خيرپور رياست جي هن عاشق مزاج والي جي پيدائش 9 ، آگسٽ، 1884ع تي ڪوٽ ڏيجي ۾ ٿي. مير صاحب جي تعليم ۽ تربيت ان وقت جي وڏن تعليمي ماهرن جي حوالي ڪئي وئي. ابتدائي تعليم لاءِ مخدوم الله بخش عباسي عاصي ۽ مولانا شهاب الدين شاهه هالاڻي وارو سندس خاص استاد هئا. اهي ٻئي بزرگ وڏا آزمودگار ۽ اهل دل انسان هئا. ٻنهي مير صاحب جي ذهني ۽ اخلاقي اوسر لاءِ قلبي ڪوششون ورتيون. انگريزي تعليم لاءِ هندوستان جي وڏي تعليمي ماهر خواجه غلام سبطين جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. کيس خواجه صاحب جي رفاقت ۾ چيفس ڪاليج لاهور ۾ داخل ڪيو ويو. . اُتي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ کيس امپيريل ڪئڊيٽ ڪور ديرادُون موڪليو ويو. فوجي سکيا وٺڻ بعد هو ڪئپٽن ريڊيءَ جي رفاقت ۾ ولائت ويو ۽ نَوَ مهينا لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ هن سڄي يورپ سان گڏ مصر، عراق ۽ ايران جو به سير ڪيو. ولائت کان موٽڻ بعد هو هندستان جا ڪافي شهر گهمندو خيرپور ۾ آيو.
مير امام بخش خان تاريخ 8، فيبروري، 1921ع تي وفات ڪئي. پنجن ڏينهن کان پوءِ مير علي نواز خان کي برادري جي پڳ ٻڌرائي وئي. تاريخ 25، جون، 1921ع تي سرڪاري طور تي سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي.
مير صاحب وڏو پڙهيل ڪڙهيل، روشن خيال ۽ هر دلعزيز حاڪم هو. گاديءَ تي ويهڻ شرط رياست ۾ وڏا سڌارا آندائين. رعايا تان ڇيڙ جي پراڻي مصيبت معاف ڪيائين. تعليم تي اڳي کان وڌيڪ توجهه ڏنو ويو. رياست جي سموري زمين جي ماپ ڪرائي، ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا. خيرپور شهر ۾ پاڻي جي نلڪن ۽ بجلي جو بندوبست ڪيو ويو.
سرڪاري نوڪرن لاءِ پينشن جو انتظام ڪري سندن سروس بوڪ رکيا ويا. اڳي عدليه مير صاحب ۽ وزيرن جي هٿ ۾ هوندي هئي، مگر هاڻي علحدو جوڊيشنل کاتو کولي ڊسٽرڪٽ جج، سيشن جج ۽ سب جج مقرر ڪيا ويا
باليء سان عشق:
مير صاحب جي مشهوري ان جو بالي سان عشق هو. مير صاحب اوچتو ئي اوچتو عشق جي اري ۾ اچي ويو ۽ محبت جي تيرن سان زخمي ٿي پيو. لاهور جي هڪ ڳائڻي اقبال بيگم عرف بالي سان اک اڙجي ويس. طالب ۽ مطلوب ملي ملاقاتيون ڪيون. مير صاحب جون اکيون مائي صاحبه ۾ ۽ مائي صاحبه جون مير صاحب جي دولت ۾ کُپي ويون. ٿورن ئي ڏينهن ۾، مائٽن سان ملڻ جو بهانو ڪري، مير صاحب جو اَرڪو ترڪو کڻي لاهور هلي وئي. مير صاحب جي وڏن کان ورثي ۾ مليل اٺن لکن جا هيرا ۽ جواهر هضم ٿي ويا.
هن پنهنجي طرفان وڏا وس ڪيا ۽ حيلا هلايا. ميڙون منٿون ڪيون ۽ ماڻهو موڪليا. نيٺ بمبئي جي گورنر کي درخواست ڪيائين. مگر ڪجهه نه وريو ۽ جدائي جي باهه ۾ جلندو رهيو. نيٺ ورهن جي وڇوڙي کان پوءِ مير صاحب جي آهُن اثر ڪيو ۽ مائي صاحبه آڻ مڃي، هيرامنڊي مان نڪري هَزهائينس بڻجي وئي. مير صاحب جي من جون مرادون پوريون ٿيون ۽ هو موج ۽ مزي سان محبت جون منزلون طئي ڪرڻ لڳو. هُو پنج ڇهه سال پريم رَس پيئندو رهيو، ته وري اوچتو هڪ ٻي جاءِ تي اکيون اڙائي ويٺو. هيءَ ڪوٽ ڏيجيءَ جي هڪ لوڪل لاڏلي بيبي سَتڻ هئي، جنهن جي هٿ ڪرڻ ۾ مير صاحب کي گهڻي تڪليف ڪانه ٿي. ان هوندي به اهو دل جو معاملو هو ۽ ساڳئي وقت تي ٻن مرڪزن جو طواف ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. اهو کيس به احساس هو ۽ هڪ دفعي چئي ڏنائين.
دل ڇڏيان دلبر ڇڏيان يا حال دل جو چئي ڇڏيان
هن مونجهه مونجهاري وڌو مان هو ڇڏيان يا هي ڇڏيان
ٻن طرف کان موچڙا هن عشق جا سر تي کُتا
پوءِ ڀلي مون کي لڳن نڪي هو ڇڏيان نڪي هي ڇڏيان.
هن مونجهه مونجهاري وڌو مان هو ڇڏيان يا هي ڇڏيان
ٻن طرف کان موچڙا هن عشق جا سر تي کُتا
پوءِ ڀلي مون کي لڳن نڪي هو ڇڏيان نڪي هي ڇڏيان.
مير صاحب جو سالو ميان بگو سَوَن جا نوٽ سُلفي ۾ وجهي ساڙڻ لڳو ۽ ٻيا گلم جاتو بچي ۽ درٻاري دلال اهڙين فضول خرچيون ڪرڻ لڳا، جو خزانو خالي ٿيڻ لڳو، ايتري قدر جو ڪجهه مهينا سرڪاري ملازمن کي پگهار نه ملي سگهيو. اهو حال ڏسي، برطانيه سرڪار وزارت جو عهدو ڪڍي، رياست جي حڪومت جو انتظام هڪ ڪائونسل جي حوالي ڪيو.
ان ڪري مير صاحب جا اختيارات گهٽجي ويا ۽ سندس جيب خرچ لاءِ به ماهوار لوازمو مقرر ٿيو. هن وڏي ڊڪ ڊوڙ کان پوءِ ٻن ٽن سالن ۾ اها ڪائونسل ختم ڪرائي وزير ورتو. ڪائونسل جي ناڪامي کان پوءِ هو صرف آئيني سربراهه رهيو ۽ حڪومت جو سارو ڪاروبار انگريز وزير جي هٿ ۾ رهيو. محدود پگهار مان مير صاحب جي خرچ جو پورائو ٿي نه سگهيو ۽ هو ڏاڍو ڏکيو وقت گذارڻ لڳو. هڪ طرف عشق جو ڪاروبار ۽ ٻئي طرف اختيارات جي ڪمي ۽ تنگدستي، سندس زندگي کي زهر بڻائي ڇڏيو. پنهنجي غم غلط ڪرڻ لاءِ هو سارو وقت شعر و شاعري، راڳ ويراڳ ۽ شيل شڪار ۾ صرف ڪرڻ لڳو.
وفات:
مير صاحب زندگي جا تلخ تجربا پورا ڪري 25 ڊسمبر 1935ع تي وفات ڪري ويو. سندس لاش کي ٻه سال امانت طور ڪوٽ ڏيجي جي امام بارگاهه ۾ رکيو ويو، جتان 19، فيبروري، 1937ع تي ڪربلا موڪليو ويو.
شاعري:
مير علي نواز خان بنيادي طور تي هڪ جذباتي ۽ عاشقانه مزاج جو ماڻهو هو. سنڌ کان ٻاهر هندستان جي جدا جدا جڳهن، ۽ يورپ، ايران ۽ مصر جي مختلف شهرن جو سير ڪري، فطرت جو وڏو مطالعو ڪيو هئائين. ان کان سواءِ گهر ٻار کان وڇڙي وڃڻ، ڪافي وقت جي شفقت کان محروم رهڻ، ۽ عشق جي اَري ۾ اچڻ ڪري سندس دُکي دل مان دانهون نڪرڻ لڳيون. دراصل اهي دانهون پرت جون پچارون بڻجي، سندس دلي جذبن جي ترجماني ڪرڻ لڳيون، ۽ موزون لفظن جي سانچي ۾ اچي شعر بڻجي ويون. هو وڇوڙي جا ورلاپ ڪندي هڪ سٺو شاعر ٿي ويو. غم غلط ڪرڻ لاءِ سخن جي مشق جاري رکيائين، ۽ شاعري ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. سندس تخلص ناز هو ۽ آغا شاعر قزلباش دهلوي جو شاگرد هو.
تصنيفات:
مير علي نواز خان ”ناز“ جون نثر ۽ نظم ۾ هيٺيون تصنيفات آهن:
1. خلوت عشق: هن ڪتاب ۾ مير صاحب جون سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون آهن. هي ڪتاب ٻه دفعا ڇپيو آهي. پهرين ڇاپي ۾ اٺيتاليهه ڪافيون آهن، ۽ ٻئي ڇاپي ۾ ڏهه ڪافيون وڌيڪ آهن. ٻئي ڇاپي ۾ ڪافين جي ترتيب به بدليل آهي. پهريون ڇاپو علمي پريس لاهور مان ۽ ٻيو ڇاپو موتي پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد مان شايع ٿيو آهي.
2. طوفاني عشق: هن ڪتاب ۾ به سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون آهن. ڪافين جو تعداد ڇائيتاليهه آهي. هي ڪتاب 1931ع ۾ سرائي ڇتل خان ڪوهنور پريس ڪراچيءَ مان ڇاپرايو هو.
3. آتش عشق: هي ڪتاب منشي مولا بخش ”همدم“ ليٿو پريس اولڊ جيل روڊ ڪراچيءَ مان 1933ع ۾ ڇاپرايو هو. هن ۾ به هڪ سئو ڇويهه سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون آهن.
4. بياض ناز: هي ڪتاب (قلمي) مير صاحب پنهنجي
بيگم بالي کي ڏنو هو. بيگم صاحبه مير صاحب جي وفات کان گهڻو پوءِ مشهور اديب ۽ شاعر نسيم امروهوي کي عطا ڪيو هو، جنهن وري قومي عجائب گهر ڪراچي جي حوالي ڪري ڇڏيو. هن ۾ پنج ڊگها نظم، هڪ دوهڙو ۽ چوهٺ ڪافيون آهن، جن مان ڇائيتاليهه ڪافيون ڪتاب ”آتش عشق“ مان ورتل آهن ۽ باقي ارڙهن اڻ ڇپيل ڪافيون ڪليات ۾ داخل ڪيون ويون آهن.
5. خمڪده خيام مئڪده ناز: هن ڪتاب ۾ ايران جي مشهور شاعر شيخ مولا بخش خان مئنيجر فيض پريس خيرپور 1930ع ۾ پنهنجي پريس مان شايع ڪيو.
6. گنجنيئه خِرد: هن ڪتاب ۾ مير صاحب جون ايڪهتر طبعزاد رباعيون آهن. هي ڪتاب سرائي ڇتل خان ايجوڪيشنل پريس ڪراچيءَ مان ڇاپرايو هو. ڪتاب تي اشاعت جي تاريخ يا سال ڪونهي. هن ڪتاب جو فارسي ۾ منظوم ترجمو فقير هدايت علي نجفي (تارڪ) لعلُو رانوَڪ واري ڪيو آهي.
7. گلدستئه ناز: هي ڪتاب مير صاحب جي اردو غزلن تي مشتمل اهي، جيڪو 1924ع ۾ نور پريس دهلي مان شايع ٿيو هو.
8. ڪليات ناز (اردو): هن ڪتاب ۾ مير صاحب جا اردو غزل، سلام، قصيدا ۽ مرثيا آهن. اهو ڪتاب جناب نسيم امروهوي آفسٽ پريس ڪراچي مان ڇاپرايو آهي. ڪتاب تي اشاعت جو سال ڪونهي.
9. سياحت يورپ: هي ڪتاب انگريزي ۽ اردو ٻنهي زبانن ۾ آهي. منجهس يورپ جي سفر جو بان آهي. هي ڪتاب گهڻي ڪوشش جي باوجود هٿ اچي نه سگهيو.
10. داستان ليليٰ مجنون: هي ڪتاب نثر ۾ آهي. هڪ صفحي تي اردو ۽ ٻئي صفحي تي ان جو انگريزي ترجمو ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ليليٰ ۽ مجنون جي هڪ خيال تصوير ڏيئي ان تي تبصرو ڪيو ويو آهي. اهو آرمي پريس لاهور مان شايع ٿيل آهي.
سندس مشهور ڪلامن ۾
تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان
عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان
تمام گهڻا مشهور ٿيا
حوالا:
1. اهي ڏينهن اهي شينهن - پير علي محمد راشدي
2. ڪليات ناز (1987 ) ترتيب - استاد عطا محمد حامي (1979)
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: