سنڌي ادب جو هيءُ ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ افسانه نويس ڳوٺ کرل خيرپور جو پڙهيل زميندار هو، سندس پيدائش 29 جون 1939ع ۾ ٿي ۽ زمينداريءَ ۾ جهڳڙي جي سبب سان سندن قتل 14 جولاء 1978ع ۾ ٿيو. سندس پهريون مجموعو “شبنم شبنم ڪنول ڪنول ” اداره ادب جي طرفان 1966ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ سندس جڳ مشهور ڪهاڻي ڪافر کان سواءِ گردش زماني جي، گذريل واردات، ڳڻ گٽس، ڪچو رنگ ۽ ڪجهه ٻيا افسانا شامل آهن. چوٽيهون در جي مجموعي ۾ جيڪو 1977ع ۾ سهڻي پبليڪيشن وارن ڇپايو، ڪل 11 ڪهاڻيون آهن، جن ۾ مڪسڊ گرل، پهريون پهر، آخري ڪرنٽ، اٽالو پڊنگ، اسلام عليڪم، دارالفلاح، چوٽيهون در، پهرين مراد وغيره شامل آهن. افسانو پهريون پهر، ڊمي ۽ اٽالو پڊنگ فيشن ايبل ۽ اپر ڪلاس جي عورتن هڪٻئي جي ريس ۾ جي اسٽيٽس جي نمائندگي ڪن ٿا هن ڪلاس جون عورتن جي نمائش ۾ پوريون آهن، جن جو مذهب ۽ مسلماني بقول کرل صاحب جي آهي “چلڪو”. اهي ڪهاڻيون ڪنهن خاص طبقي جي نمائندگي ڪن ٿيون، منجهس سماجي مسئلن جي گهرائي نه آهي. “ گٽس ” ڪهاڻي ۾ اڄڪلهه جي هڪ عام مسئلي جي نشاندهي آهي، جيڪو هر طبقي وٽ اهم مسئلو آهي، يعني سٺي رشتي جي ڳولها، هن ڪهاڻيءَ ۾ بيگم برنيءَ جو آخري ڊائيلاگ متاثر ڪن آهي. . ”پر افسوس جو نيلي ڊارلنگ تو ۾ اهڙا گٽس ڪونهن“ شبنم شبنم ڪنول ڪنول عورت جي مجبوري ۽ مرد جي هوس جي لازوال داستان آهي، هڪ نرس جي ڪهاڻي جنهن مريض جي زندگي بچائڻ لاءِ فرض ۽ عزت جو سودو ڪيو. ٻوليءَ ۽ ڪردار نگاريءَ کان سندس افسانا پنهنجو مٽ پاڻ آهن . نسيم کرل جي لاءِ رسول بخش پليجو صاحب جن چون ٿا ته نسيم مذهبي رجعت خلاف لکيو”ڪافر“ ان جو بهترين مثال آهي“، پر وٽس سنڌي وڏيرو هيرو آهي، چوٽيهون در ۾ پوليس کي قابل نفرت جي بجاءِ صرف فرض کان لهرائيندڙ پيش ڪيو اٿن، سنڌي هارين جي ظلم خلاف ڪوبه آواز نه اٿاريو اٿن، بلڪه سنڌي هاري کيس چور جي روپ ۾ وڻي ٿو، پر ان سان گڏ هن سنڌي ادب کي عوامي ڳوٺاڻي ٻولي ۽ محاورا ۽ سنڌي زبان جو سهڻو استعمال ڏنو آهي. کيس بردباري ۽ قابليت سان ڳالهه ڪرڻ جو فن آهي، هو سنڌ جو برک فنڪار هوندي عوامي فنڪار نه آهي. هو پنهنجي ڪردارن سان مري جيئي نٿو”، ”ڪافر“ ڪهاڻي غير مسلم جي اسلام قبول ڪرڻ ۽ واپس وري هندوئن وٽ موٽي وڃڻ تي آهي، هن ڪهاڻيءَ جو موضوع اڇوتو ۽ ڊائيلاگ ڇرڪائيندر آهن، محاورا ۽ پهاڪا سهڻا ۽ بروقت آهن، مثال طور ”ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري“،”گڏهن کي پنج سنجيون پارائي گهوڙن سان بيهاربو ته ڪو گهوڙا ڪونه ٿي پوندا.“ يا مولوي اميد عليءَ جو ڊائيلاگ ”ابا سچ ٿا چئو ڪافر نيٺ ڪافر“ تمام پر اثر آهن. ”چوٽيهون در“ ڪهاڻي هڪ اخبار جي خبر تان متاثر ٿيل ڪهاڻي آهي. سپر هاءِ وي تي پيل لاش کي دادو ٿاڻي وارا نه کڻن ۽ حيدرآباد ٿاڻي وارا چون ته اسان جي حد ڪونهي. هيءَ ڪهاڻي به بهترين تاثر واري ڪهاڻي آهي. جڏهن انسپيڪٽر ٻڌائيندو آهي ته سکر بئراج جي 66 دروازن مان ڪجهه هڪڙي ٿاڻي سان لڳندا آهن ۽ ڪجهه ٻئي ٿاڻي سان ايئن لاش ڦاسندو ۽ رلندو آهي، آخر ۾ لاش کي دريا جي حوالي ڪرڻ مهل جو ڊائيلاگ تمام اثرائتو آهي: ”بابل ٻنهي صوبيدارن لاش ڪو نه ورتو، سو ان کي ان بادشاهه جي حوالي ڪيم جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن. هيڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ“ انهيءَ افساني پڙهڻ سان پوليس جو رويو جيڪو زنده ماڻهن سان ته هونئن ئي ناقابل برداشت آهي ۽ فرض کان غفلت وارو آهي پر هو مُردن جي لاءِ به دل ۾ رحم نٿا رکن، محسوس ٿئي ٿو. نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ ۾ فني خوبيون بي حساب آهن. سندس افسانن جي ٻولي لاجواب آهي. واقعاتي پلاٽ هئڻ جي ڪري افسانن ۾ تسلسل آهي. ڪردار نگاري سندس افسانن جو روح آهي. حسين شاهه راشديءَ مطابق ته ”نسيم کرل کي قدرت ڳوڙهي مشاهدي جي عجيب ڏات ڏني آهي ۽ ان کي بيان ڪرڻ جي اهڙي سگهه بخشي آهي جو ڪنهن به ماحول جي ڳالهه ڪندو ته ڀائنبو ته پڙهندڙ پاڻ اُتي موجود آهي. مجموعي طور نسيم افسانه نويسيءَ ۾ هڪ اهم ۽ فني لحاظ کان برک ڪهاڻيڪار آهي. سنڌي ادب جو نفيس ڪهاڻيڪار آهي“۔ بقول سندس ته (مان نفيس پين ۽ نفيس پني تي سهڻن اکرن سان لکندو آهيان) (سهڻي مئگزين ۾ ڇپيل انٽرويو) هن مهان افسانا نويس سنڌي ادب کي گرانقدر افسانوي ادب ڏنو. سندس اوچتي قتل جي ڪري سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو. مٿن سهڻي پبليڪيشن طرفان سهڻي خاص نمبر ”نسيم کرل نمبر“ ڪڍيو ويو، جنهن ۾ مختلف اديبن ۽ ليکڪن جا تاثر ۽ رايا ۽ سندس انٽرويو ۽ ڪجهه ڪهاڻيون آهن.
جواب: نسيم احمد کرل (ڪهاڻيڪار) نسيم کرل زميندار ۽ آسودي گهراڻي سان تعلق رکندي به سنڌي ادب سان چاهه رکيو ۽ ملڪي قانون جي بي حسي ۽ قومي جاڳرتا تي قلم کڻي پاڻ ملهايو ۔۔۔ دوستن جو دوست، ڪراچيءَ ۾ ايندو هو ته دوست اديبن سان رهاڻيون ڪرڻ ۔۔۔ ۽ ادبي بحثن ۾ حصو وٺڻ سندس مشغلو هو ۔۔۔ هن وقت به سنڌي ادب جا پانڌيئڙا نسيم کرل جي ڪهاڻين مان افسانوي ادب جون راهون ڳولهيندا آهن ۔۔۔ خيرپور ميرس جي زمين تاريخي، زرخيز ۽ سٺن انسانن جي پئدا ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۔۔۔ سهڻو ونڊ آهي ۔۔۔
ادا نسيم کرل جا تقريبن ڪتاب پڙهيل آهن .لکڻ جو انداز ٻين ليکڪن کان مختلف اٿس ۽ منظر ڪشي ۾ سندس جواب ناهي.پاڻ انتهائي شاندار ليکڪ هو.