خبر ناهي ڇو جڏهن به دريائن ۽ لڙڪن جا بند ٽٽندا آهن ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us

    خبر ناهي ڇو جڏهن به دريائن ۽ لڙڪن جا بند ٽٽندا آهن ته پاڪستان جي اڪثر ماڻهن کي ذوالفقار علي ڀٽو ياد ايندو آهي ........... !!

    1972 جي ٻوڏ ۾ مائو ٽوپي پائي هيليڪاپٽرن جي شيشن مان ڏک جي تصوير نظر ايندڙ ڀٽو ، پاڻي ۾ پري پري تائين رات ڏينهن پاڻ لهي ماڻهن جي وچ ۾ بيهي مدد ڪري ٻاهر ڪڍندڙ ڀٽو ئي هيو. ايئن لڳندو هئو ته ڊگهن اڇن وارن وارو هي شخص خواجه خضر آهي جنهن جو ڪم مصيبت ۽ موت مان ماڻهن کي ڪڍڻ آهي. گهٽ ۾ گهٽ 1972 جي وڏي ٻوڏ ۾ ته ڀٽو اهو ئي ڪيو.

    اطالوي صحافي اوريانا فلاسي ڀٽو کي ڏسي تڏهن لکيو هو ” مان ڀٽو کي ٻوڏ جي ستايل ماڻهن جي ڏکن تي روئندو ڏٺو “

    ۽ هاڻي جڏهن پاڪستان ۾ وڏي ٻوڏ آئي آهي جنهن سان 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ سوين ماڻهون وهي ويا آهن. پختون خواه ۾ نوشهره کان بلوچستان ۾ نوشڪي تائين ۽ پنجاب ۾ لوڌران کان سنڌ تائين انساني دهشتگردي جي ستايل ماڻهون هاڻي قدرتي دهشتگردي جو شڪار ٿيا آهن. وستيون واهڻ رانديڪن وانگر ۽ انسان ۽ جانور ڪکن وانگر لڙهي رهيا آهن ته حڪمران سوڙهي گهٽي جي تلاش ۾ آهن.

    هو اهو ويٺا سوچن ته اسان ڀٽو ڪيئن بڻجون !! هو پنهنجي چوڌاري حفاظتي بند مضبوط پيا ڪن يا درياه مٿان ؟؟ هاڻي ڀٽو جو نظريو ناهي..... جان بچايو مال ٺاهيو جو اصول پيو هلي...

    سنڌ ۾ ته حڪومت ڪچي جي علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ کان معذرت ڪئي ته ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر نڪري اچن. سنڌ جو وزير اعليٰ بچاء بند تي ويو سهي پر “ڪجي نظارو پري پري کان”

    هن ملڪ لاء ڇا چئجي جتي زلزلي جي متاثرن لاء ايندڙ ڪمبل “راجه بازار ” ۾ پهريان پهچي وڃن ٿا...

    حسن مجتبيٰٰٰ
    بي بي سي اردو
     
    Aftab Ahmed Jiskani هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: خبر ناهي ڇو جڏهن به دريائن ۽ لڙڪن جا بند ٽٽندا آهن ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو۔۔ ڇا ڀٽو صاحب جو مثال وري پاڪستان ۾ ڪڏهن ملي سگهندو۔۔؟
    ڀٽو صاحب ماڻهن جي دل مان نڪرندڙ دعا هو۔۔۔۔ ڏکندڙن جي دل جي صدا هو، بيباڪ رهنما هو، سندن کي ڏسي وري جڏهن اڄ انهيءَ‌جي پارٽيءَ جي رهنما سڏرائيندڙ ماڻهن کي ڏسون ٿا ته ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو ته ڇا هي اهي ئي ماڻهو آهن جن کي اسان پنهنجي درد جي دوا سمجهي ووٽ ڏنو هو۔۔؟ هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي راڄ ڀاڳ کي هٿ وٺي ٻوڙي رهيا آهن۔۔۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: خبر ناهي ڇو جڏهن به دريائن ۽ لڙڪن جا بند ٽٽندا آهن ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڀٽو صاحب واقعي هر غريب جي دل ۾ هن وقت تائين آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔افسوس ڀٽو جي پارٽي جي حڪومت آهي۔۔۔۔۔۔۔پر اُهو ڪم ڪون ٿو ٿئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو