ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو۔۔۔۔۔۔

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي هڪ وزير طرفان هڪ بيان پڙهڻ لاءِ مليو ته سنڌ جي ناهل منسٽرس جي غلط حڪمتِ عملي ڪري جعفراآباد سميت بلوچستان جي ڪجهه علائقن کي ٻوڙيو ويو۔۔۔۔ اهڙن ئي لفظن سان ملندڙ جلندڙ لفظن سان تازو عمران ظفر لغاري (سينيئر ۽ بزرگ سياستدان ظفر لغاري جو نوجوان فرزند ۽ تعلقي خيرپور ناٿن شاه مان پيپلز پارٽي جو چونڊيل ايم پي اي) جو روئندڙ انٽريو گذريو جنهن ۾ هُن دادو مان پيپلز پارٽي جي ئي چونڊيل نمائندن پير مظهر الحق ۽ رفيق جمالي تي آڱر کڻندي چيو ته انهن جي دير سان ڪيل جوهي برانچ کي ڪٽ لڳائڻ جي فيصلي سندس شهيدن جي شهر خيرپور ناٿن شاهه کي ٻوڙيو۔۔۔۔
    ساڳيو ئي منهنجو به شهر آهي اتان کان اوڀر پاسي سيتاروڊ کان 2 ڪلوميٽر پهريان منهنجو ناناڻڪو ڳوٺ پريا آهي۔۔۔۔ جڏهن درياء جي بندن کي ٽٽڻ جو خدشو هيو ته منهنجي خاندان پنهنجي ڳوٺ ٽڳا جيڪو سيتاروڊ کان 6 ڪلوميٽر ڏکڻ ڏانهن دادو شگر ملز جي ويجهو ئي آهي مان پنهنجي ناناڻڪي ڳوٺ ڏانهن منتقل ٿيڻ جو سوچيو هيو۔۔۔
    ڪنهن جي خواب و خيال ۾ به نه هو ته صورتحال بلڪل ابتڙ ٿي ويندي۔۔۔۔ هن وقت مون پنهنجي مڪمل فيملي ڪراچي منتقل ڪئي آهي ۽ خيرپور ناٿن شاهه کي ٻوڙڻ کان پوءِ پاڻي جڏهن منهنجي ناناڻڪي ڳوٺ کي ٻوڙيندي سيتاروڊ ڏانهن وڌيو ته اتان جو خاندان عارضي طور منهنجي گهر ۾ منتقل ٿيو آهي پر تازو ئي سيتاروڊ سميت منهنجي ڳوٺ کي به خالي ڪرڻ جا اعلان ٿي رهيا آهن۔۔۔
    ٻوڏن جي تاريخ ۾ ڪچو ۽ ڪاڇو ٻڏندي ته ٻڌو هيوسين پر هن دفعي سنڌ جي پڪي جا اهي علائقا جن سدائين اهڙين ٻوڏن کان ڪچي ۽ ڪاڇي جي ماڻهن کي پناه ڏيندي ٻوڏن کان بچايو آهي کي به ٻڏندي ڏسي رهيا آهيون۔۔۔ پر ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته پس منظر ۾ اهي آواز صاف ٻڌڻ ۾ پيا اچن ته منهنجي علائقي کي منهنجن پنهنجن ماڻهن ٻوڙايو آهي۔۔۔۔
    جيڪڏهن اهو درست آهي ته پو لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي جو ڳڙهه سمجهندڙ ضلعي دادو ۾ تبديلي جو وقت پري نه آهي۔۔۔ هاڻي عوام سمجهي ويندو ته واقعي به ڀٽو ۽ بي بي هن دنيا ۾ نه رهيا آهن۔۔۔ تڏهن ته لطيف سرڪار فرمايو آهي۔۔۔۔۔

    ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو
    وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئيارن جو

    http://www.youtube.com/watch?v=YrfpJJ6wAvE
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو۔۔۔۔۔۔

    [​IMG]
    ادا رشيد صاحب توهان جو ليک ۽ توهان جي ونڊ ڪيل وڊيو ڏسي ڪري درياء جئان هنن اکين جا بند به وري ٽٽي پيا ۽ اکين مان درياء جي پاڻي وانگر اکين جو پاڻي به ڇوليون هڻي وهڻ لڳو۔ ۽ دل ۽ دماغ ۾ ڪيترائي سوال پيدا ٿيا جنهن جا جواب پڻ منهنجي اندر ئي ڏنا پر اهي جواب ايترا ته تلخ هئا جو انهن جي تلخي شايد اسان جا حڪمران ڪڏهن به برداشت ڪري نه سگهن، ڇا ادا انهن حڪمرانن کي انهيء ذات وٽ حساب ناهي ڏيڻو جيڪو سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي ۽ اهو انهيء تي به قادر آهي ته اهڙي مصيب انهن تي به آڻي سگهي ٿو ، اسلام ته اسان کي اهيو ٿو سبق سيکاري ته توهان زمين وارن تي رحم ڪريو ته آسمان وارو ( الله ) توهان تي رحم ڪندو ڪٿي ائين نه ٿئي ته الله انهن تي رحم ڪرڻ ئي ڇڏي ڏئي، ( بيشڪ الله جي پڪڙ تمام سخت پڪڙ آهي)
    ادا هون به چوندا آهن ته مڇي ۾ ڌپ ( بدبوء ) ڇو ٿيندي آهي جڏهن ته اها هميشه رهندي به پاڻي ۾ آهي؟ ان جو جواب اهيو آهي ته اهو ان لاء ته مڇي پنهنجي مطلب لاء پنهنجي پيٽ لاء پنهنجن ئي نندين مڇين کي پنهنجو کاڄ بڻائيندي آهي ان لاء ۔ سو ادا اسان جي سنڌ سان به اهيو ساڳيو ئي ويل آهي بقول شاعر ( مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ) ، باقي جيڪي هئا مرد موچارا سي ته هن دنيا مان ئي ڪوچ ڪري ويا جن لاء شاه صاحب جا ئي الفاظ وري وري ذهن تي تري اچن ٿا ( ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو، وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئيارن جو ) ادا ڀاء رشيد اسان کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ئي ڪوشش ڪرڻي پوندي باقي آسرو صرف الله ۾۔ ڀاء رشيد مان سنڌ جي تمام ماروئڙن سان گڏ توهان سان به برابر جو انهيء تڪليف ۽ ڏک ۾ ڏکارو آهيان ۽ ڌڻي در اهيا دعا آهي ته يا رب تون ئي رحم ڪر اسان جي هن سنڌ تي، سنڌ جي ماڻهن تي، سنڌ جي ٻارن تي، سنڌ جي هيڻن تي، سنڌ جي اٻوجهن تي، سنڌ جي مسڪينن تي، سنڌ جي ڏکارن تي، سنڌ جي هنن مصيبت مارين تي، سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ تي آمين ثم آمين
    http://www.youtube.com/watch?v=JRSIRWkgg0Q&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=YH0WWZW-w54&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=2F_tGDQCifs&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=LItCu5uinfQ
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو۔۔۔۔۔۔

    تمام بهترين جاري رکو۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو۔۔۔۔۔۔

    ادا رشيد۔۔۔ اها صورتحال واقعي ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي۔۔ سنڌ کي ٻوڏ جي پاڻي گهٽ پر آبپاشي کاتي ۽ وزيرن جي خودغرضي وڌيڪ ٻوڙيو آهي۔۔ ڪيتري ئي علائقن ۾ ته درياءَ جا بند هٿ وٺي ان ڪري ٽوڙيا ويا آهن ته پراڻيون دشمنيون پاڙجن۔۔ ٺٽو شهر به انجو مثال آهي، جتي شيرازين ۽ ٻين مخالفن جي ڳوٺن ۽ راڄ ڀاڳ واري علائقن کي ٻوڙڻ لاءِ درياءِ کي لازمي ڪٽ ڏنو ويو۔۔۔
    ان کان علاوه ٽوڙي بند به سنڌ جي هڪ اهڙي سينيئر وزير ٽوڙايو هو جنهن کي اسان پيپلز پارٽيءَ‌جو مُک ماڻهو سمجهندا هئاسين۔۔ ان فقط پنهنجي مختصر علائقي ۽ مختلف صنعتي ڪارخانا بچائڻ لاءِ‌ فوج جي مخالفت ڪندي علي واهڻ‌جي جڳهه تي ٽوڙي بند کي ٽوڙايو۔۔۔ درياءِ جي ساڄي پاسي جيڪا به تباهي ٿي آهي انهيءَ‌هڪ وزير جي نااهليءَ‌جي ڪري ٿي آهي۔۔ اهو توهان واري ڳوٺن کي جيڪو پاڻي ٻوڙي پيو ٽوڙي بند وارو ئي پاڻي آهي۔۔۔ الله سڄي سنڌ کي اهڙن وزيرن ۽‌ڪامورن کان پنهنجي پناهه ۾ رکي، باقي هينئر جيئڻ‌ ڏکيو ٿي ويو آهي۔۔ ڪا به سٺي ليڊرشپ ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي۔۔۔ خيرپورناٿن شاهه، ٺٽو، سجاول، دادو ضلعي سميت اتر سنڌ جو جيڪو حال آهي اهو ڏسي دل غم ۾‌ٻڏي وڃي ٿي۔۔۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو۔۔۔۔۔۔

    ڄامشوري مان اڃان ڪنڌ ڪوٽ‌۽ ڳڙهي خيرو جا متاثر ئي نه اٿيا هئا ته وري مٿان ميهڙ، جوهي ۽ دادوءَ جا متاثر پهچي ويا آهن، ويچارن جي سار لهڻ‌لاءِ حڪومت موجود نه آهي۔۔۔۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو۔۔۔۔۔۔

    ادا سنڌ کي ڪنهن ٻوڙيو۔۔۔۔۔وڏيرن کي دم ئي ڪانهي ڪو جو هو سنڌي کي ٻوڙين
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو۔۔۔۔۔۔

    اوهان تڪڙ نه ڪيو جيڪڏهن انهن اهو ڪم ڪيو آهي ته الله پاڻ ئي انهن کي جلد خوار خراب ڪندو
    نتيجن تي جلد پهچڻ دانائي نه آهي
    اهي پاڻ ئي پنهنجا پول آهستي آهستي پڌرا ڪندا
    رات جيئن خورشيد شاه به ڀپڪي پيو
    اها اڃا شروعات آهي
    دادو جيڪڏهن پي پي جو گڙهه آهي ته ان جي قبر ٿيندو هاڻ
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو۔۔۔۔۔۔

    بظاهر ته هن موضوع ۾ دل ڇهندڙ ڳالهه ڪابه نه هئي۔۔۔ ۽ منهنجي لکيل هن حڪومت خلاف ليک ۾ ڪنهن وڏي تحرير نگار وانگر لفظن جي هير ڦير وارو جادو به نه هو بس هي ته اندر جي ڀڙاس هئي جيڪا لفظن جي اڊڙيل ڪپڙن سان ٻاهر نڪتي۔۔۔۔ پر پوءِ الائي ڪهڙن لفظن ادا عمران درويش کي متاثر ڪيو جو هن هن ليک کي پنهنجي عوامي آواز واري دوست ڏانهن موڪلي ڇڏيو۔۔۔ ۽ هن به فورن شايع ڪري ڇڏيو۔۔۔

    [​IMG]
    [​IMG]

    مهرباني ادا عمران درويش جي ۔۔۔ کين هڪ وڌيڪ گذارش ڪجي ٿي ته هي فورم هر ان سنڌي جو آهي جيڪو سنڌن جو درد ۽ پيڙاء محسوس ڪري ٿو۔۔۔ ۽ هي موجود سموريون تحريرون ليکڪ سميت سمورن رڪنن جون ملڪيت آهن۔۔۔ جيڪڏهن ڪو ليک اخبار ۾ موڪليو وڃي ته سنڌ سلامت جو حوالو آڻڻ فورم لاءِ بهتر ثابت ٿيندو۔۔۔ مهرباني
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ويا مور مري ھنج نَه رھيو ھيڪڙو۔۔۔۔۔۔

    ادا ۔۔۔۔ توهان جي هن ليک ۾‌ ڪجهه سچائيون ڏسيل آهن جيڪي ادا عمران درويش جهڙو ليکڪ ئي سمجهي سگهي ٿو۔۔۔ اهو سندس بهترين عمل آهي جو اهڙين سهڻين لکڻين کي اخبار ۾ موڪليائين۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو