فيض محل خيرپور

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فيض محل خيرپور 1903ع ۾ ٺهيو ۽ خيرپور رياست جي شاهي دربار طور استعمال ۾ رهيو۔ اڄ به هن جي سونهن ۽ بيهڪ ڏسڻ وٽان آهي۔ ڪجه تصويرون پيو ونڊ ڪريان جيڪي فيض محل جي ٻاهرين ڏيک سان گڏ ان جي اندروني زينت به بيان ڪنديون۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فيض محل خيرپور

    ادا بهترين ونڊ.....شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيض محل خيرپور

    مهرباني

    جڏهن به خيرپور وڃون ته فيض محل ضرور گهمجو ۔۔۔۔۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فيض محل خيرپور

    اوڪي سائين ونڃڻ ته ھڪ ٻه دفعو ٿيو آھي پر فيض محمل ڏي خيال ڪڏھن ڪون ڪيو آ۔۔۔ھن دفعي ڳوٺ وياسين ته ضرور۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: فيض محل خيرپور

    واه سائين واه هي ته اجوبو پيو لڳي تمام بهترين عمارت آهي ۽ خوبصورت چٽسالي جو ڪم اهڙي تاريخي جڳهه جي سير ڪرائڻ لاء اوهان جي مهرباني۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فيض محل خيرپور

    واه سائين واه

    فيض محل جي تصويرون ڏسي ڪري اصل دل خوش ٿئي وئي

    ڪڏهن وري زندگي رهي ته توهان سان گڏ فيض محل کي ڏسنداسين ضرور


    توهان جي محنت سنڌ سلامت فورم تي ساراهڻ جوڳي آهي


    سدائين گڏ
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيض محل خيرپور

    سائين مهرباني

    فيض محل خيرپور جي عمارت خوبصورت ۽ سهڻي نموني سينگاريل يادگار ۽ تاريخي عمارت آهي۔
     
  8. وسيم

    وسيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Professional
    جواب: فيض محل خيرپور

    واه سائين واه۔ مهرباني شئر ڪرن جي۔
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: فيض محل خيرپور

    فيض محل جون تصويرون تمام خوبصورت آهن هن جي تاريخ به ٿوري ٻڌائيندا ته هي ڪنهن ٺهرايو وغيره۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيض محل خيرپور

    فقير سائين اوهان ته سدائين خيرپور پيا گهمو پوء اوهان کي ته فيض محل ضرور گهمڻ گهرجي۔ هڪ ٻي ڄاڻ ته ميرن جي دور جي يادگار عمارت دلشاد منزل هن وقت امتياز ڦلپوٽو صاحب وارن وٽ آهي۔ اوهان اها بلڊنگ به ضرور گهمجو۔
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: فيض محل خيرپور

    سائين لاجواب ونڊ آهي ۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيض محل خيرپور

    مهرباني ادا

    حوصلا افزائي ۽ پسنديدگيء جي
     
  13. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: فيض محل خيرپور

    بهترين تصويرون ونڊ ڪيون ويون آهن ، ادا سليمان جيڪر فيض محل جي تاريخ تي پڻ روشني وجهو ها ته هوند چار چنڊ لڳي وڃن ها ، مهرباني اهڙي سهڻي ۽ يادگار ونڊ لا ،

    ادا ممتاز علي وڳهيو صاحب جن کي پڻ گذارش آهي ته جيڪر هن محل بابت ڪا تاريخي جاڻ لا مواد هجي ته ضرور ونڊ ڪن ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيض محل خيرپور

    فيض محل: 1903ع ۾ مير فيض محمد ٽالپر جي دور ۾ هن جي تعمير ٿي. هي خيرپور شهر ۾ هڪ عاليشان محل آهي، جنهن تي لکن جي تعداد ۾ خرچ آيو. هن کي لکي بنگلو ۽ تاج محل به سڏيندا هئا. منجهس جديد قسم جو بهترين فرنيچر آهي. وچون هال درٻار ۽ سرڪاري تقريبات جو ڪم ڏيندو هو. هن جي اڳيان هڪ عاليشان باغ آهي، جنهن ۾ بهترين قسم جا لان ۽ طرح طرح جا گل پوکيل آهن. هي محل هميشه شاهي درٻار ۽ حاڪمن جي رهائش لاء استعمال ٿيندو رهيو آهي۔ محل جي اڳيان ٽالپر دور جي حڪمرانن لاء ساليانه پريڊ ۽ سلامي ٿيندي هئي۔ پاڪستان ٺهڻ بعد منجهس قانون ساز اسيمبلي جا اجلاس به ٿيندا هئا. اڄڪلهه هي محل مير علي مراد خان ثاني جي تحويل ۾ آهي ۽ هز هاء نيس مير مهدي رضا ٽالپر هن جي ديک ڀال ڪري رهيو آهي.


     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 فيبروري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: فيض محل خيرپور

    اصل ڳالھ هاڻي وڃي ٿي !
    ويتر ويڊيو جي مدد سان محل جي اندرين حصي جو پڻ ديدار ٿي ويو ، يقينن هي ڪنهن تاج محل عجوبي کان ڪا گهٽ نه آهي ، معلوم ٿيو ته سنڌ ۾ موئن جي ڌڙي کان وٺي هر دور ۾ سنڌين ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي هلڻ جو سعيو ڪندا رهيا آهن ، ۽ اها يقينن هڪ سٺي ۽ مثبت ڳالھ آهي ۔
    اهڙن مثبت پهلوئن تي روشني وجهڻ ۽ پنهنجو آئيندو متعين ڪرڻ جي جستجو سان ئي اسين اڳتي قدم کڻي ڪاميابي ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکي سگهون ٿا ۔ ادا سليمان اوهان جا لک لائق۔ اميد آهي ته اهڙيون ونڊون وقت سر ڪندا رهندا ، مهرباني
     
  16. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: فيض محل خيرپور

    واه واه بهترين شيئرنگ۔،۔،۔، ضرور وٍڃڻو پوندو خيرپور
     
  17. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: فيض محل خيرپور

    تمام سٺو آهي فيض محل
    مهرباني ويڊو  تصويرون ونڊ ڪرڻ جون
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غلام مصطفيٰ سولنگي
    وقت جو وهڪرو پنهنجي رفتار سان وهندو رهي ٿو. وجود کان عدم جو سفر جاري آهي ۽ زندگي موت جي اونهائين ۾ لهندي ٿي رهي. وقت جي بي رحم ڀڀڙ ۾ زندگيءَ جون وڏيون وڏيون حقيقتون خاڪ جو ڍير ٿي وڃن ٿيون. پنهنجي وقت جا بادشاهه به زندگيءَ جا چار ڏهاڙا گذاري وڃي مٽيءَ ۾ آرامي ٿين ٿا. پر پٿرن ۽ مٽيءَ مان ٺهيل آهي محلات، قلعا ۽ عظيم الشان عمارتون ڌرتيءَ جي سيني تي باقي رهجي ٿيون وڃن، جتي گذريل وقتن ۾ بادشاهن جي شان، ڀڀڪي ۽ جاهه و جلال واسو ڪيو هيو. اهي جهروڪا ۽ بالوڪونيون وڃي سلامت رهن ٿيون، جتي شهنشاهن جو رعب ۽ عظمت ساهه کڻندي هئي. انهن مورچن جا نشان باقي رهجي ٿا وڃن، جتي وقت جي بادشاهه جا سپاهي سندس تحفظ لاءِ هر وقت چؤڪس ويٺا هوندا هئا. ڪڏهن ته هوائون به انهن جي اکين جي اشارن سان هلنديون ۽ بيهنديون هيون.

    پر پوءِ جڏهن وقت جو تيز ڇوهو گهلڻ لڳندو آهي ته ناليوارن جا نانءَ نشان به مٽجي ويندا آهن. زمين وڏا وڏا آسمان هڙپ ڪري ويندي آهي. بس! رڳو سرن ۽ پٿرن واريون عمارتون اسان کي اها حقيقت ٻڌائن لاءِ باقي رهنديون آهي ته ” رهي نانءُ الله جو.“

    فيض محل به گذريل وقت جي هڪ اهڙي داستان جو نالو آهي، جنهن جي ٺاهوڪائپ ۽ جنهن جو حسن ۽ جمال خيرپور جي ميرن جي شاندان ماضيءَ جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌائي ٿو. خيرپور شهر جي اولهائين اترين حصي ۾ واقع فيض محل خيرپور جي ٽالپر حمڪرانن جي هڪ عظيم يادگار آهي، جنهن جو مثال اسان جي پوري سنڌ ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي سگهي. فيض محل وهي ويل وقت ۽ پنهنجي ماضيءَ جي اڏامندڙ در کي وڏي شان بي نيازيءَ سان ڏسي رهيو آهي. کيس حال مان به ڪا شڪايت ڪونهي ۽ هو ايندڙ وقت مان به گهڻو پر اميد آهي.

    فيض محل جنهن جو سنواريل سجايل اوچاڪونگرا، محراب غلام گردشون ۽ جهروڪا اڏاوت جي فن جو اهو لازوال عڪس آهي، جيڪو ڪنهن عجوبي کان گهٽ ناهي ۽ جنهن کي زماني جي گردش ڌنڌ لو ڪرڻ ۾ صفا ناڪام وئي آهي.

    هي محل خيرپور شهر جي سڃاڻپ ۽ اها تاريخ آهي، جيڪا سنڌ جا ايندڙ نسل پڙهندا رهندا، هن محل جي هڪ هڪ سِرَ خيرپور جي ميرن جي ثقافتي، سياسي، مذهبي ۽ سماجي سرگرمين جي عيني گواهه آهي.

    چوندا آهن ته علميت، قابليت ۽ صلاحيت، اهي شيون آهن، جن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪري وڏيون ڪاميابيون ماڻي سگهجن ٿيون. مير فيض محمد خان ٽالپر پهريون به خيرپور جو اهو حڪمران هيو، جنهن پنهنجي صلاحيت کي ڪتب آڻيندي ههڙو حسين ۽ رنگين محل اڏائي ورتو.

    هڪ بادشاهه، سياستدان، جنگ جو، سپاهي، شهه سوار ۽ باغبان مير فيض محمد خان ٽالپر اها شخصيت هئي، جنهن کي لطيف فنن سان بيحد لڳاءُ هيو. سندس ان شوق جو هڪ لازوال عڪس هي خوبصورت ۽ شاهڪار محل آهي، جيڪو پنهنجي موهيندڙ حسن جي ڪري خيرپور جي ميرن جي تاريخي ورثي جو هڪ نادر نمونو آهي.

    مير فيض محمد خان 1894ع کان 1909ع تائين خيرپور رياست جو حڪمران هيو، جنهن پنهنجي پندرهن ساله دور ۾ هي محل ٺهرايو هيو. ان مناسبت سان هن محل جو نالو به ” فيض محل“ رکيو ويو. فيض محل کي ”لکي محل“ به سڏيو ويندو آهي، ان ڪري جو هڪ روايت موجب ان وقت هن تي هڪ لک روپيا خرچ آيو هيو. هن جو ٽيون نالو ” تاج محل“ به آهي. پر هن سهڻي محل کي سڀ ماڻهو ” فيض محل“ ئي ڪوٺين.

    اسان هن محل کي ” خوابن جو محل“ به چئي سگهون ٿا، ان ڪري جو هي محل ڪنهن عجوبي کان هرگز گهٽ ناهي. ايڏي بلند ۽ ٺاهوڪي عمارت ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو ۽ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان دور ۾ ههڙي خوبصورت عمارت ڪيئن ٺهي هوندي.

    فيض محل ٻه ماڙ عمارت آهي، جيڪا انگڙ ونگڙ پڪين سرن مان ٺاهي وئي آهي ۽ جڏهن ته ان جي مهاڙي يا اڳيون حصو هندستان جي شهر جي پور مان آندل واريءَ واري پٿر سان سجايو ويو آهي. ان پٿر جي ڪري محل جي سجاوٽ ۾ ايڏو عرصو گذرڻ جي باوجود به ڪو فرق يا تبديلي نه آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو چڱيءَ طرح ڏسڻ جي باوجود هن محل جي ديوارن مان ڪٿان به ڪا ڏار يا ڦوٽ نظر نه ٿي اچي.

    جي پور، هندستان جو هڪ خوبصورت ۽ تاريخي شهر آهي. هن شهر جا تاريخي قلعا ۽ محل ڏسڻ وٽان آهن. فيض محل جي اڏاوت جو نمونو به جي پور جي محلاتن کان ورتل آهي ۽ انهن سان ئي گهڻي حد تائين مشابهت رکي ٿو. جي پور ۾ موجود محلات به ڳاڙهي رنگ جا آهن ۽ هي محل پڻ ڳاڙهي رنگ جو آهي. هونئن به خيرپور شهر ۾ مير صاحبان، خاص ڪري مير فيض محمد خان اول جي دور ۾ ٺهيل عمارتون ڳاڙهي رنگ جون آهن. خيرپور شهر ۾ موجود ڳاڙهو بنگلو، باليءَ جو بنگلو، ضلعي عدالت جون آفيسون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٺاهوڪيون عمارتون جي پوري ۽ سڌي اڏاوت جي فن جو هڪ سهڻو سنگم آهن. جيتوڻيڪ ٽالپرن جي دور ۾ عمارتن جي ديوارن تي نقش نگار ۽ گل ٻوٽا ڪڍڻ جو رواج عام هيو، پر فيض محل جي ٻاهرين ۽ اندرين ديوارن تي جيڪي جيوميٽريڪل لائينون ڪڍيون ويون آهن ۽ ڪلر ميچنگ جو جيڪي ڪم ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪيو ويو آهي تنهن جي نظرجڻ لاءِ لفظ ئي ڪونهن.

    فيض محل جو وچون مکيه هال سرڪاري تقريبن ۽ درٻار لاءِ استعمال ڪيو ويندو هيو. روشندانن سان سجايل هي خوبصورت هال ان دور جي فرنيچر، جهولن ۽ ٻين ناياب شين سان ڀريو پيو آهي. درين ۽ دروازن سميت جيڪي به شيون آهن، سي سڀ ديال، ساڳ، پرتل، چلغوزي ۽ چيل مان ٺهيل آهن. پختي ۽ خشڪ ڪاٺ مان ٺهيل اهي شيون ورهيه وهامڻ جي باوجود به لڳي ٿو ته ڄڻ هاڻي ئي ٺهيون آهن.

    ديوارن تي لڳل تصويرون مير صاحبان جون آهن. خيرپور رياست جي والي ۽ خيرپور رياست جي پهرين حڪمران مير سهراب خان ٽالپر کان ويندي موجوده هزهائينس مير علي مراد خان ٽالپر جون تصويرون خيرپور رياست جي شاندار تاريخ جون اهڃاڻ آهن.

    هن هال ۾ مير صاحبان پاران شڪار ڪيل شينهن جون منڍيون خيرپور رياست جا سڪا، ٽڪليون، ناياب تصويرون، پاڪستان سرڪار سان ڪيل معاهدن جا ڪاڳر پٽ، نقشا ۽ موم جا ٺهيل خوبصورت مجسما هن هال کي نهايت تاريخي ۽ وڻندڙ بنائي ڇڏين ٿا.

    هن هال جي ٻنهي پاسن کان ڪيترائي خواب گاهه يا بيڊروم موجود آهن، جيڪي نهايت خوبصورتيءَ ۽ سيلقي سان سجايا ويا آهن ۽ جن ۾ ڪافي ناياب شيون ۽ فرنيچر پڻ رکيو ويو آهي. هي اهي ئي ڪمرا آهن، جن ۾ سنڌ جي تاريخ تي اڻ مٽ نقش ڇڏيندڙ خيرپور جا حڪمران رهائش رکي چڪا آهن.

    ان هال جي پٺين پاسي کان سهڻي فرنيچر سان سجايل ۽ ڪشادو ڊائننگ هال پڻ موجود آهي. ان هال جي ٻن پاسن کان رکيل اکروٽ جي ڪاٺ مان ٺهيل ٻه ڊريسنگ ٽيبلون جڙاوٽ جي لحاظ کان بي مثال آهن.

    ” فيض محل“ ۾ مير علي نواز ناز به گهڻو وقت گذاريو. پاڻ 1921ع کان 1935ع تائين يعني چوڏهن سال خيرپور رياست جو حڪمران رهيو. علمي، ادبي، تعليمي ۽ سماجي ڪمن جي حوالي سان سندس دور ڏاڍو مثالي رهيو. پاڻ اهل دل ۽ صاحب طرز شاعر هيو. سندس شاعري، سنڌي شاعريءَ جي باب ۾ اهم جاءِ والاري ٿي.

    جيتوڻيڪ هن وقت فيض محل ۾ شاهي خاندان جو ڪو به فرد رهائش ڪو نه ٿو رکي، پر محرم جي آخري ٽن ڏهاڙن ۾ مير علي مراد ٽالپر ٻيو ۽ سندس فرزند پرنس مير مهدي رضا ٽالپر هتي اچي رهندا آهن.

    هن شاندار محل جي اڳيان مغل طرز جو هڪ باغ پڻ رکيو ويو آهي، جيڪو ويهارو کن ايڪڙن تي مشتمل آهي، هن باغ ۾ املتاس، ٽارين ۽ کجين جا وڻ هن محل جي ماحول کي اڃان به گهڻو خوشگوار بنائين ٿا، ڪنهن دور ۾ شاهي محفلن جو انعقاد به هن باغ ۾ ٿيندو هيو.

    خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جي روشن ماضيءَ جو هڪ روشن عڪس فيض محل واقعي هڪ عجيب و غريب عمارت آهي. هن محل ۾ الائي جي اهڙي، ڪهڙي ڪشش آهي جو خيرپور گهمندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي ۽ هر ماڻهو هن محل کي ڏسڻ کان سواءِ پنهنجو خيرپور جو ٽوئر اڻ پورو سمجهندو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. sanaullah solangi

    sanaullah solangi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Los Angeles, California
    ادا سليمان مهرباني .
     
  20. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    ادا جڏهن هي عاجز خيرپور جي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو ته ان وقت جو ديدار ڪري اکين کي ٺاريم۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو