قاضي فيض محمد هڪ آدرشي انسانواحد پارس هيسباڻي اياز ڏات کي نه پر سچ کي وڏي شيءِ چيو آهي ۽ اهو سچ جيڪو مچ مچائي، ان مچ کي وڏي شيءِ چيو آهي. قاضي فيض محمد ڏات ڌڻي به آهي، هن سچ لکيو به، سچ ڳالهايو به ۽ سندس ان سچ مچ به مچايو. هي سنڌ جي انهن تمام ٿورن اديبن، سياستدانن ۽ سماج سيوڪن مان هڪ آهي، جن پنهنجي پوري ڄمار هڪ آدرشي طور گذاري ڇڏي، جيڪي ’ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان‘ جي اصول تي ڪاربند رهيا. قاضي فيض محمد وٽ پُر آسائش زندگي گذارڻ لاءِ ڇا نه هيو، جيڪڏهن هو چاهي ها ته آرام سان پنهنجي حياتي گذاري پئي سگهيو، پر هن پنهنجي لاءِ اهو رستو چونڊيو، جنهن کي عام طور تي ڪنڊن وارو رستو چيو ويندو آهي، هن ٿڌي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ بجاءِ ڌر تتيءَ جو پنهنجي ديس جي ماڻهن جي حقن لاءِ روڊن رستن ۽ جهرجهنگ ۾ هلڻ پسند ڪيو. هو سٺو وڪيل هو، پر هن پنهنجي ساٿي وڪيلن جيان اها وڪالت دولت، مال ملڪيت گڏ ڪرڻ لاءِ نه ڪئي، پر ان کي پنهنجي ماڻهن جي خدمت جو ذريعو بڻايو. وڪالت مان کيس جيڪي ٻه چار ڏوڪڙ حاصل ٿيندا هئا، اهي گهر جي دال ماني، ڪتابن، پمفليٽ ڇپائڻ، جلسا، جلوس ڪرائڻ تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو. سندس زندگي ڪل موڙيءَ جو اندازو آخري وقت ۾ لکيل سندس هن جملي مان لڳائي سگهجي ٿو: ’مان هن وقت بلڪل فقير ٿي چڪو آهيان يعني جيڪي سموري عمر وڪالت جي ڌنڌي مان لکين روپين جي انداز ۾ ڪمايم سي سڀ وطن ۽ ان جي ماڻهن جي بهتري لاءِ سياست ۾ اچي خرچ ڪري ڇڏيم، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ سچي سياست جي ميدان ۾ پنهنجي جان، مال سڀ ڪجهه قربان ڪرڻو ٿو پوي. زماني جي حڪومتن گهر زمينون به سياسي عداوت ڪري کسجي وڃن ٿيون. هن وقت مون وٽ 1500 رپيا ۽ ڪپڙا اٿم.‘ قاضي فيض محمد جيڪو به ڪم ڪيو، اُهو خاموشي سان ڪيو ۽ خود ثنائي کان مٿانهون رهيو. سندس چوڻ هو ته: ’ماڻهو چوندا آهن ته پنهنجي نالي کي قائم ڪجي ۽ ڪجهه ڪري وڃجي، پر پاڻ اهڙي منزل تي پهتا آهيون، جو مان سمجهان ٿو ته اهڙو خيال به وڏي نفس پرستي آهي‘. ساڳئي نموني سندس اهو به چوڻ هو ته ’مان شخصيت پرستي کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان، عوامي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي، عوام کي موتي ۽ هيرو بڻائجي، شخصيت پنهنجي ليکي ڪابه شيءِ ناهي‘. قاضي فيض محمد پنهنجي ذات ۽ ڪردار ۾ گهڻ رخو نظر اچي ٿو. هُن جو جيڪو ڪم آهي، ان تي کيس جيتري به ڀيٽا ڏجي اُها گهٽ آهي. تازو رڪ سنڌي قاضي فيض محمد جي سوانح حيات تي مشتمل ڪتاب سامهون آندو آهي، جيڪو قاضي فيض محمد فائونڊيشن ڇپرايو آهي. هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي ننڍپڻ، تعليم، سياسي زندگي، ون يونٽ تحريڪ کان وٺي الاٽي تحريڪ ۾ ڪردار، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو مختصر پر جامع ذڪر ٿيل آهي. رڪ سنڌي پنهنجي ٻن اکرن ۾ قاضي فيض محمد کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته: ’قاضي فيض محمد سنڌ وطن جو سچو خادم، پورهيتن جو همدرد ۽ بهترين ساٿي هيو، پاڻ سڄي عمر سنڌي قوم جي بقا ۽ ان جي حقن جي بچاءَ جي جنگ ۾ شامل رهيا. جڏهن به، جتي به هتان جي پورهيت عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ٿي، پاڻ ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن سنڌ دوستي هتان جي هارين ۽ مزدورن سان محبت هر مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهين رهي. پاڻ نهايت جاکوڙي انسان هئا، زندگي جي آخري گهڙي تائين حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. سندن قول ۽ فعل سنڌ جي قومي تاريخ ۾ نهايت اهم جڳهه والاريندا. اهڙي قابل فخر ۽ عزت لائق انسان جي سوانح لکندي، مون ساڻن ڪيترو انصاف ڪيو آهي، ان جي شاهدي ڪي ڪتاب ڏيندو‘. 23 نومبر 1908ع تي هالاڻي ۾ جنم وٺندڙ قاضي فيض محمد 13 آڪٽوبر 1982ع تي پنهنجي آخري ساهه تائين سنڌ ۽ سنڌ جي هارين، نارين ۽ مسڪين ماروئڙن لاءِ سوچيندو رهيو. علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ کان وٺي سنڌ هاري ڪميٽي، مسلم ليگ، آل پاڪستان عوامي اتحاد، سنڌ عوامي محاذ سميت جنهن به تنظيم ۾ رهيو، اُتي سنڌ جي مفادن جي رکوالي ڪندو رهيو. سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانپوءِ قاضي فيض محمد اُهو ٻيو ماڻهو هو، جنهن سنڌي قوم، هتان جي پورهيت عوام جي خوشحالي لاءِ هلندڙ هر جدوجهد جو ساٿ ڏنو. هتي جنهن به پورهيتن جي مفادن تي ميري اک رکي، قاضي فيض محمد ان سان ٽڪر کاڌو، هن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. کيس خريد ڪرڻ ۽ جهڪائڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ٿيون، پر هي پنهنجي ڪاز سان ڪميٽيڊ رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ پوري قوم سندس نالو عزت ۽ احترام سان وٺي ٿي ۽ سندس ذڪر سنڌ دوست ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. قاضي فيض محمد جي سياسي زندگي کانپوءِ سندس ادبي زندگيءَ تي نظر وجهجي ٿي ته اُها به شاندار قسم جي نظر اچي ٿي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن جو ڪيس وڙهيو، سندس ٽئي ناول ’جنسار‘، ’ٻاويهه سؤ ٻاويهه ع‘ ۽ ’اڻ ڄاڻ‘ شاندار ناول آهن. ’جنسار‘ ناول جيڪو هن 1954ع ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ لکيو، ان ۾ ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو نقشو چٽيل آهي. ان کان سواءِ ان ۾ هن سنڌ ۾ جاگيردارن جي ظلم ۽ هندو مسلمانن وچ ۾ نفاق پيدا ڪرڻ وارين سازشن کي بي نقاب ڪيو آهي. ’ٻاويهه سؤ ٻاويهه ع‘ ۾ هن مستقبل جي دنيا جو نقشو چٽيو آهي ۽ سائنسي ترقي جي فائدن کي بيان ڪيو آهي. قاضي صاحب جو هي شاهڪار ناول آهي، جيڪو وري وري پڙهڻ تي دل چوي ٿي. ساڳئي نموني سندس ناول ’اڻ ڄاڻ‘ پڻ پڙهڻ وٽان آهي. ان کانسواءِ سندس ٻيا ڪتاب ’سورن سندي سيج، دردن سندو داستان، علامه آءِ آءِ قاضي، هاري ڪميٽي ۽ الاٽي تحريڪ‘ به پنهنجي دور جي تاريخ آهن. قاضي فيض محمد جي لکڻ جو انداز سڌو ۽ کرو هيو، هو ڪابه ڳالهه رومال ۾ لکائي پيش ڪرڻ وارن مان نه هو، ڀلي ڇا به ٿي پوي، پر سچ کي جيئن جو تيئن لکڻ سندس عادتن ۾ شامل هو. ڪتاب ’قاضي فيض محمد‘ ۾ قاضي صاحب جي زندگيءَ جي مختلف رخن کي کولي بيان ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي ماڻهو، سندس شخصيت ۽ ڪردار جي ڪن پاسن کان اڻواقف آهن، هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ انهن اڳيان اُهي سمورا پاسا کُلي سامهون اچن ٿا. رڪ سنڌي ايڏي وڏي شخصيت جي سوانح حيات لکي سچ زبردست ڪم ڪيو آهي. حقيقت اِها آهي ته پاڻ هنن ماڻهن جي محنتن، خدمتن جو قرض ته نٿا لاهي سگهون، پر ههڙي نموني کين خراج ضرور پيش ڪري سگهون ٿا. سنڌ ۾ اهڙيون ڪيتريون وڏيون شخصيتون آهن، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏا ڪم ڪيا، پر اهي اڪثريت جي اکين اڳيان نمايان ناهن. جيڪڏهن اسان اهڙي نموني پنهنجين انهن شخصيتن جي ذات ۽ ڪردار تي لکون ته اِهو وڏو ڪم هوندو. قاضي فيض محمد تي جيتوڻيڪ هينئر تائين گهڻو ڪجهه لکجي چُڪو آهي، پر هن جو ڪم ايترو ته وڏو آهي، جو گهڻو لکيو به ٿورو محسوس ٿئي ٿو. هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي شخصيت، ان جي سياسي جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن کي ڌار ڌار نموني بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ نه رڳو قاضي فيض محمد جي ذات ۽ ڪردار جي پروڙ پوي ٿي، پر سچ ته دل ۾ ان لاءِ عزت ۽ احترام جو جذبو اڃا وڌي وڃي ٿو. قاضي صاحب پنهنجي ڪجهه سالن جي ڄمار ۾ صدين جيترو ڪم ڪري ويو آهي. سندس ڪردار کي هي قوم ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن پنهنجي ماڻهن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، اُها تاريخ جي ورقن ۾ سدائين ياد رکي ويندي. پاڻ پنهنجي دور جي جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي سياست جو سخت مخالف رهيو. هُن ڪڏهن به وزارتن لاءِ سياست نه ڪئي، پر سندس سياست جو مقصد عوام جي خدمت هو، ان جو اندازو سندس هن جملي مان به ٿئي ٿو: ’سياست قومن جي نه پر سڄي انسانذات جي زندگي آهي، خبر ناهي ته ماڻهو سياست کي ڇا ٿا سمجهن، ڪن وري ان کي بازيگري تصور ڪيو آهي، مگر انهن سڀني روپن وارا ماڻهو جاهل آهن، جن سياست جو جنازو ڪڍي، انسانذات کي تباهي جي در تي اچي بيهاريو آهي. حقيقت ۾ سياست هڪ تمام اوچي سائنس آهي، جيڪا منطقي طور تي انسانذات جي ڀلائي لاءِ ڪم آڻڻي آهي. مگر افسوس جو هتي خاص ڪري مسلمانن جي ملڪن ۾ خودپرستي جي لاءِ سياست هڪ اوزار آهي، جنهن جي معرفت پنهنجن کي ته تباهه ڪري ڇڏيائون، پر هاڻي ته سڄي دنيا جي تباهي جو ڪارڻ هي سياسي سورما بڻجي رهيا آهن‘. ان دور ۾ جڏهن پاڻ وارا سياستدان انگريزن جا پير ڇُهي، تمغا، لقب ۽ مال ملڪيتون وٺندا هئا، تڏهن قاضي فيض محمد ان قطار ۾ بيٺل هوندو هو، جيڪي غلاميءَ کي ذلت سمجهندا هئا ۽ آزاديءَ ۾ ايمان رکندا هئا. مجموعي طور تي قاضي فيض محمد جي زندگي اسان لاءِ هڪ مثال آهي، هو سچو ۽ نيڪ نيت ماڻهو هو. اهڙا ماڻهو عوام جي دلين ۾ وسندا آهن ۽ انهن کي موت ڪڏهن به ماري ناهي سگهندو.
قاضي فيض محمد : سچو انسان ادريس جتوئي قاضي فيض محمد ۱۱ نومبر ۱۹۰۸ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر هالاڻي جي قاضي خاندان ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم هالاڻي ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ نوشهري مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول مان ڪئي. انجنيئرنگ جي تعليم ڇڏي علي ڳڙهه يونيورسٽي مان وڪالت پاس ڪيائين. جتي هن ننڍي کنڊ ۾ نامور شخصيتن جواهر لعل نهرو، مهاتما گانڌي، سباش چندر بوس، حسرت موهاني ۽ ٻين سان ڪچهريون ڪيون. هو ٻن مهينن جو هو ته سندس والد قاضي نبي بخش وفات ڪري ويو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هي يتيم ٻار ننڍي کنڊ جو تمام وڏو ڪردار ٿي اڀرندو. قاضي صاحب سياست جي شروعات خلافت تحريڪ کان ڪئي. ان کان پوءِ هن ڪانگريس، مسلم ليگ، خاڪسار تحريڪ جي پليٽ فارم تان انگريزن جي خلاف آزاديءَ جي جدوجهد ڪئي. ۱۹۴۸ع ۾ هو باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ سرگرم ٿيو ۽ ۱۹۵۱ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر چونڊيو. هن هاري ڪاميٽي جي ميدان تان الاٽي تحريڪ، اڌ بٽئي تحريڪ ۽ ڇيڙ بيگر خلاف طبقاتي جدوجهد ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو. هاري جدوجهد دوران ڪنڊياري جي وڏيري غلام نبي ڏهراج مينهن جي چوريءَ جو ڪيس قاضي فيض محمد تي داخل ڪرايو. جيڪو ڪورٽ ۾ ڪوڙو ثابت ٿيو. وڏيري وري قاضي صاحب جي گهر ۾ ڌاڙو هڻايو، جنهن ۾ سندس والده پڻ زخمي ٿي. اهي حالتون ڏسي، قاضي فيض محمد نواب شاهه شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. قاضي فيض محمد سٺ جي ڏهاڪي ۾ قومي جدوجهد ۽ مارشل لا خلاف اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. قاضي فيض محمد ون يونٽ خلاف جدوجهد، سنڌي لسٽن جي ڇپائي جي تحريڪ ۽ ٻي سنڌ جي حق ۾ ٿيندڙ هر جدوجهد ۾ شريڪ رهيو. ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن ايوب جي مارشل لا خلاف جدوجهد ڪئي تڏهن نواب شاهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي رهڻ لاءِ جڳهه قاضي فيض محمد ڏني ۽ امداد شاهه ۱۴۴ قلم لاڳو هوندي به ڀٽي صاحب جو جلسو ڪرايو. ڀٽي صاحب، قاضي فيض محمد کي پ پ جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو. ان تي قاضي صاحب چيو ته؛ مان شيخ مجيب کي ڇڏي نٿو سگهان. باقي مدد لاءِ کيس پنهنجا شاگرد قاضي محمد بخش ڌامراهه ۽ عبدالفتاح ميمڻ ڏنائين. جيڪي آخري دم تائين، ڀٽي صاحب سان وفادار رهيا. قاضي فيض محمد عوامي ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ڇاڪاڻ ته سندس چواڻي؛ مجيب الرحمان قومن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو. قاضي فيض محمد عوامي ليگ جو سينيئر نائب صدر بڻيو ۽ نواب شاهه-سڪرنڊ واري حلقي مان چونڊن ۾ پڻ بيٺو. پر کٽي نه سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت اچڻ کان پوءِ، قاضي فيض محمد سياسي جبر جي ڪري هندستان ويو. جتان پوءِ هو بنگال پهتو ۽ اتان لنڊن ۾ جلاوطني اختيار ڪيائين. جتان پاڪستان واپس موٽڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو هو. کيس ڪيترا ڀيرا قيد ڪيو ويو پر هن عظيم انسان هڪ گهڙي به پنهنجي مقصد کي نه ڇڏيو. هو ڪميٽيڊ انسان هو. هن وطن ۽ انسان جي آزادي لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو. قاضي صاحب کي سياست کان سواءِ مذهب، فلسفي، سائنس ۽ موسيقي سان تمام وڏي دلچسپي هئي. موسيقي سان لڳاءُ جي سلسلي ۾ قاضي فيض محمد جو ڪو به مٽ ثاني ڪونهي. استاد بڙي غلام علي خان کان قاضي صاحب موسيقي جي سکيا حاصل ڪئي. استاد منظور ۽ بڙي غلام علي خان، نواب شاهه ۾ قاضي فيض صاحب وٽ محفلون ڪندا هئا. تصوف ۽ سائنس جي ميلاپ مان جيڪا شخصيت تعمير ٿي سگهي ٿي، سا قاضي فيض محمد جي ٿي سگهي ٿي. قاضي صاحب جون سنڌي ادب لاءِ به اڻ مٽ خدمتون آهن. هن جا ٻه مشهور ناول ”جنسار“ ۽ ”ٻاويهه سؤ ٻاويهه“ آهن. ٻيا به شاعريءَ ۽ فلسفي جي موضوعن تي قاضي فيض محمد جا ڪتاب ڇپيل آهن. قاضي صاحب جي شخصيت تي علامه آءِ آءِ قاضي جي شخصيت جو گهرو اثر رهيو آهي. هو علامه مشرقيءَ کان به گهڻو متاثر هو. سائين جي ايم سيد سان به ڪافي ويجهڙائي هئس. بهرحال قاضي صاحب جهڙا انسان قومن ۾ ورلي جنم وٺندا آهن. هو سنڌ دوست، انسان دوست ۽ سنڌي مزاج وارو صوفي انسان هو. هن ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ من ۾ مير نه رکيو. هو دل جو صاف، اڇو اجرو ۽ درويش صفت، ايماندار ۽ ڪميٽيڊ انسان هو. خبر ناهي ته سنڌ کي ڪهڙي نظر لڳي آهي جو اهڙن صاحب ڪردارن سياستدانن ۽ انسانن کان ڏينهون ڏينهن محروم ٿي رهي آهي.
ننڍي کنڊ جي تاريخ جا چرخا ۽ قاضي فيض محمد حسن مجتبيٰ هي ڄڻ هلندڙ ڦرندڙ آرٽ گئلريون آهن، جيڪي پاڪستان جي هاءِ ويز تي ڊوڙنديون رهن ٿيون ۽ جيترو مشهور گهوٽڪي جو پينٽر ”ڪفيل ڀائي ليفٽ آرم بائولر“ آهي. شايد ئي ڪو هن کانپوءِ حڪيم ايم ايڇ سومري سنڌي هجي يا وري (جيڪڏهن هن ماڻهن هري پور ۽ ايبٽ آباد هزاري وارن علائقن ۾ روڊ جو سفر ڪيو هوندو تن لاءِ) سيد قاسم شاهه.سرحد (يا پختون خواهه؟) صوبي جي اڳوڻي وڏي وزير جي ڀاءُ پنهنجي مشهوري لاءِ سندو نالو هزاري جي پهاڙي تي لکرايو ”فخر هزاره“ يا “ ميرا سهڻا شهر هزاري دا“ جهڙا جملا گهڻن ئي هيوي ڊيوٽي گاڏين پٺيان لکيل هوندا آهن. پر هي جيڪي رنگين آرٽ وارا پورٽريٽ ٺهيل آهن، مان ٽرڪن جي هڪ وڏي ڪانواءِ کي تڪيندو وڃان ٿو، صدر ايوب، مسرت شاهين،جلال چانڊيو، اختر مينگل، حميد بلوچ، ولي خان، مرتضيٰ ڀٽو اهو ته سڀ ٺيڪ پر انهن ۾ هڪڙي نئين پورٽريٽ جو واڌارو لڳي ٿو. اهو آهي ”انڪل قدير“ ”انڪل قدير“ لکيل هو پورٽريٽ سائسندان ڊاڪٽر جو آهي. ”اڃا ڪيترا ميل ڪيترا روڊ ماڻهوءَ کي انسان بڻجڻ تائين سفر ڪرڻو پوندو؟ ٻڌاءِ منهنجا دوست! ان سوال جو جواب هوائن ۾ گهليل آهي. ”هڪڙو انگريزي لوڪ گيت ڪارڊيڪ تي هلائيندي منهنجو دوست ٽرئڪ استاد بڙي غلام علي خان جي ڳايل سنڌي ڪافي ئي کڻي اچي ٿو ”دم دم يا پون مٺڙي، مارن سنديون ڳالهڙيون“ استاد بڙي غلام علي خان جي ان سنڌي ڪافي ڳائڻ جي پٺيان اصل روح قاضي فيض محمد جو هو.استاد بڙدي غلام علي خان جيڪو جڏهن گذاريو ويو چون ٿا، هن جي جنازي ۾ جواهر لال نهرو پيرين اُگهاڙي اچي شريڪ ٿيو هو. آرٽ کي ڄڻ ته مذهب ڪري ڀائيندڙ ماڻهو ۽ هي ننڍو کنڊ، جيڪو ڄڻ ته هاڻ اڌ رنگ ۾ ورتل هجي. ”قاضي فيض محمد جي راڳ سان عشق وارو لڳاءُ هن ماڻهوءَ جي مهذب هجڻ جو ثبوت آهي“ اسان جي هڪڙي دوست، اهو تبصرو قاضي فيض محمد جي 1981ع واري سنڌي ساهت واري سنڌ مدرسي واري ڪانفرنس واري شاعريءَ جي نشست ۾ ڳائڻ ۽ راڳ جي حالت تي ڳالهائڻ واري ڳالهه تي ڪيو هو. انهيءَ اسان جي دوست جي ٿر ۾ ڍاٽي سلوڪ مشهور آهي ”راڳين نر موهيا، راڳين پسون ريجھنت، جو نر راڳين نه موهيا، سر گرڀين ڪيون نه گرنٿ“ (راڳ تي ماڻهو ته ڇا پر جانور به موهجي وڃن ٿا، جيڪو ماڻهو راڳ تي نه ٿو ريجھي سو ماءُ جي گرڀ مان ئي ڇو نه ڪري پيو“) اها ويهين صديءَ جي شروعاتي چوٿائي واري سنڌ جو وچولو هو. جڏهن فقير، ناچو، نٽ، ساڌو، سنت ڀڳت ۽ مولو دي، مسجدن، مندرن، ميلن ۽ ملاکڙن ۾ ڪٿ ”رام“ ته ڪي ”رحيم“ کي ريجھائڻ لاءِنڪتل هوندا هئا.پٽيالا گهرائڻ جا گائڪ ۽ پنڊٽ بڙي غلام علي خان ۽ بيبي خان جي آوازن جي سحر ۾ ڦاٿل سنڌ ۽ ”جادو لائي ويا جيءَ ۾“ وارا وڄندڙ ريڪارڊ شايد انهن گرامو فون ريڪارڊن کان به گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي.جڏهن هڪڙو هٿ ڪن تي ڏيئي اهو آئين اسٽالن وارين مڇن (يا هن جي مڇن جهڙن مڇن وارو آئن اسٽالن) ڪنور ڀگت ”ڪيئن پرچايان توکي ڪيئن ريجھايان ڏس ڪو ڏانءُ“ ڳائيندو ٺٽي نگر ۽ بڊاڻي (ڪشمور) تائين، ڀڳتون مچائيندو پنندو هو. ڪنور ڀڳت جيڪو سنڌ جي هيانءَ ۾ يا ڪوئل جي ڪوڪ يا پوءِ بندوق جي گوليءَ وانگر پيهي ويل آهي ۽ اهو ڪنور ڀڳت، جڏهن هالاڻي شهر جي مندر ٻاهران ڳائڻ اچي ٿو ته قاضين جي هڪڙي سنهڙي سيپڪڙي سهڻي ڇوڪري قاضي فيض محمد جي من ۾ به اهو آواز هڪڙي چور وانگر کاٽ هڻي وڃي ٿو. نوشهري واري مشهور مدرسي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ اهو ننڍڙو ٻار جڏهن ميرن وارن رياست خيرپور جي راڄڌانيءَ واري شهر مولودن جي مقابلي ۾ وڃي پهريون نمبر حاصل ڪري ٿو ته اتي اهي انعام ڏيندڙ هٿ ميرن جي تڏهوڪي رياست حڪومت جي قانون واري وزير يا شايد سيشن جج امداد علي امام علي قاضي (علامه) آءِ آءِ قاضيءَ جا آهن۽ تڏهن کان اهو ڇوڪرو پنهنجو هڪ نئون مرشد ۽ اصل ۾ روحاني پيءَ ڳولهي لهي ٿو. هالاڻي ۾ قاضين جي ڇوڪري جو، پاٽ جو قاضين مان علامه ۽ سندس جرمن جيون ساٿياڻي ايلسا سان رستو عمر ڀرلاءِ ”ڪو جو ٻول ٻروچ“ جو تائين ٿئي ٿو. پر مان جڏهن هتي يا توڻي جرمني ۾ (جتي اها ٺهي ٿي) واڪس ويگن صابڻ داڻي جهڙي گاڏي ڏسندو آهيان ته مون کي الائجي ڇو قاضي فيض محمد ياد ايندو آهي. سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي جي وچ واري ڪنهن سال مون کي قاضي فيض محمد وڪيل پنهنجي نيري رنگ واري واڪس ويگن ڪار ۾ سانگهڙ کان شهداد پور تائين فري رائيڊ ڏني هُئي. اها 1965ع واري جنگ جو شايد (جيڪڏهن وسري نه ٿو) پهريون ڏينهن هو ۽ آئون شايد عمر ۾ ايترو هوندس جيترو قاضي صاحب، تڏهن جو جڏهن هن هالاڻي ڪنور ڀڳت ڏٺو هوندو. اڄ جڏهن مان ٻيهر انهي قاضيءَ فيض ۽ ان جي راڪس ويگن ڊرائيور ڪرڻ کي ٻيهر ياد ڪيان ٿو ته مون کي اهو لقاءُ ”زين مت ۽ موٽرسائيڪلنگ جي آرٽ، واري ڳالهه ياد ڏياري ٿو. اڄوڪي ڏور اوڀر ايشيا ۾ گهڻن ماڻهن زين مت مان ”ميڊيٽيش“ کي موٽرسائيڪلنگ واري آرٽ سان گڏ ڇڏيو آهي. واقعي ائين هو يا هاڻ مون کي اهو لڳي ٿو، پر قاضي فيض محمد ڊرائيونگ ڪندي شايد ميڊيٽيشن تي پئي ڳالهايو. اڄ به جڏهن مان هن جي هڪڙي ”ٿوري ناخلف“ پٽ قاضي جاويد سان ڪڏهن ڪڏهن ڊگهي ڊرائيو تي سنڌ جي عجيب غريب پر رنگا رنگ لئنڊ اسڪيپس مان گذران ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ڊرائيونگ جي حوالي سان هن کي مان ”ميڊيٽيشن“ کان گهڻو پري ڏسان ٿو. ۽ جڏهن هو پهريون ڀيرو ڪارو ڪوٽ پهري ميگهواڙ الائجي ڪولهي ڏتڙيل ڏکويل نارين جي حق لاءِ لڙڻ لاءِ عدالت ۾ آيو ته اهو ان مهل سنڌ ۾ شايد انسان حقن جو پهريون ڪيس هو. اهڙي ريت هالاڻي جي هڪڙي شهري ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو سڌو واسطو ان وقت جي هاري هلچل سان ڳنڍجي وڃي ٿو. ان کان اڳ هو پنهنجي ڀاءُ قاضي سميت جڏهن علامه مشرقي جي خاڪسار ۽ حشرت موهاني جي مختصر ٿئي ٿو ته هن جو سٻنڌ سياسي ميڊيٽيشن سان جڙي چُڪو هيو. نواب شاهه جي ريلوي اسٽيشن قاضي فيض محمد ۽ سندس ڀاءُ قاضي غلام هادي سندن وٽ پهچندڙ مهمان مولانا حسرت موهاني جو استقبال ڪرڻ لاءِ ميڙ ۾ بيٺل آهن. ڪراچي ميل مان لهندڙ مسافرن مان (سندن ليکي) جڏهن ڪوبه نه لٿو ۽ ريل رواني ٿي به چڪي. تڏهن هو گهڻو پريشان ٿيا. ”شايد مولانا جن ڪونه پهتا“، هو هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته ايتري ۾ هڪڙو لاغر ڪروڙڍ، پاڻ سان بسترو ٻڌل ۽ لوٽو کنيل سندن ويجھو اچي ٿيو ”جيڪڏهن اوهين ڪنهن شخص نالي مسافر موهاني جو انتظار پيا ڪريو ته ڀائي اهو هي بندو آهي. ”ننڍي کنڊ ۾ آزادي جي هلچل جي هڪ امام حسرت موهاني هنن قاضي ڀائرن کي ٻڌايو ته ننڍي کنڊ ۾ گانڌيءَ جي چرخي ڦرڻ کان وڌيڪ تاريخ جا کنڌا کڄن ٿا، ڦرڪو ڦري ٿو ۽ ”آ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سان تن ماروئڙن جي، ماروئڙن جي سانگيئڙن جي“ وارا آلاپ ڏيهه نيڪال ٿي وڃن ٿا. ايستائين جو نام نهاد شيڊول ڪاسٽن لاءِ تڏهن اوتار بڻيل ڊپٽي ڪمشنر، هاري رپورٽ جو خالق ۽ گهڻو پوءِ پنجاب ديش ڀڳت، مسعود کدر پوش (قاضي فيض محمد جو نواب شاهه ۾ ويجھو دوست) پڻ اهڙي باهه جي درياهه واري وهڪري ۾ وهي وڃي نڪري ٿو، پر گوبند مالهي جي ناول ”شرم ٻوٽي“ وارو اصل ڪردار قاضي فيض محمد پنهنجي اهڙي ”سنڌو اديت“ تي قائم تي قائم رهي ٿي . قاضي فيض محمد اصل ۾ سنڌ ۾ لتاڙيلن جي حقن جو جھنڊو کڻندڙ سان گڏ هڪ صوفي مشن ماڻهو به هو. پر ”هاري حقدار“ جي نالي ۾ الائي تحريڪ هجي يا مقامي وڏيرن ۽ ”يزيدي پيرن“ سان عوام جي حقن لاءِ مهاڏا، قاضي فيض محمد ۽ سندس خاندان گهڻو ڪجهه سٺو. محبت ديري ۾ چورن جون نانيون سمجھيا ويندڙ ”کٽل رئيسن“ جا قاضين جي گهرن تي راتاها خانگي جيلون رکندڙ هاڻوڪن وڏيرن کان به گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ايوب کهڙي جهڙي ”مرد آهن“ سڏائيندڙ سنڌ جي حڪمران سان ٽڪر کائيندڙ سندس ڪامريڊ (۽ پوءِ مائٽن ”اوٻاوڙي جي علائو الدين سمي(مردم ناشناس سنڌ جي هڪڙي اهڙي ٻئي اڏول ۽ امر ڪردار علائو الدين سمي جو ذڪر وري ڪڏهن ڪنهن الڳ ڪالم ۾ ڪبو) ۽ صحيح معنيٰ جي ”باباءِ شهر“ سيد رشيد احمد سان گڏجي قاضي فيض محمد سنڌ ۾ سمورين لڄائين ۽ رهزني کي للڪارڻ نڪتو هو پر اهو رڳو قاضي فيض محمد جي گهڻ پاسائين شخصيت جو هڪڙو رخ هو. علامه مشرقي جي خاڪسارن ۾ هن جو هڪڙو ساٿي غلام رسول خان جتوئي پڻ هو. اهو رسول خان جتوئي، سنڌ ۾ تمام ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته محمد ابراهيم جويي جي ”معرڪته آله آرا“ پمفليٽ“ سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ“ جي ڇپائي جي مالي سهائتا ڪندڙ پڻ هو. بقول ان پمفليٽ جي ليکڪ ۽ سنڌ مدرستي جي تڏهوڪي استاد محمد ابراهيم جويي جي اهي پنج سئو رپيا غلام رسول خان جتوئي پنهنجي پٽ غلام مصطفيٰ جتوئي جي کيس ٽيوشن في پنجن مهينن جي ايڊوانس طور ڏيندي ڪئي هئي. بهرحال انهي پمفليٽ لکڻ ۽ ڇاپڻ جي ”ڏوهه“ ۾ پير الاهي بخش، تڏهوڪي سنڌ مدرسي جي بورڊ آف گورنرس جي چيئرمين، ابراهيم جويي جي سنڌ مدرسي مان نوڪري ختم ڪئي. پر ساڳئي خاڪسر غلام رسول جتوئي جو خاندان پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ملڪ جو سڀ کان وڏو جاگيردار خاندان ڪيئن ٿو بڻي؟ اها هڪ انتهائي دلچسپ پر الڳ ڪهاڻي آهي. ان ساڳئي نوابشاهه شهر ۾ جتوئين ۽ شاهن سميت ڪيترا وڏيرا ۽ وڏا وڏا خان ان وقت لڪي وڃن ٿا، جڏهن ايوب خان جهڙي ڊڪٽيٽر کي تڏهن چئلينج ڪندڙ پر سندس عتاب هيٺ آيل ذوالفقار علي ڀٽو اتي دوري تي اچي ٿو، تڏهن هن جو ميزبان قاضي فيض محمد بڻجي ٿو. امداد محمد شاهه ۽ قاضي محمد بخش ڌامراهه ۽ سيد رشيد احمد شاهه جهڙا ماڻهو پڻ سندس ساٿ ۾ آهن. ميزبان پنهنجي اهڙي وڏي مهمان جي خاطر تواضع لاءِ ”وئٽ سڪس نائين“ پڻ گهرائي رکي هئي.پر هو چوي ٿو:”هي قاضي صاحب جو گهر آهي، اتي پيئڻ سٺو نه ٿو لڳي“ پر جلد ئي قاضي فيض محمد شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ جوائن ڪري ٿو. ”ڇاڪاڻ ته هن (قاضي فيض محمد) ون يونٽ ٽوڙائڻ جي توانائي رڳو عوامي ليگ ۾ ئي ڏٺي. قاضي فيض محمد جي ڪٽنب مان ڪنهن جو چوڻ هو. شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ شايد سيد امداد محمد شاهه جي پڻ پهرين ۽ آخري پارٽي هئي. قاضي فيض محمد تڏهوڪي اولهه پاڪستان مان ماسٽر خان گل کانپوءِ ٻيو ماڻهو هو. جيڪو هن جي پارٽي جو نائب صدر بڻيو ۽ ان کان به گهڻو شيخ مجيب الرحمان سان هن جو اهو ساٿ محبت ڀري دوستي ۾ بدلجي ويو. ملڪ ۾ 1970ع وارين يحيٰ خان هيٺ عام چونڊن کانپوءِ جيڪو مينڊيٽ نه مڃڻ واري ڪلچر جي شروعات جي نتيجي ۾ تڏهوڪي اوڀر بنگال ۾ لکين انسان جو ڪوس ٿيو. انهي قاضي فيض محمد جهڙن فطرتن حساس انسانن کي ڌوڏي ڇڏيو. قاضي فيض محمد ان وقت به انهن آخرين ماڻهن مان هو، جڏهن مارچ 1971ع ۾ بنگال مٿان فوجي چڙهائي ٿيڻ واري هئي.هن کي غوث بخش بزنجو، زوري اتان ڪڍي واپس اولهه پاڪستان وٺي آيو هو. پر ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اقتدار هيٺ آيو ته هن قاضي فيض محمد ۽ سندس گهر واري پناهه خاتون کي احرام ٻڌل، عمري ادا ڪرڻ لاءِ جهاز ۾ سوار ٿيڻ مهل اختيارين هٿان ٻاهر وڃڻ کان روڪرائي ڇڏيو. قاضي فيض محمد جي گهر واري پناهه خاتون انهي ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ڀائيٽي هئي. جيڪو جي ايم سيد جو انگريزي جو استاد هو. ڀٽي سرڪار هٿان جهاز تان زوري لاهڻ جو اثر قاضي فيض محمد ايترو ته ورتو جو هن بنا ڪنهن سفر ۽ دستاويزات ٻين لفظن ۾ غير قانوني طور سرحد پار ڪري جلاوطني ۾ هليو ويو. هو ڪهڙي طرح وڃي بنگلاديش پهتو. جتي ڪجهه وقت لاءِ هو شيخ مجيب الرحمان جو سرڪاري مهمان ٿي رهڻ کانپوءِ اهو چئي لنڊن ۾ خود ساخته جلاوطني لاءِ ويو ته”مان ا ڳ ۾ ئي لٽيل ۽ تباهه ٿيل ملڪ (بنگلاديش) مٿان بار بڻجي نه ٿو رهڻ گهران”لنڊن ۾ نهايت ڪسمپرسي واري جلا وطني ۾ زندگي گذارڻ کانپوءِ هو وطن واپس پهتو ۽ هڪ ٻه مهينا هالاڻي ۾ رهڻ کانپوءِ اها خبر اختيارين کي پئي. جن کيس پهرين هل پارڪ ۽ پوءِ گهاري واري ريسٽ هائوس ۾ نظر بند ڪيو. ان کان به گهڻو اڳ هو شايد ٻه ڀيرا ڀٽي پاران شيخ مجيب وٽ ڳالهه ٻولهه لاءِ موڪليو ويو هو. هڪ ڀيرو تڏهن جڏهن ڀٽي اوڀر پاڪستان مان عوامي ليگ جي ڳري اڪثريت سان چونڊجڻ جي باوجود ”ادهر تم اِدر هم“ جو نعرو هڻندي هڪ ملڪ ۾ ٻه وزيراعظم ٿي گهريا. ”قاضي صاحب ڀٽي کي وڃي ٻڌايو ته فقط اولهه پاڪستان جي به ٻن صوبن مان چونڊيل آيل آهي ۽ سندس جاءِ فقط مخالف ڌر وارين بئنچن تي آهي“ ڪاش! ڀٽو اها ڳالهه مڃي ڇڏي ها ته هن ملڪ جي تاريخ ڪجهه اور ئي هجي ها ۽ شايد هڪڙي موقعي تي قاضي فيض محمد کي شيخ مجيب اهو به چيو هو: ”قاضي صاحب! ڀٽي ۽ منهنجي ملڪ جا جنرل هڪڙي ئي سکيا ورتل آهن. هو نه کيس ڇڏيندا ۽ نه ئي مون کي! ۽ اهو ساڳيو قاضي فيض محمد ضياءُ الحق هٿان ڀٽي جي گرفتاري توڻي ڦاسي تي احتجاجي تارون اسلام آباد ۽ پنڊي کي روانيون ڪري ٿو. پر شايد سياست سنڌ توڻي هن ملڪ ۾ قاضي فيض محمد جهڙن درويشن منش ۽ آرٽسٽڪ طبيعت رکندڙ ماڻهن لاءِ ”چانهه جو ڪوپ“ هو ئي ڪونه، ٻين لفظن ۾ سياست هنن جي ڏانءُ جي هئي ئي ڪونه. هن جو موت سنڌ ۾ هڪ وڏي صوفي جي موت هو يا هڪ سنڌي وادي جو موت هو. پر قاضي فيض محمد تي لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ماڻهو هن پوري هڪڙي ٽئٽر جي جنهن ٻئي اهم ڪردار کي نظرانداز ڪندا آهن. سا هئي قاضي فيض محمد فيض جي گهر واري پناهه خاتون، جيڪا قاضي جي سموري سياست ۽ افعالن سان ڪڏهن سهمت ته ڪونه رهي پر ان جي تيز تند مخالف پڻ رهي ۽ شايد قاضي فيض محمد جا سياسي مداح هن عظيم خاتون کي روايتي سنڌي مرداڻي سماجڪ رويي طور هڪ عورت جي حيثيت ۾ نظرانداز ڪري وڃن ٿا. اها پناهه خاتون ئي هئي. جنهن قاضي فيض محمد جي سمورين سياسي جنگجوئين ۽ آرٽسٽڪ آوارگين ۽ درويشانه سچن جي باوجود گهر ۾ ٻارن کي سنڀاليندي سموري توجهه سندن تعليم تي ڏني ۽ ٻارن ۾ به خاص نياڻين جي تعليم ۽ تربيت تي، جيڪي سنڌ جي ناميارين ورڪنگ وومين شمار ٿين ٿيون. منهنجي خيال ۾ اها ڪنٽريبيوشن قاضي فيض محمد واري سموري سياسي جدوجهد کان وڏي چئبي. آخري عمر ۾ قاضي فيض محمد هڪ ٻڌ بڻجي چڪو هو ۽ پناهه خاتون سان هن جو آخري جهيڙو ٻڪر ڪُهڻ تان ٿيو هو.
قاضي فيض محمد کي مون ڪيئن ڏٺو سوڀو گيانچنداڻي ْقاضي فيض محمد سان منهنجي گهرائي 1953ع کانپوءِ ئي ٿي. جيتوڻيڪ جيتري قدر ياد ٿو پويم ته واقفيت شايد 1945ع ۾ ٿي. جڏهن مان شاگرد يونين کي منظم ڪرڻ لاءِ نوابشاھ ويو هوس ۽ پوءِ ڊاڪٽر هاسارام، ايڇ ايم خواجا جي گهر ۾ هڪ Study Circle هلائي. جتي قاضي صاحب به موجود هو. 1952ع ۾ جڏهن مان سپريم ڪورٽ جي فيصلي هيٺ آزاد ٿيس ته مون کي سي آءِ ڊي جي سربراھ اڪبر مرزا چتاءُ ڏنو ته ڪراچي ۾ نه رھ نه ته توکي وري گرفتار ڪنداسين، باقي سنڌ ۾ جيڪڏهن تون هارين ۾ ڪم ڪندين ته اسان کي ڪو اعتراض ڪو نه ٿيندو، پوءِ مان سنڌ ۾ اچي هاري ڪميٽيءَ ۽ ڪميونسٽ تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. تاج محمد ابڙو وڪيل ان وقت لاڙڪاڻي ۾ هارين ۾ سرگرم هو. سندس جاءِ هارين ڪميونسٽ ورڪرن لاءِ اڏو هئي. مان جيئن ئي ساڻس مليس ته چيائين ته هل ته سکر هلون جو هاري ڪميٽي ۾ تفرقو ٿي پيو آهي. جنهن ۾ حيدر بخش ۽ ٻيدا هڪ طرف ٿي ويا آهن قاضي فيض محمد ۽ شمس الدين شاھ، مولوي نظير حسين جتوئي ۽ ٻيا ٻئي طرف، مان شمس الدين سان گڏيس، جيڪو منهنجو 1941ع ۾ وڪالت لاءِ پهرين سال ۾ منهنجو هم ڪلاس هو ۽ هن قاضي فيض محمد گڏجي هاري پليٽ فارم ٺاهڻ لاءِ مڃتا ڏني. جلد ئي 1953ع جون صوبائي چونڊون به مٿان اچي ويون ۽ جي ايم سيد، هاري ڪميٽي ۽ قاضي صاحب وارا هاري پارٽي ۽ ڪيونسٽن گڏجي هڪ متحده محاذ ٺاهيو، جنهن طرفان 43 اميدوارن بيهاريا ويا، ۽ انهن اميدوارن ۾ قاضي فيض محمد به بيٺو ۽ مان وري اقليتن طرفان بيٺس، ان اليڪشن ۾ به قاضي صاحب منهنجي لاءِ نوابشاھ ۽ سانگهڙ ضلعي مان ڏاڍي جاکوڙ ڪئي. اليڪشن بعد اسان ڪميونسٽ گهڻي ڀاڱي هاري ڪميٽي ۽ متحده محاذ ۾ گڏجي ڪم ڪندا رهيا سين ۽ سنڌ جي پارٽي آرگنائيزر جي حيثيت ۾ منهنجو گهڻو اچڻ نوابشاھ ۾ ٻين ضلعن ۾ ٿيو جتي مان نوابشاھ جي قاضيءَ جي گهر ۽ سکر ۾ شمس الدين جي گهر ۾ رهندو هوس. قاضي صاحب جا ٻار منهجي لاءِ هر شيءَ گهر جي مٿين حصي ۾ پهچائيندا هئا وقتي ته اسٽيڊي سرڪل به سندس گهر مٿان ڪندو هوس. قاضي فيض محمد هڪ غير تعصب ۽ ايماندار ۽ انتهائي جذباتي شخص هو. هن پنهنجي شروعات شايد خاڪسار تحريڪ سان ڪئي هئي ۽ شمس الدين شاھ پڻ ان تحريڪ مان آيو هو. قاضي فيض محمد هڪ وفد وٺي بنگال به ويو هو. جڏهن اتي اڻ ورهايل هند ۾ ڏڪر پيو هو ۽ تقريبن 43 لک ماڻهو ڏڪر وگهي مري ويا هئا. 1956ع ۾ نيشنل پارٽي ٺهي ۽ پوءِ سال 1957ع جي شروعات نيشنل عوامي پارٽي ٺهي ته قاضي صاحب ان سان گڏ هو. قاضي صاحب پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري هارين جي تحريڪ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ پارٽي جي هڪ ڪل وقتي ڪارڪن جي خرچ جو ذميوار هو ۽ ڪيس ته ظاهر آهي. گهڻي ڀاڱي مفت ۾ ئي کڻندو هو. 1957ع جي شروعات ۾ مولانا ڀاشاني ۽ ميان افتخار الدين جي رهبريءَ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جو هڪ وڏو اجلاس نوابشاھ ۾ ٿيو. جنهن ۾ ايڇ ايم جعفري پنهنجون پوريون همدرديون اسان کي ڏنيون. اي اين پي جي بنيادي اجلاس لاءِ اسان سڀ ڍاڪا ويا هئاسين ۽ قاضي صاحب ۽ شمس الدين شاھ کي ڌڪ لڳا هئا. 1957ع جي جولاءِ آگسٽ مهيني ۾ اسان هڪ وڏو مظاهرو ڪراچي ۾ صدر اسڪندر مرزا جي بنگلي سامهون ڪرايو هو. جنهن ۾ تقريبن 16 يا 17 هزار الائٽي هاري شامل ٿيا هئا. جن جو نعرو اهو ته زمينون هارين کي الاٽ ڪيون وڃن. جيئن هو دلچسپي وٺي زمينون آباد ڪن. 1958ع ۾ بغاوت بعد ايوب خان ڪليمن ۾ سموريون زمينون مهاجرن کي ڏنيون. ون يونٽ تحريڪ خلاف پڻ قاضي فيض محمد سرگرم رهيو ۽ گرفتار به ڪيو ويو. قاضي صاحب سراپا اخلاص ۽ محبت ۽ سچ جو مجسمو هو ۽ ساري عمر انهيءَ ڪم لاءِ هڙان وڙان خرچ ڪيو ۽ سر جي سٽي ڏنائين. ساڻس پوئين ملاقات ڪراچي ۾ هاءِ ڪورٽ جي ورانڊي ۾ ٿي هئي ۽ ٻڌايائين ته سندس صحت ٺيڪ ڪا نه ٿي رهي ۽ ڪجهه وقت بعد گذاري ويو. قاضي صاحب جي دوستي بنا سياسي تعصب جي مولوي معاذ جيڪو وڏو حڪيم ۽ ديني عالم هو ۽ هارين نارين ۽ ڪميونسٽ ورڪرن سان هئي. مون کي نه رڳو هن پاڻ پر سندس گهر ڀارتين عزت ۽ محٻت ڏني ۽ اسان جي دوستي تمام گهري هئو. شايد ان ڪري به ته مان ڀڳوڙو نه ٿيس. بلڪه پنهنجون سموريون قوتون مان سنڌ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. اها ئي حالت قاضي صاحب جي به هئي. خدا کيس جنت ۾ جايون ڏئي. (ڪتاب:” سڄڻن لڌي سار“ تان ورتل)
قاضي فيض محمد سنڌ جي هڪ ٻهڳڻي شخصيت اسحاق سومرو قاضي فيض محمد مرحوم جي اڄ 33هين ورسي ملهائجي رهي آهي. هو سنڌ جو ايماندار سياستدان ۽ وڪيل ٿي گذريو آهي. اهڙن ڪردارن جي سنڌ کي اڄ شديد ضرورت آهي. قاضي فيض محمد 20 هين صدي جي پهرئين ڏهاڪي، 23نومبر 1908ع ۾ نوشهروفيروز ضلعي جي شهر هالاڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي زندگي ڀرپور خدمت ڪندي گذاري، سندس ڪيل سياسي، سماجي ۽ وڪالتي خدمتون پڙهي، ٻڌي ۽ ڏسڻ کان پوءِ اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ جنهن به پنهنجي زندگي ۾ محنت، ايمانداري ۽ سچائي کي پنهنجو اصول بڻايو آهي، اهي اڄ به سنڌ ۾ انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. قاضي فيض محمد ابتدائي تعليم هالاڻي مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ خيرپور ميرس، نوشهرو فيروز هاءِ اسڪول مان پڙهي، ڪراچيءَ مان بي ايس سي ۽ ايل ايل بي جي تعليم مڪمل ڪيائين. هن پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات 11 سالن جي عمر ۾ اسڪول ۾ ساڻس پڙهندڙ هندو شاگردن سان گڏ ڪئي. ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ سندس رهائشي علائقي ”ساهتي“ ۾ پيدا ٿيل سياسي بيداريءَ هن تي پڻ اثر ڪيو هو. هن 1928 ۾ جڏهن سائمن ڪميشن جا ميمبر ريل گاڏيءَ ۾ پڊعيدن جي ريلوي اسٽيشن تان لنگهيا ته هن پڻ ٻين شاگردن گڏ اسٽيشن تي وڃي “Go Simon Go” جا نعرا هنيا هئا. ان کان پوءِ هو خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو، 1942 ۾ جڏهن بنگال ۾ ڏڪار پيو ته هي اتي رضاڪار جي حيثيت سان ٻن مهينن لاءِ پڻ ويو هو. 1943 ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ 1948 ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ ٿيو. قاضي فيض محمد جي زندگيءَ جو احوال پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌ جي وچولي طبقي جي چند انهن سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن مان هو، جن پنهنجي زندگيءَ جي آخر تائين بااصول، باڪردار سياست ۽ وڪالت واري پيشي سان لاڳاپيل رهيو. قاضي فيض محمد شروعات کان وٺي هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندو رهيو. الاٽي هارين کان جڏهن پاڪستان سرڪار زمين کسي مهاجر دعويدارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته هن هارين سان گڏجي زبردست احتجاجي تحريڪ هلائي. هن ان لاءِ لنڊي اسٽيشن (سانگهڙ) گوليمار ڪراچي، سڪرنڊ ۽ محرابپور ۾ پڻ هاري ڪانفرنسون منعقد ڪرايون. هن سنڌ ۾ بٽئيءَ جي تحريڪ جي شروعات پڻ ڪرائي ۽ چيو ته ڪو به هاري لاپو ۽ ٻيا خرچ نه ڏئي ۽ صرف بٽئي وارو حصو زميندار کي ڏئي. اهڙين تحريڪن خاص طور تي سنڌ جي هارين ۾ سجاڳي پيدا ڪئي. هندستان جي ورهاڱي وقت هن سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏ پلاڻ جي مخالفت ڪئي ۽ ساهتيءَ جي علائقي ۾ جلسا ۽ جلوس ڪڍي هندن کي سنڌ نه ڇڏڻ جي لاءِ منٿون ڪيون. هن کي ڪيترائي دفعا جيل ۽ جلاوطني پڻ ڀوڳڻي پئي. قاضي فيض محمد پنج دفعا جيل پڻ ويو. هو سياستدان سان گڏ وڪيل، اديب، ناولسٽ، موسيقار، شاعر ۽ هڪ ترقي پسند انسان هو. جنهن ان دور ۾ پنهنجي اولاد ۽ خاص طور تي نياڻين کي اعلى تعليم جي زيور سان سينگاريو. قاضي فيض محمد جيتوڻيڪ هڪ انتهائي جذباتي شخص پڻ هو، پر ان سان گڏوگڏ سندس دوستيون ۽ واسطا بنا سياسي تعصب جي مولوي معاذ پيرزادي، جي ايم سيد، شيخ مجيب الرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان پڻ هئا. هو هارين جو همدرد ۽ ڪميونسٽ ورڪرن جو دوست ۽ بنا معاوضي جي هارين پورهيتن ۽ غريبن جا ڪيس وڙهندو هو. هن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا، جن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، هاري ڪميٽي الاٽي تحريڪ ۽ اڻڄاڻ، جنسار ۽ ٻاويهه سو ٻاويهه جهڙا ٽي ناول پڻ لکيا. ياد رهي ته سندس ناول ٻاويهه سو ٻاويهه اهڙو ناول آهي جيڪو کيس هڪ ”مستقبل بين“ “Futuristic Writer” جي صف ۾ بيهاري ٿو. ان ۾ هن اهو رقم ڪيو آهي ته دنيا 2222ع ۾ ڪيئن هوندي. قاضي فيض محمد جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به دوستاڻو واسطو رهيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ڀٽو نواب شاهه آيو ته سندس غريب آباد نواب شاهه واري گهر تي مهمان پڻ بڻيو، جتي رات جي ماني کاڌي ۽ نواب شاهه جي شهرين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن قاضي فيض محمد کي پ پ ۾ شموليت جي باقاعده دعوت ڏني. پر هن مجيب الرحمان سان گڏ هئڻ جي ڪري جواب ڏئي ڇڏيو. ان وقت پيپلز پارٽي پوري پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ تيزيءَ سان مقبول ٿي رهي هئي. پر قاضي فيض محمد جي اصول پسنديءَ کيس مجيب الرحمان جي عوامي ليگ کي نه ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اهو ئي سبب هو جو قاضي فيض محمد کي مجيب الرحمان عوامي ليگ جو سينئر نائب صدر چونڊيو. 1970ع جي اليڪشن ۾ قاضي فيض محمد عوامي ليگ جي طرفان سڪرنڊ واري تڪ تان قومي اسميبليءَ جي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتو. اهو هڪ دلچسپ واقعو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪوبه اميدوار اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) مان نه بيهاري سگهيو هو، شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ جي قاضي فيض محمد کي سنڌ مان پنهنجي پارٽيءَ جي طرفان اليڪشن ۾ بيهاريو ويو. 1970ع جي اليڪشن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ کي ڪاميابيءَ جي ضمانت ڪوٺيو پئي ويو. قاضي فيض محمد پنهنجي آتم ڪٿا ”منهنجو سفر“ ۾ لکي ٿو ته ”ان اليڪشن ۾ جي ايم سيد جي پٽ سيد امداد محمد شاهه ساڻس ملي چيو ته: جيڪڏهن پ پ وارا حاڪم علي زرداريءَ کي هٿ کڻائين ته سيد گروپ، شبير احمد شاهه کي هٿ کڻائي کيس بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ تي چونڊرايو ويندو“. ان کان پوءِ نواب شاهه ۾ غلام مصطفى جتوئي، حاڪم علي زرداري سندس ڀاءُ غلام هادي آيا، ان وقت سيد امداد محمد شاهه پڻ موجود هو. غلام مصطفى جتوئي چيو ته قاضي فيض محمد لاءِ عزت آهي ۽ حاڪم علي زرداري هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهي، شبير احمد شاهه کي هٿ کڻايو، ته پوءِ هو منهنجي مدد ڪندا. ٻئي ڏينهن تي قاضي فيض محمد، مولوي عزيزالله، غلام محمد لغاري، سومرو غلام حسين سڀ گڏجي جي ايم سيد وٽ حيدرآباد ۾ پهتا. کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي وئي. جي ايم سيد ان تي ناراض ٿيو، سندس ڀر ۾ جويو صاحب به ويٺو هو سو به ٿورو ڪاوڙجي پيو. جي ايم سيد چيو ته شبير شاهه لکين روپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن، هو هٿ ڪيئن کڻندو، اسان چيو ته حاڪم عليءَ به کوڙ سارا ڏوڪڙ خرچ ڪيا آهن. جي ايم سيد چيو ته کيس عوامي ليگ جي ٽڪيٽ ئي ڪانهي ۽ ائين قاضي فيض قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻجي نه سگهيو ۽ ان اليڪشن ۾ سيد گروپ جو اميدوار سيد شبير احمد شاهه هارائي ويو. پ پ جو اميدوار حاڪم علي زرداري اها اليڪشن کٽي ويو. ان اليڪشن ۾ قاضي فيض کي صرف2007 ووٽ مليا. ياد رهي ته موجوده قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پ پ جو سيد غلام مصطفى شاهه شبير احمد شاهه جو پٽ آهي. سنڌ کي اڄ به قاضي فيض محمد جهڙن باڪردار ۽ ايماندار سياستدانن جي ضرورت آهي، جن سياست کي ڪڏهن به ذاتي فائدي ۽ عهدي لاءِ استعمال نه ڪيو. هن ذوالفقار علي ڀٽي جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ واري آڇ کي قبول نه ڪري بنگالين جو ساٿ ڏنو، آخر تائين شيخ مجيب سان گڏ رهيو. قاضي فيض محمد کي مون پنهنجي هاءِ اسڪول جي تعليم دوران ايڇ خواجه اسڪول نوابشاهه وٽان سندس غريب آباد واري گهر کان ڪورٽ کان پنڌ ايندي ۽ ويندي ڏٺو. هو صوفياڻو مزاج رکندڙ ماڻهو هو. هو سڪرنڊ ۾ ڪامريڊ چاچي عثمان عمراڻي وٽ ايندو رهندو هو. جتي اسين سندس هارين جي حقن ۽ ٻين مسئلن تي ڪيل ڳالهين کي غور سان ٻڌندا هئاسين.
سنڌ جو آخري سوشلسٽ صوفي اعجاز منگي هونءَ ته هر صوفي سوشلسٽ ۽ هر سوشلسٽ صوفي هوندو آهي. پر هن دورنگي دنيا جي تاريخ ۾ هو هميشه هڪ وڇوٽيءَ تي رهيا آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن نماشام جي پهر انهن جو ملڻ به ٿيو آهي، زمين ۽ آسمان جي ٻن چپن وانگر! ۽ ان سنجوڳ جي مارڳ تي، ڪڏهن ڪڏهن چيٽ جو سڄو ۽ سندر چنڊ اڀريو به آهي، ان آدرش جهڙو، جنهن کي ڪڏهن ڪوئي اڪيلو ۽ اچاٽ قيدي، ان ترنم ۾ طعنو به ڏيندو آهي ته: “ڪارج تون ڪوڙو ڪنهن جي ڳل ڏئي سمهان رت رڱيل چوڙو” هن ڌرتيءَ جي اداس اتهاس ۾ صرف ٻه دور اهڙا رهيا آهن، جن ۾ چاهت هڪ عجيب چنڊگرهڻ وانگر آسمان ۾ ماتم جو مچ مچايو . صرف ان سمي نظر آيو “اڌوري مهيني جي پوري چنڊ” کي اهو منظر، جڏهن جهوڪ ۾ هڪ صوفي تنبوري کي پاسي تي رکي تلوار تکي ڪري رهيو هو ۽ هالاڻيءَ جي هوائن ۾ هڪ انقلابي زميندار پنهنجي چشمي کي صاف ڪري چانڊوڪيءَ ۾ “سرخ پرچم” پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو! صرف اهي ٻه دور سنڌ جي تاريخ جون ٻه اکيون رهيا آهن. اهي اکيون جيڪي صرف ٻه المناڪ آرسيون نه هيون پر هڪ ساهمي سمان، انهن ڳڻن جي ڳنيءَ ۾ لاشعوري، شعوري خيانت نه ڪئي. اياز شايد انهن اکين کي ڏسي لکيو هو ته: “اکيون ساهميون اسان جون اکيون ساهميون ...... ،،،،،،” اهي اکيون جيڪي پرجلال ۽ پرملال هيون. جيڪي ڪڏهن جهوڪ ۾ جهريون ۽ ڪڏهن ان شهر ۾ ڪُريون، جنهن جو نالو نواب شاهه هو! ڪيترو ناپسند هو، وڏيرن ۽ دوڪاندارن جو اهو شهر ان شخص کي، جيڪو هالاڻيءَ کي سڳي ماءُ ۽ نواب شاهه کي ماٽيلو پيءُ سمجهندو هو. جيڪو “نوابن جي شهر ” سان صرف ملاقات جي هڪ رسم نڀائڻ ايندو هو پر هن جي جيءَ جون جڙون ان هالاڻيءَ ۾ هيون، جتي هو صرف هارين کي نه پر انهن جي ٻارن کي به نالي سان سڏ ڪندو هو. اهو شخص جو جيڪو ظالمن آڏو آخر تائين خاموش رهڻ جو خطرو کڻي سگهندو هو. جيڪو مظلومن کي دل سان دڙڪا ڏئي سگهندو هو. جيڪو هاريءَ جي ڌيءَ جو نالو “زويا” رکندو هو. جيڪو صرف وفاق ۽ سنڌ جي نه پر انسان ۽ ڪائنات جي ڪشمڪش تي به سوچيندو هو ۽ هن کي لڳندو هو ته “وقت هڪ وهم ناهي. اهو سچائيءَ جو اهڙو تلخ جام آهي، جيڪو هر سمجهو انسان کي هر ڏينهن، هڪ ڍڪ وانگر پيئڻو پوي ٿو ۽ جيئڻو پوي ٿو، ان جڳ ۾، جيڪو سچ پچ به ته جيئڻ جوڳو ناهي” قاضي فيض محمد ان جڳ جو ڪاپڙي هو، جنهن جڳ جي باري ۾ لطيف لسان سان لکيو هو ته: “ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري” پر اهو پورب ڪڏهن پڌرو ٿيندو؟ ان سوال تي سوچيندو رهيو. هڪ “انام فرقي” جو فقير، جيڪو عملي نه پر تصوراتي عبادت ڪندو هو. جڏهن هو نم جي وڻ مٿان نمودار ٿيندڙ چنڊ کي ڏسندو هو. جڏهن هو صبح جي سج کان اڳ ۾ اٿندو هو ۽ رات جي آخري ستاري طرف تڪيندي جهونگاريندو هو: “هن تاري، هن هيٺ، هت منهنجا سپرين سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهن” هو جيڪو پنهنجي صبر جي شعور سان سمجهندو هو ته: “جي قيام مڙن، ته به اوڏا ڀائنج سپرين” شايد اهو شخص اڪيلو هو. جنهن ڪڏهن به نه چيو ته “جيڪي مليا، پنهنجي مقصد سان مليا. منهنجي دکي دل سان ڪوئي نه مليو” هو جيڪو “گڏيل پاڪستان جي غدار شيخ مجيب” جو ساٿي هو. جنهن سان ساٿ نڀائڻ سبب هن کي طعنا به ملندا هئا. سنڌ جا واهيات وڏيرا هن کي چوندا هئا ته “سائين! اوهان صفا سادا آهيو” ۽ هو پنهنجي اندر جي اٿاهه سانت ۾ سوچيندو هو ته “ڇا سادگي هڪ منفي شيءَ آهي؟” ۽ پوءِ هن کي “سر مومل راڻي” جي اها سٽ موهي ويندي هئي ته: “آئون طعني سوڌي، تون طعنو ئي مون سو ڪجهه سريوسون، سرتين جيڪو نه سريو” ڇا اهو هڪ بيت ڪافي ناهي؟ ان شخص کي بيان ڪرڻ لاءِ جيڪو اقتدار جي “پنجن درياهن” کي لت هڻي، ان سنڌ سان وفا جو وچن بڻيو، جنهن جي چڳن ۾ ڪنڊڙيءَ جي ڪلامن جهڙو چيڙهه هو. جنهن جي وارن ۾ هو وڇوڙي جي ڦڻي ڦيريندو هو. ڇا ڇا ياد ايندو هو، هن کي!! ڇا ڇا وسارڻ لاءِ دل چاهيندي هئي، هن جي!! هو جيڪو لِڪ هو. هو جيڪو لَڄ هو. هو جيڪو شهرت جي شور کان دور رهندو هو. جنهن کي سڃ جي سانت وڻندي هئي. ان شخص کي وساري سنڌ سٺو ته نه ڪيو آهي. هو جنهن جي ڪردار جي ساک سونار بانگلاديش اڄ به ڀري ٿو. هو جيڪو چوندو هو ته “اسان جا عهدا تاريخ طعه ڪندي” اتهاس ان جو ڪيڏو نه وڏو قرضي آهي!اهو قاضي فيض محمد جيڪو هارين جي حقن جي جدوجهد ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جو ساڄو هٿ هو. جنهن سنڌ جي نوجوانن کي اتساهه ڏنو. جنهن وفا جا سمورا واعدا پورا ڪيا. هو جنهن کي وقت جي وير وهائي نه وئي. جيڪو آخر تائين اٽل رهيو. اڏول رهيو. اهو قاضي فيض محمد هڪ اهڙو سپنو هو، جنهن سنڌ جون اوجاڳيل اکيون، اڄ به ننڊ جي نيري دريءَ مان واجهه وجهنديون آهن. پر انڌي گهوڙيءَ جي ڪل جهڙي جهان ۾ڪنهن کي سمجهائجي ته قاضي فيض محمد هن ديس جو ماضي نه هو. هو ته هن ديس جو مستقبل آهي. هو جيڪو فقيراڻو مزاج رکڻ جي باوجود سنڌ جو سوشل سائنسدان هو. جنهن کي صرف هڪ ديس جي نه پر ڌرتيءَ جي سمورن ديسن جي ڳڻتي هوندي هئي. هو جيڪو هالاڻيءَ ۾ بي بي سي ٻڌڻ بعد ڏک سان سوچيندو هو ته “هي روسي ۽ چيني پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهن؟” هو جيڪو ويٽنام جي آزاديءَ واري ويڙهه ۾ هوچي منهه جو سنڌي ساٿي هو. هو جيڪو فلسطين کان وٺي لاطيني آمريڪا ۾ هلندڙ قومي جنگين ۾ مظلومن جو حامي ۽ ظالمن جو مخالف هو. هو پنهنجي سوچ، سمجهه، وجد ۽ وجدان ۾ انٽرنيشنسلٽ هو. جنهن کي معلوم هو ته سائنس جي طاقت سرحدون ٽوڙي ڇڏيندي. جنهن کي خبر هئي ته نوان جهان سر تغاريءَ سان نه پر نون تصورن سان ٺهندا آهن. هو جيڪو ماٺيڻو مفڪر هو. جيڪو نٽشي وانگر موسيقيءَ جي سرن مان سگهه حاصل ڪندو هو. هو جيڪو چوندو هو ته “جنهن کي سازن جي ٻولي سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ان سان گفتگو وقت جو زيان آهي” ان اڻ ٿيڻي انسان لاءِ جڏهن مون کي منير شاهه فون ڪيو، تڏهن هڪ وسري ويل فرض جي ادائگيءَ جي ياد آئي. هي ڪالم ڪجهه به ناهي. بس! پراڻي قرض جي هڪ قسط آهي. اسان کي اهو شخص صرف ورسيءَ تي ياد نه ڪرڻ گهرجي. هو ورسي ته آهي به نه! هو ته سدائين گڏ آهي. هو ته هر سال جي سالگرهه آهي. اڄ کان ست سال اڳ جڏهن هن جي “هڪ سئو سالا سالگرهه” ملهائجي رهي هئي، تڏهن مون کي الائي ته ڇو گارشيا مارڪيز جو ناول One Hundred Years of Solitude ياد آيو هو. ان وقت مون سوچيو هو ته قاضي فيض محمد جي سالگرهه سنڌ جي لاءِ “تنهائيءَ جا سئو سال” ئي ته آهن. اها هڪ صدي اسان جي احتساب جي صدي آهي. اها هڪ صدي اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري سگهي ٿي. بنياد پرستيءَ جي بارودي باهه ۾ سڙندڙ سماج تي اها صدي پنهنجا ٻاجهارا لڙڪ نڇاور ڪري سگهي ٿي. انهن الن کي اجهائي سگهي ٿي، جن ۾ سنڌ جو ساهه به سڙڻ لڳو آهي. اها سنڌ جيڪا ازل جي اڪيلي فقير جي ڪلهي تي لڙڪندڙ هڪ گيڙو گودڙي آهي. اها سنڌ جيڪا ڪجهه ڪرڻ لاءِ تخليق ٿي هئي. اها سنڌ جيڪا اڄ هڪ احساس جرم آهي. ان معصوم احساس جرم جهڙي سنڌ جي مٿي تي ٻاجهه ڀريو هٿ صرف قاضي فيض محمد ئي ڦيري سگهي ٿو. اهو قاضي فيض محمد جيڪو ڪڏهن ڪڏهن موسيقيءَ جهڙي مستيءَ ۾ اچي اهو اعلان به ڪندو هو ته “صرف ڌرتيءَ تي نه پر عرش تي به ڪي چرخا چري رهيا آهن” اهو قاضي فيض محمد انقلابي تصوف جي آخري مشعل هو. هن کان پوءِ اسان جي مقدر ۾ صرف چڻنگن جا چمڪاٽ آهن. جيئن اياز لکيو هو ته: “ڪيئن توکي ڪاري ٻاٽ مڃان؟ ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان آ ٽم ٽم ٽم ٽم لاٽ اڃان جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا” تيئن اسان صرف چڻنگون آهيون. اسان اها مشعل ناهيون، جيڪي جهوڪ ۾ جلي ۽ جنهن کي اسان هالاڻيءَ جي مهڪندڙ مٽيءَ حوالي ڪيو. مون کي معلوم نه هو. مون کي لکندي خبر پئي آهي ته قاضي فيض محمد شاهه عنايت شهيد جو تسلسل هو. اهو تسلسل جنهن ۾ ڪجهه ورهن جي وٿي پئجي وئي ۽ اڄ قاضي فيض محمد جي هڪ سئو ستين سالگرهه اسان کان پڇي ٿي ته “ان سفر جو ڇا ٿيو؟” ۽ سسئي جهڙي سنڌ جون پنبڻيون پڇتاءَ جي ڳوڙهن سان آليون آهن. قاضي فيض محمد جهڙن انسانن کي سرحدن ۾ سوڙهو ڪري نه ٿو سگهجي. هن کي هڪ ٻوليءَ ۾ ٻڌي نه ٿو سگهجي. هن جو ڪردار ۽ هن جا افڪار عالم جي امانت آهي. اهي فڪر جا موتي هيرا ۽ ڪردار جا نيلم نيرا اردو، انگريزي ۽ اسپينش ٻولين ۾ به منظرعام تي اچڻ گهرجن. ڇو ته اهي ٻول ان انسان جا آهن، جيڪو معصوم دل سان محسوس ڪندو هو ته: “جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽٽو مون ائين سمجهيو ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي” هو عالمگير سوچ جو سادو اظهار هو. هو جيڪو صرف سمجهه نه پر هڪ پيار به هو. جيڪو فقط عقل نه پر عشق به هو. ڇو ته هو صرف انقلابي نه پر هڪ صوفي به هو. اهو صوفي جنهن جي صدا جي اڄ خطري ۾ پئجي ويل عالمي امن کي سخت ضرورت آهي. هالاڻيءَ جو هوائون اڄ به ٿڌين ۽ ڪوسين راتين ۾ ان شخص کي ياد ڪن ٿيون، جنهن کان سواءِ سنڌ هڪ ٽٽل ساز آهي. اهو ساز جيڪو الستي آواز آهي. اهو الستي آواز جيڪو سنڌ کي هڪ سڏ آهي. اهو سڏ جنهن کي اهڙو هڏ ناهي، جنهن کي ٽوڙي سگهجي. اهو سڏ هڪ سفر آهي. اهڙو سفر جيڪو موجوده دور جي رڻ جهڙين راتين ۾ ان ڪاروان جي سار ٿو ڏياري، جنهن ۾ شامل سمورن اٺن جي ڳچين ۾ پيل ٽليون، صرف اهو سرائڪي گيت ڳائن ٿيون ته: “ڏاچي واليا موڙ مهاڙ وي...!!”