سنڌ جو سيوهڻ ۽ لعل قلندر شهباز ( حضرت عثمان مروندي رح )

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جو سيوهڻ ۽ لعل قلندر شهباز ( حضرت عثمان مروندي رح )​

    [​IMG]
    سيوستان يا سيوهڻ۔۔۔۔۔۔۔ پروفيسر محبوب علي چنا​


    جيڪڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسبو ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد، سيوهڻ جو درجو اچي ٿو. يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر فارسي قديم تاريخن خواھ تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي، ”چچنامي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چار حڪمران مقرر ٿيل هئا. انهن مان هڪ سيوستان جي ”قصبه“ تي به حاڪم هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻڌبه، جنگان، روجھاڻ، ڪوه پايه، ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو. (ص 22) ”تاريخي معصومي“ به ان حقيقت کي دهرايو آهي. ”تحفته الڪرام“ جي صاحب سيوستان جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي: ”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن. پنجينءَ ولايت ۾ آهي. هڪ قديم شهر ”سنڌ“ جي اولاد ”سهوارن“ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. سندس قلعو (سنڌ جي مشهور) ڇهن قلعن مان آهي. انهيءَ کانپوءِ پوءِ ڪيئي دفعا مرمت ٿيو آهي. قديم الايام کان خلاصو تختگاه هو. پوءِ وري اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کانپوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو. شاھ بيگ اهو ڄام فيروز کان کسيو هو. مرزا شاھ حسن وري ٺٽي ۾ داخل ڪيو. سنڌ جلال الدين محمد اڪبر بادشاھ جي درٻار جي گورنرن حڪم هيٺ آئي، تڏهن وري نئين سر علحده تختگاھ ٿيو. نواب خدا يار خان جي حڪومت جي ڏينهن کان وٺي وري اصلوڪي دستور موجب باقي سنڌ ۾ داخل آهي. سندس جبل تي واهيءَ جو چشمو عجائبات مان آهي. ڪيترا ئي مريض انهيءَ مان غسل ڪرڻ ڪري شفاياب ٿيندا آهن. سدائين ساڳيءَ طرح ڀريل (رهي ٿو) ۽ پاڻيءَ جي اچڻ جي جاءِ معلوم ڪانه آهي. مقرر ڏينهن تي هندو اتي پوڄا لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن. ٻي يڪ ــــ ٿنڀي جي جاءِ آهي، جو جبل ۾ هڪ وڏو صفحو هڪ ٿنڀ تي بيٺل آهي. عام اعتقاد موجب، قدرتي ٺهيل آهي. ماڻهو سير ۽ صفائيءَ لاءِ اتي ويندا آهن ۽ سندس ڇت تي چرهي نظارو ڏسندا آهن. چون ٿا ته چئن يارن، يعني مخدوم جلال جھانيان، شيخ عثمان مروندي، شيخ فريد ۽ شيخ بهاءُ الدين، اتي ويهي مڪاشفا ڪيا آهن. هڪ ناليري جاءِ ۽ هڪ سڳورو مڪان آهي. (ڏسو تحفته الڪرام صفحو نمبر: 248)
    تاريخدانن هن قديم شهر جا ڌار ڌار نالا ڏنا آهن. ڪن هن کي يوناني سڪندر جي زماني جو سنڊيمن، ڪن هن کي رامائڻ جي زماني جو سيوستان، شروسان، سدوسان ۽ سدوستان يا سادوستان سڏيو آهي. ”هندستان جي قديم جاگرافي“ جي صاحب، مسٽر ڪننگھام، ٻين تاريخدانن سان متفق ٿيندي لکيو آهي ته ”هن سنڊيمن شهر وٽ جابلو قومن جي بادشاھ سامبوس سڪندر جي سامهون هٿيار پيش ڪيا“ (ص 264). هن سامبوس کي مسٽر جي. دبليو. سمٿ پنهنجي گزيٽيئر ۾ ”شايد سمو“ سڏيو آهي (ص 47).
    ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ ڪاڪي ڀيرومل وري لکيو آهي ته هي شهر راجا اشنير جي پٽ شبيءَ وسايو، جنهنڪري هن کي ”شبسٿان“ يا ”شوستان“ ڪري سڏيندا آهن. راجا اشنير رامائڻ جي زماني جيترو جھونو آهي. مگر دوارڪا پرساد ان خيال جي مخالفت ڪندي لکيو آهي ته راجا اشنير جي پٽ شبيءَ هاڻوڪي سبيءَ جو شهر وسايو. شهر جي اپٽار ڪندي، مسٽر شرما لکي ٿو ته هن جي انومان موجب جنهن وقت سڪندر کان پوءِ هندستان تي اتر ـــ اولھ کان ڪاهون ٿيڻ شروع ٿيون، تنهن وقت اتر هندستان جون (جنهن ۾ پراچين سنڌ جو اتر وارو ڀاڱو اچي ٿو) ڪيتريون کتر ذاتيون هجرت ڪري ڏکڻ هندستان ڏانهن روانيون ٿيون. مثلاًًً، ملتان جي دلير ماوه قوم مالوا شهر، ڀٽنڊا جي ڀاٽين جيسلمير ۽ سبيءَ جي شوي کترين سيهوڻ اچي وسايو. وڌيڪ ڏيکاري ٿو ته سيوهڻ شهر اٽڪل ٻن اڍائي هزارن سالن جو جھونو آهي. (حوالو: ”سنڌ جو پراچين اتهاس“، جلد3، ص161.) جيڪڏهن ڪاڪي ڀيرومل جي ڀاونا تمام آڳاٽي آهي ته وري مسٽر پرساد جو پور به حقيقت جي حد کان گھڻو گھٽ آهي. سڪندر (356 ــــ 323 ق.م) جي ڪاھ کان اڳ سيوهڻ جو وجود هو، ان ڪري ائين چوڻ ته سنڌ کان پوءِ سيوهڻ وسيو هو، سو حقيقت کان دور آهي.
    رگ ويد ۾ آيو آهي ته قديم آريا پنجن مکيه خاندانن ۾ ورهايل هئا : پروُ، آنوُ، درهيو، يدوُ ۽ ترسؤ. ”آنوُ“ آرين مان ڪي پنهنجي ويجھي ڏاڏي ”شوي“ جي نالي پٺيان ”شوي آريه“ سڏبا هئا. انهن پنجاب ۾ ”شور ڪوٽ“، بلوچستان ۾ ”سبي“، ايران ۾ ”سبستان يا ”سيستان“ ۽ ”سيوهڻ“ آباد ڪيا . سيوهڻ پهريائين سندن نالي پٺيان ”شوستان“ ڪوٺجڻ ۾ آيو، جنهن جو اچار پوءِ بگڙجي ”سيوستان“ ۽ ”سهوان“ ٿيو ۽ هاڻي ”سيوهڻ“ سڏجي ٿو. ”سيوهڻ“ لفظ به ”شو واهن“ جو مخفف آهي.
    مشهور سياح ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي: ”سنڌ ۾ سيوستان نالي شهر آهي، جو اصل ۾ ”شواستان“ هو؛ يعني شِوَ جو آسٿان، پر ماڻهن جي زبان ۾ ”سيوستان“ مشهور ٿي ويو.“
    ”چچنامه“ ۾ آيو آهي ته سيوستان جي پسگردائيءَ ۾ سيوس نالي قوم رهندي هئي. ”سيوس“ به ”شوي“ جي ئي بگڙيل بناوٽ معلوم ٿئي ٿي.
    حقيقت ۾ سيوهڻ ان نالي پوڻ کان اڳ موجود هو. شوي قوم فقط هن کي وڌايو ويجھايو ۽ اهو نالو رکيو هوندو. هي ايترو قديم آهي جو سنڌ ۾ جيڪي به قديم شهر آباد آهن، انهن ۾ هي سڀني کان آڳاٽو آهي. جن ماڻهن جو کوپريون موهن جي دڙي مان لڌيون ويون آهن، اهڙن ئي ماڻهن جون کوپريون سيوهڻ جي پريان شاھ بلاول واريءَ واٽ مان به لڌيو ويون آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سيوهڻ تمام قديم زماني کان آباد هو. قديم زماني کان پوءِ، نئين حَجري زماني جا نشان به سيوهڻ جي ڀرسان لڌا ويوا آهن. سر جان مارشل لکيو آهي (بحواله: ”موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا“) ”نئين پٿر واري زماني جا نشان سنڌ ۾ لڪي جبلن جي قطار ۾، ۽ روهڙي وارين ٽڪرين ۾ به اڪيچار آهن.“ ان مان ثابت ٿيو ته سيوهڻ قديم زماني کان آباد ٿيندو آيو آهي. اهڙو ڪوبه ثبوت نٿو ملي ته سيوهڻ ڪنهن زماني ۾ کنڊهڙن جي صورت ۾ رهيو.
    چچ جي ڏينهن ۾ سيوستان جو حاڪم مته نالي هوندو هو. چچ ڪشمير جي سرحد قائ ڪري، موٽي سيوستان ۾ آيو ۽ اتي جو بندوبست قائم ڪيائين. چچ جي مرڻ کان پوءِ مته قنوج ۾ ويو، انهيءَ لاءِ ته چندر (چچ جو ڀاءٌ) کان ملڪ کسي. ڏاهر جي وقت ۾ هو برهمڻ آباد مان ٿي پوءِ سيوستان ۾ آيو، ۽ اتان پوءِ راور جي قلعي ۾ ۽ پوءِ موٽي الور آيو. انهن چئن ئي هنڌن تي سال جي اندر چار مهينا گذاريندو هو. محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ وٺي پوءِ سيوستان آيو، ۽ اتي جو آسپاس ملڪ هٿ ڪيائين. سيوستان جي قلعي وٺڻ ۾ هن کي تڪليف ٿي. ڏاهر جي پاران سندس سوٽ بڇيرا ولد چندرام اتي جو حاڪم هو. محمد بن قاسم منجنيق سان ڀٿ ڀڃي قلعو ورتو، ۽ بڇيرا ڀڄي ويو. انهيءَ جي جاءِ تي هن چندرام حاله کي ويهاريو، پر هن جي ٻئي پاسي وڃڻ تي چندرام فساد ڪري عربن کي ڀڄائي ڪڍيو. تنهن تي محمد بن قاسم مصعب ولد عبدالرحمان کي وڏي لشڪر سان سيوستان موڪليو، جو چندرام سان وڙهيو ۽ چندرام مارجي ويو. مصعب اتي ٻيو حاڪم مقرر ڪري ۽ پورو بندوبست ڪري، موٽي محمد بن قاسم ڏانهن ويو. ڪن ڏينهن کان پوءِ، حجاج جي حڪم موجب، قيس عبدالملڪ ۽ خالد انصاري سيوستان جا نائب مقرر ٿيا. مٿيون احوال سن 93ھ : 711ع ڌاري جو آهي. سن 416ھ : 1025 سلطان محمود غزنويءَ جي حڪم سان سندس وزير عبدالرزاق لشڪر وٺي پهريائين سيوهڻ ورتو ۽ پوءِ ٺٽي ويو، جو تڏهن سنڌ جو تختگاه هو. انهي وچ ۾ عربن جي خليفن جا نائب سيوستان ۾ رهندا آيا. سن 649ھ : 1251ع ۾ ناصر الدين محمود دهليءَ مان لشڪر وٺي سنڌ ۾ آيو، ۽ سيوهڻ ۾ اچي، قليچ خان کي حاڪم مقرر ڪري، پوءِ اُچ ۽ ملتان ڏانهن ويو. سن 667ھ : 1297ع ۾، جلال الدين خلجيءَ جي عهد ۾، مغلن سيوهڻ اچي هٿ ڪيو، جنهن تي نصرت خان، حڪم موجب، ملتان مان سيوهڻ آيو ۽ مغلن سان وڙهي انهن کي ڀڄائي ڪڍيائين، ۽ پوءِ بکر ويو. ”تاريخ فرشته“ مان معلوم ٿئي ٿو ته تاتارين، جن 697ھ : 1297ع ۾ دهليءَ جي حاڪم غياث الدين جي زماني ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي. تن پهريائين سيوهڻ تي حملو ڪيو. جلال الدين خوارزم شاھ جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته هن پهريائين سيوهڻ قبضي ۾ ڪيو. سن 721ھ : 1321ع ڌاري، سلطان غياث الدين تغلق ملڪ علي شير کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو. 752ع : 1351ع ۾ ڄام انڙ سمو سيوهڻ تي ڪاهي آيو، ۽ پوءِ دهليءَ جي بادشاھ پاران مَلَڪ رتن تُرڪ، جيڪو اتي جو حاڪم هو، تنهن سان وڙهي، انهيٰءَ کي ماريائين ۽ قلعو ورتائين. هن وقت مکيه سياح ابنِ بطوطه سيوهڻ ۾ آيو هو. وري سن (768ھ : 1367ع) ۾، ڄام تماچيءَ جي راڄ ۾، سلطان علاءُ الدين جو لشڪر اچي سيوهڻ ۾ سمن سان وڙهيو ۽ انهن کي قيد ڪري دهليءَ وٺي ويو. جڏهن ڄام سڪندر سمو گاديءَ تي ويٺو هو ۽ هو صغير هو، تڏهن بکر ۽ سيوهڻ جا حاڪم باغي ٿيڻ لڳا. ڄام سڪندر مٿن ڪاهي ويو، پر سگهو ئي مري ويو. سن 896ھ : 1490ع ۾ ڄام نظام الدين جي گاديءَ تي ويهڻ بعد، بکر ۽ سيوهڻ جا سڀ ماڻهو انهيءَ پاسي ٿيا. 926ھ : 1519ع ڌاري، ڄام فيروز جي راڄ ۾، مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ ۾ مير عليڪ، ۽ ٻيا سنڀال لاءِ ڇڏي، پاڻ شال ڏي ويو.
    سگهو ئي ڄام صلاح الدين ڄام فيروز کي ٺٽي مان ڀڄائي ڪڍيو، جو سيوهڻ ۾ آيو. شاھ بيگ جي پٽ شاھ حسن هن کي مدد ڏني، ۽ سيوهڻ جي قلعي جو پورو بندوبست ڪري هليو ويو. سن 948ھ : 1541ع ۾ حمايون بادشاھ، بکر مان نڪري، سيوهڻ ۾ اچي منزل ڪئي. مرزا شاھ بيگ جا نائب، سلطان بيگ ۽ مير محمد ساريان، جي اتي هئا، تن اڳي ئي ملڪ آسپاس ويران ڪري ڇڏيو هو ته هو اتي نه هري. مرزا شاھ حسن پاڻ به آيو ۽ اچڻ سان بادشاھ سان وڙهڻ جو سعيو ڪيائين. همايون سيوهڻ کي گهيرو ڪيو، جو ست مهينا هليو. آخر ناامدي ٿي موٽي بکر لوهري هليو. هن جي وڃڻ کان پوءِ، مرزا، سيوهڻ جي قلعي کي جيڪا شڪست وسي هئي، تنهن جي مرمت ڪرائي. سن 962ھ : 1554ع ۾ مرزا شاھ حسن، ٺٽي مان سيوهڻ ڏانهن ايندي، رستي ۾ مري ويو. سلطان محمود خان ساڻ هوس. سندس لاش ٺٽي ڏانهن نيائون. ڪيل ٺهراءُ موجب، سنڌ جو ڏاکڻيون ڀاڱو، ٺٽي وارو، سندس پٽ مرزا عيسى کي مليو، ۽ اتريون، بکر وارو، سلطان محمود خان کي. تنهن تي مرزا شاھ مسعود ۽ ڪن ٻين اميرن ناراض ٿي فساد ڪيو، ۽ سيوهڻ اچي هٿ ڪيو. مرزا عيسى پنهنجي پٽ محمد صالح سميت لشڪر وٺي اچي هنن سان وڙهيو.
    سيد مير ڪلان، مير معصوم شاھ بکر واريءَ جي پيءُ، هنن جو صلح ڪرايو ۽ مرزا شاھ مسعود نااميد ٿي گجرات ڏانهن هليو ويو. ٻئي سان ۾ مرزا عيسى ترخان بکر ۾ سلطان محمود سان وڃي وڙهيو، جنهن ڀڄائي ڪڍيس ۽ پٺيان پئي سيوهڻ تائين آندائينس. اتي مرزا باهيون ڏيڻ ۽ ملڪ ناس ڪرڻ لڳو. اتي وري ٻي جنگ ٿي لڳي، پر وري سيد مير ڪلان سندن پرچاءُ ڪرايو. سن 970ھ : 1562ع ۾، مرزا عيسى جي ٻن پٽن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيو ۽ هڪڙو مرزا صالح مارجي ويو، ٻئي کي، يعني مرزا باقي کي، مرزا سيوهڻ جاگير ڪري ڏنو، جتي هو وڃي رهڻ لڳو.
    پر سگهو ئي خود مرزا عيسى ۽ سلطان محمود جي وچ ۾ وري به هڪ جنگ سيوهڻ ۾ لڳي، ۽ ٻي درٻيلي ۾. آخر سندن وچ ۾ صلح ٿيو. سن 974ھ ۾ جڏهن مرزا عيسى ترخان مئو، تڏهن، سندس وصيت جي برخلاف، سندس زال ماھ بيگم مرزا محمد باقيءَ کي سيوهڻ مان سڏائي گاديءِ تي ويهاريو، ۽ نه هن جي ٻئي پٽ خان بابا کي، جنهن جي وصيت ڪئي هئائين. سن 978ھ : 1570ع ۾ اڪبر بادشاھ، مرزا محمد باقيٰءَ جي ظلمن جو ٻڌي، پنهنجو نائب، مجاهد خان، بکر ڏانهن موڪليو. انهيءَ ڪري مرزا باقيءَ ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پنهنجا پٽ ويهاري ڇڏيا. سيوهڻ ۾ پنهنجي وڏي پٽ مرزا پاينده کي رکيائين ۽ ننڍو جاني بيگ به ساڻس ڏنائين. پوءِ سگهو ئي پاڻ کي ماري ڇڏيائين، ۽ اميرن مرزا جاني بيگ کي سيوهڻ مان سڏي ٺٽي جي گاديءَ تي ويهاريو. 998ھ : 1589ع ۾ اڪبر بادشاھ نواب خانان کي موڪليو، جو پهريائين بکر ۾ آيو ۽ پوءِ لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪاهي آيو. مرزا جاني بيگ ٺٽي مان لشڪر وٺي آيو. مرزا جي پاران خسرو خان لشڪر جو مهندا هو، ۽ خان جي پاران سيد بهاءُ الدين ۽ مير معصوم شاھ بکر وارو. لڪيءَ وٽ سخت جنگ لڳي. آخر مرزا جاني فقط ٻارهن ماڻهن سان ڀڄي انڙپور ڏانهن ويو. سگهوئي پوءِ سندن وچ ۾ صلح ٿيو. سن 1013ھ : 1605ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاھ کان پوءِ جھانگير تخت تي ويٺو، تڏهن هن عبدالرزاق کي نواب ڪري سيوهڻ ۽ ٺٽي جي مٿان موڪليو، ۽ مرزا غازي بيگ کي پاڻ وٽ سڏائي ورتائين ۽ انيهيءَ کي قنڌار ڏي نائب ڪري موڪليائين. 1059ھ : 1649ع ۾ جڏهن مغل خان دهليءَ جي بادشاھ پاران ٺٽي جو نواب هو، تڏهن شاهجهان بادشاھ پنهنجي پٽ، شاهزادي اورنگزيب کي سيوهڻ، بکر ۽ ٽٺي جا پرڳڻا، يعني قريب ساري سنڌ جاگير ڪري ڏني. انهيءَ کان اڳي ملتان هن جي جاگير هئي. سن 1150ھ : 1737ع ۾، نواب خدايار خان (يعني ميان نور محمد ڪلهوڙو) سيوهڻ، بکر ۽ ٺٽي جي حڪومت تي مقرر ٿيو. سن 1171ھ : 1758ع ۾ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو لوهري مان سيوهڻ آيو، ۽ اتان الھ آباد ۽ محمد آباد ۾ ويو، جتي سارو سال گذاريائين. سن 1259ھ : 1843ع ۾ جڏهن دٻي جي جنگ ۾ مير شير محمد خان سر چارلس نيپئر هٿان شڪست کائي پنجاب ڏانهن ڀڳو، تڏهن، مير پور خاص مان ضروري سامان کڻي، پهريائين سيوهڻ ۾ درياھ جي ڀرتي چوڌاري کاهي کڻائي ويهي رهيو، ۽ سندس ڀاءٌ مير ساھ محمد سندس سامان جي سنڀال تي هو. ڪرنل رائن، جو تڏهن سيهڻ ۾ هو، تنهن مٿس ڪاھ ڪئي. مير شاھ محمد سان جيڪي ٽي ــ چار سؤ ماڻهو هئا، سي ڀڄي ويا ۽ شاھ محمد پڪڙجي پيو، هن کي حيدرآباد ڏياري موڪليو. مير شير محمد شير سنگ وٽ پناھ ورتي. جڏهن سنڌ پنهنجي خودمختياري قربان ڪئي ته سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي دائود پوٽن، ڪلهوڙن ۽ پنوهرن جون، وڃايل طاقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگيون شروع ٿيون. ان وقت فاتح يار محمد ڪلهوڙي خدا آباد دادوءَ واري آباد ڪئي، جنهن سيوهڻ جي شهرت کي ڌڪ هنيو. ويتر ڪلهوڙن درياھ جي ڪپ تي محمد آباد، الله آباد، ۽* هالن واري خدا آباد جا شهر تعمير ڪيا ته ويچارو سيوهڻ سڏڪيون ڀرڻ لڳو. انگريزن جي راڄ بعد، سيوهڻ نه رڳو هڪ ننڍيءَ بستيءَ جي شڪل ورتي ـــــ جئين ڊبليو. ڊبليو. هنٽر جي گزيٽيئر (ص225) مطابق، 1872ع جي آدمشماري چار هزار ٻه سؤ ڇهانوي آهي ۽ جي. ڊبيلو. سمٿ جي گزيٽيئر (ص47) مطابق، 1911ع جي آدمشماري 4749 آهي. هنٽر جي لکئي مطابق، 1881ع ۾ سيوهڻ تعلقو سنڌ جي بهتري ڪڻڪ ۽ نير پيدا ڪندڙ تعلقن مان هڪ هو. جڏهن 28 ــ نومبر 1635ع بعد، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ سان واپار جو سرشتو شروع ڪيو، ته به انهن جي لسٽن تي سيوهڻ جو نير ۽ ڪپڙو چڙهيل هئا. سيوهڻ جي نشانبر قدامت سان گڏ، ان ۾ علم و فضليت ۽ روحانيت جا ساگر سمايل هئا. هر هڪ تاريخي خواه ادبي ڪتاب م سيوهڻ جي عالمن، فاضلن ۽ مشائخن جو ذڪر آهي.
    مگر واءِ قسمت، ڪمال ۽ زوال جو فلسفو سيوهڻ جي موجوده شڪسته حاليءَ مان عيان آهي. اهي جايون جتي هندورن جو هُل هو، اتي هاڻي چٻري جي چوٻولي جو غل آهي، ۽ هاڻي هنڌ ”موئن جي دڙي“ جي بي ثباتيءَ تي دلالت ڪري رهيا آهن. سبحان الله. ”هر ڪنهن ڪمال کان پوءِ آخر زوال آهي.“ ان زوال جي زماني ۾ به، جي. ڊبيلو. سمٿ هن حقيقت جو اظهار ڪيو آهي ته ”جيتوڻيڪ سيوهڻ پنهنجي شهرت وڃائي چڪو آهي، مگر تيرهين صديءَ جي وچ ۾ هن مشهوريءَ جو ٻيو حق حاصل ڪيو، جو هي اڪابر اولياءِ ڪرام مان هڪ، بنام شيخ عثمان مروندي المعروف لعل شهباز جي مرقد جو مقام بنيو. هاڻي سيوهاڻين خواه ٻاهرين کي محض هي ڪشش جو نقل آهي.“ ڇو ته ڪيترن ئي بزرگن هن ڌڻيءَ ڌوئل جي ذڪر خير کي افضل سمجھيو آهي. جئين مرحوم منشي خداداد خان صاحب ”لبِ تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته” سنڌ جي مؤلف سيوستان يا سهوان متعلق تمام گھٽ لکيو آهي. هن شهر ۾ قلندر، جو سنڌ جو بادشاھ آهي، رونق افروز آهي، ان جو ڪھڙو بيان ڪري ٿو سگھجي؟ هن موقعي تي هي ظاهر آهي ته ڪتاب جي ديباچي جي مناسبت ڪري، هن (شهباز رحه) جو احوال ڏجي.“ ان بعد هن قلندر سائينءَ جو احوال ڏنو آهي. ٻين به ڪيترن ئي سنڌ جي بزرگن خواه ٻاهرين لعل شهباز جي باري ۾ مدح سرائي ڪئي آهي. دور دراز دولھ، اڙانگا ڪشالا ڪري، ڏونگر ڏوري، لعل سائين جي زيارت يا بابرڪت لاءِ ايندا آهن. لعل شهباز کان سواءِ هيٺيان بزرگ به قابلِ ذڪر آهن: قاضي قاضن، قاضي ابو سعيد ولد قاضي زين الدين، سيوهڻ جي مخدومن مان قاضي محمد وارث، قاضي امين الدين ۽ قاضي دين محمد، قاضي سائين ڏنو ۽ ان جو پٽ ميان مير لاهوري، (5) مير سيد ڪلان، (6) مير عبدالله سلطان ولد ميرابولمڪارم، (7) سيد عبداللطيف ولد سيد عبدلرزاق بخاري، (8) مير لطف الله ولد سيد عبدالڪريم عرف متارو شاھ، (9) ملا دائود ۽ سندس فرزند نورالحق مشتاقي، (10
    حضرت قلندر لعل شهباز جو سنڌ ۾ سير ۽ سفر​

    حضرت سيد عثمان مروندي المعروف مرشد قلندر لعل شهباز حسيني بلند پرواز متعلق انساني عقل حيران آهي. هن سائين جي قدر و منزلت ڪٿي، ڪٿي ۽ ڪيستائين آهي، سندن ظاهري توڙي روحاني پرواز جون وسعتون ڪيئن آهن ان لاءِ سندن هي شعر سمجهڻ گهرجي.

    من مرغ لامکانم، جز لامکان ندانم

    برتختِ قدسيانم، مست الست هستم.

    ترجمو: "قلندر سائين جي حوالي سان اڪثر عالم متفق آهن ته سندن وفات 112 سال کانپوءِ ٿي، جنهن ۾ پاڻ عمر جو گهڻو وقت سير و سياحت ۾ صرف ڪيائون. سندن سير سياحت جي حوالي سان تازي تحقيق ڪجهه هن طرح آهي."

    شروعاتي سفر:-

    سندن ٻاروتڻ جي زندگي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن شروعاتي تربيت پنهنجي والده سڳوريءَ جي گود ۾ ٿي، جيڪا مروند جي حاڪم شاهه سلطان شاهه جي نياڻي هئي. اهو حاڪم قلندر سائين جي پنهنجي خاندان مان هو ان ڪري قلندر جي شروعاتي زندگي شاهاڻي طرز سان گذري. کين اهي سڀ سهولتون مهيسر هيون، جيڪي ڪنهن شاهي خاندان جي ٻالڪ کي حاصل هونديون هيون. سندن والد خدا وارو ۽ سير سياحت جو عادي هو. سندن والده کي پنهنجي هن ٻار ۾ شروع کان ئي روحانيت جا آثار نظر ايندا هئا. بلڪه سموري خاندان کي اهو معلوم هو ته هي ٻار اڳتي هلي تمام رندن جو روحاني رهبر ٿيندو. ڇاڪاڻ ته پاڻ پنهنجي بابا سان کيس شادي ڪرڻ جي بشارت ڏيڻ مهل پڻ اهڙو اظهار ڪري چڪا هئا. ان ڪري کين عام ٻارن کان پري رکيو ويو. بهتر تربيت سان گڏ کين خانداني روايتن موجب بهتر تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. هن سهڻي ٻار ستن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف پورو ڪري حفظ ڪري ورتو پوءِ فارسي ۽ عربي جي گرامر ۽ ٻين عملن کي حاصل ڪيائون. دين ۽ شريعت جي تمام رستن جي اگاهي حاصل ڪيائون. سندن عمر 20 سالن کان مٿي ٿي ته پاڻ به قدرت جي اسرارن کي پرکڻ ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ لاءِ اڪيلي سر پنهنجو پهريون سفر روضه اقدس حضرت امام علي رضا عليه السلام مشهد پاڪ طرف ڪيائون ۽ اتي اچي عبادت الاهي ۽ غور فڪر ڪندا رهيا. ڪجهه عرصو رهڻ کانپوءِ مشهد پاڪ جي اردگرد ٻيا سير سفر ڪري واپس پنهنجي وطن آيا ۽ اچي فقهي علمن جو وڌيڪ مطالعو شروع ڪيائون. هاڻ آهسته آهسته سندن شاهاڻي زندگيءَ ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. پاڻ خدا جي ياد سان گڏ خلق جي خدمت ۽ دردن جا دارون ٿيڻ لڳا، پنهنجي تر ۽ آسپاس جي ماڻهن جا هجوم سندن ديدار ۽ دعائن لاءِ سندن حاضريءَ ۾ ايندا رهيا.

    عراق ۽ عربستان جو سفر:-

    شريعت جي سڀني علمن جي حصول کانپوءِ پاڻ عراق ۽ عربستان جي سفر لاءِ اُسهيا عراق ۾ حضرت حضرت علي عليه السلام جيڪو سندن روحاني رهبر هو ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جنهن سندن بابا کي سندن بلند پرواز هجڻ جي خوشخبري ڏني هئي، جي روضن تي اچي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. انهيءَ دؤران سندن ملاقات ڪربلا جي هڪ عظيم هستي بابا ابراهيم ولي سان ٿي. وٽس دور دراز جا ماڻهو اچي فيض حاصل ڪندا هئا. "ڪتاب مخزن راز" وارو هن ملاقات جو بيان هن طرح ڪري ٿو.

    "هڪ ڏينهن بابا ابراهيم ولي جيئن پنهنجي ڪچهري ۾ ويٺو هو ته سندس نظر هڪ اهڙي شخص تي وڃي پئي جو زرين ڪلاه مٿي تي رکيو ۽ ڳاڙها ڪپڙا جان تي ڍڪيو ڏسو صفحو 6

    ويٺو هو. سندس نوراني چهرو مثل شمع جي روشن هو، ايئن ڏسڻ شرط بابا ابراهيم عجب ۾ پئجي ويو ته ههڙي اعليٰ مرتبي وارو ڪير آهي. ڪشف مان معلوم ٿيس ته اهو سيد عثمان آهي، بابا ولي قدس سره قلندر کي ڀاڪر پائي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ کين روزانو صحبت جو شرف بخشيندا هئا. قلندر سائين ڏسو صفحو 6

    سندس صحبت مان فيض وٺندو رهيو ۽ سندس رنگ جو معتقد ٿي هُن وٽان خرقو حاصل ڪيائين. بابا ابراهيم لاءِ ڏس ملي ٿو ته پاڻ شاهه جمال مجرد کان فيض حاصل ڪيو هئائين. شاهه مجرد هڪ تارڪ الدنيا فقير صفت ولي هو. ڪربلا جي سڀني اهم جاين ۽ روضن جي زيارتون ڪري پوءِ حرمين شريف ڏانهن حج جي ارادي سان روانا ٿيا. ان سفر ۾ سندن ملاقات حضرت شير شاهه جلال سان ٿي پهريون حج ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مديني پاڪ ۾ اچي هڪ سال روضه رسول تي عبادت ڪندا رهيا ۽ فيض وٺندا رهيا. حضرت شير شاهه ۽ قلندر شهباز سائين ٻئي ڳاڙهو لباس پهريندا هئا، جنهن ڪري شير شاهه کي سرخ پوش (ڳاڙهي لباس وارو) ۽ قلندر کي لال سڏيو ويو ٻئي سال وري حج جي موقعي تي ٻيو حج ڪيائون ۽ واپس عراق آيا. نجف ۽ ڪربلا ۾ سندن سالڪن سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون جن مان ڪجهه سندن طالب ٿي سندن سان گڏ سير سفر ڪندا رهيا.

    بلخ بخارا، قندار جو سفر:-

    ڪجهه مورخن سندن ۽ ٻين رفيقن ساٿين جي لاءِ اهو رايو ڏنو آهي ته پاڻ ڪجهه وقت اتر افغانستان جي علائقي بلخ ڏانهن پڻ آيا جيڪو افغانستان جي قديم تاريخي شهر هو. اهڙي نموني قنڌار ۽ سمر قند تائين سندن وڃڻ جي اهڃاڻن جا اشارا ملن ٿا، ايستائين جو سندن پنڌ جو ڏس بخارا تائين آهي جيڪو موجوده ملڪ ازبڪستان ۾ آهي. شروع واري دؤر جي احوال کانپوءِ وري سندن آخر واري دؤر جو احوال مفصل طور ملي ٿو، سندن حياتيءَ جي وچ واري دؤر لاءِ معلومات گهٽ ملي ٿي، جنهن ڪري اهو گمان آهي ته پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو ڪجهه عرصو شايد انهن ڏورانهن علائقن ۾ رهيا ۽ اتي دين جي نشر و اشاعت لاءِ ڪم ڪيائون، جتي پڻ سندن فيض ۽ ڪرامتن جو سلسلو هلندو رهيو. جنهن ڪري انهن علائقن جا هزارين ماڻهو سندن عقيدت ۾ آيا، اهو ئي سبب آهي ته اڄ به سندن مقبري تي حاضري لاءِ انهن علائقن جي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ايندو رهي ٿو. جن مان اڪثر سندن حياتي واري دؤر کان وٺي ئي سندن طالب ٿيا ۽ ساڻن گڏجي اچي فقيري واري زندگي اختيار ڪيائون. سيوهڻ ۾ سندن طالب پٺاڻن جو تڪيو "پٺاڻ ڪافي" ان جو هڪ اهم دليل آهي. ملڪ جي مٿين علائقن جي ماڻهن جي عقيدت جو اظهار فقير خوش خير محمد هن طرح ڪيو آهي.

    اچي حاضر حسيني ٿي، قلندر لعل مروندي

    توکي چوطرف چوڌاري، نمي ٿي هنڌ، سنڌ ساري

    ڪابل، ڪشمير، قنڌاري، بلخ بيحد سمر قندي

    نه گهرجي دير تو هاڻي، مدد ڪر شاهه سيوهاڻي.

    هنڌ ۽ سنڌ جو سفر:-

    شهباز بلند پرواز جو سير سفر مٿين سڀني علائقن کان علاوه هندوستان طرف به ملي ٿو، جنهن لاءِ لکيو ويو آهي ته سندن ملاقات پاڻيپٽ جي علائقي ۾ حضرت بُوعلي قلندر سان ٿي هئي. هندوستان جو اهو سفر پاڻ شايد سنڌ جي سفر دؤران ڪيائون ۽ پوءِ وري موٽي سنڌ آيا. هندوستان جي شهر پاڻيپٽ تائين سندن وڃڻ جو مطلب ته پاڻ ان طرف به ڪافي منزلون هليا ۽ هر علائقي توڙي وستي ۾ پنهنجو فيض ڏنائون. هن ملڪ ۾ سندن عقيدتمندن جو هڪ خاص ڳاڻيٽو آهي. هتان جا غير مسلم به کين "جهولي لال" جي لقب سان ياد ڪن ٿا.

    قلندر سائين جي سنڌ ۾ آمد ايراني نار واري اهم رستي کان ڏسجي ٿي، جنهن ۾ پاڻ بغداد ۽ بصري کانپوءِ هن طرف رخ رکيائون. مڪران جي ساحلي علائقي مان گذر ڪري هزارين باشندن کي پنهنجو مريد بنايائون، هن پاسي واديءَ پنج گور (پنج ڪور) نهرو خشان جي هڪ سرسبز ميدان ۾ چلو ڪيائون، سندن چلي گاهه واري جاءِ کي "دشت شهباز" جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اتي سندن هڪ ٻڪرار سان ملاقات ٿي جنهن کي پنهنجو فيض ڏنائون اهو ٻڪرار "لعل بڪر" جي نالي سان مشهور ٿيو، سندس مزار پسني بندر گاهه جي ڀرسان آهي. قلندر سائين لاءِ اهو پڻ مشهور آهي ته پاڻ لاهوت لامڪان ڏانهن ويا، اتي به سندن عبادت گاهه موجود آهي، اڪثر لاهوتي اتي جي زيارت ضرور ڪندا آهن. ڪلاچيءَ جي پير منگهي سان به سندن رهاڻيون ٿيون اتي ڪندري نالي هڪ نهر جنهن جي ٻنهي پاسي تي وڻندڙ باغ ۽ فقيرن جا آستانه آهن. مڪران جي مڪراني ماڻهن کين دل و جان سان الله جو ولي تسليم ڪيو جيڪي ان زماني کان وٺي هاڻي به عام توڙي خاص ڏينهن تي سيوهڻ ۾ اچي سندن حاضري ڏين ٿا. قلندر جي ميلي ۾ سندن "مهيندي" آڻڻ جو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڪلاچي کانپوءِ ٺٽي طرف سندن ملاقات درويش پير پٺي سان ٿي، پير پٽي جي وفات سال 642هه ۾ ٿي آهي، ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته قلندر 642هه کان اڳ سنڌ ۾ موجود هو. سندن سنڌ جي سير جي حوالي سان سنڌ جي ڏاهي سائين غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب "سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ" ۾ مرحوم جي. اي. الانا (غلام علي الهڏنو الانا) ڪراچي وارو آغا خاني خوجو هو، ان جو تذڪرو ڪندي بيان ڪيو آهي ته ان مون کي ٻڌايو ته قلندر شهباز جڏهن اڃا ايترو ننڍڙو هو جو پيءُ جي چيچ جهلي پند ڪندو هو، تڏهن کان وٺي سنڌ ۾ ايندو هو، هڪ ڀيرو نه، ڪيئي ڀيرا آيو. ايراني نار جي رستي سان ايندو هو، کيس ست ڀائر هئا، هڪ ڀيڻ سنڌ ۾ پرڻيل هئس هڪڙي ڀاءُ سنڌ ۾ وفات ڪئي. سندس سؤٽن مان به ڪي سنڌ ۾ دفن ٿيا. "گرامي صاحب هن ڳالهه تي پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته هن روايت ۾ جيتري به صداقت هجي يا نه هجي هڪ ڳالهه ته پڌري پئي آهي، سا هي ته قلندر شهباز جا سنڌ ۽ سنڌ واسين سان لڳ لاڳاپا ڏاڍا ڪي گهرا ٿي ويا هئا." تحفته الڪرام موجب حيدرآباد جي ڀرسان گنجي ٽڪر وٽ ٽنڊو غلام حسين ۾ سندن چلي گاهه، ساجن سوائي ۽ تاج الدين طريل ۽ شيخ ريحاڻ جهنگلي سان ملڻ، لڪي شاهه صدر جي جبلن ۾ شاهه صدر الدين بادشاهه جو ديدار، سيوهڻ ۾ لعل باغ (ڊيم منز گاهه بندرگاهه سيوهڻ جي) ۽ قديم غار يڪٿنڀي جي اندر توڙي مٿان ويهي قدرتي نظارن ۽ موسمن جو مزو وٺڻ، پنهنجن همعصر دوستن سان اتي ڪچهريون سان گڏ غوث بهاءُ الدين ملتاني، بابا فريد شڪر گنج ۽ شاهه جلال سرخپوش شامل هئا. هن جاءِ تي مشهور آهن. وري سيوهڻ کان اڳتي پاٽ جي بزرگ حاجي اسماعيل پنهور سان پاٽ شهر ۾ بحث ۽ مباحثا اڳتي هلي ملتان تائين وڃڻ ۽ اتي ڪافي عرصو ٻين درويشن سان سرود سماع ڪرڻ هڪ مدرسي ۾ بحيثيت معلم جي درس ڏيڻ. ٻڌائين ٿا ته قلندر سائين سيوهڻ سميت سنڌ ۾ ڏهن سالن کان مٿي عرصو رهيا ۽ ان وچ ۾ ڪيترائي دفعا سيوهڻ ۾ آيا ۽ وري ڪجهه عرصي لاءِ ٻين علائقن ڏانهن عارضي طور ويا آهن. سندن سنڌ ۾ سير سياحت ڪرڻ واري عرصي ۾ سيوهڻ سندن مرڪزي جاءِ هئي. سيوهڻ کي عارضي طور ڇڏڻ وقت پاڻ اتي پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن طالب کي سيوهڻ لاءِ واپس اچڻ تائين نمائندو مقرر ڪندا هئا ۽ واپس اچي پنهنجي طريقت جي طريقي کي عام ڪندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ملتان جي حاڪم سلطان محمد جي ملتان ۾ رهڻ واري التجا کي رد ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته سندن منزل سيوهڻ ئي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پاڻ سيوهڻ ۾ آخري دفعو اچڻ کانپوءِ اٽڪل هڪ سال رهيا. جنهن ڪري اڪثر مورخن سندن سيوهڻ ۾ آمد جو سن 649هه لکيو آهي ۽ سندن وفات 650هه ڄاڻائين ٿا. جڏهن ته ڪجهه مورخ سندن وفات 673هه سن مڃيو آهي نئين تحقيق موجب پويون سن وڌيڪ صحيح آهي. ان حساب سان قلندر سائين سنڌ ۾ هڪ وڏو عرصو موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

    پنهنجو آخري آرامگاهه منتخب ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي تبليغ جو مرڪز چونڊڻ جا به ڪيترائي سبب ٻڌايا وڃن ٿا. پاڻ جڏهن سنڌ ۾ قلندري رنگ ورهائڻ لاءِ داخل ٿيا هئا ته ان وقت هيٺين لاڙ طرف سموري علائقي کان وٺي لڪيءَ جي جبل جي قطارن تائين مقامي سومرن سردارن جو اثر هو ۽ جڏهن پاڻ سيوهڻ ۾ آخري دفعو داخل ٿيا ته ان وقت سيوهڻ تي ملتان جي گورنر معرفت دهلي وارن جو حڪم هلندو هو. ان وقت سنڌ جي تاريخي ۽ جاگرافي حالتن جو تجزيو مخدوم امير احمد پنهنجي هڪ مضمون "قلندر لعل شهباز" ۾ هن طرح ڪيو آهي.

    حضرت قلندر شهباز جڏهن سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيا ته انهيءَ وقت سنڌ جا وڏا وڏا مرڪز شهر جهڙوڪ الور (اروڙ) ديبل، نيرون ڪوٽ وغيره ڪن تاريخي ۽ جاگرافي سببن ڪري پنهنجي مرڪزي حيثيت وڃائي چڪا هئا. ديبل ختم ٿي چڪو هو. الور ۽ نيرون ڪوٽ نهايت ننڍڙن ڳوٺن جي صورت ۾ تبديل ٿي چڪا هئا. ٺٽو اڃان وجود ۾ ئي ڪو نه آيو هو، بکر کي ان زماني ۾ ڪا به خاص اهميت حاصل ڪا نه هئي، ٻيو ته پنجاب جي رستي تي هئڻ ڪري هن شهر ۾ امن ۽ سلامتي بلڪل ڪا نه هئي، بلڪه هر گهڙي جان ۽ مال جو خطرو درپيش هو، خصوصن حضرت مخدوم قلندر واري زماني ۾ تاتاري يعني چنگيز خاني مغلن جا هندوستان تي حملا جاري هئا. اهي حملا بکر جي رستي کان ٿيندا هئا، خود قلندر لعل شهباز جو ملتان ۾ ميزبان شهزادو خان شهيد به تاتاري مغلن هٿان شهيد ٿيو.

    مٿين سببن جي ڪري ممڪن آهي ته قلندر سائين سيوستان جي ننگريءَ ۾ انڌهير ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ منتخب ڪيو، ڇاڪاڻ ته هي شهر ان وقت هڪ وڏي آبادي وارو شهر هو. پاڻ جڏهن سيوهڻ ۾ آخري ڀيرو آيو ته ان جاءِ تي ديرو ڪيائون جتي هن وقت سندن مقبرو مبارڪ آهي، جتان اڄ به فيض جو سمنڊ وهي ٿو.

    بشڪريه روزانه عبرت اخبار
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو سيوهڻ ۽ لعل قلندر شهباز ( حضرت عثمان مروندي رح )

    قلندر لعل شهباز جي وطن تي تحقيق جي ضرورت​


    علي اصغر اوٺو
    هر سال جيان هن سال به شعبان جي 18 تاريخ کان 20 شعبان تائين سنڌ جي مشهور بزرگ ۽ سيوهاڻي بادشاهه حضرت قلندر لعل شهباز جو عرس مبارڪ شروع ٿي رهيو آهي پر افسوس ته اسان جو محقق اڃان به قلندر شهباز جي وطن بابت تحقيق ۾ رڌل آهن ۽ حتمي راءِ نه ڏيئي سگهيا آهن ته لعل شهباز قلندر جي وطن جو صحيح نالو ڪهڙو هئڻ گهرجي. انهي حوالي سان ڪيترائي اختلاف اڃان تائين ڪر کنيو بيٺا آهن. مختلف اديبن جون مختلف روايتون ملن ٿيون جيڪي هيٺ پيش ڪجن ٿيون. لعل سائين جي وطن جي باري ۾ چئڻ شهرن جا نالا ڌار ڌار احوالن، تذڪرن ۽ مقالن مان ملي سگهن ٿا.

    مرو، 2. ميمند، 3. مرند، 4. مروند

    پروفيسر محبوب علي چنه پنهنجي مقالي (لعل شهباز جو وطن) ۾ لکي ٿو ته ” جيڪڏهن لعل سائين مرو جو ويٺل هجي ها ته کي(مروي) سڏجي ها ۽ نه (مروندي) جيئن عرف عام ۾ مشهور آهي“

    ٻن انگريزن محققن ڊونالڊ اين ولج ۽ فريزرر ٽيٽلر جي کوجنا مان معلوم ٿئي ٿو ته هرات جي اتر ۾ ڪشڪ نالي هڪ شهر آهي جتي روس ۽ افغانستان جون حدون اچي پاڻ۾ ملن ٿيون ان کان 140 ميل اتر طرف جابلو علائقي ۽ بيابان جي وچ ۾ هڪ وڻندڙ خيابان (مرو) نالي آهي جو عربن جي ڏينهن ۾ خراسان جي گادي هو هنڌ هو.

    هڪ ٻيو اسان جو محقق خانبهادر خداداد خان پنهنجي تاريخي ڪتاب لب تاريخ سنڌ ۾ لکيو آهي ته قلندر (مرو) کان آيو هو جو خراسان جو هڪ مشهور شهر ۽ هاڻي افغانستان ۾ آهي انهي کي (ميمند) به ڪري سڏين ٿا.

    هونءَ ته گهڻن تذڪرن ۾ سندن اصل وطن جو نالو(مروند) ڄاڻايو آهي جيڪو نالو مشهور ٿي ويو آهي، ڪن صاحبن وري (ملوندي) به چيو آهي. (سردار قلندر) جي حصه نظم ۾ (35) صفحي تي جناب نظام الدين چانڊيو مفتي هڪ سڄو نظم (شهباز ملوندي) جي نالي سان چيو آهي جنهن جو مثال هن ريت آهي.

    ”فضا ۽ عشق ۾ تنهنجو ڏسي پرواز ملوندي

    زمانو ٿو سڏي توکي سدا شهباز ملوندي“

    ”ڪيون جن خدمتون تنهنجون وياسي اولياءَ بڻجي.

    ولين جو ولي تون مرد حق ممتاز ملوندي“

    ته ڪن وري ”مهند“ جي نالي سان به سڏيو آهي.

    هڪ ٻيو حوالو جيڪو ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب ۾ ملي ٿو ته ”مشهور محقق مولوي خانبهادر محمد شفيع جڏهن سيوهڻ جون تاريخي جايون ڏسڻ ۽ ڪتبا قلمبند ڪرڻ لاءِ سيوهڻ آيو هو ته مخدوم بصرالدين کيس ٻڌايو هو ته حضرت قلندر شهباز جي صحيح نسبت (ميوندي) هوندي.

    هاڻي اچون ٿا(مرند) تي پروفيسر محبوب علي سيوهاڻي(لعل شهباز جو وطن) ۾ لکيو آهي. ته ” مون اڳ ئي مرحوم سيد مولانا مير غلام علي آزاد بلگرامي ”مائرالڪرام“ جي مصنف کي محقق ڄاڻايو آهي ڇو ته هي صاحب بذات خود سيوستان ۾ ڪجهه عرصو مغلن جي پاران سوانح نگاهه ۽ وقائع نويس ٿي رهيو آهي. ان مدت ۾هن صاحب مخدوم لعل شهباز قلندر جي باري ۾ به ڪافي تحقيق ۽ کان ڪم ورتو آهي. ان کان سواءِ موجوده سمي کان اٽڪل اڍائي صديون اڳ ۾ سوستان جهڙي ڀرئي ۽ ڀڪلئي شهر ۾ ڪيئن عالم فاضل، مؤرخ ۽ اديب هئا جن آزاد صاحب جي آزادنه طبع جي تونس کي ميدان ادب ۾ جولانيءَ سان ڪڏايو. هڪ ناياب قلمي نسخو بعنوان (تذڪره مشائخ سنڌ) تواريخ جي ڪتابن ۾ نظر اچي ٿو جنهن مان به آزاد صاحب پنهنجي ڪتاب”مائرالڪرام“ کي مستفيد ڪيو. هن صاحب (تذڪره مشائخ سنڌ) جي حوالي سان لکيو آهي ته ”حضرت قلندر مخدوم جي ڄمڻ ۽ پرورش جو مقام (مرند) آهي. ان کي وڌيڪ هجي ڪري ائين چٽو ڪري لکيو اٿس(،مرند بفتح ميم وراءِ مهمله وسڪون نون (دال مهمله قريه است از قراي تبريز) يعني مروند لفظ جو اچار ائين ڏسو صفحو 6

    ڪبو ته ”م“ مٿان زبر ۽ ”ر“ خالي ۽ نون تي جزم ۽ دال خالي، تبريز جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ. اهڙي طرح سان فقط ماترالڪرام جي مصنف قلندر کي ”مرند“ جي پيدائش ٻڌايو آهي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي پنهنجي مقالي(سيوهاڻي شهباز جي سوانح جا ماخذ ۽ همعصر) ۾ لکي ٿو ته ” اسان علامه صاحب علي ٺٽوي جي هڪ لکيل عبارت جي تحرير مان سيوهاڻي قلندر سائين جي اصل ڳوٺ بابت اها پختگي سان راءِ قائم ڪرڻي پئي ٿي ته اهو (مرند) هو مرور ايام ۽ لاعلمي ڪري ان کي(مروند) سڏيو وڃي ٿو.

    سنڌ جو هڪ ٻيو محقق مولانا دين محمد وفائي به الوحيد آزاد سنڌ نمبر ۾ ايئن لکيو آهي ته ”حضرت قلندر شهباز آذر بائيجان(آرمينيا) پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ (مرند) ۾ تولد ٿيو. هڪ ٻئي تاريخدان مولائي شيدائي پنهنجي مقالي ”مخدوم عثمان شهباز قلندر“ ۾ وطن بابت ڄاڻايو آهي ته ”حضرت لال شهباز (34 هه ۾ آذربائيجان ايران جي اتر الهندي ۾ هڪ علائقو آهي هنن ٽن بزرگن جي ڪري ٽي شهر تاريخي حيثيت ڪري مشهور آهن. هڪ ”مرند“ يعني حضرت قلندر لعل شهباز مرندي ٻيو ”تبريز“ يعني شمس تبريزي ۽ ٽيون” اردبيل“ يعني آغا صفحي ارد بيلي.

    اهڙي طرح سان پروفيسر محبوب علي چنا به پنهنجي ڪتابچي ”مخدوم قلندر لعل شهباز مرندي“ ۾ حضرت قلندر لعل شهباز کي ”مرندي“ سڏيو آهي.

    هاڻي اچون ٿا” مروندي“ تي لفظ (مروندي) جي حوالي سان اسان کي ڪجهه حقيقتون ملن ٿيون جيئن قلندر سائين پنهنجي مستند غزلن ۾ پنهنجو پاڻ کي ”مروندي“ ڄاڻايو آهي.

    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به پنهنجي ڪتاب(قلندر نامو سنڌي) ۾ ”مروندي“ لکيو آهي.

    وري ڪن روايتن ۾ ايئن به ملي ٿو ته ” سندن وڏا اصل عراق جا رهاڪو هئا، جتان لڏي اچي ايران جي شهر ”مشهد“ ۾ مُقيم ٿيا ۽ پوءِ افغانستان ۾ (مروند) کي اچي منور فرمايائون.

    سنڌ جي مشهور تاريخدانن مير علي شير قانع ٺٽوي، مير معصوم شاهه بکري جا بيان وڌيڪ وقعت رکن ٿا، انهن به قلندر کي ”مروندي“ لکيو آهي.

    اڪثر ڪري گهڻن محققن قلندر سائين جي پيدائشي هنڌ کي (مروند) سڏيو آهي. جنهن جي تصديق شيخ عثمان قلندر شهباز پاڻ پنهنجي شعرن ۾ هينئن ڪئي آهي.

    ”آيا عثمان (مروندي) چرا مستي درين رين عالم

    بجز مستي ومد هوش وگر چيز نه دا ستم“



    منعم عثمان (مروندي) ڪه يار خواجه منصورم

    ملامت مي ڪند خلقي ومن برادرمي رقصم“

    اهڙي طرح سان مٿين شعرن ۾ (مروندي) ڪتابن جي غلطي به چئي نٿو سگهجي ڇو ته (مروندي) بردان جيڪڏهن (مرندي) هجي ها ته شعر جو وزن ٽٽي پوي ها“

    انهي کان علاه سنڌ جي ڪجهه قديم شاعرن به پنهنجي شاعريءَ ۾ قلندر سان عقيدت جو اظهاراهڙي طرح سان پروفيسر محبوب علي چنا به پنهنجي ڪتابچي ”مخدوم قلندر لعل شهباز مرندي“ ۾ ڪرڻ وقت گهڻو ڪري پنهنجي شاعري ۾ قلندر سائين کي ”مروندي“ سڏيو آهي. جهڙوڪ سيد ثابت علي شاهه فقير خير محمد هيسباڻي، قادر بخش بيدل، سيد علي انور شاهه اجمل، پير علي محمد اظهر، احمد خان آصف، مصراڻي عبدالله اثر چانڊيو، ڪريم بخش چنا وغيره.

    ڪجهه دوست ٻڌائين ٿا ته هڪ مروند هاڻي ايران جي هڪ صوبي آذربائيجان ۾ آهي جتي حضرت قلندر لعل شهباز جي خاندان جا ڪجهه يادگار پڻ آهن. جهڙوڪ وڏن جون مزارون وغيره. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جا محقق ان علائقي ۾ وڃي اتي تحقيق ڪري اتان جي مقامي ماڻهن کان ان باري ۾ معلومات حاصل ڪن. ايئن ڪرڻ سان اهو امڪان اهي ته حضرت قلندر لعل شهباز جي باري ۾ ڪا وڌيڪ معلومات ملي ته جيئن هڪ عام پڙهندڙن کي به اها چڱي طرح خبر پئجي سگهي ته سنڌ جي هن عظيم بزرگ جو صحيح وطن ڪهڙو آهي.
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو سيوهڻ ۽ لعل قلندر شهباز ( حضرت عثمان مروندي رح )

    دم مست قلندر مست مست۔۔۔۔۔۔ (ذوالفقار خاڪي )​

    سيدنا عثمان مروندي المعروف قلندر لال شهباز رح جو 758 هون عرس مبارڪ پنهنجي روايتي شان و شوڪت سان شروع ٿي چڪو آهي ۽ ماڻهن جا هشام درگاهه لال شهباز قلندر ڏانهن من ۾ آسون ۽ مرادون کنيو ملڪ ۽ پرڏيهه جا ماڻهو سيوهڻ شريف ۾ اچي رهيا آهن ۽ رستي جي ڪنهن به ڏکيائي جي پرواهه نٿا ڪن. مروند جهڙو جنت نظير ملڪ، ان جو تخت ۽ تاج ترڪ ڪري، سنڌ جي سيوهڻ شريف جهڙي گرم ترين شهر کي پنهنجي ابدي آرام لاءِ منتخب ڪندڙ سيد محمد عثمان مروندي المعروف لال شهباز قلندر رح جي عرس مبارڪ ۾ زبان، رنگ، نسل، وطن، ٻولي ۽ مذهبي تفاوتن کان بالاتر ٿي زندگي گذاريندڙ آزاد منش انسانن جو هڪ وڏو انگ اڄ جڏهن عقيدت ۽ محبت وچان”جهولي لال“ يا ”حيدر قلندر“ جا مستانه وار نعرا لڳائين ٿا تڏهن احساس ٿئي ٿو ته انسانن جو هڪ وڏو انگ خوشي، مسرت ۽ فرصت ۽ سڪون جي لمحن ۾ به لال سائين جي فهم ۽ فڪر جو اظهار ڪري رهيو آهي ۽ سچ ته هي ماڻهن جي لال سائين سان عقيدت جو وڏو اظهار آهي.

    ڄامشوري جي هڪ علمي اداري جي مهتمم رضا محمد سعيدي لال سائين جي عرس جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته رچرڊ برٽن لال سائين جي جن ديني ڪتابن يعني: عقد، قسم دوم، اجناس، ميزان الصرف وغيره جي هجڻ بابت ڳالهه ڪئي آهي ان بابت حڪومت وقت کي گهرجي ته لال سائين جي انهن ڪتابن کي ٻيهر شايع ڪرائي مدرسن تائين پهچايو وڃي ته جيئن اسان جي مدرسن جا طالب علم لال سائين جي علم مان فائدو پرائيندي عربي گرامر وغيره جي علم ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن سندس بقول عام زائرين کي گهرجي ته هو لال سائين جي ميلي دوران ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکن ته هي ميلو ان عظيم الشان ولي الله جو آهي جنهن لاءِ ڪتابن ۾ آيل آهي ته پاڻ ستن ورهين جي عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيو هو، ته سڀ پنهنجن ٻارن کي قرآن شريف جي علم سان ضرور روشناس ڪرائين. سعيدي صاحب سان ڪيل اهڙي گفتگو کان پوءِ خيال آيو ته خود سيوهڻ شريف جي شهر جا اهي ماڻهو جيڪي لال سائين سان ڪيترن ئي حوالن سان ويجهڙائپ رکن ٿا، ڏسجي ته علم جي حصول بابت انهن جو پنهنجو رويو ڪهڙو رهيو آهي. ان بابت معلومات اسان کي درگاهه قلندر لال شهباز رح جي گادي نشين سبزواري ساداتن مان سيد فتح علي شاهه عرف حاجن شاهه سبزواري وٽان اها ملي ته بقول سائين حاجن شاهه سبزواري سندس والد صاحب سيد وريل شاهه سبزواري 1921ع ۾بمبئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي هئي ۽ هو سنڌ جي ساداتن ۾ پهريون گريجوئيٽ هو. جنهن بابت معلوماتي ڪتاب Who is Who-What is What ۾ پڻ اهڙي معلومات ڏني ويئي هئي ته هو سنڌ جي سيدن مان پهريون گريجوئيٽ آهي. سائين وريل شاهه ڇاڪاڻ ته علمي ماڻهو هو تنهنڪري هن ضرورت محسوس ڪئي ته لال سائين تي ڪو جامع ڪتاب هئڻ گهرجي ان ڪري هن وسيلا، مدد ۽پنهنجي ڀرپور توجهه فراهم ڪري پنهنجي نگراني ۾ جليل سيوهاڻي کان لال سائين بابت پهريون ڪتاب ”الشهباز“ لکرايو.

    حضرت لال شهباز قلندر رح سچ ته سنڌ واسين لاءِ الله رب العالمين جو هڪ عظيم عطيو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ لال سائين بابت اهڙا ويچار رکندي هئي هن هڪ ڀيري ڪتاب ”سوانح شهباز“ لاءِ پنهنجي پيغام ۾ چيو هو ته ”سنڌ جي سرزمين کي اهو شرف حاصل آهي ته اها مختلف جليل القدر اولياء ۽ صوفياءِ ڪرام ۽ حق گو درويشن جي آماجگاه رهي آهي ۽ اها نهايت خوشي ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي ته حضرت مخدوم محمد عثمان مروندي، کي سموري دنيا حضرت لال شهباز قلندر جي نالي سان ياد ڪري ٿي، اولياء ڪرام خاص طور تي سنڌ کي علمي ادبي روحاني ۽ اخلاقي قدر کان محصور ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ شهباز قلندر رح جو اسمِ گرامي نمايان آهي. منهنجي خيال ۾ لال سائين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسين سڀ خلوص دل سان سندن تعليمات تي عمل ڪريون، جيڪي محبت، اخوت، اتحاد ۽ ڀائي چاري جون مظهر آهن،

    شهنشاهه قلندر جو اسمِ گرامي اسين ڏسون ٿا ته فنڪارن جي حلقن ۾ به هميشه قصيده گوئي جي حوالي سان تمام نمايان رهيو آهي. برضعير پاڪ و هند جي عظيم گائڪ خانصاحب بڙي غلام علي خان لال سائين جي درگاهه تي ”لال موري پت رکيو ڀلا جهولي لالڻ“ واري ڌمال ڳائي جهڙوڪر ٻين فنڪارن کي به اهڙيون ڌمالون ڳائڻ لاءِ اتساهيو آهي. ۽ هن سلسلي کي خانصاحب نصرت فتح علي خان ”دم مست قلندر مست مست“ جي عنوان واري قوالي ڳائي بين الاقوامي سطح تي پهچائي ڇڏيو. خانصاحب نصرت فتح علي خان جي خاندان سان واسطو رکندڙ فنڪار راحت فتح علي خان به لال سائين جو عقيدتمند آهي ۽ 28 جولاءِ، 2010 تي لاهور جي مشهور سماجي ۽ ثقافتي شخصيت يوسف صلاح الدين جيڪو علامه اقبال جو پوٽو پڻ آهي ان کي ڪنهن ڪم سانگي فون ڪيم ته هو ان وقت هڪ اهڙي محفل ۾ ويٺل هو جو فون تي لال سائين جي شان ۾ ڳايل قصيدن جا ٻول ڪنن تائين پهچي رهيا هئا. يوسف صلاح الدين ٻڌايو ته هو ان وقت لاهور شهر ۾ ڪنهن هنڌ استاد راحت فتح علي خان پاران منعقد ڪيل ”شام قلندر رح“ جي جشن ۾ شريڪ هو. ۽ هن اهو به ٻڌايو ته ”شام قلندر رح“ جي عنوان سان لاهور شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تي جشن ٿيندا آهن ۽ ائين ماڻهو جشن ملهائيندا 18 شعبان تي سيوهڻ شريف ۾ لال سائين جي درگاهه تي اچي حاضري ڏيندا آهن. ڇو ته اسان ماڻهن جي نظر ۾ لال سائين نه صرف سنڌ يا پنجاب پر پوري پاڪستان بلڪه دنيا جي انسانن لاءِ روشني ۽ هدايت فراهم ڪرڻ واسطي محنتون ڪيون آهن ۽ هن راهه ۾ ڪشالا ڪڍيا آهن.تنهنڪري اسين سندس عرس مبارڪ کي شايانِ شان طريقي سان ملهائي دنيا کي اهو ئي پيغام ڏيندا آهيون ته قلندر شهنشاهه سان اسان جون محبتون عالمگير آهن. ساڳي ڳالهه راحت فتح علي خان جي ڀاءُ معروف علي خان به ڪئي ته اسين فنڪار ماڻهو سدائين انهن کي ڳائيندا آهيون جن پنهنجي زندگي ۾ ڪوبه ڪارنامو انجام ڏنو هجي. ۽ لال سائين جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامون اهو آهي جو پاڻ دنيا جي ڪروڙين ماڻهن کي پنهنجو ڪيو آهي ۽ ان جو واضح ثبوت اهو آهي ته لال سائين جي درگاهه تي سڄي دنيا اچي ٿي ۽ ڪنهن کي به يعني: ٻارن، عورتن، غير مسلمن کي درگاهه ۾ اندر اچڻ جي منع ٿيل نه آهي ۽ هي تمام وڏي ڳالهه آهي جو سيوهڻ شريف جا هندو خاندان به ديوان آسن داس ۽ ديوان لڌو مل وغيره سان گڏ پنهنجن بزرگن لال داس ۽ مولچند جي وقت جون مينديون کڻي ايندا آهن.

    اڄ لال سائين جي عرس مبارڪ جي موقعي تي اسين ڏسون ٿا ته درگاهه قلندر لال شهباز رح ۾ عقيدتمندن جا ميلا متل آهن پر محبتن ۽ عقيدتن جا اهڙا منظر سرڪار بودلي بهار جي مزار تي به ڏسڻ ۾ اچن ٿا جو پاڻ لاءِ مشهور آهي ته لال سائين جي سيوهڻ آمد کان پهرين اچي قلعي ڀرسان ويٺا هئا سيوهڻ واسين کي آگاهي ڏيندا رهيا ته لال سائين جي آمد ٿيڻ واري آهي. مٿس ان حوالي سان ڪافي سختيون به ڪيون ويون پر مرشد جي عشق ۾ پاڻ هر سختي برداشت ڪندا رهيا ۽ نيٺ لال سائين جڏهن سيوهڻ آيا ته ان وقت به پاڻ لال سائين جي خدمت ۾ مصروف رهيا سو سچ ته لال سائين جي خدمت ڪندڙن به وڏا مقام ماڻيا آهن ان ڪري اڄ حڪومتي ادارن سان واسطو رکندڙ اهلڪارن کي گهرجي ته هو لال سائين جي زائرين کي وڌ ۾ وڌ سهوليتون فراهم ڪن ته جيئن ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن نه ڏيڻو پوي ۽ من لال سائين جو روح به سندن خدمتن کي ڏسي راضي ٿئي
    .
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو سيوهڻ ۽ لعل قلندر شهباز ( حضرت عثمان مروندي رح )

    چونڊ وڊيوز (حضرت قلندر لعل شهباز رح )​

    سيوهڻ جو ميلو ۔۔۔۔۔ هڪ رپورٽ ​

    http://www.youtube.com/watch?v=VRSwBKPxqgc&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=wajXbj0Y-VI&feature=related
    ڌمال ئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڌمال ​

    http://www.youtube.com/watch?v=tyHdim5lYiY&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=5QG4TSJmcMI

    ڌمال ڇا آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ رپورٽ​

    http://www.youtube.com/watch?v=q5_nw8Aivcg
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,156
    ورتل پسنديدگيون:
    267
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنڌ جو سيوهڻ ۽ لعل قلندر شهباز ( حضرت عثمان مروندي رح )

    تمام بهترين ادا۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو سيوهڻ ۽ لعل قلندر شهباز ( حضرت عثمان مروندي رح )

    لعل قلندر شهباز ( حضرت عثمان مروندي رح ) جي هسٽري وڊيو رپورٽ

     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو سيوهڻ ۽ لعل قلندر شهباز ( حضرت عثمان مروندي رح )

    تمام بهترين ونڊ آهي

    لال شهباز قلندر سچ ته اهڙي سخصيت آهي جنهن تي سنڌ کي به ناز آهي۔۔۔

    پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري
    سنڌڙي سونهاري ڀلي ڀاڳن واري

    گهڻو معلوماتي ليک آهي۔ اوهان جا لک قرب جو اوهان هيڏو سٺو ليک موڪليو آهي۔ لال شهباز قلندر، جيڪو شهباز ، لال، قلندر، سيوهاڻي لال، سنڌڙي جو لال ۽ اهڙي عقيدت وارن گهڻن نالن سان مشهور آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو