيڪشنن جو اضافو آڻي سگهجي۔۔۔۔

    ان سلسلي ۾ ڪو معتبر دوست ذميواري کڻي ته واه واه، کيس ان خئير جو بدلو الله وٽ آهي .. پاڻ کي به ڪا معلومات ٿي ته ونڊ ڪبي ...

    وڌيڪ ته دوست گذارش آهي ته ادب واري خاني ۾ متفرقه يا هيڏانهن هوڏانهن جي عنوان سو ڪو خانو هجي ته به ڪا اهڙي شئي جنهنجو تعلق هروڀرو نه شاعري سان هجي نه ڪهاڻي سان ۽ نه وري مقالي سان ته پوسٽ ڪري سگهجي ...

    وڌيڪ دعائن ۾ گڏ
     
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادا سائين اسان کي ٻڌايو ته مواد ڪيئن موڪليون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو