سنڌ ۾ ايندڙن جي لوڌ ۽ سنڌين جي سياست

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ ۾ ايندڙن جي لوڌ ۽ سنڌين جي سياست
    اسحاق سومرو
    سنڌ جي ماڻهن سوات متاثرين جي سنڌ آمد جي خلاف ٻه ڪامياب هڙتالون ڪري اهو واضح پيغام ڏنو آهي ته هو انهن جي سنڌ ۾ آمد ”رجسٽريشن سان“ يا بنا داخلا ڪرائڻ جي به ڪراچيءَ سميت سموري سنڌ ۾ اچڻ جا مخالف آهن ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اخبارن ۾ ڇپجندڙ مضمون، ايڊيٽوريل، اخبارن ۾ ڇپجندڙ خط، موبائلن تي هزارن جي تعداد ۾ موڪلجندڙ (sms) مظاهرا، بک هڙتالون ٻڌائين ٿيون ته سنڌ جو عوام سوات متاثرين جي سنڌ ۾ اچڻ مان قطعي طور تي ناخوش آهي ۽ اهو سمورو عمل سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي انهيءَ بيان ته هڙتال واري ڏينهن ڪجهه ٿيو ته ليڊرن جي ڳچين ۾ ٽوڙهو وڌو ويندو“ جو ردعمل سمجهڻ کپي.
    انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌ جو عوام قومپرستن کي ووٽ نٿو ڏئي ۽ اليڪشنن ۾ کين رد ڪندو ٿو رهي پر سنڌ جي عوام ڪڏهن به پيپلز پارٽيءَ جي سنڌي عوام جي مرضيءَ جي خلاف ڪيل فيصلن کي به پنهنجو نه ڪيو آهي پر انهن فيصلن تي پنهنجو ڀرپور احتجاج به رڪارڊ ڪرايو آهي، اها ڳالهه به سنڌ جي موجوده پ پ حڪومت کي ذهن ۾ رکڻ کپي.
    سنڌ جي دانشور محترم ابراهيم جويو ۽ ابرار قاضي جي خدمتن ۽ سنڌ دوستيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نٿو ڪري سگهجي پر اهو به ضروري آهي ته سوات جي متاثرين کي وقتي طور تي سنڌ ۾ پناهه ڏيڻ واري موقف تي ساڻن متفق ٿجي. اها به حقيقت آهي ته هن وقت سنڌ ۽ خصوصن ڪراچيءَ ۾ پٺاڻن ۽ مهاجرن ۾ اقتصادي ۽ لساني تضاد وڌيل آهي ۽ ڪن ڌرين جو خيال آهي ته سنڌين کي انهيءَ کان پاسيرو رهڻ کپي. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌين جي پاسيرو رهڻ ۽ خصوصن ڌارين جي لوڌن جي اچڻ تي 60 سالن کان مزاحمت نه ڪرڻ ۽ 1947ع ۾ به ڌارين کي ڀليڪار ڪرڻ واري تَنهن وقت جي ليڊرن جي موقف اسان کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۽ خصوصن ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ اجنبي بنائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي مهاجرن کان پوءِ پٺاڻن جي اڳواڻن اهو واضح چوڻ شروع ڪيو آهي ته ڪراچي سڀني جي آهي ۽ ڪراچيءَ جي ٺاهڻ ۾ پٺاڻن جو به حصو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ اسين پاسيرا ٿي وڃون يا ان کي مهاجرن ۽ پٺاڻن جو جهيڙو سمجهي خاموش ٿي وڃون، اهو موقف خصوصن ڪراچيءَ جي شهر جي مالڪيءَ تان هٿ کڻي وڃڻ جي برابر آهي
    ۽ موجوده صورتحال ۾ دهشتگردي ۽ طالبانائيزيشن جي اڀار جي ڪري سنڌ ۽ خصوصن ڪراچيءَ جي صورتحال کي بين لاقوامي تناظر ۾ به ڏسڻ گهرجي ۽ ڪراچيءَ جي حيثيت بين الاقوامي سياست جو حصو بنجندي پئي وڃي، جڏهن ته پوري پاڪستان خصوصن پشاور، لاهور، اندروني سرحد صوبي ۽ بلوچستان جو مڪمل دهشتگردي ۽ جنگ واري صورتحال آهي ۽ هن وقت واحد صوبو سنڌ ۽ ڪراچيءَ جو شهر في الحال تائين بچيل آهن ۽ انهيءَ صورتحال ۾ سنڌين کي پاسيرو ٿيڻ، خاموش رهي تماشو ڏسڻ جا ڀاشڻ ڏيندڙ دانشور ۽ اسان جهڙا ڪالمسٽ هميشه جيان حالتن جو صحيح تعين نه ڪري رهيا آهن ۽ هو پنهنجي سوچن ۽ مشاهدن جي بلڪل ننڍڙن خولين مان نه نڪري سگهيا آهن ۽ سندن لکڻين ۽ ليڪچرن جو موضوع اڃا به شاعري، صوفي ازم، عدم تشدد ۽ محبوبن جا وار آهن، جڏهن ته سنڌ جي ڌرتي انهن جي اصل مالڪن جي پيرن هيٺان ذري گهٽ نڪري چڪي آهي. اڄ کان يارهن سال اڳ ٿيل آدمشماري ۾ سنڌي سنڌ ۾ 59 سيڪڙو هئا، پر هاڻي سواتين ۽ پشاورين جي سنڌ اچڻ سان چند مهينن ۾ سرڪاري انگن اکرن ۾ به اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته آڪٽوبر جي مهيني کان آدمشماريءَ جو سلسلو شروع ٿي ويندو.
    ان لاءِ سنڌ جي مڙني سياسي ڌرين قومپرست توڙي وفاق پرستن کي سوات مان لڏي ايندڙن جي ڀرپور مخالفت ڪرڻ کپي ۽ انهيءَ لاءِ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم به ساٿ ڏئي ٿي ته ان جو ساٿ وٺڻ کپي، ۽ ان ساٿ کي وڌيڪ جٽادار بنائڻ گهرجي ۽ هن صورتحال ۾ سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ٻين مسئلن تي ڪو ”الحاق“ ٿئي ٿو ته ان جي آجيان ڪرڻ کپي ۽ سڀني سنڌ دوست ڌرين کي سنڌ جي حقن لاءِ چند ”اهم“ نقطن تي گڏيل موقف رکڻ کپي. هونئن به سنڌ جي ٻن وڏين پارٽين پي پي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ مڪمل حڪومتي اتحاد آهي پر ان اتحاد ۾ ٻين قومپرست پارٽين کي به شامل ڪيو وڃي ۽ مختلف پارٽين ۽ گروپن کي ڪانفرنس، سيمينارن ۽ ريلين کان به اڳتي سوچڻ کپي ۽ ان لاءِ احتجاجن ۽ سياست جو مرڪز ڪراچيءَ کي بنائڻ گهرجي، جيئن گذريل هڙتالن دوران ٿيو. ڪراچيءَ جو احتجاج ۽ هڙتال ۾ حصو وٺڻ هڪ ته سٺو سنئوڻ هو، جنهن کي مستقبل ۾ برقرار رهڻ گهرجي.
    سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي روڪرائڻ ۽ سنڌ ۽ خصوصن ڪراچيءَ کي مذهبي دهشتگردي، طالبانائيزيشن ۽ خودڪش حملن کان بچائڻ لاءِ سموري دنيا جي سربراهن ۽ سفارتڪارن کي آگاهي ڏئي. سيڪيولر سنڌ ۽ سنڌ جي امن پسند پيغام کي عام ڪيو وڃي ۽ سموري دنيا کي تاراج بنائيندڙ طالبانائيزيشن جي وڌندڙ اڀار کي سنڌ ۽ خصوصن ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ کانئن مدد به ورتي وڃي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي بچائڻ ۽ محبوب شهر ڪراچيءَ تي ٻيهر حڪمراني ڪرڻ لاءِ تڪڙا ۽ اهم فيصلا ڪيا وڃن.
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سائين اسان جي ڪامورن کي خدا سمجهه ڏي باقي اسان کان ته اهي زور آهن.
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا بلوچ ڀاءٌ زور به زور صفا اصلي چڙهيل آهن

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    بلڪل سچ ٿو چئين ادا فقير
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو