صوفي شاهه عنايت شهيد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    صوفي شاهه عنايت شهيد​

    مصنف؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق
    ٻارهين صدي هجريءَ وارو عرصو سنڌ لاءِ سورن ۽ مصيبتن وارو دور هو. مغلن جي حڪومت ڪمزور ٿي چڪي هئي. ٺٽي ۾ مغلن جا گورنر جلدي تبديل ٿيندا رهيا. ان دور ۾ سنڌ واسين ۽ هڪ ٻئي لاءِ بغض ڪينو، ساڙ وڌي ويو هو. مغلن جي گورنرن جا ظلم، زميندارن جون زيادتيون، ڏڪار اُهي سڀ مصيبتون اچي سنڌ تي ڪڙڪيون هيون. علامه دائود پوٽي مرحوم ڪهڙو نه صحيح لکيو آهي ته ” ان وقت ٺٽي جو ناظم لطف علي خان معزول ٿي چڪو هو ۽ سندس جاءِ تي نواب اعظم دهليءَ پاران مقرر ٿيو هو. سندس اٽڪل چئن سالن جو عرصو اهل سنڌ لاءِ نحوست جو زمانو هو. هڪ ته ملڪ ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ ٻيو ته ان ۾ حق شناس حضرت صوفي شاهه عنايت الله جي شهادت جو واقعو پيش آيو.
    1. ننڍپڻ ۽ جواني
    شاهه شهيد جي ولادت ۽ ننڍپڻ بابت تذڪري نگارن تفصيل سان ڪو نه لکيو آهي. اها شڪايت علامه دائود پوٽي پڻ پنهنجي مقالي ۾ ڪئي آهي. بهرحال شاهه شهيد جي ولادت 1165 هه ۾ ٿي. پاڻ ٽي ڀائر هئا، جن مان صوفي شاهه عنايت شهيد وچون هو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد مخدوم فضل الله کان حاصل ڪيائون ان کان پوءِ حق جي تلاش ۾ سير سفر تي ڪيائون. ميان محمد امين نقشبندي، شاهه حمزو ۽ ميان محمد ابراهيم ڪاتيار سفر ۾ ساڻن گڏ هئا. سير سفر ڪندي ملتان آيا ۽ سال کن شيخ شمس الدين ملتانيءَ جي خدمت رهيا، ان کان پوءِ ٻيا گهڻا ئي شهر گهمندي نيٺ حيدرآباد دکن ۾ شاهه عبدالملڪ جيلاني جا مريد ٿيا. اتي مرشد جي ارشاد موجب بانس جي ٻيلن ۾ خوب رياضتون ڪيائون. مرشد مٿن گهڻو مهربان ٿيو ۽ مٿن ايتري ته فيض جي پالوٽ ڪيائون جو ڪمال جي درجي کي رسيا. نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي مرشد کان وطن ورڻ جي اجازت گهريائون. شاهه صاحب کين اجازت ڏني ۽ سندن آڏو ٽي سوکڙيون رکيائون ته هنن مان ڪابه هڪ کڻو. اهي هيون ترار، تسبيع ۽ ڪونرو پاڻ ترار کنيائون تنهن تي سندن مرشد فرمايو ته ”ان جو اجورو وڏو آهي“ صوفي شاهه عنايت شهيد جواب ۾ عرض ڪيو ته ” سر حاضر آهي“ پوءِ کين هدايت ڪيائون ته ” مرشد کان موڪلائي وطن موٽي آيا، واٽ تي گھڻائي سندن مريد ٿيا. انهن مان پنج سو مريد ساڻن گڏ آيا، جيڪي وري واپس هندوستان نه ويا.
    شاديون؛
    شاهه شهيد چار شاديون ڪيون هيون، پهريون پنهنجي چاچي مخدوم محمد عمر جي نياڻيءَ سان، جنهن مان کين اولاد ڪونه ٿيو. ٻي ڪڇ ڀڄ جي راجا جي خاندان مان ڪيائون، جنهن مان کين هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو شاهه خليل الله هو. جيڪو صوفي شاهه عنايت شهيد جي شهادت وقت پنهنجي ناناڻن ۾ هو. جتان پوءِ ايران ويو. ٽين شادي ٺٽي جي مخدوم اسماعيل جي ڀيڻ سان ڪيائون، ان مان کين ڪو اولاد ڪو نه ٿيو. چوٿين شادي سوڍن جي گهراڻي مان ڪيائون، جنهن مان کين ٻه پٽ ٿيا؛ پير عزت الله شاهه شهادت وقت عزت الله موجود نه هو. ۽ پير سلام الله شاهه صوفي شاهه عنايت شهيد جي جڏهن ته صوفي سلام الله شاهه شهادت واري وقت مهيني سوا جو معصوم هو. سندن ولادت شهادت ولادت شهادت واري سال ٿي هئي.
    انسان دوستي ۽ قرباني؛
    شاهه عنايت جڏهن دکن مان موٽيو ته هن الله جي عبادت سان گڏوگڏ خلق جي خدمت کي پنهنجو شيوو بنايو. پنهنجي اباڻي زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏنائون. پير حسام الدين راشدي لکيو آهي ته ” سندس اهل خاندان ۽ سندس مريد ۽ هاري ناري گڏجي زمين ۾ هر ڪاهيندا هئا ۽ آمدني ۽ پيداوار تي سڀني جو گڏيل حق هو. ۽ ونڊڻ وقت هرڪو ورهائي کڻندو هو.“
    سندن فقيري انسان دوستي ۽ هن نئين زرعي نظام سبب ڪيترائي مسڪين هاري پنهنجن زميندارن کي ڇڏي اچي گڏيل ملڪيت ۾ شريڪ ٿيا. تر جي پيرن جا ڪيترائي مريد پنهنجن مرشدن کي ڇڏي. اچي صوفي شاهه عنايت جا مريد ٿيا. تنهن ڪري پيرن ۽ مرشدن زميندارن، جاگيردارن ۽ مذهبي اڳواڻن سندن خلاف سازش سٽي، نتيجي ۾ جهوڪ واري جنگ لڳي.
    انهيءَ وقت سندن چوويهه هزار جان نثار مريد هئا. پنهنجن مريدن جو جوش ڏسي کين چيائون ته ” بابا محبوب حقيقي ناز ڪيو آهي، اسين نياز ڪنداسون“ تڏهن خليفن عرض ڪيو ته قبلا! اسان کي به اجازت ڏيو ته شهيد ٿيون“ تنهن تي مير جان الله شاهه کي حڪم ڪيائون ته توهان روهڙي وڃو. خواجه عبيدالله کي اجمير وڃڻ جو ارشاد ٿيو. شاهه عبدالطيف ٺٽوي کي ٺٽي وڃڻ جو امر ٿيو. ڪن ٻين کي پڻ اجازت ڏنائون ته پنهنجي پنهنجي شهر هليا وڃن، باقي چوويهه هزار مريدن ۾ سليمان هندي پڻ شامل هو. جيڪو هندستان کان ساڻن گڏ آيو هو. انهن فقيرن مان ٻه هزار چار سو صوفي تاج پهريل هئا.
    جهوڪ واري جنگ ۾ اهي سڀ شهيد ٿيا. جن کي ستن کوهن ۾ دفنايو ويو، انهن کوهن کي ”گنج شهيدان“ سڏيو ويندو آهي.
    جهوڪ واري ويڙهه جي حوالي سان فقير صوفي قادر بخش بيدل (1289 هه) قصيدا لکيا. جنهن ۾ جهوڪ واري جنگ جو دردناڪ داستان ڏنل آهي. جنهن ۾ هن سانحي کي ٽين قيامت سڏيو ويو آهي. قصيدي ۾ شاهه شهيد جي صفت ۽ ساراهه بيان ڪرڻ کانپوءِ سندس سير سفر جو مختصر احوال ڏنو آهي.
    عقيدتمندن جو ميڙو ڏسي مُلن جو حسد ڪرڻ ۽ سندس ولايت جو واس پري پري تائين پکڙجي وڃڻ، تنهن ڪري انيڪ عقيدتمندن جو وٽن حاضر ٿيڻ، انهن سڀني ڳالهين سبب دشمنن سندن خلاف سازش سٽي، فرخ سير کي ڀڙڪايو، شاهه شهيد پنهنجن خليفن کي فرمايو ته ” هيءُ محبوب حقيقي جو ناز آهي“ فرخ سير کي فسادين جو بادشاهه ۽ قاتل کي شمر سڏيو اٿس. جڏهن صوفي شهيد کي شهيد ڪري سندن سر مبارڪ نيزي تي سوار ڪيو ويو ته بيدل ان کي اسري بعبده آيت سان تعمير ڪيو آهي، ڄڻ عاشق محبت جي معراج کي رسيو.
    سر مبارڪ جون ڪرامتون
    صوفي شاهه عنايت کي شهيد ڪري جڏهن سندن سر مبارڪ ٺٽي کڻي آيا، تڏهن اتي سر مبارڪ جو گشت ڪرايائون. ٺٽي جو هڪ فقير، جيڪو سدائين ماٺ رهندو هو، تنهن سر مبارڪ ڏسي چيو ته؛
    پير پريان جي پڙ ۾، ڪنهن چيئي ته پاءِ،
    هڪدم سر مبارڪ جواب ڏنو ته؛
    عمر يست که قصئه منصور ڪهن شد.
    ترجمو؛ ڪا عمر گذري جو منصور جو قصو پراڻو ٿي ويو.
    جهوڪ واري جنگ کان اڳ مخدوم معين کين چورائي موڪليو هو ته؛
    جگر شير نه داري، سفر عشق مکن.
    ترجمو؛ شينهن جو جگر نه هجيئي ته پوءِ عشق جو سفر نه ڪر.
    سر مبارڪ کي گهٽين ۾ گشت ڪرائيندا، جڏهن مخدوم ٺاري (معين) جي گهر وٽان آيا ته اتفاق سان هو پنهنجي گهر جي در تي بيٺو هو. تنهن وقت سر مبارڪ هيٺيون شعر چيو جيڪو ڄڻ مخدوم ٺاري کي جواب هو ۽ پنهنجي مرشد عبدالملڪ جي فرمان جي تڪميل هو؛
    سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
    اين بارگران بود ادا شد چه بجا شد.
    شاهه شهيد جو اولاد
    کين ٽي پٽ هئا، جن جا نالا اڳ ۾ ئي اچي چڪا آهن ۽ وڏي پٽ خليل الله جو ڪي قدر احوال ڏنو ويو آهي. هتي سندن ٻئي اولاد جو ٿورڙو احوال ڏنو وڃي ٿو. شاهه عزت الله شاهه شهيد جو وچون پٽ هو. جهوڪ واري سانحي وقت ميرانپور ۾ موجود نه هو. شاهه شهيد جي شهادت کان پوءِ پڙهو گهمرايو ويو هو ته؛ جتي به ڪو صوفي ڏسو ته ان کي قتل ڪري سر کڻي اچو ۽ انعام حاصل ڪريو، هن سلسلي ۾ مير علي شير قانع لکيو آهي ته؛ (شهادت کانپوءِ) نواب شهر ۾ پڙهو گهمارائي ڇڏيو هو ته ڪو به ماڻهو ”ياالله“ جو نعرو نه هڻي، جيڪو حڪم عدولي ڪندو، تنهن کي ترار جي ڌار تي رکيو ويندو.
    اهي ڳالهيون ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويون، جڏهن اجمير واري خليفي خواجه عبيدالله عرف حاميد کي ان سانحي جي ڄاڻ پئي ته ڏاڍو ڏک ٿيس. دهلي جو حاڪم سندسن معتقد هو. هن ان وٽ وڃي پنهنجي مرشد لاءِ سفارش ڪئي، بادشاهه کي قائل ڪري صوفين جي سر وڍڻ وارو حڪم منسوخ ڪرايائين ۽ سنڌ اچي صوفي شاهه عزت الله کي گاديءَ تي ويهاريائين. صوفي شاهه عزت الله 1186 هه ۾ وصال ڪيو.
    شاهه سلام الله
    صوفي شاهه شهيد جو ٽيون پٽ هو. سندن پيدائش 1130 هه ۾ يعني صوفي شاهه عنايت جي شهادت واري سال ٿي. ان وقت سندن عمر مهينو سوا هئي، انيس المساڪين ۾ آيل آهي ته ” جڏهن صوفي صاحب جو شهادت جو وقت ويجهو آيو تڏهن پاڻ اندر حويليءَ ۾ ويا ته ان وقت شاهه سلام الله پينگهي ۾ سُتل هو. سندن ڀرسان بيهي پنهنجو تاج مبارڪ لاهي سندن سيراندي رکيائون ۽ پنهنجي گودڙي پڻ سندن پاسي ۾ رکيائون.
    صوفي شاهه سلام الله جڏهن پندرهن سورهن سالن جا ٿيا ته ٺٽي وڃي شاهه عبدالطيف ٺٽوي سان مليا. جنهن کين الله واري واٽ ڏسي، پوءِ اتان موٽي ميرانپور آيا. جتان بنا ڪنهن کان موڪلائڻ جي سير سفر تي نڪتا. ڪجهه فقير به سندن پوئتي هلندا رهيا، اُها ڀٽ روهڙي کان اٽڪل هڪ سو ڪلو ميٽر اوڀر طرف ناري جي ويجهو آهي، ٻارهن ورهيه اتي رهي رياضتون ڪيائون، پوءِ هاڻوڪي تجل شريف واري هنڌ آيا.
    جڏهن سندن وصال جو وقت آيو، تڏهن پنهنجن مريدن کي چيائون ته” اسان کي هتي دفن ڪجو. اسان جا عزيز اسان جا لاش ميرانپور کڻائي ويندا، پر اسان جو روح هتي هوندو. يعني هڏ ميرانپور ۾ سڏ تجل ۾، سندن وصال 1183 هه ۾ ٿيو. مريدن سندن وصيت موجب اتي ئي دفن ڪيو. پر ٿوري عرص کان پوءِ سندن عزيز لاش ڪڍي ميرانپور کڻي ويا. مير سهراب خان ٽالپر واليءَ خيرپور سندن ويهڻ واري هنڌ (ٿلهي) جي مٿان قُبو ٺهرايو. ان ٿلهي تي صوفي صاحب جا ويس ۽ حال ڌاڳا رکيل هئا. هر سال تجل ۾ 25 کان 27 ذوالحج تائين ميلو لڳندو آهي. جتي هزارين عقيدت مند اچي حاضر ٿيندا آهن.
    سندن وصال کان پوءِ سندن نياڻو صوفي محمد زاهد گاديءَ تي ويٺو، مير علي شير قانع لکيو آهي ته؛ هيءُ انهيءَ گهراڻي جو روشن ڏيئو آهي. محمد زاهد وڏي ڪمال جو صاحب هو. کيس ٽي پٽ هئا. ميان صوفي ابراهيم شاهه، صوفي شاهه فضل الله قلندر ۽ نور الله شاهه. سندن وصال 1216 هه ۾ ٿيو. کانئن پوءِ ميان صوفي ابراهيم شاهه مسند نشين ٿوي. تيرهن ورهيه گاديءَ تي رهي 1229 هه ۾ وصال ڪري ويا.
    هن خاندان ۾ صوفي شاهه فضل الله قلندر جيڪو شاهه عزت جو نياڻو ۽ صوفي محمد زاهد جو وچون پٽ هو، سو پنهنجي وقت جو وڏو ولي الله هو. چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ نو مهينا پراڻي ميرانپور ۾ وڃي رياضتون ڪيائون. اتان وري ٽنڊي غلام علي ويجهو شاهه ديوا جي مقام ۾ جوڳ پچايائون. بعد ۾ چاليهه ڏينهن دلوريءَ ۾ ويٺا. اتان وري ڪبير سيال جي کوهه تي مراقبي ۾ ويهي رهيا. ڪيترائي سندن مريد ٿيا. جن ۾ مسلمان، ميگهواڙ راجپوت شامل هئا.
    سندن ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن؛
    فقير محمد صديق اهر وارو، قاضي عبدالله، ڀريو سومرو، موٽيو حجام، يوسف شاهه، ڀوڄيو ميگهواڙ، ڀائر خان، عالم خان، نظامي ڪرم علي جلالاڻي، دلو فقير لاشاري، عطر فقير لاشاري گنداواهه وارو ۽ نورنگ فقير جلالاڻي. سندن وصال جمادي الثاني 1243 هه ۾ ٿيو.
    سندن خليفا
    حضرت شاهه شهيدجا چاليهه خليفا هئا. جن مان چوڏهن گهڻو مشهور آهن. سڀني مان وڏو مير جان الله شاهه رضوي هو. هتي انهن مان نون خليفن جو مختصر ذڪر ڏجي ٿو.
    صوفي مير جان الله شاهه رضوي
    وڏو عابد زاهد هو. بهترين خطاط هو. قرآن مجيد لکي ان جي اجوري مان گذر سفر ڪندو هو. سندن هزارين مريد هئا. جن مان ميان باقر علي شاهه بڪار وارو ۽ شاهه عبدالنبي گنداواهه وارو، غلام رسو پٺاڻ، شاهه عبدالوهاب شاهه گهڻو مشهور آهن. فارسي زبان جو بلند پايه شاعر هو. سندن ديوان ” ديوان مير“ ۽ سندن پوٽي صوفي جان الله شاهه عاشق جو ” ديوان عاشق“ سندن پوين وٽ محفوظ آهن. ديوان مير تي محمد اسحاق ابڙي فارسي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي.
    شاهه صاحب کي ٽي پٽ هئا. الهه رکيو شاهه، مير صوفي قلندر شاهه ۽ مير صوفي منور علي شاهه، فقيري واري امانت مير صوفي قلندر علي شاهه کي ملي. شاهه صاحب 1167 هه ۾ هي مٽي جو ملڪ ڇڏي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو.
    شاهه عبدالطيف ٺٽوي
    هيءُ پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، شاهه اسماعيل صوفي ۽ علام محمد معين ٺٽوي جو گهرو دوست هو. موسيقي جو ماهر هو. فارسي زبان جو وڏو شاعر هو. ” مشهوري کان ڀڄندڙ ۽ وڏين ڪرامتن جو مالڪ هو“ صوفي شاهه سلام الله ڌڻي کي هن فقير فيض پهچايو هو.
    شاهه عبدالڪريم ٺٽوي
    هن خليفي شاهه شهيد جو روضو مبارڪ جوڙايو، روضي جو ڪم گهڻو ڪري رات جو هلندو هو. اهل بيت پڻ عقيدت سان چوني جون تغاريون ڍوئيندا هئا. اهي سيد ٺٽي ۾ صوفي سيد سڏبا آهن.
    محمد اسحاق
    هيءَ فقير نصرپور جو ويٺل آهي. روحل فقير ڪنڊڙيءَ وارو سندن اولاد مان آهي.
    محمد صديق ڀيڏين وارو
    هيءَ ذات جو لاکو هو ۽ هالا تعلقي جو ويٺل هو. ميڙي جي شروعات هن خليفي جي رٿ سان ٿي. پوءِ هر سال لڳندو رهيو. جيڪو اڃان تائين لڳندو اچي.
    خواجه عبدالله عرف حاميد؛
    هيءَ اجمير وارن بزرگن مان هو. هن خليفي دهلي جي حڪمران کان پروانو وٺي صوفين جي مارڻ ۽ “ياالله“ چوڻ واريون پابنديون ۽ قهري قانون منسوخ ڪرايا. سنڌ ۾ اچي صوفي شاهه عزت الله شاهه کي گاديءَ تي ويهاريو.
    سليمان هندي
    هيءُ خليفو پنج سو هند فقيرن سان حضرت صوفي صاحب سان گڏ هند کان سنڌ آيو هو ۽ سليمان هندي سڏبو هو. وڏو بهادر انسان هو. رياضتون ڪري وڏي مقادم تي پهتو. 1130هه ۾ پنهنجي مرشد سان گڏ شهيد ٿيو.
    ابن اوڙاهه وارو
    هيءُ ذات جو سمون هو. وڏيون رياضتون ڪيائين. اڪثر ٻڪريءُ جي کل وٺي بدن تي پائي ڇڏيندو هو. اٺ ڏينهن اهل کل چڙهي پئي هوندي هيس.
    شاهه اسماعيل ٺٽوي
    سندن اصل نالو اسد الله هو. حضرت صوفي صاحب جو پيارو خليفو هو. صوفي صاحب کي پنهنجي ڀيڻ جو سنڱ ڏنو هئائين. مقالات الشعراء ۽ تحفته الڪرام ۾ سندس احوال آيل آهي. مولانا وفائي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ لکيو آهي ته شاهه اسماعيل وقت جو هڪ وڏو بزرگ ڪرامتن ۽ وڏي ڪمالات جو مالڪ هو... صوفي شاهه عنايت الله سان
    دوستي ۽ اخلاص جا گهاٽا ناتا هئس.
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    صوفي شاهه عنايت شهيد؛ سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ

    صوفي شاهه عنايت شهيد؛ سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ​

    مصنف؛ سيد حسام الدين راشدي
    خوني نه کرده ايم، کسي را نه کشته ايم،
    جرمم همينست عاشق روي تو گشته ايم​
    .
    ترجمو؛ اسان ڪو خون نه ڪيو آهي، ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪٺو آهي. اسان جو ڏوهه رڳو هي آهي، اسان جي تنهنجي چهري يا مکڙي جا عاشق ٿي پيا آهيون.
    ٻارهن صدي هجري جي سنڌ، گهڻن مصبيتن، آفتن، ڌارين جي حملن ۽ پنهنجن جي نفاق ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهريل رهي هئي. مغلن جي غلامي جو گٽ مرڪز جي ڪمزوري سبب جيتوڻيڪ ڍرو ٿي چڪو هو، پر انهي هوندي به سندن گورنرن هڪٻئي پٺيان ٺٽي مٿان هڪٻئي پويان مقرر ٿيندا هئا. ۽ ايندا رهيا تن ڏٺو ٿي ته سنڌ ۾ سندن اقتدار جا پويان پساهه آهن. تنهن ڪري کائن جيڪي پگو ٿي سو ميڙي چونڊي پنهنجا گهر ٿي ڀريائون. پنهنجي جهرندڙ حالت ڏسي نيٺ مغل حڪومت کي اتر سنڌ سيوي کان سيوهڻ تائين ڪلهوڙن کي ٺيڪي تي ڏيڻي پئجي وئي.
    سنڌ جو مقامي قوتون وڏيرن، زميندارن، پيرن ۽ مغل ڪامورن تي مشتمل هئي، پاڻ ۾ ويڇي مسهائپ ساڙ ڪپت ۽ ڪيني هوندي به سنڌ جي غريب عوام تي انهن ئي سڀني قوتن جو گڏيل قبضو هو. جنهن ڪري هتان جي رهاڪن جو جسم غلام، ذهن جڏو، پڇڻ پڇڻ جي قوت گهٽيل ۽ سڀئي انساني حق کائن کسيل هئا. سنڌ هڪ عجيب ۽ نڌڻڪي ڪيفيت ۾ ورتل هئي ۽ بيان ڪيل حالتن سنڌ جي اقتصادي حالت حد کان وڌيڪ خراب لانجهي ڪري ڇڏي هئي. آبپاشي جو سلسلو سهنجو ڪونه هو. ۽ نه چارن پيچرن کانسواءِ آمدرفت لاءِ ڪي عام راسته ۽ شاهي سڙڪون هيون. بک، اٻاڻڪي، نڌڻڪائي ۽ بک پيڙا انتها تي پهچي چڪي هئي. ڪنهن به مظلوم جو سڏ، واڪو ڪونه ٿي سڻيو ويو!
    اهيو هو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حال جنهن وقت جهوڪ جو شاهه عنايت صوفي، جيڪو تصوف ۽ طريقت جي تعليم لاءِ دکن ويل هو، سو اتان موٽي سنڌ اندر پنهنجي ٿاڪ جهوڪ شريف ۾ اچي پهتو عالمگير گهٽ ۾ گھٽ پنجويهه وريهه حيدرآباد دکن جي مسلم رياستن کي آڻ مڃائڻ ۽ ناس ڪرڻ ۾ گذاريا. شاهه عنايت صوفي انهي جيهڙي جهٽي، رتوڇاڻ ۽ مسلسل تباهين ۽ بربادين جا ڪيئي نظارا پاڻ اکين سان ڏسي چڪو هو. ۽ ڪنن سان ڪيترا خوني داستان ۽ درد ناڪ ڪهاڻيون پاڻ انهن مطلوبن واتان ٻڌيون هئائين جن مٿان اهي ويل وهيل هئا.
    غلبي، قوت تشدد، ناانصافي ۽ انسان ذات جي مظلوميت جو احساس انهي وقت سندس فڪر ۽ ذهن تي نقش ٿي چڪو هو، جڏهن پاڻ دکن ۾ هو. ويتر جو سنڌ ۾ پهچي هن عوام جي هي جهريل حالت ڏٺي، تنهن کيس سخت حساس ۽ ڏکارو بڻائي ڇڏيو.
    سندس خاندان مدتن کان معزز ۽ محترم هو. خدا آگاهي انهي خاندان جي خمير ۽ ضمير ۾ موجود هئي. خانقاه موجود، مسند قائم ۽ مريدن جو وڏو گروهه انهي گهراڻي سان واڳيل هو. مغليه دستور مطابق انهي خاندان کي ڍل جي معافي سان پنهنجي ڳوٺ جي ڀر پاسي ۾ زمينون پڻ مليل هيون. جن تي سندن بزرگن جو گذران هو. شاهه عنايت صوفي دکن مان موٽي اچي جڏهن پنهنجي بزرگن واري مسند تي ويٺو، انهي وقت انهي عبادت الاهي سان گڏ خدمت خلق جو پڻ سلسلو سٽيو، جيڪو عبادتي الاهي جو حقيقي مفهوم به آهي.
    زميندار ۽ هاري جي وچ ۾ انهي وقت ڪو قانون يا ڪي حدون مقرر ڪو نه هيون. جيڪڏهن زميندار ڏاڍو آهي، ته پوک جا ٻئي سرا سندس گهر پهچندا هئا ۽ هاري اوڇڻ ڇنڊي ديري مان نڪرندو هو. ۽ هون به دستوري طرح قرضن ۽ ٻين ڏتين ليتين سبب هو، جو سنڌ جو هاري آوارا نشين جيان ڪٿي به پڪي طرح رهي نه سگهندو هو. بک ۽ افلاس کي دور ڪرڻ لاءِ هو هنڌان لڏي ٻئي هنڌ، اميدن پٺيان اميدن جا جهوپڙا اڏيندو ۽ مايوس ٿيڻ بعد ڊاهيندو وتندو هو، اهو ئي ڪارڻ هو، جو سنڌ جو مجبور طبقو زمين پيدائش تان آسرو لاهي، پيٽ جي گذارن جي ٻئي ڪا واهه نه ڏسي، پنهنجي ٻارن جي بک دور ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي اخلاقي گناهن ۾ مبتلا ٿي ويو ٿي. جهڙوڪ ڌاڙا هڻڻ، چوريون ڪرڻ، کاٽ هڻڻ ۽ مال ڍڱي جي ٻڌ ڇوڙ. اهي اخلاقي پستيون سڀ انهي ڀيانڪ معاشري جو پيداوار هيون، جنهن ۾ اقتصادي حالت سان غير متوازن ۽ ڊانواڊول ڪئي وئي هئي.
    شاهه عنايت صوفي پهريون ماڻهون هو. جنهن انهي ڏکوئيندڙ صورتحال کي دکن کان ايندي شرط شدت سان محسوس ڪري، پنهنجي آباڻي زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏيئي پيداوار تي مساوي حق ۽ حصي جي رٿا تي، ۽ مريدن، ڳوٺاڻن ۽ پاڙيسرين کي گڏي، انهي رٿا تي عملي قدم کنيو، سندس ڳوٺاڻا، سندا اهل خاندان ۽ سندس مريد يا هاري گڏجي زمين ۾ هر ڪاهيندا هئا. آمدني ۽ پيداوار تي سڀني جو گڏيل حق هو ۽ ونڊڻ وقت هرڪو هڪ جيترو ان ورهائي کڻندو هو. اهو تجربو بيحد ڪامياب ٿيو، انهيءَ رٿا ۾ شامل ٿيل ماڻهو مطمئن ٿي ويا ۽ سندن اقتصادي حالت سُڌري ويئي، هر ڪو ريان کيان ڏسڻ ۾ آيو ٿي.
    انهي ءِ نئين ۽ انوکي طريقي، پاسي پلو جي مفلس ۽ پيڙهيل عوام جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو، تنهنڪري تنگدست ۽ بُکايل هاري اوسي پاسي جي زميندارن جي زمينن کي پنهنجي لڏ کڻي جهوڪ جي ”مشترڪ اقتصادي نظام“ هيٺ اچي شامل ٿيو.
    زميندارن لاءِ اهو عمل وڏي خطري جو سبب هو. نه رڳو عوام تان سندن اثر ختم ٿيو ٿي ۽ سندن زمين کي آباد ڪرڻ ۾ ڪنهن دلچسپ ڪانه ٿي ورتي، بلڪ انهيءَ کان وڌ سندن لاءِ اها تباهي هئي، جو هنن جيڪا ڪاڪ ٺاهي هئي ۽ جيڪو ٽڪساٽ حڪومت جا آڌار تي اڏيو هئائون، سو سمورو شاهه عنايت جي انهيءَ رٿا سبب عنقريب ڊانڊاول ٿيڻ بلڪ ڊهڻ وارو هو.
    پاڙيسري جاگيردار، زميندار، وڏيرا، پير خواه خانڪاهي، پراڻي پيدائش پلجندڙ پڳدار ۽ مسند نشين انهي انقلاب ۽ لڏ پلاڻ سبب بنهي مڇرجي پيا. بلڙي ۽ جهوڪ جي ڀر وارا پليجا ۽ پير انهي پيدا ٿيندڙ قوت کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا مختلف سازشون سٽائيون. ڪلهوڙا پڻ فقيري روپ ۾ سنڌ اندر نروار ٿيا هئا. اڌ سنڌ ٺيڪي ۾ کڻي چڪا هئا. باقي سنڌ تي سندن نگاهون هيون. شاهه عنايت جي قوت انهن جي پروگرامن کي ڊاهڻ لاءِ ڪو گهٽ خطرو ڪانه هئي مقصد ته آهستي آهستي سڄا پاڙيسري شاهه عنايت ۽ سندس حلقي کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجا سمورا نفاق، اداوتون ۽ اختلاف وساري ، متحد ٿي ويا، پهرين دهلي ۾ درخواستون داخل ڪيائون، پوءِ ٺٽي جي مغل صوبيدار اعظم خان ذريعي مرڪز جي اميرن ۽ وزيرن کي ڪن ڀريائون، شاهه عنايت خلاف فرخ سير بادشاهه تي هي اثر وهاريو ويو ته سندس اها تحريڪ خانقاهي ۽ دوريشي نه، بلڪه اصل ۾ حڪومت خلاف هڪ مڪمل بغاوت جي تحريڪ آهي. هو ماڻهن کي انهي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي ته هڪ ڏينهن انهن ذريعي مغل حڪومت سان جنگ جوٽي، سنڌ کي آزاد ڪرائي ۽ پاڻ ان جو سلطان بڻجي ويهه. شاهه عنايت خلاف اها سازش ايڏي وڏي پيماني تي رٿيل هئي، جو هو پنهنجن خانگي ماڻهن کي درٻار ۾ موڪلي به ان جي صفائي ڪري ڪونه سگهيو. فرخ سير زوال پذير بادشاهت جو پرويهڻو جاءِ نشين جيئن ته ڪمزور، پر متڙيو ۽ ڪنن جو ڪچو هو، تنهن ڪري هن جي انهي ڪمزوري کان مخالفن ۽ اعظم خان گڏجي پورو فائدو ورتو ۽ هن کان شاهه عنايت کان جنگ جوٽڻ جو پروانو حاصل ڪري ورتائون.
    جهوڪ جي مرڪز جي تباهيءَ تنها شاهه عنايت جو سوال نه هو. هي انهن سڀني مفلسن ۽ مظلومن ۽ بکايل انسانن جي موت ۽ زندگيءَ جو مسئلو هو، جيڪي هتان هُتان جي زمينداري آڙاهه مان نڪري شاهه عنايت جي رٿيل ”اقتصادي نظام“ هيٺ ڪجهه وقت کان سک جو ساهه کڻي رهيا هئا، جيڪڏهن اهو نظام ٿو درهم برهم ٿئي ته سندن لاءِ ساڳيو اوندهه ۽ اندهوڪار هو يعني اهو افلاس، اها بک، اها غلامي ۽ اها ئي ذلت، خواري ۽ دربدري واري زندگي.
    سبي، سنڌ ۽ لاڙ سنڌ جي سڀني جاگيردارن ۽ زميندارن جو جڏهن ڪٽڪ اعظم خان جي ڪمان هيٺ ڪاهي اچي جهوڪ مٿان ڪڙڪيو تنهن وقت شاهه عنايت ۽ سندس ماڻهن ” الارض الله“ نعرو هڻي، پنهنجي مساوي ۽ گڏيل ملڪيت کي هر صورت ۾ بچائيڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن جنگ جي گهڙي آئي، تڏهن مڙس ٿي پنهنجو بچاءِ ڪيائون ۽ ايڏي بي ڍپائي سان پنهنجي بچاءَ ۾ سينا تاڻي اڳتي وڌيا جو هيڏي ساري لشڪر جا بنهي ڇيهه ڇڃي پيا.
    اهو ياد ڪرڻ گهرجي ته دستوري طرح انهي لشڪر کي به مذهبي پيشوائون جي پٺڀرائي حاصل هئي، انهي دور جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه عنايت جي مٿان ڪفر جون فتوائون حاصل ڪيون ويون هيون ۽ کيس پنهنجي سڄي جماعت سميت بي دين ٺهرايو ويو هيو.
    بهرحال مقابلي ۾ زورآورن ۽ زبردستن جو لشڪر کائن کٽي ڪونه سگهيو. نيٺ ٻيو چارو نه ڏسي، صلح جي بهاني سان، اعظم خان، شاهه عنايت کي پاڻ وٽ اچڻ تي راضي ڪيو، جيئن صلح جا شرط روبرو طئي ڪري، ۽ شاهي ڪٽڪ پٺتي موٽي وڃي.
    شاهه عنايت جي دل جي ٻيائي ڪانه هئي ۽ نه سندس ڪنهن فتني جي خواهش هئي، تنهن ڪري هو ڪنهن شڪ شبي بنا اعظم خان وٽ هلي اچي پهتو. ڏاڍي جي ڪردار ۾ واعدي خالفي ۽ ڌوڪو شڪست کائيندڙ زور آور قوت جو آخري هٿيار آهي. جڏهن اعظم خان ۽ زميندار شاهي گڏ ٿيندي به شاهه عنايت کي مات ڏئي نه سگهيا تڏهن انهن هن هٿيار کان ڪم وٺي کيس پاڻ وٽ آڻي گرفتار ڪيو، گرفتار بعد جهوڪ جي سڄي ڳوٺ ، حويلي جو ڪوٽ ۽ هارين نارين جي جهگين ۽ جهوپڙن کي پٽ ۽ ناس ڪري هڪ طرف انهي مرڪز جو بيناد هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو ويو ته ٻئي پاسي شاهه عنايت صوفي کان پايه جولان ڪري، ٺٽي وڃي ساڻس اهو ئي ڪيائون، جيڪو منصور جو مرڪ هو يا جيڪو سرمند سان ٿي چڪو هو.
    شاهه عنايت جو ڪو ڏوهه ڪونه هو، هن گهريو ٿي ته سنڌ ۾ اقتصادي نظام اهڙي نموني رائج ٿئي، جيڪو سنڌ جي رهاڪن لاءِ هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو روزگار ميسر ڪري، غير متوازن معيشتي ناظم ختم ٿئي ۽ ماڻهن جا جسم، ذهن ۽ فڪر زير دستين جي زنجيرن جي جڪڙ مان آزاد ٿين. اهيو ته الله جو ڏوهه هو ۽ نه اسلام جي انحرافي جو، بلڪه اهو عين اسلام هو، اهو اسلام جيڪو اسان جي محمد رسول مصطفي آندو. برحال تيرهن سان ورهيه اسلام جي انهي روح کي زماني ۽ وقت جون قوتون اڇلينديون رهيون آهن. هتي سنڌ اندر به اهو روح شاهه عنايت جي صورت ۾ ڪچليو ويو، پر جن انهي روح کي فنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نيٺ اهي پاڻ به جلدي فنا ٿي ويا، نادر شاهه جي ڪاهه، افغانن جو ڪٽڪ ۽ مدد خان پٺاڻ جي گهل پڪ سان انهي بي گناهه خون جو نتيجو آهي، جيڪو شاهه عنايت جي سسي مان ڌڙ کان ڌار ٿيڻ وقت نارا ڪري اعظم کان سامهون سنڌو ماتا جي سينتي تي ڪريو هو.
    ديدي که خون ناحق پروانه شمع را،
    چندين امان نه داد که شب را سحر کند.​



     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شاهه عنايت الله عليه عرف ”شاهه شهيد“ صوفي جهوڪ

    شاهه عنايت الله عليه عرف ”شاهه شهيد“ صوفي جهوڪ​

    مصنف؛ سائين جي. ايم. سيد
    صوفي ادارا، منهنجي نظر ۾ بين الاقوامي اتحاد ۽ امن جي پرچار جا مرڪز پئي رهيا آهن. جن جو وجود ملڪ ۾ زماني ۾ پئي رهيو آهي. انهن جا قسم ۽ متا ساڳيا رهيا آهن. ليڪن طريقه ڪار علحده هئا.
    هڪڙن علم ۽ ڳيان کي ترجيح ٿي ڏني، ٻين عشق ۽ ڀڳتيءَ کي رهبر راهه ٿي بنايو، سنڌ ۾ اهڙا صوفي پرچارڪ مرڪز چار هئا. جن قلندر شهباز عليه رحمت کان پوءِ نمبر جهوڪ جي شاهه عنايت جي خانقاهه جو هو. جنهن طرفان انقلابي نظريو صوفياءِ سنڌ جي سامهون پيش ڪيو ويو.
    تنهن دور ۾ طريقت ڄاڻن طرفان تصوف جا ٻه نظريا پيش ڪيا ٿي ويا. جن ۾؛
    پهريون هي ته مذهب اسلام آخري، مڪمل ۽ جداگانه دين آهي، ۽ ان جي اچڻ بعد ٻيا سڀ دين منسوخ ٿي ويا آهن. ديني ۽ دنيوي نجات انهي وسيلي حاصل ٿيڻ واري آهي، تنهنڪري شريعت اسلامي جي پيرويءَ کان سواءِ طريقت بيڪار آهي. خداشناسيءَ لاءِ بزرگان دين جي ٻڌايل رستن تي هلڻ ضروري آهي.
    ٻين جو چوڻ هو ته سڀني مذهبن جي ظاهري مختلف شريعتن جي پويان پيغام وحدت سمايل آهي. جملي پيغمبرن، رشين، فيلسوفن جا متا ۽ مقصد بنيادي حيثيت سان ساڳيا آهن. سندن شريعتن جو ظاهري اختلافي ملڪي حالت ۽ ضروريات، ماڻهن جي ارتقائي ڏاڪن ۽ سمجهه مطابق عارضي ۽ فروعي اختلافن ۽ تحريڪ ۽ تبديلي جي ڪري انهن جو نعم البدل بڻي آهي، ان ڪري انهن شريعتن جو منسخ ٿيڻ۽ منسوخ ٿيڻ لازمي امر آهي.
    ان صورت ۾ به رموز حقيقت ۽ اسرار ڪائنات جي ڳولها جي سلسلي ۾، تصوف جا بنيادي متا، اتحاد انساني، امن عالم ۽ حقيقت شناسي بنيادي طرح سان وڏي اهميت رکن ٿا. انهن جي مرڪزي حيثيت تي سڀني مذهب ۽ فلسفا اچي جمع ٿين ٿا. اصل ۾ اها جامعيت ئي اسلامي شرع جو اجتماعي روح آهي. جنهن تي اصل تصوف پنهنجي مقصد جو بنياد رکيو آهي. ان ڪري انهن پنهنجو مقصد ”وحدت“ انساني رکيو، جنهن جي جواز ۾ هتي وحدت الوجود ۽ وحدت مذاهب جي نظرين کان ڪم ورتو ويو. ان حقيقت جي تشريح مثنوي مولانا رومي، توڙي شاهه ولي الله جي ڪتابن ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تحريرن ۾ موجود آهي، انهن جي تاويلات کي ڪي اهل شرع سلسلا نٿا مڃين، جن جو تفصيل ڪتابن ۾ موجود آهي. (” جنب گذاريم جن سين تان ورتل“ تان ورتل ص؛ 7.10)
    بهرحال، شاهه عنايت الله عليه صوفيءَ جهوڪ واري صوفياڻي تعليم کي نعري جو چوٽ تي کليو کلايو اُن دور ۾ ظاهر ڪيو جڏهن اڃان اورنگزيبي ڪٽر پڻو مُلا جو زاد راهه هو. هُو انهيءَ ڳالهه جي پرواهه نه ڪري حق جو آواز بلند ڪندي سر ڏئي سرهو ٿيو. هُن پيغام ۽ تعليم جي احوال ڪرڻ کان اڳ سندس شخصي زندگيءَ جو ذڪر ڪريان ٿو.
    شخصي زندگي؛
    شاهه عنايت الله عليه جي والد جو نالو مخدوم فضل الله هو. جيڪو سنڌ جو مشهور بزرگ هو.
    هي بزرگ ميران پور جي ڳوٺ ويجهو هاڻوڪي جهوڪ تعلقي ميرپور بٺورو ۾ رهندو هو. سندس پيدائش جي تاريخ، احوال محفوظ نه ٿيڻ ڪري نٿو ملي سگهي، تنهن ڪري سندس احوال ڪجهه پراڻن ڪتابن جهڙوڪ ”حفه الڪرام“ ”قالات الشهراءَ“ ۽ ٻين ڪتابن ۽ ڏند ڪٿائن مان جيڪو ملي سگهيو آهي، سو ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
    هن بزرگ ظاهري علم ڪٿي ۽ ڪهڙي عالمن کان پڙهيو، ان جو پتو نه آهي، البته سندس طريقت جو اُهو احوال ملي ٿو ته هيءَ مخدوم عبدالحسين ولد شاهه عبيدالله برهانپوريءَ جو مريد هو.
    اُهو بزرگ سلسله قادريه سان واسطو رکندڙ هو، جنهن بابت مختلف راويتن جو ذڪر مون سندس سجاده نشين سائين ميان صوفي عبدالستار صاحب جي زندگيءَ جي احوال ۾ پنهنجي تصنيف ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ ڏنو آهي، جنهن کي هتي دهرائڻ مناسب نٿو ڄاڻان. هيءُ صاحبڏنو فقير درازن وارو هڪ ئي چشمه فيض مان سيراب ٿيا هئا، جنهن جي اولاد مان سچل سرمست پيدا ٿيو.
    هن جڏهن پيغام حق پکيڙن شروع ڪيو ته سنڌ گوشي گوشي مان ڪري طالب اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا، انهيءَ وقت سنڌ تي مغل گورنرن جي راڄ هو، جيڪي ٺٽي ۾ رهندا هئا. اورنگزيب جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيل مذهبي تعصب جو اثر اڃا تائين ملن تي قائم هو. گڏوگڏ ڀر وارا پير جهڙوڪ؛ ميان عبدالوسع شاهه ڪريم جو سجاده نشين، حمل جت، وڏيرو نور محمد پليجو ٻيلي وارو ۽ مُلن هن جي تعليم ۾ سندن مستقل مفاد کي نقصان پهچڻ جي امڪان ڏسي مُغلن جي نواب اعظم خان جي ڌيان تي شاهه عنايت الله عليه جي خلاف غلط خبرون ٻڌائي بر خلاف ڪيو. اُن دهلي جي مغل بادشاهه فرخ سير کي رپورٽ موڪلي. صوفي صاحب خلاف قدم کڻڻ لاءِ اجازت گهري، اُن تي هن ميان يار محمد ڪلهوڙي، مير شهداد خان ۽ ڀر وارن زميندارن کي صوفيءَ صاحب کي قيد ڪري وٺي اچڻ لاءِ حڪم ڪيو.
    چوڻ ۾ اچي ٿو ته فقيرن ڇهن مهينن تائين مقابلو ڪيو، جن شهيدن جا گنج اڃان تائين صوفي صاحب جي درگاهه ڀرسان يادگار ٿيا بيٺا آهن. نيٺ صوفي صاحب ماڻهن کي وڌيڪ خونريزيءَ کان بچائڻ خاطر حڪومت جي ڪارندن جي وعدن ۽ انجامن تي ساڻن گڏجي نواب صاحب وٽ آيو. کيس خبر هئي ته ڇا ٿيڻ وارو هو. نواب صاحب مُلن کي گهرائي هن سان بحث ڪرائي کانئن سندنس قتل لاءِ فتويٰوٺي کيس 17 صفر تي شهيد ڪرائي ڇڏيو. قتل ٿيڻ مهل پاڻ فرمايائون.
    سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
    اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد​
    .
    معنيٰ ؛ حق جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگي جو بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمو لهي وڃي ٿو.
    سندس سلسلا طريقت جا هيٺيان مکيه بزرگ معتقد يا طالب رهيا آهن.
    1. سيد جان الله شاهه رضويءَ روهڙي وارو 2. روحل فقير ڪنڊڙي وارو 3. فقير قادر بخش بيدل روهڙي وارو 4. سيد رکيل شاهه صوفي فتح پور گنداواهه 5. صادق فقير عمرڪوٽ 6. سيد قطب شاهه صوفي جهانيان حيدرآباد 7. نواب ولي محمد خان لغاري تاجپور 8. دريا خان فقير هيسباڻي 9. دلپت صوفي روهڙي وارو ۽ ٻيا.
    سندس مزار جهوڪ جي ڳوٺ ۾ آهي، جتي 17 صفر تي هر سال سندس ورسيءَ تي عرس مبارڪ ٿيندو آهي. سندس مقبري تي لکها روپيا خرچ ڪري ياد گار قائم ڪيو ويو آهي. پر افسوس اهو آهي ته اهڙي بزرگ جي تعليم ملفوظات ۽ پيغام کي هٿ ڪري پکيڙن طرف پورو توجهه نه ڏنو ويو آهي.
    وقتي است که آوازه، منصور ڪهن شدت،
    من از جلوه دهم دار و رسن مارا.
    وانگر وقت آيو آهي ته اُن جو پيغام کي نئين سر ظاهري ڪري ملڪ مان نفرت ڪٽرپڻي، مذهب جو غلط تشريح جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي هيءُ سنڌ جو منصور هو.
    تعليم ۽ پيغام؛
    شاهه شهيد جي تعليم جا بنيادي متا هيٺيان آهن؛
    1. وحدت الوجود جو اظهار 2. وحدت انساني جو پرچار 3. وحدت مذاهب جو ذڪر اذڪار 4. ظاهري شريعتن واري دين منظمن جي اهميت کان انڪار.
    پهريون متو؛ وحدت الوجود؛
    هن نظريي کي ويدانيت ۽ پئنٿيزم جي نالي سان سڏجي ٿو. اُن نظريي مطابق ذات حقيقيءَ جي وجود کان سواءِ ٻي ڪنهن به وجود کي نٿو مڃيو وڃي. ان موجب ذات هڪ آهي. ٻي سڀ صفات آهي. ان نظريي مڃڻ ڪري دوئي گم ٿيو وڃي، هر هنڌ ساڳي ذات جو ظهور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس سلسلي جو طالب صوفي دلپت فرمائي ٿو ته؛
    هر شي دي وچ توهين وسدا، اپنا آپ ڇپائيه ڪيون،
    اندر ٻاهر تونهين رسيا بانورا لوڪ ڀلائيه ڪيون.
    شاهه عبدالطيف ڀٽائي تي صريحا صوفي صاحب جو اثر نمايان آهي جڏهن چوي ٿو؛
    جي تڙ تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
    سڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوار،
    همه منصور هزار ڪهڙي چاڙهيو چاڙهئين.
    ٻيو متو؛ وحدت انساني؛
    سندس تعليم جو ٻيو اصول وحدت انساني جي شناخت جو هو، جيڪو درحقيقت اسلام جي شناخت جو هو، جيڪو درحقيقت اسلام جو بنيادي پيغام هو، جنهن مطابق ماڻهن جي وچ ۾ مذهبن، رنگن، قومن، نسلن ۽ نظرين جي نالي کڙي ڪيل نفاق جي ديوارن کي ٽوڙي اتحاد انساني پيدا ڪرڻ هو.
    قرآن ان لاءِ صاف لفظن ۾ فرمايو آهي ته
    ”کنتم امنته واحدت“
    معنيٰ ؛ انسان اصل ۾ هڪ ئي جنس هئا.
    شيخ سعدي ان جي وڌيڪ تشريح هيٺين طرح ڪئي آهي.
    بني آدم اعضائي يک ديگر اندر که در آفريش زيک جوهر اند،
    چويک عضوي بدرد آورد روزگار، هم عضوها را نماند قرار.
    معنيٰ؛ انسان ذات اصل ۾ هڪ جوهر مان پيدا ٿيل هڪ جنس ۽ جسم وانگر آهي، ان جو مثال اهڙو آهي، جيئن هڪ عضوي ۾ درد ٿيڻ ڪري سمورو جسم بيقرار ٿيو پوي.
    اُن تعليم کي وساري مُلن شريعت جي نالي ماڻهن ۾ فرق پيدا ڪري ڇڏيا هئا. جن اسلام جو بنيادي مقصد ختم ڪري ٿي ڇڏيو. انهيءَ جي رد ۾ صوفي صاحب جي پوئلڳن هيئن ظاهر ڪيو ته؛
    حقيقت ۾ هڪ ٿيو ڪُفر ۽ ايمان،
    مظهر مولا پاڪ جو، هندو مسلمان،
    تارا ڪيائين تالان، سورج سندي سوجهري.
    (صوفي بيدل فقير)
    حقيقت ۾ هڪ ٿيو، اڇو ۽ ڪارو،
    نينهن هنيو نعرو، هر مظهر ۾ هڪڙو.
    (صوفي بيدل فقير)
    ٽيون متو؛ وحدت مذاهب؛
    سندس ٽيون اصول سڀني مذهبن پويان بنيادي وحدت جو پرکڻ هو، وحد الوجود ۽ وحدت انساني ۾ ويساهه رکڻ کانپوءِ مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت ۽ هيڪڙائي جو ظهور چٽو ٿيو پوي.
    صوفي انهيءَ ڪري لاڪوفي ٿئي ٿو، جو هن جي مذهب جا مقصد اتحاد انساني، عالمي امن ۽ ماڻهن جي روحاني ۽ جسماني ترقي ٿين ٿا. انهيءَ مقصد کي سامهون رکندي روحل فقير فرمائي ٿو؛
    ڪُفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀرين اُبتا پير،
    هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
    انڌن اونده نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،
    روحل راهه پرينءَ جي، گهُمي ڏٺوسين گهيڙ،
    ته رب مڙني هيڪڙو، تنهن ۾ ڦند نه ڦير،
    ساڪاڏي ڪندي پير، جا سُتي ڪعبت الله ۾.
    (صوفي روحل فقير)
    بحر عميق ۾ جوئي پوئسي، دين ڪفر دا دفتر دوئسي.
    چوٿون متو؛ دين منظمن جي اهميت کان انڪار؛
    صوفي عشق کي رهبر راهه بنائي ٿو، جنهن۾ سونهن حق ۽ نيڪيءَ جي ڳولها جي بي انتها جذبو ۽ خواهش رهي ٿي. سچي عشق جي نظر ۾ الله، سونهن آهي ۽ ان پيدا ڪيل هر شيءَ ۾ سونهن ڏسي ٿو. تنهن وٽانئس ڪاري ۽ اڇي، چڱي ۽ مَدي، ڀلي ۽ ڍلي، ڪُفر ۽ اسلام جا تفاوت مٽجي وڃن ٿا.
    نه منجهه ڪُفر نه دين،عشق لڳئي ته ڪر آمين“
    (صوفي روحل فقير)​
    هن تان ظاهر جا اختلاف مٽجيو وڃن. ٻيائي ناس ٿيو وڃي. سڀ جاءِ تي پرينءَ جو مظهر پيو پسي. هُو ملن ۽ پنڊتن جا مذهبن جي نالي ۾ کڙا ڪيل تفاوت نٿو مڃي. مذهب کي هر ماڻهوءَ جا تابع ڄاڻي ٿو. نه ماڻهوءَ کي مذهب جو محتاج ڪرڻ گهري ٿو. هو مذهبي شريعتن کي هاڻوڪي دور ۾ وحدت انساني وحدت جي راهه ۾ رڪاوٽ ڄاڻي، انهن جو پوئلڳن کان انڪاري ٿي، لاڪوني (نان الائينڊ) بنجي غير جانبدار رهي ٿو.
    صوفي شاهه عنايت جون اُهي سڀ ڳالهيون مُلا جي تشريح واري مذهب جي خلاف هيون. مُلن انهن ڳالهين کي سندن مستقل مفاد خلاف پابندين کي ماڻهن جو محتاج ڄاڻي جهمور کي صحيح سمجهيو ته حڪومت ۽ مستقل مفاد جو خوف هن کي حق جي واٽ تان روڪي نه سگهيو ۽ سندس تعليم جو کُليو اظهار ڪيو.
    هو عشق جي ايڏي اتاهين مينار تي بيٺل هو، جتان مذهب، حڪومت، جماعتي دستورن جا سنڌا مٽجي ويا ٿي. همه اوست جي عالم ۽ غرق ٿيڻ ڪري مُلا جا مقرر ڪيل ڪوڙ سچ گناهه ثواب جا معيار ئي وٽس بدليل نظر ٿي آيا. هي محويت جي عالم ۾ رهڻ ڪري ڪنهن جو مخالف نه هو، پر منجهائنس منظم مذهب جي مدرالمهامن، مُلن، حاڪمن، پيرن سندن مستقل مفاد خلاف خطرو ٿي محسوس ڪيو.
    جيڪڏهن شاهه شهيد جي زندگيءَ تي ڌيان سان نظر ڪبي ته هن سنڌي معاشري ۾ اهو ذهني انقلاب آڻن ٿي گهريو جيڪو ان وقت جي قبول ڪيل مذهبي عقيدن، دستورن ۽ مستقل مفاد جي پاڙ پٽي ڇڏي ها. انهيءَ ڪري انهن گڏجي سندن مخالفت ڪئي.
    صوفي صاحب خلاف منهنجي نظر ۾ مخالفت جي هيٺيان ڪارڻ هئا؛
    1. صوفيءَ جو پيغام انهيءَ وقت اورنگزيبي طرز تي پيدا ٿيل مذهبي ڪٽرپڻي ۽ مذهبي تعصب جي پاڙ ٿي پٽي، جنهن مان مُلا پير حاڪم جي مستقل مفاد کي جوکو هو.
    2 جملي مذهبن پويان بنيادي وحدت جي پرچار دين منظم ۽ اثر کي ختم ڪري ٿي ڇڏيو.
    3. سندس جماعت جو رنگ گيڙو ڪپڙو هو. جيڪو هندستاني سنياسي ۽ ٻڌ ڌرم ڀڪشوئن جو رنگ هو. ان مُلا کي ناراض ڪيو.
    4. صوفي صاحب جي راءِ موجب مذهبي عقيدي بندي ۽ الله جي وچ ۾ شخصي معاملو هو، انهيءَ ۾ ٽياڪڙ کي دست اندازي ڪرڻ جو اختيار نه هئڻ گهرجي جنهن ڳالهه مذهب ۽ سياست کي عليحده ڪري مُلا ۽ حاڪم جي مذهب تي هڪ هٽي کي ڪڍي ڇڏيو.
    5. هُن مُلا جي نقطي نگاهه واري مسلمانن جي جدا قوم کي تسليم نه ڪري اُن کي غلط فرسوده ۽ غير اسلامي سمجهيو ٿي. هن وٽ هر صالح ماڻهو بنا تفاوت مذهب جو مومن هو ۽ هر غير صالح ماڻهو بي راهه هو. هن زماني ۾ انسانيت جي مذهب جو پرچار ٿي رهيو آهي. صوفي شاهه عنايت شهيد ان جو باني هو. هن سنڌ ۾ آزاد خيالي، انسان دوستي، محبت، وحدت الوجود ۽ وحدت مذاهب جو پايو وڌو. اهڙي ڪلمي حق جي پاداش ۾ شهيد ٿيو. هو نفرت، نفاق، دوئي، تعصب جو پاڙ پٽيندڙ هو جيستائين سنڌ سلامت آهي، هن جو آواز هر ڪنڊ ۾ گونجندو رهندو. ان کي ڪابه شيءَ مٽائي نه سگهي.
    هن کان پوءِ سنڌ جي تصوف پوري شڪل اختيار ڪئي. هن جيڪي چيو ان کان وڌيڪ هن سائنس ۽ علم جي دور ۾ چئي نه ٿو سگهي. هو لاڪوفيت (نان الائينمينٽ) ۽ رواداري جي جديد نظرين جو ايجاد ڪندڙ هو. هيءُ سنڌ جي پنجن هزارن ورهين جي تعليم ۽ تهذيب جو پيغام رسان هو. جيئن پيغمبر خدا کي خاتم النبي سڏجي ٿو. تيئن اسان هن کي خاتم پيغام سنڌ سڏيون ته هرج نه آهي. گڏ وگڏ هي بزرگ سنڌ جي عالمي پيغام، انساني اتحاد، عالمي امن ۽ بني آدم جي ترقيءَ جي پيغام آڻيندڙ آهي، وحدت الوجود، وحدت انساني ۽ وحدت مذاهب ان تحريڪ جا بنيادي مقصد هئا. محبت، اهنسا، رواداري، لاڪوفيت (نان الائيمينٽ) انهن مقصدن جي حصول لاءِ ذريعا ٺهرايا هئائين.

     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    صوفي شاهه عنايت شهيد جو فڪر

    صوفي شاهه عنايت شهيد جو فڪر​

    مصنف؛ فقير صوفي امام الدين
    اصل ۾ فڪر آهي ڇا؟ قرآن پاڪ ۾ الله تعالي ڪيترن جاين تي ارشاد فرمايو آهي ته اي عقل واروء اوهان فڪر ڪريو ڪن جاين تي هن ڪائنات جي تخليق لاءِ آيل آهي ته ڪائنات جي تخليق تي فڪر ڪيو. مثلا؛ حضرت ابراهيم جي ستارن تي نظر پئي ان تي فڪر ڪيائين ۽ سوچيائين ته اهو ته خدا ناهي. جڏهن ستارا آسمان ۾ غائب ٿي ويا ته پاڻ فڪر ڪندي سوچيائون ته غائب ٿيندي خدا ٿي نٿو سگهي.جڏهن چنڊ ڏٺائون ته سوچيائون ته اهو ته خدا ناهي جڏهن چنڊ هلڻ ڦرڻ تي نظر ڪيائون ته سوچيائون ته لهندڙ ۽ چڙهندڙ خدا ٿي نٿو سگهي. وري جنهن وقت سج تي نظر پيس ته سوچيائون ته هي ته وڏو آ ( هاذا اڪبر) اهو ته خدا ناهي، جڏهن اهو وڏو سج به غروب ٿي ويو ته فرمايائون (لا احبل عافلين) لهندڙ ۽ چڙهندڙن سان پيار نٿو ڪري سگهجي اهي خدا نٿا ٿي سگهن. جڏهن ان فڪر ۽ سوچ ۾ پروڙيائين ته کين پروڙ پئي ته خدا اڃا ڪا ٻي شيءَ آهي. ان تي پنهنجي فڪري سوچن ۾ گم رهيا ۽ سوچيندا رهيا، سوچڻو ۽ پرکڻو اهو آهي ته، هن ڪائنات جي تخليق جي جوڙ ڪهڙي آهي. قرآن شريف ۾ ذڪر آهي ته؛
    ترجمو؛ مان انسان ۽ جنن کي پنهنجي عبادت جي واسطي پيدا ڪيو آهي. جڏهن ته عبادت جي معني آهي معرفت ۽ سڃاڻپ. ٻيءَ جاءِ تي حديث قدسيءَ ۾ فرمان آهي ته؛
    جي تون نه هجين ها ته مان هيءَ ڪائنات ئي نه خلقيان ها. (حديث قدسي)
    ٻي حديث قدسي ۾ فرمان آهي ته؛
    مان هڪ ڳجهو خزانو هئس، مان چاهيو ته منهنجي سڃاڻپ ٿئي. ان ڪري مان هن ڪائنات ۾ مخلوقات خلقي. تاڪه منهنجي ذات سڃاتي وڃي.
    اهو فرمان وري قرآن شريف ۾ ارشاد فرمايائون ته
    ترجمو؛ مان زمين تي پنهنجو نائب مقرر ڪريان ٿو جڏهن ملائڪن جرح ڪئي ته انسان زمين تي ويندو ته ڦڏا ۽ فساد پيدا ٿيندا. الله تعالي ملائڪن کي حڪم ڏنو ته؛
    ترجمو؛ جي توهان پنهنجي قول ۾ سچا آهيو ته هنن شين جا نالا کڻي ڏيکاريو.
    ملائڪن جواب ڏنو ته؛
    ترجمو؛ توهان جي ٻڌائڻ کان سواءِ اسان ڪجهه به نه ٻڌائي سگهنداسين.
    حقيقت ۾ الله تعالي حضرت انسان کي سڀني شين جا نالا ٻڌائي ڇڏيا هئا. ان صورت ۾ حضرت آدم کان جڏهن انهن سمورين شين جا نالا پڇيا ويا ته ان انهن سڀني شين جا نالا ٻڌايا ان تي ملائڪن توبهه تائب ٿي خدا کي عرض ڪيو ته؛
    پاڪ آهي تنهنجي ذات اسان کي ڪوبه علم ڪونهي ڪو سواءِ تنهنجي ٻڌائڻ جي. ان کان پوءِ الله تعالي پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏنو ته هن آدم کي سجدو ڪيو. جنهن تي سواءِ ابليس جي سڀني سجدو ڪيو.
    جڏهن آدم کي (سجود ملائڪ) ٿيو ته اهو فڪر ڪائنات جاڳيو ته الله تعالي آدم کي ڇو سجدو ڪرايو. انهيءَ فڪر مروج ڪرڻ لاءِ پيغمبر آيا. آخر ۾ حضور جن آيا. جن جي تبع مبارڪ ۽ حيات تي نظر رکي سوچجي ٿو ته پوري زندگي نبي ڪريم جن جي انسان جي ڀلائي ۽ ولوڙ ۾ گذري ۽ هڪڙي ئي خدا جي وحدانيت جو درس ڏيندا آيا ته خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪونهي. اهوئي عالمگير فڪر هيو.
    پيغمبر جن جڏهن معراج کان واپس آيا اصحابن سڳورن حضور جن کي عرض ڪيو ته ڇا توهان خدا ڏٺو؟ پاڻ فرمايائون ته؛ مون کي رب جو قسم مان پنهنجي رب کي سڃاڻي آيو آهيان. (حديث)
    ان تي اصحابن سوال ڪيو ته توهان ڪيئن سڃاتو پاڻ فرمايائون ته ؛ مان پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهيان (حديث)
    اُتي وري حضور جن آڏو سوال ٿيو ته الله کي ڪيئن ڏسجي.
    پاڻ ارشاد فرمايائون ته؛ جنهن مون کي ڏٺو تنهن الله کي ڏٺو ۽ تحقيق شيطان منهنجي صورت ۾ نه ايندو. (حديث قدسي)
    اتان صاحب فڪر کي وحدت الوجود جو نظريو مليو ۽ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي ته خدا جو جلوه خدا جو گهر ۽ خدا جي موجودگي حضرت انسان ۾ ئي آهي. اهڙي طرح اولياءِ اڪرام هن دور ۾ پنهنجي پنهنجي فڪري گهراين سان خدا جي احصاب ڪري پنهنجون عملي زندگيون، وقت ۽ حالات مطابق گذاريون آهن. اهڙي نموني سڄي ڪائنات ۾ سڀني ڌرين ۾ فڪري لاها چاڙها ايندا رهيا. انهيءَ وحدانيت واري فڪر ۾ هڪ اهڙي شخصيت جنم ورتو جنهن جي فڪر پوري ڪائنات کي هلائي ڇڏيو. خاص طور تي برصغير ۾ وحدت الوجود جي فڪر جي هلچل مچي ويئي. جڏهن سنڌ ۾ حضرت مخدوم صدرالدين جن ميرانپور اچي قيام فرمايو جڏهن ته ڪيترن ئي مورخن صوفي شاهه عنايت شهيد جي خاندان کي (لانگاهه) لکيو آهي، افسوس آهي سنڌ جي انهن مورخن تي جن بنا ڪنهن سوچ، فڪر ۽ تخقيق جي کين لانگاهه لکيو آهي درحقيقت بقول سيد رکيل شاهه ( درگاهه فتح پور بلوچستان)
    تون آهين شاهن جو شاهه، توکي ڪير چوي لانگاهه
    (صوفي رکيل شاهه
    سندن شجره نسب جي پاڻ ممانيت ڪئي هئي ته اسان جي شجري نسب کي ظاهر نه ڪيو وڃي. ڇو ته ذات جي صفات تابع آهي. ۽ پاڻ ذات بڻيا هئا. انهيءَ ذات کان مٿي ڪابه ذات ناهي باقي سندن شجري مطابق سندن نسب حضرت امام حسن عليه السلام سان ملي ٿو.
    اهڙو شجرو اسان وٽ موجود آهي.
    جڏهن صوفي شاهه عنايت شهيد پنهنجي مرشد حضرت عبدالملڪ شاهه جيلاني رحمت الله عليه کان (تلوار ۽ پاکر) وٺي مرشد جي حڪم سان منهن تي نقاب چاڙهي پاڻ اتان پنهنجي سنڌ ملڪ روانا ٿيا. انهيءَ وقت ۾ دهلي ۾ سندن استاد مخدوم غلام محمد به سندن طالب ٿيو. انهيءَ سان گڏ ٻه سيد سندن طالب ٿيا جيڪي انهيءَ وقت جي حڪمران جا وزير يا امير هيا. جن کي صوفي شاهه عنايت شهيد جن فرمايو ته توهان هتي دهلي ۾ رهو اسان توهان سان وري هتي ئي ملنداسين ۽ اسان کي سڃاڻجو.
    صوفي شاهه عنايت شهيد جڏهن ( بيجاپور هندوستان) کان ( ميرانپور) سنڌ پهتا ته جيڪو فڪر پاڻ کڻي آيا هئا. ان کي عملي جامو پهرائڻ جي واسطي پاڻ سوچڻ لڳا. انهيءَ وحدت الوجود واري فڪر ۾ ٻن شين جي واضع هدايت فرمايائون؛
    من ۾ گويم از دنيا جدا باش،
    بهرحال ڪه باشي با خدا باش.
    ترجمو؛ مان اوهان کي نٿو چوان ته دنيا کان الڳ ٿلڳ رهو. پر جنهن به حال ۾ رهو خدا سان رهو. اهوئي صوفي شهيد جي فڪر جو بنياد هو.
    پاڻ جڏهن سنڌ پهچڻ کان پوءِ ماحول تي نظر ڦيريائون ته پاڻ ڏٺائون ۽ محسوس ڪيائون ته اسان جي ديس جا ڌرتي ڌڻي نهايت تنگي ۽ مظلوميت واري حالات ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. وقت جا حڪمران جاگيردار، وڏيرا، پير ملان سڀئي گڏجي انسانيت جو استحصال ڪري رهيا آهن. پاڻ هم وقت هن سڀني جابر قوتن خلاف آواز اٿاريو. جن ۾ حڪمرانن، جاگيردارن، وڏيرن، پيرن ۽ ملن کي چتاءُ ڏنو ته انسانيت تي رحم کائو ۽ ظلم بند ڪيو. انهن جابرن جي ظلمن جي ماريلن ۽ ستايلن ميرانپور جو رخ ڪيو. ايترو ته فڪر ڦلهجڻ لڳو جو اندازن ڏهه هزار بکايل ستايل اچي ميرانپور پهتا جن کي صوفي شاهه عنايت شهيد پناهه ڏني.
    وقت جي جابر حڪمرانن کي چتاءُ ڏنائين ته هنن جا حق واپس ڪيو سندن سان انصاف ڪيو. جاگيردارن ۽ وڏيرن کي حڪم ڏنائين ته جو کيڙي سوبه کائي ان جي فڪر تي ان وقت جي سنڌ جون جابر قوتون سندن خلاف ٿي ويون. ان جي خلاف ملان ۽ ٻيا سازش جوڙڻ ۾ جنبي ويا. ان وقت حڪمرانن کي خوف لڳو ته متان حڪومت کسجي وڃي. پيرن ۽ جاگيردارن کي فڪر لڳو ته اسان جا غير فطري دڪان بند ٿي ويندا. اسان جون جاگيرون برقرار نه رهي سگهنديون انهيءَ جي ڪري صوفي شهيد سان جنگ جون تياريون ٿيڻ لڳيون. صوفي شاهه شهيد پنهنجي خانگاهه تي رهيل هئا ته لشڪر ڪشي ڪري موجود درگاهه جي اندر پنهنجون فوجون ويهاريون ويون پاڻ صاحبن پنهنجي فقرائن کي حڪم ڪيو ته هن لٺ سان وڃي ميرانپور کي چوڌاري ليڪو ڪڍي اچو.
    مخالف ڌريون جڏهن فوجون ڪاهي انهيءَ ليڪي تي پهچن پيون ته قدرتي طور اهڙو طوفان آيو پئي جو دشمن جون فوجون واپس موٽي پيون وڃن. انهيءَ ڪشمڪش ۾ ڪافي مهينا گذري ويا آخر ڪار دشمنن جي فوجين ۽ وقت جي حڪمرانن منافقت جي هڪڙي سازش رٿي مير شهداد خان ٽالپر کي قرآن شريف ڏيئي صوفي شهيد ڏانهن موڪليو ويو ته توهان سان ڪابه جنگ ڪانهي ڪوبه جيهڙو ناهي اوهان سان صلاح ڪرڻ پيا چاهيون. مير شهداد خان ٽالپر صوفي شهيد جي بارگاهه ۾ پهچي کين هن ماجرا کان واقف ڪيو پاڻ فرمايائون ته اسان کي اهو انتظار هيو ته اهو وقت اچي. جڏهن خدا جو ڪلام منهنجي هٿن ۾ هوندو اسين هلڻ لاءِ تيار آهيون. پاڻ انهيءَ وقت خاص خاص خليفن کي پنهنجن وٿاڻن ڏانهن موڪليائون. صوفي شهيد پنهنجي فقراءَ ڀاءِ صوفي رحمت الله شاهه ۽ ڀائٽي صوفي يوسف علي شاهه سان گڏجي مقتل ڏانهن روانا ٿيا. رستي ۾ مير شهداد خان صوفي شهيد کي چيو ته قبلا اوهان هتي ترسو ته آئون پنهنجي لشڪر جي خبر چار وٺي اچان! ته حڪمرانن ۾ ڪا غداري ته نه آهي؟ ڇو ته هن کي وقت جي حڪمرانن جي خبر هئي ته اهي چالباز آهن. انهن جي نيت ۾ شروع کان ئي کوٽ هئي. ( واضع رهي ته مير شهداد خان ٽالپر صوفي شاهه عنايت شهيد جو سنڍو پڻ هو) ان تي مير شهداد کي صوفي شهيد چيو ته جيڪي خبر تون وٺڻ پيو وڃين اُهو مون کي اڳواٽ معلوم آهي. فرمايائون ته؛ مرد مجاهد جڏهن قدم اڳتي وڌائيندو آهي ته پوئتي قدم نه هٽائيندو آهي. مير شهداد صوفي شهيد کي سندن جي ئي ڪرامت ياد ڏياري ته توهان جي هڪڙي بصر کي ڪٽڻ پوري ڪمري جا بصر ڪٽجي وڃن ٿا. توهان بيٺي بيٺي سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا. پاڻ فرمايائون ته؛ اسان رضا الاهي تي راضي رهڻ وارن مان آهيون. اسان حضرت امام حسين عليه السلام جي فوج جا عدنا سپاهي آهيون ۽ اسان کي حسيني ريت ڪرڻي آهي. صوفي شهيد پاڻ ٻي ڪربلا سنڌو ڌرتي تي زنده ڪري ڏيکاري، سندن تصوف جي فڪر ۾ خدا جي وحدانيت، انسان ذات سان ڀائيچارو، ذات پات ۽ مذهب کان مٿي انسان جي عظمت کي اوچو ڪري پيش ڪيائون مسڪين ۽ غريب کي اهڙو ته فڪر عطا ڪيائون جيڪو هر تونگر کان مٿي هو. دنيا جو هر نظريو تصوف واري فڪر کان مات کائيندي نظر اچي پيو. ستايلن ۽ ڏکايلن جا ڏک ۽ درد فڪر ذريعي ميٽي ڇڏيائون، پيرن جي خانقاهن تان ڀٽڪيل انسانن کي هدايت بخشي فطري نظريو ڏيئي سرخرو ڪيائون. اڄ اهو ئي فڪر موجود آهي. انهيءَ تصوف واري فڪر کي حضرت صوفي عطاءُ الله ستاري ”صاحبن ڪريمن“ هن وقت هند توڙي سنڌ ۾ ان سان گڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صوفي شهيد جي آفاقي فڪر کي پکيڙي پيو. الله کيس توفيق ڏي (آمين)
    تفڪر ساعتن ”خيرمن“ من عبادت ثقلين
    ترجمو؛ گهڙي جو فڪر ٻنهي جهانن جي عبادت کان بهتر آهي. (حديث قدسي)
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    صوفي شاهه عنايت شهيد جا همعصر ۽ مشهور خليفا

    صوفي شاهه عنايت شهيد جا همعصر ۽ مشهور خليفا​

    فقير امداد لغاري، تاجپور
    بسم الله الرحمن الرحيم​

    سنڌ جي سرزمين کي رب جي ڪائنات جتي ٻين ڪيترن نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي، اتي تصوف جي حوالي سان به خوب نوازيو آهي. هتي عشق و محبت، احترام آدميت، رواداري ۽ اخوت جي اعلي صفات سان نوازيل انسان، هن مڻيادار مٽي جي گود مان پرورش پائي پنهنجي علم و عمل سان، اعلي فهم و فراست ۽ بلند اخلاق سببان ساري دنيا لاءِ مشعل راهه بنجي پيا.
    انهن مانجهي مردن، سالڪ صوفين، ڪامل رهبرن ۽ سج وانگر روشن، سرتاج صوفيان حضرت شهيد شاهه عنايت الله صوفي صاحب رحمت الله عليه جن جي ذات آهي.
    سنڌ جي هن عظيم صوفي پنهنجي عملي جدوجهد، بلند ڪردار ۽ حسن اخلاق سان تصوف جي علم کي سنڌ ۾ ڪمال تي پهچايو. سندن خاندان اصل کان علم و عرفان، فيض و ڪرامت سببان سنڌ ۾ مشهور هو. هن خاندان جا جد اعلي حضرت مخدوم صدر الدين بن مخدوم محمد يوسف رحمت الله عليه جڏهن بغداد شريف کان اُچ شريف پهتا ته سندن فرزند عجائب الدين ساڻن گڏ هئا. اُچ شريف ۾ جيلاني ساداتن وٽ رهائش ٿي. جتان اُنهن ساداتن جي مشوري ۽ اجازت سان سان سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ بٺوري پرڳڻي جي آس پاس وارن ڀٽن کي رهائش لاءِ پسند فرمايائون ۽ اُتي ئي حويليون ڪوٽ ٺهرايائون ۽ هڪ مدرسو پڻ قائم ڪيائون. ان شهر کي ميرانپور جي نالي سڏيو ويندو هو.
    خانداني روايت مطابق سان 1065 هجري ڌاري حضرت مخدوم فضل الله شاهه جن جي سڳوري گهر ۾ اسان جي مُرشد حضرت شاهه عنايت الله صوفي صاحب جي ولاد باسعادت ٿي. ننڍپڻ ۾ خانداني بزرگن کان علم جي تحصيل ڪيائون. مگر آغاز جواني ۾ ئي کين سير سفر جو اهڙو خيال پيدا ٿيو. جو پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميرانپور کان نڪري پيا ۽ پهريائين ملتان شريف پهتا.
    هن سفر ۾ ساڻن گڏ ٽي ساٿي ٻيا به هئا. جنهن جو ذڪر ڪتاب انيس المساڪين واري صاحب پڻ ڪيو آهي.
    1. ميان محمد امين درس صاحب؛ هي صاحب ڊاسوڙي تعلقه ٽنڊوالهيار جو ڳوٺ جو رهواسي هو. جيڪو ان وقت نصرپور پرڳڻي ۾ آهي.
    2. شاهه حمزو نمن وارو؛ هي شاهه صاحب اڏيرو لال جي ڀرسان ويٺل هو. سندس خاندان مان پويان اڃان موجود آهن.
    3. ميان ابراهيم ڪاتيار؛ هي بزرگ ديهه ٻال ٻوچڙن جو ويٺل هو. جيڪو شيخ ڀرڪيو جي بلڪل لڳ ڳوٺ آهي. هن وقت ان جاءِ کي مڪان شريف سڏجي ٿو. هن بزرگ جي خاندان بابت وڌيڪ معلومات نه ملي آهي. البته هيئنر مڪان شريف تي سيد گادي نشين آهن. جن بابت چيو وڃي ٿو ته اُهي ڪاتيار بزرگن جي ڏوهٽاڻ مان آهن.
    حضرت شاهه شهيد سائين جن مٿي ذڪر ڪيل سائين سان ملتان ۾ ڪجهه عرصو حضرت شاهه شمس جي خدمت ۾ رهيا ۽ سندن مشوري ۽ صلاح سان هندوستان جي دکن واري علائقي ۾ حضرت شاهه عبدالملڪ قادري رحمت الله عليه جن جي شاهه عبدالملڪ قادري رحمت الله عليه جن جي حضور ۾ پهتا ۽ دست بعيت ٿيا.
    مرشد جي حضور ۾ سالن جا سال رهيا. خوب مجاهدا ۽ رياضتون ڪيائون. آخر خلافت جو خرقو ۽ تلوار جو تحفو وٺي مرشد جي حضور مان اجازت وٺي واپس پنهنجي وطن لاءِ روانه ٿيا.
    تاريخ جي ڪتابن ۾ هڪ بزرگ حضرت شاهه غلام محمد قادري جو ذڪر ملي ٿو. هي بزرگ وڏو عالم هو. دهلي ۾ سندس خانقاه قائم هئي. هي بزرگ به اصل ۾ حضرت شاهه عبدالملڪ قادري جو مُريد هو. دکن ۾ رهائش دوران مرشد جي حاضري وقت حضرت صوفي صاحب جن جي شاهه غلام محمد سان ملاقات ٿي. اُها ملاقات پوءِ صحبت ۽ محبت ۾ تبديل ٿي ايتري قدر جو شاهه غلام محمد قادري صاحب، حضرت صوفي صاحب جا نهايت عقيدتمند ۽ حلقه به گوش معتقد ٿي پيا. جڏهن پاڻ هندوستان کان واپس ٺٽي سنڌ آيا ته ٻين هندي فقيرن سان گڏ سائين شاهه غلام محمد قادري به گڏ هو.
    ٺٽي جي رهائش دوران خلق جي رجوعات وڌڻ لڳي. ٿوري ئي وقت ۾ سندن مشهوري پري پري تائين پکڙي وئي. مختلف علائقن کان روحاني فيض جا متلاشي، حق جا پانڌئيڙا، محبت جا ماريل، اُن ازلي اُڃ کي لاهڻ خاطر جوق در جوق حضرت شاهه شهيد صوفي صاحب جن جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيڻ لڳا.
    خود ٺٽي شهر جي مشهور عالمن ۽ سالڪن ۾ تمام چوپچو ۽ بحث مباحثا شروع ٿيا. ڪافي خدا رسيده بزرگ ۽ عالم سندن صحبت ۾ شريڪ ٿيا. ۽ فيضاياب ٿيا. مگر ڪي ظاهري علمن جا تحصيل ڪيل مولوي صاحب پنهنجي روايتي ڪٽرپڻي جي سببان سند مخالف ٿي پيا. پاڻ آخر ٺٽو ڇڏي پنهنجي آباڻي ڳوٺ ميرانپور شريف ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائون. هتي به سندن فيض ۽ توحيد جي علم جي پرچار عام هئي. هزارين پياسا هن بحر توحيد جي پاڪ پيالي مان سرُڪي ڀري وڏا ڪامل اولياءَ الله جا ٿي پيا.
    وحت الوجود جي نظريئي مطابق هر شئي ۾ خالق اڪبر جي ذات سمايل آهي. ۽ انسان بذات خود اُن قادر مطلق جي قدرت اعلي ترين ڪامل نمونو آهي. حضرت شاهه عنايت صوفي صاحب جي شخصيت، سندن تعليمات، روحاني ۽ اخلاقي تربيت سندن مريدن ۽ معتقدن ۾ عظيم انقلاب آندو اُهي ” تخلقو بااخلاق الله“ جو اعلي نمونو ۽ ” الانسان سري وانا سره“ واري باطني راز جا رازدان ٿي پيا. خلوت ۽ مراقبو، مجاهدو ۽ مشاهدو صوفي جي فقراءُ جو ڏاج هو. مستي ۽ مدهوشي، سالڪي توڙي بيخودي سندن معراج هو. جڏهن وحدت جو شراب، عشق حقيقي جي تپش ۽ جوش کان سينن مان اڌاما ڏئي ٻاهر نڪتو ته انالحق جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون. اُن زماني ۾ حضرت صوفي صاحب جي بزرگي ۽ ولايت جي مشهوري پري پري تائين پکڙيل هئي. سندن فيض ۽ روحانيت کان سنڌ توڙي هند جي ذرو ذرو تابناڪ هو آسمان کان ڄڻ نور جي برسات وسي رهي هئي. شمع عشق جا پروانا دور درزا علائقن کان سفر ڪري حضرت صوفي صاحب وٽ اچي پيش ٿيا، خود آس پاس جي درگاهن جي مريد پڻ پنهنجي ابي ڏاڏي جي مرشدن کي ڇڏي هتي ميرانپور ۾ فيض حاصل ڪرڻ لڳا. هزارن جي تعداد ۾ فقراءُ گڏ ٿيا. پاڻ گهڻن مريدن کي خلافت جو خرقو ڍڪائي هندوستان جي مختلف علائقن ۾ موڪليائون جتي انهن جون خانقاهون ۽ درگاهون قائم ٿيون ۽ حضرت صوفي صاحب جي فيض جا نوان چشما ڦٽي نڪتا.
    حضرت صوفي صاحب جن جا چاليهه خليفا هئا. جيڪي وڏي ولايت جا صاحب ٿي گذريا آهن. انهن مان به چوڏهن گهڻو مشهور ٿيا. پير حسام الدين جي ڪيل تحقيقات ۽ ڪتاب انيس المساڪين ۾ انهن جي نالا ۽ احوال ملي ٿو. اسان هتي پنهنجي تحقيق ۽ معلومات کي به شامل ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته ناظرين کي اها معلومات حاصل ٿئي. هتي مختصر طور پهريائين حضرت شاهه عنايت صوفي صاحب جن جي مشهور خليفن جو ذڪر ڪنداسين.
    1. شاهه غلام محمد قادري دهلوي
    هي بزرگ، حضرت عبدالملڪ قادري جن جو دست بعيت ۽ مريد هو. مرشد جي حڪم تي دهلي ۾ رشد و هدايت جي مسند وڇايو ويٺو هو. گاهي به گاهي دکن ۾ حضرت شاهه عبدالملڪ سائين جن وٽ به وڃي حاضري ڀريندو هو. جڏهن شاهه عنايت سائين ملتان کان ٿيندا پهريائين دهلي آيا ته شاهه غلام محمد سان ملاقات ٿين.
    روايت آهي ته صوفي صاحب ظاهري علوم جا ڪجهه سبق شاهه غلام محمد کان سکيا. مگر جڏهن صوفي صاحب جن حضرت شاهه عبدالملڪ قادري وٽ پهتا. دست بعيت ٿيا ۽ جوڳ پچايائون، معرفت جون منزلون طئي ڪري وڏي ولايت جا صاحب بڻجي پيا تڏهن ساڳيو غلام محمد شاهه سندن متعقد ۽ مريد ٿي پيو. حضرت شاهه عنايت صوفي صاحب جڏهن دکن هندوستان کان واپس سنڌ جي طرف روانا ٿيا ته ٻين هندوستاني فقراءُ سان شاهه غلام محمد به ساٿين سميت گڏجي ٺٽي آيو. ٺٽي جي رهائش دوران عشق جي غلبي ۽ وحدت جي جوش سببان اڪثر فقراءُ ۽ مريد جذب ۽ محويت واري ڪيفيت ۾ هوندا هئا. ۽ هنن تي حال طاري رهندو هو. خود شاهه غلام محمد پنهنجي مرشد شاهه عنايت صوفي صاحب جن جي اڳيان اهڙي ته عاجزانه نموني باادب ڪنڌ نوائي پيش ٿيندو هو جنهن مان هن جو مقصد مرشد جي تعظيم هئي مگر ٺٽي جي ڪن ظاهر ٻين عالمن کي شاهه غلام محمد جي اها روش پسند نه آئي. انهن مخالفت ڪئي، فتوائون جاري ڪيائون. ۽ تعزير ڏيڻ لاءِ ڪوشان ٿيا. جنهن جي ڪري حضرت صوفي صاحب جن کين واپسي دهلي وڃڻ جو ارشاد ڪيو. پوءِ هي بزرگ دهلي جي هڪ محلي شاهه جهان آباد ۾ خانقاه قائم ڪري ويٺو. اتي به حضرت شهيد جو روحاني فيض وارو سلسلو ڪو وقت جاري رهيو. هن بزرگ سال 1152 هجري ۾ وصال ڪيو. ان وقت محمد شاهه رنگيلو دهلي جي تخت تي حڪومت ڪندو هو.
    مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۽ مقالات الشعراءَ ۾ لکي ٿو ته ” دهلي واري شاهه غلام محمد جو اثر حضرت شاهه شهيد جي تعلق سبب سنڌ تي گهڻو هو ۽ انهي سلسلي جا جيڪا متعقد ۽ متوسل هئا سي سڀ شاهه غلام حمد سان به عقيدت رکندا هئا. مخدوم عربي هالن واري جي ڀاءُ پير آسات جي اولاد مان ميان محمد حسين هو جنهن کي ٻه پٽ هئا هڪ احمد ٻيو هو محمد. انهن مان احمد دهلي وڃي شاهه غلام محمد جي خدمت ۾ رهيو ۽ سندس لنگر خاني جو ڪم ڪار پيو سنڀاليندو هو.
    2. شاهه اسماعيل صوفي عرف شاهه اسد الله ٺٽوي؛
    هي بزرگ اصل خانداني طور ڀلارن بزرگن جي اولاد سان هو. سندس جد اعلي شاهه ابوالقاسم هروي انصاري هڪ بلند پايه جو ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. هي پاڻ به وڏو درويش ۽ وقت جو اولياءَ هو. حضرت شاهه شهيد سان سندس نهايت عقيدت ۽ صحبت گهڻي هئي.
    حال و قال جي مجلس ۾ ساڻن شريڪ هو. فيض جو صاحب هو. سنه 1140 هجري کان پوءِ فوت ٿيو. يعني حضرت شاهه شهيد ۽ ساٿين جن جي شهادت کان پوءِ به ڏهه يارهن سال کن زنده رهيو. علم طب ۽ حڪمت جو وڏو ڄاڻو هو. منثوي مولانا روم جو درس ڏاڍي سهڻي نموني ڏيندو هو جو ان اثر دل تي گهرو پوندو هو.
    ٺٽي ڀرسان مڪلي تي سندس مزار آهي ڪتاب انيس المساڪين جو مصنف لکي ٿو ته حضرت صوفي شاهه عنايت سائين جي فرزند قبله سائين عزت الله شاهه جن هن بزرگ کان اسم ذات پڇيو هو.
    3. شاهه مسعود صوفي ٺٽوي؛
    هي بزرگ شاهه اسماعيل جو مريد ٿيو. جڏهن 1140 هجري کان پوءِ شاهه اسماعيل صوفي وصال ڪيو ته هي بزرگ شاهه غلام محمد قادري وٽ دهلي هليو ويو ۽ ان کان وڌيڪ فيض حاصل ڪيائين. آخر ٺٽي موٽي آيو. مير علي شير قانع سندس لاءِ لکي ٿو ته ” هن وقت سندس جهڙو ٻيو ڪونه آهي. مثنوي جو درس خوب ڏئي ٿو. زماني جي وهمن ۽ سلسلن کي ڇڏي. قناعت ڪيو. پاسيرو ٿيو. پيو ٿيو پنهنجي يار سان ريجهه رهاڻ ڪري سال 1203هجري کان پوءِ وصال ڪيائين.
    4. مير جان الله شاهه رضوي ” خليفه اوال“
    وقت جو وڏو ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ بکر جي سيد حيدري رضوي اولاد مان هو. اوائل ۾ مرشد جي ڳولا ۾ گهڻو سير ڪيائين ۽ سرگردان رهيو. آخر ٺٽي ۾ وڃي صوفي شاهه عنايت سائين سان مليو ۽ سندن بعيت ڪيائين تڏهن دل جي مراد پوري ٿيس. پاڻ وڏن خليفن ۾ شمار ٿئي ٿو. آخر کيس خليفه اول جو لقب عطا ٿيو. حضرت شاهه شهيد صوفي جن جي شخصيت، سيرت، سندن فهم فڪر، فيض ۽ ولايت کي جيڪڏهن سمجهڻو آهي ته ان لاءِ ديوان مير جو مطالع نهايت ضروري آهي خود ڪيترن تاريخي واقعات بابت به آگاهي ملي ٿي. مرشد شاهه شهيد جي تعريف ۾ گھڻو شعر چيو اٿس مختصر نمونو پيش ڪجي ٿو.
    شعر عربي ۾
    مير جان الله شاهه تاريخ 5 ربيع الاول سنه 1167هجري تي وصال ڪيو سندن درگاهه روهڙي شريف ۾ آهي. مزار جي مٿان نئون روضو هاڻي ٺهيو آهي. مير جان الله شاهه جو اولاد اڃان آهي سندس فرزند قلندر علي شاهه به وڏو مرد فقير ٿي گذريو آهي. سيد عبدالنبي شاهه گنداواه وارو، ميان غلام رسول وڻجارو، سيد عبدالوهاب شاهه ڀاڳناڙي بلوچستان ۽ فقير قادر بخش بيدل روهڙي وارو سندس سلسلي جا مشهور بزرگ آهن.
    5. شاهه عبدالطيف ٺٽوي؛
    هي بزرگ وڏي امانت جو صاحب ۽ شاهه شهيد جو نهايت فيض وارو خليفو هو. فارسي ۾ شعر چيو اٿس. حضرت شاهه شهيد سائين جي ننڍي فرزند قبلع شاهه سلام الله عرف ٿر ڌڻي سائين هن خليفي صاحب کان اسم ذات جو پڇيو هو.
    6. شاهه عبدالڪريم ٺٽوي؛
    حضرت شاهه شاهه عنايت صوفي شهيد جن جي مزار تي عاليشان روضو مبارڪ هن خليفي صاحب ٺهرايو هو.
    7. محمد اسحاق فقير؛
    هي فقير نصر پور جو ويٺل هو. سندس اولاد ٿوري عرصي ۾ گذاري ويو ۽ سندس گادي تي مريد ويٺا. هن خاندان مان اڳتي هلي روحل فقير ڪنڊڙي وارو مشهور آهي.
    8. محمد صديق فقير ڀيڏين وارو؛
    هي فقير ذات جو لاکو، اصل هالن جي طرف ويٺل هو، حضرت شاهه شهيد رحمت الله عليه جن جي ميلي جي رٿ هن فقير ڏني. جنهن کانپوءِ هر سال جهوڪ شريف جو ميلو ملهائجڻ لڳو.
    9. ابن اوڙاه فقير؛
    هي فقير ذات جو سمون هو. سخت مجاهدا ۽ رياضتون ڪيائين. مرشد جي درگاهه تي رهندو هو. درگاهه جي ايندڙ ويندڙ هر زيارتي ۽ پانڌيئڙي جي سنڀال ڪندو هو. روايت آهي ته فقير عبدالرحيم گرهوڙي صاحب جڏهن حضرت شاهه شهيد جي درگاهه تي زيارت لاءِ آيو ته درگاهه صحن اڳيان فقير ابن اوڙاه سان ملاقات ٿيس. فقير جي ڪچهري ۽ صحبت اهڙو اثر ڪيس جو سڄا سارا ڇهه مهينا ساڻس گڏ رهيو. ان کان پوءِ فقير جي مشوري سان ئي خواجه محمد زمان لنواري واري ڏي روانو ٿيو. هن روايت کي ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي سندس تاليف ڪلام گرهوڙي ۾ پڻ نقل ڪيو آهي.
    فقير ابن اوڙاه سمون درگاهه جهوڪ شريف تي مدفون ٿيل آهي. اتي ئي سندس ٻاري قائم آهي. سندس اولاد هر سال ميلي تي حاضري ڀريندو آهي. شهداد فقير سمون سندس اولاد ۾ چڱو فقيري حال رکندڙ شخص هو. ان جي مزار ڳوٺ ڄام سمون لڳ ٽنڊو ڄام ۾ آهي ۽ ڳوٺ به اتي ئي آهي.
    10. سليمان فقير هندي.
    حضرت شاهه عنايت صوفي صاحب جن جڏهن هندوستان کان واپس ٺٽي آيا ته پنج سئو هندي فقير به ساڻن گڏ هئا. جن مان غلام محمد شاهه قادري، خواجه حميد الله اجميري، معشوق علي شاهه، ۽ سليمان فقير مشهور آهن. سليمان فقير وڏو بهادر ۽ مجاهدو ڪندڙ فقير هو. 1130 هجري ۾ مرشد سان گڏ معرڪي ۾ شهيد ٿيو. شهيدن جي گنج ۾ شامل آهي.
    11. خواجه عبدالله عرف خواجه حاميد؛
    هي خليفو صاحب به هندوستاني فقراءُ سان گڏجي آيو. اجمير وارن بزرگن جي اولاد مان هو. شهادت کان اڳ جڏهن خاص خاص خليفن کي صوفي صاحب مختلف علائقن ڏانهن روانو ڪيو تڏهن مرشد جي حڪم سان واپس هندوستان ويو. 1130 هجري ۾ صوفي صاحب جن جي شهادت کان پوءِ ٻه سال کن ٺٽي جي نواب ۽ ڪلهوڙن حاڪمن جي حڪم سان، باقي بچيل صوفي فقراءُ ۽ صوفي صاحب جي خاندان لاءِ ظلم و ستم جو ڪارو قانون نافذ ڪيو ويو. کين اعلانيه قتل ڪيو ويندو هو. ملڪيتن کان دستبردار ڪيو ويندو هو. اهي خبرون جڏهن خواجه حاميد خليفي صاحب کي معلوم ٿيون، تڏهن اُن وقت دهلي جي بادشاهه محمد شاهه رنگيلي کي سفارش ڪرائي. درگاهه جهوڪ شريف لاءِ نوان احڪامات جاري ڪرايائين. جن مطابق سائين عزت الله شاهه گادي نشين ٿيا ۽ زمينون وغيره صوفين کي واپس مليون ۽ حڪومتي سختي به صوفين تان لٿي.
    12. سيد معشوق علي شاهه عرف نماڻو شاهه؛
    هي بزرگ روايت موجب هندوستان مان آيل فقراءُ سان شامل ٿي هتي پهتو. شهادت واري واقعي وقت موجود نه هو. پاڻ ٿر عمرڪوٽ اوري علائقي کي رهڻ لاءِ پسند ڪيائون. سندن مزار مٿان وڏو اوچو روضو ٺهيل آهي. هي درگاهه عمرڪوٽ شهر کان اتر طرف چارڻن جي کاروڙي کي ويجهو آهي. مريد درگاهه سنڀاليندا آهن.
    شاهه شهيد رحمت الله عليه جن جي تعليمات جو اثر نه صرف سنڌ بلڪه سنڌ کان ٻاهر پڻ گهڻو پکڙجي چڪو آهي. سنڌ جي مختلف مرڪزن کان پوءِ سنڌ کان ٻاهر دهلي ۾ شاهه غلام محمد قادري جي خانقاه، پشاور ۾ سيد قبول شاهه جيلاني جي درگاهه به ان سلسلي سان ڳنڊيل آهن. مگر گجرات جي علائقي ۾ سورت جو شهر ۽ آس پاس واري علائقي ۾ به شاهه شهيد جي سلسلي جي ڪيترن بزرگن جو احوال اسان کي ملي ٿو. پير حسام الدين راشدي صاحب سندس تحقيق ۾ ڪتاب ” تذڪره صلحا سورت“ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان معلوم ٿيو آهي ته حضرت شاهه شهيد جي پوءَ لڳن جو مرڪز گجرات اندر شهر سورت ۽ ان جي آس پاس به هو.
    13. شاهه پير محمد اورنگ آبادي؛
    هي پنهنجي دور جو وڏو خدا رسيده بزرگ ۽ درويش صفت انسان هو. طريقت ۾ بزرگ ” شهباز ملڪوت شاهه عنايت الله صوفي شهيد“ جو خليفو هو. شاهه پير محمد اورنگ آبادي جو خاص مريد شاهه فاضل سورتي ٿيو. پنهنجي مرشد کان خراقه ۽ خلافت عطا ٿيس. سورت شهر ۾ مسجد مرجان شاهي مستقل طرح مقيم ٿيو 26 محرم 1199 تي وفات ڪيائن. ۽ اتي ساڳي مسجد مرجان شاهي ۾ مدفون ٿيو.
    شاهه فاضل سورتي جو خاص مريد شاهه قطب الدين سورتي ٿيو. سندس مرشد جي وصال کانپوءِ سندس خليفو ۽ جاءِ نشين ٿيو. پاڻ فاروقي هو. اصل پٽن جي شهر جو رهواسي هو. پوءِ جڏهن مرشد واري جاءِ تي مسند نشين ٿيو ته ساڳئي مسجد مرجان شاهي ۾ مقيم ٿيو. اتي وصال ڪيائن اتي ئي مدفون ٿيو.
    شاهه قطب جو پوٽو سيد احمد شاهه ۽ ان سلسلي سان لاڳاپيل ٻيا بزرگ شيخ عبدالروف ۽ سندس ٻن پٽن جو ذڪر ملي ٿو. شيخ ذين العابدين ۽ محمد عبدالله پنهنجي والد شيخ عبدالروف سان سنڌ آيا ۽ درگاهه جهوڪ شريف جي ان وقت گادي نشين شاهه عزت الله سخي پير جا مريد ٿيا. اهڙي طرح اهو سلسلو وري واپس درگاهه جهوڪ شريف اچي مليو.
    حضرت شاهه شهيد رحمت الله عليه جن جي فيض ۽ تعليمات جو اثر سنڌ کان ٻاهر به پهتو هاڻي تازو اسان کي هڪ ڪتاب نالي ” چراغ معرفت“ ڇپيل مليو آهي. جنهن جو مولف ” صاحبزاده عبدالروف رافت“ آهي هي ديني عالم ۽ مولوي 1954ع فاضل آهي. هن ڪتاب ۾ سيد قبول شاهه جي سوانح حيات قلمبند ٿيل آهي. ۽ سندس اولاد جو اڄ تائين تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي. ڪتاب جي مصنف مطابق سيد قبول شاهه سنڌ جي مشهور بزرگ شاهه عنايت رحمت الله عليه جو مريد ۽ خلافت جو خرقه مليل بزرگ آهي. هن وقت بزرگ قبول شاهه جي درگاهه شهر پشاور ۾ آهي. اسان هن حضرت شاهه شهيد جي خلفه ۾ شامل ڪيون ٿا. ۽ ناظرين لاءِ سندس مختصر احوال پڻ رقم ڪجي ٿو.
    14. سيد قبول شاهه پشاوري؛
    هي بزرگ اصل عراق جو هو، پاڻ شاهه عبدالله جو فرزند آهي ۽ سندس سلسله نسب حضرت غوث الاعظم دستگير سان ملي ٿو.
    قبول شاهه سال 1101هجري ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي وطن ۾ حاصل ڪيائين. آخر سلوڪ ۽ روحاني فيض جي حاصلات لاءِ ملڪ ڇڏيائين. حجاز ، ايران مان گهمندي بحري جهاز ذريعي اچي هندوستان پهتو. سندس عمر تقربيا 20 سال کن هئي هندوستان ۾ اجمير شريف، دهلي ۽ ٻيا علائقا به ڏٺائين. آخر ملتان آيو. ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته شاهه عنايت رحمت الله عليه جن جي ولايت جي خوشبو پري تائين پهتل هئي ۽ سندس فيض جو خبرون نهايت مشهور ٿي چڪيون هيون. قبول شاهه به پڇائون ڪندي آخر سنڌ ۾ حضرت شاهه عنايت سائين جن جي حضور ۾ آيو اهيو سال 1123 هجري جو هو، قبول شاهه پاڻ به اعلي خاندان جو ۽ باڪردار انسان هو، تنهن مرشد وٽان دست بعيت ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي پنهنجي محنت، رياضت ۽ خدمت سبب باطني روحاني ڪمال حاصل ڪيائن. ڪجهه وقت ڀانڊاري جي پاڻي ڀرڻ جو ڪم به سندس حوالي هو. آخر کيس خرقه خلافت حاصل ٿيو. پوءِ مرشد جي حڪم سان پهريائن ڪشمير جي علائقن ۾ رهيا، اتان ئي هزاره ۽ ڀوره شريف جي مڪان تي ڪافي وقت رهيا. اتي چلاڪشي ڪيائون، ڪافي انسانن کي روحاني فيض سان مالامال ڪيائون. پوءِ اٽڪ وٽان درياءِ پار ڪري آخر اچي پشاور پهتا. شهر پشاور ۾ مستقل طرح رهائش ٿي. سال 1149 هجري ۾ حويليون ٺهرايائون. هن خليفي صاحب سن 1181 هجري ۾ وصال ڪيو. پشاور ۾ سندس مقبرو ۽ درگاهه آهي. اولاد جو سلسلو به قائم آهي.
    مٿي ذڪر ڪيل خليفن ۽ بزرگ هستين کان علاوه ٺٽي جو مشهور عالم مخدوم محمد معين سنڌي جنهن کي عرف عام ۾ مخدوم ٺارو به چوندا هئا ۽ اهيو به حضرت صوفي صاحب جن جو وڏو صحبتي هو. مخدوم صاحب پنهنجي وقت جو محدث، فقيه، متڪلم، مناظر ۽ صوفي هو. سندس ڪافي قلمي ڪتاب اڄ به دستياب آهن. جن جي پڙهن سان سندس مطالعي ۽ علمي وست جو اندازو ٿئي ٿو.
    مخدوم معين الدين کي حضرت صوفي صاحب جي صحبت اختيار ڪرڻ سبب ٻين ظاهري عالمن جي مخالفت به ڏسڻي پئي. هي صاحب صاف دل صوفي هو. شاهه عبدالطيف ڀٽائي به ٺٽي ۾ اچي هن بزرگ سان روح رهاڻ ڪندو هو. ۽ اهو سلسلو مخدوم معين الدين جي وفات تائين جاري رهيو.
    حضرت شاهه عنايت صوفي شهيد جن جي شهادت سال 1130 هجري ۾ ٿي. ان کانپوءِ سندس وڏو فرزند سائين عزت الله شاهه صوفي القادري مسند نشين ٿيو. جن جو وصال سنه 1187 هجري ڌاري ٿيو. پوءِ وري حضرت صوفي صاحب جي ڀاءِ سائين نالي چڱون جو اولاد مسند نشين ٿيو اهڙي طرح اڄ تائين درگاهه جهوڪ شريف جي گادي قائم آهي. هن درگاهه جو هر سجاده نشين پاڻ محنت ڪندڙ، مجاهدو ڪندڙ ۽ وحدت الوجد جي تعليم تي عمل ڪندڙ رهيو آهي. هن درگاهه جي طفيل سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر بلڪه هن وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ حضرت صوفي شاهه شهيد جان مريد فيض يافته افراد موجود آهن. سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ درگاهه جهوڪ شريف جو نهايت اعلي مقام آهي. اڃان گهڻي تحقيق ۽ تلاش جي ضرورت آهي.





     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    صوفي شاهه عنايت شهيد جي ادبي منزل

    صوفي شاهه عنايت شهيد جي ادبي منزل​

    مصنف؛ صوفي غلام مصطفي ڪانڌڙو

    صوفي شاهه عنايت شهيد صوفين جو سرتاج آهي پورهيتن جو اڳواڻ مظلومن جو سرواڻ آهي. شاهه عنايت حق جو آواز آهي اونداهي ۾ نور سحر آهي، سنڌ جي عظمت جو پاسبان آهي، بي راهن لاءِ هدايت جي روشن قنديل آهي، صوفي شاهه عنايت انسانيت جو علمبردار آهي، شاهه عنايت انهيءَ هر وصف انسانيءَ جو مالڪ آهي جيڪا هڪ ڪامل انسان ۾ هئڻ گهربي آهي. صوفي شاهه عنايت شهيد جتي انسانن ۽ هر طبقي جي رهبري ڪئي آهي، اتي سندس علمي ادبي خدمتون به لڪائڻ جهڙيون نه آهن پاڻ هڪ وڏو عالم شاعر اديب هئو، تحقيق موجب شاهه عنايت جو سنڌي فارسي ڪلام مليو آهي پر افسوس جو سنڌ جي وڏن اديبن جي سرد مهريءَ ڪري سندس مڪمل شعور اسان تائين نه پهتو آهي.
    صوفي شاهه عنايت شهيد سنڌ جو پهريون سنڌي شاعر آهي. جنهن سڀ کان اول مارئي کي ڳايو آهي. سندس شعرن کان متاثر ٿي پوءِ سنڌ جي لعل لطيف عمر مارئي تي شعر چيو هئو. شاهه عنايت جي ڪلام جو هڪ وسيع ذخيرو جنهن کي بي سر نامو ڪري چيو وڃي ٿو. اڄ تائين منظر عام تي نه آندو ويو آهي هڪ راويت موجب جڏهن صوفي شاهه عنايت شهيد کي شهيد ڪري سندس سر مبارڪ کي سانگ (نيزي) تي چاڙهي دهلي نيو پئي ويو ته رستي ۾ دهلي ڏانهن ويندڙ قافلي وارن جي گهوڙي جا پير زمين ۾ اندر وڃڻ لڳا! تڏهن هن باصفا صوفي جي سر مان شعر جاري ٿي رهيا هئا. قافلي وارن کي ارشاد ٿيو ته هي ڪلام اوهان قلم بند ڪندا وڃو، جڏهن هنن ڪلام شعر لکڻ شروع ڪيو ته گهوڙا پنهنجي وک وڌائڻ لڳا چيو وڃي ٿو ته دهليءَ تائين هڪ چڱو بياض تيار ٿي ويو هئو. جڏهن هي سر مبارڪ فرخ سير مغل شهنشاهه جي اڳيان آندو ويو ته اتي درٻار ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد جا ٻه ڪتاب موجود هئا. اهو ڪتاب به واپس جهوڪ شريف آندو ويو.
    صوفي شاهه عنايت شهيد جو سر سندس ڌڙ سان ملائي دفن ڪيو ويو هئو. اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته بيسر نامو وارو شعر سنڌ ۾ موجود آهي پر ڪٿي آهي ڪنهن وٽ ان جي لاءِ اسان جا وڏا اديب درگاهه جهوڪ شريف جا سجاده نشين جيڪڏهن دلچسپي وٺن ته هوندهي ڪم ڪو ڏکيو ڪم نه آهي جيڪڏهن هي شعر ملي وڃي ته سنڌي ادب جي خزاني ۾ بي بها موتي ثابت ٿيندو.
    2. هن وقت سنڌي ۾ جيڪو شعر صوفي شاهه عنايت جي نالي سان موجود آهي انهيءَ لاءِ ڪيترن محققن جو اختلاف آهي ته هن شعر ۾ شاهه عنايت رضوي، ميان عنايت جو شعر گڏيل آهي، تنهن هوندي ڪجهه سنڌي شعر اڃا به تحقيق سان ملي سگهن ٿا. صوفي شاهه عنايت شهيد شاهه رحه جي شهادت 87 ورهين جي عمر ۾ ٿي آهي. شاهه عبدالطيف پنهنجي شعر ۾ بيان ڪيو آهي هڪ بيت جيڪو صوفي شاهه عنايت شهيد رحه ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو جيڪو هن طرح آهي.
    سر در قدم يار فد الله چه بجا شد اين بار گران بور ادا شدچه،
    شاهه عبدالطيف هن طرح فرمايو؛
    گھڙي گهڙو هٿ ڪري ٻنهون نهاري بنگ،
    سردر قدم يار فدا شد چه بجا شد وصل اهو ئي ونگ.
    شاهه عبدالطيف سائين جي رسالي ۾ 9 دفا عنات جو لفظ تضمين طور ڪم آندو آهي.
    ”عناتا“ لفظ تي پروفيسر محبوب علي ڪافي تحقيق بعد لکيو آهي ته ڪتابن جي معلومات مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان وقت سنڌ ۾ عنايت نالي ڪتابن جي معلومات مان ظاهر ٿئي ٿو ان وقت سنڌ ۾ عنايت نالي ٽي بزرگ مشهور هئا، هڪ صوفي شاهه عنايت صوفي ٻيو شاهه عنايت رضوي نصر پور وارو ٽيون فقير عنايت الله شاهه لطيف سائين جو مريد جنهن بابت ليلا رام لعلواڻي مرحوم مرز قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي فقير هدايت علي مولوي دين محمد وفائي لکن ٿا ته هي وڏيري جاني ديري جو پٽ هو.
    شاهه عنايت شهيد رحه جي ڪلام جو نمونو پيش آهي جنهن ۾ پاڻ کي عنايت چيو اٿس مثلا؛
    هلڻ مونتي حق ٿيو، پهچڻ پنهون وس آري،
    عنايت چوي لوڙي آءُ لهنديس ۽ اتي،
    نار هنديس جيڏيون پنهنجي حب ريءَ.
    (صوفي شاهه عنايت شهيد)
    شاهه عنايت رضوي به شاهه عنايت صوفي جي همعصرن مان هو ۽ شعر ۾ هن به تخلص عنايت استعمال ڪيو آهي مثال طور تي هي شعر ڏجي ٿو؛
    پپيهل پتو هيون تاڙي ڪئي تنوار،
    هارين هر سينگار
    لاهي ڏنگ ڏاتار الاهي عنايت چئي.
    ۽ ان بعد فقير عنايت الله وڏيري جانيءَ جو فرزند بابت هڪ بيت ملاخط فرمايو ۽ هن ۾ عنايت الله جو نالو نمايان نظر اچي ٿو. احمد ۽ الله ۽ لطيف هڪ جاڻج هڪ آهي، آهي عنايت الله جي عالم منجهه ايتري، جي نظر ڪرين نيڪ ته پوءِ شاهه عنايت شهيد جو به شعر موجود آهي. جيئن شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه مارئي سر سڀ کان اول صوفي شاهه عنايت شهيد جي چيل شعر کان متاثر ٿي پوءِ چيو آهي. سنڌ جي نامور شاعر بيدل فقير به شاهه عنايت بابت پنهنجي شعر ۾ ذڪر آندو آهي. صوفي شاهه عنايت جي شهادت تي مرثيه چيا آهن صوفي شاهه عنايت شهيد جي ڪلام کي گڏ ڪري جيڪڏهن هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرايو وڃي ته اها تاريخي ڳالهه هوندي. هن صاف صوفي حق جي پانڌئيڙي کي بيگناهه صرف مظلومن سان ساٿ ڏيڻ جي الزام ۾ شهيد ڪيو ويو هو ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد جي جلايل علم ادب جي جوت اڄ به روشن آهي انڌيري ۾ ڀٽڪيل انسان انهيءَ روشنيءَ جي ڪري راهه تي گامزن ٿي وڃن ٿا.

     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    صوفي شاهه عنايت جي شهادت

    صوفي شاهه عنايت جي شهادت​

    مصنف؛ عبدالغفار صديقي

    صوفي شاهه عنايت الله شهيد بن مخدوم فضل الله پنهنجي وقت جو ڪامل درويش، ولي الله، جليل الصدر صوفي سنڌ جي بٺوري پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ نصريه ۾ سال 1656ع ڌاري ڄائو. انهيءَ ڳوٺ ۾ متعلوي سيد رهندا هئا. جنهن جي ڪري اهو متعلوي سيدن جو ڳوٺ به سڏبو هو.
    شاهه عنايت شهيد جا وڏا فقيري ۽ توڪل جي طريقي تي هلندڙ صاحب ولادت ۽ صاحب ڪرامت ٿي گذريا آهن. سنڌ جي تاريخ تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته شاهه عنايت شهيد جو تڙ ڏاڏو مخدوم صدر الدين پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ وڏي ۾ وڏو پير هو. اهڙو ته ترڪ توڪل جو صاحب هو جو رات جو مٽن جو پاڻي به هاري ڇڏيندو هو ۽ چوندو هوته ” نئون ڏينهن نئون زرق“ انهي ڳوٺ جا سيد سندس مريد هئا شاهه عنايت شهيد جواني ۾ حق جي ڳولا ۽ علم جي طلب ۾ ملڪ جهاڳيندو وتيو آخرڪار دخن هندوستان جي برهانپور شهر ۾ شاهه عبدالملڪ جي صحبت ۾ پنج ورهيه رهي رياضتن ۽ عبادتن وسيلي تصوف جون منزلون طئي ڪري ظاهري عمل حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي اجازت سان شاهه جهان آباد ۾ مقيم شاهه غلام محمد جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ڪجهه سال رهي ظاهري علوم جي تحصيل ڪيائين هتان پوءِ واپس وري برهانپور شاهه عبدالملڪ کان وڌيڪ هدايتن حاصل ڪرڻ لاءِ پهتو شاهه عبدالملڪ کيس گاڙهو خرقو، تلوار ۽ ٽوپي ڏئي صوفي جو لقب عطا ڪري سنڌ ۾ خانقاه ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. شاهه غلام محمد جيتوڻيڪ ظاهري علم ۾ صوفي شاهه عنايت جو استاد هو پر سلوڪ جو منزلون صوفي شاهه عنايت شهيد وسيلي طئي ڪيون هئائين سو به شاهه عنايت سان گڏجي ٺٽي آيو جتي هو نياز ۽ ارادته جي اهڙن طريقن تي ڪاربند رهيو جيڪو شريعت ۾ جائز نه هئا مثلا هو شاهه عنايت کي تعضيم وچان سجدو ڪندو هو جڏهن وقت جي عالمن کي انهي ڳالهه جي خبر پئي ته چوطرف سندن خلاف چو پڇو شروع ٿي وئي جنهن تي شاهه عنايت کيس شاهه جهان آباد واپس وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ وڃين ميرانپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين ميرانپور ميرپور بٺوري ۾ ”نمازيان“ جي ڪناري هن وقت جهوڪ جي نالي سان مشهور آهي هتي پهچڻ کانپوءِ رياضتن ۽ عبادتن ۾ مصروف ٿي ويو سندس صوفياڻي طريقي، فيض ۽ ارشاد جي سرچشمي جي شهرت هر طرف پکڙجي ويئي جنهن ڪري روز بروز عقيدت مندن جو تعداد وڌندو ويو عقيدتمندن، مريدن ۽ فقيرن جو گهڻو تعداد ڏسي آس پاس جي پيرن ۽ زميندارن ۾ رقابت جي باهه ڀڙڪي اٿي. انهن مان هڪڙو سيد عبدلواسع بلڙي جي درگاهه جو گادي نشين هو. جنهن جا ڪيترائي مريد کائنس منهن ڦيري اچي صوفي شاهه عنايت جا مريد ٿيا هئا. ۽ زميندارن ۾ ٿر جا ٻه وڏا زميندار پليجاڻي جو نور محمد پليجو ۽ ٻيو حمل جت هئا. جيڪي هارين سان بي انصافي ڪندا هئا. ۽ کين فصلن جي پيدائش مان پورو حق نه ڏيندا هئا. جنهن ڪري سندن ڪيترائي هاري صوفي شاهه عنايت جا مريد ٿي چڪا هئا مطلب ته بلڙي جا سادات ۽ مقامي زميندار هن حق پرست صوفي جا سخت مخالف بڻجي ويا ۽ کيس نقصان رسائڻ لاءِ سازشون سٽيندا رهيا نيٺ پاڻ ۾ ملي هڪڙي ڏينهن اوچتو شاهه عنايت شهيد جي مريدن ۽ خادمن تي حملو ڪرائي ڏنائون انهي حملي ۾ ڪيترائي عقيدتمند شهيد ٿي ويا جن جا وارث دهلي جي بادشاهه فرخ سير وٽ دانهي ويا ٻئي پاسي ٺٽي جي حاڪم نواب اعظم خان قاتلن ۽ سازشن جي پٺڀرائي ڪندي شاهه عنايت خلاف گهٽ وڌ لکي دهلي ڏانهن ڏياري موڪليو پر فرخ سير پوري جانچ لهي قانون مطابق قاتلن جي زمين عقيدمندن شهيدن جي وارثن حوالي ڪري ڍل به معاف ڪري ڇڏي هن فيصلي تي ٺٽي جي حاڪم نواب اعظم خان کي وڌيڪ چڙ لڳي ٻئي پاسي صوفي شاهه عنايت جي حق پرستي، حق گوئي ۽ منضف مزاجي ڏسي ڪيترائي غريب ۽ عام ماڻهون هندستاني عملدارن جي سختين کان تنگ اچي صوفي شاهه عنايت جي پناهه ۾ آيا ۽ اتي آباد ٿيندا ويا اهڙي ريت هي درگاهه عام هارين، غريبن ۽ مظلومن لاءِ هڪ پناهه گاهه بنجي وئي.
    ٻئي طرف ٺٽي جي نواب اعظم خان صوفي شاهه عنايت کي تنگ ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو هو. ڪجهه ملان، پير ۽ زميندار پنهنجا حمايتي ڏسي پهرين ته صوفي صاحب کي خانقاه سان لاڳو زمين جو ڍلون جيڪي دهلي جي درٻار مان شاهي قانون تحت معاف ڪيون ويون هيون سي نئين سر مڙهي هڪدم ادائگي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيائين. انهي جي جواب ۾ صوفي شاهه عنايت چيو ته ” اهو ظلم آهي“ جڏهن اهي ڍلون بادشاهه جي طرفان معاف ٿي چڪيون آهن، تڏهن اوهان کي انهن جو وصول ڪرڻ جو حق ڪهڙو آهي. اعظم خان انهي جواب تي بگڙي پيو ۽ پنهنجي عملي ۽ سرڪاري عملدارن سان صلاح ڪري مرڪزي حڪومت کي ڪاوڙائڻ لاءِ هڪ زوردار ڪوڙو خط لکي موڪليائين ته ” صوفي شاهه عنايت ۽ سندس فقير سرڪاري محصول ادا نه ٿا ڪن“ حڪومت جا دعويدار بنجي رهيا آهن منجهائن بغاوت جي بوءِ اچي رهي آهي ۽ خليفه الله جي حڪم جي نافرماني ڪري رهيا آهن کين جوڳي سخيت ڏني وڃي مرڪز وٽان حڪم پهتو ته سندن فتني جو خاتمو ڪيو وڃي جنهن بعد اعظم خان پنهنجي فوج کانسواءِ ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ٻين رئيسن ڏانهن احڪام جاري ڪيا ته اهي پنهنجا لشڪر وٺي سندس مدد لاءِ انهي فوج ۾ شامل ٿين.
    تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته اعظم خان سنڌ جي سڀني علائقن مان فوج جو وڏو ڪٽڪ وٺي صوفي شاهه عنايت تي حملو ڪيو ”مقالات الشعراه“ ۾ لکيل آهي ته نواب اعظم خان بادشاهه جي درٻار ۾ عرض ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ سڀني زميندران توڙي انهن سڀني ماڻهن ڏانهن مدد ڪرڻ جا حڪم ورتا جن وٽ پنهنجا لشڪر هئا ۽ جن کي اڳين ئي صوفي عنايت ۽ سندس فقيرن سان ڪينو هو انهي سلسلي ۾ هڪ خط قاضي عبدالرسول جي بياض ۾ نقل ٿيل آهي جو سنڌ يونيورسٽي جي ملڪيت آهي. ٻيو خط يار محمد خان عباسي جي ڪنهن خاص رفيق ميران سنگه کتري جو جنگ جي ميدان مان ميان نور محمد ڪلهوڙي کي لکيو آهي.
    جنهن ۾ جهوڪ واري واقعي جي ڪيفيت بيان ڪيل آهي. هيءَ خط به قاضي عبدالرسول جي خطن واري بيان تان نقل ڪيل آهي انهيءَ خط ۾ لکيل آهي ته؛
    ” شاهه عنايت سوچيو ته قلعي ۾ ويٺي رهڻ مان نتيجو چڱو ڪونه نڪرندو ان ڪري هن ٻن هزار ماڻهن کي مقابلي لاءِ ڏياري موڪليو، جن خدا يار خان عباسي ( يار محمد خان) جي هاٿيءَ کي گهيرو ڪيو. صاحبزادي دائود خان عباسي (يار محمد خان جو پٽ) ڪجهه هزار سوارن سان، مردانگي سان مقابلو ڪيو ۽ صوفي عنايت جي لشڪر جا ڳچ ڪيترا ماڻهو شهيد ٿي ويا.
    هيءُ هنگامو هڪ ٻن مهينن تائين جاري رهيو. آخر شاهه عنايت هڪ درخواست موڪلي، جنهن ۾ پنهنجن ڏوهن جي معافي گهري هئائين، شاهه صاحب کي پوءِ قيد ڪيو ويو هو بيمار هو ۽ انهيءَ ئي بيماري ۾ وفات ڪيائين، خط جا اصل لفظ هي آهن ” چون آزاري هم دوشت داشت، ازجهان فاني گشت“
    خدا يار (يار محمد خان) جي خط ۾ لکيل آهي ته ”آءُ“ ۽ نواب اعظم خان ٿل درياهه مان اڪري جهو پهتاسين جيئن ته قلعي جي چوڌاري اونهيءَ کاهي کوٽيل هئي. ان ڪري لشڪر کي جهوڪ کان اڌ ڪوهه پري رهايو ويو.17 ذي القعد تي سوارن ۽ پيادن سان کاهيءَ، قلعي ۽ پسگردائي جو چڪر لڳايوسين. شاهه عنايت کي مقابلي جي همت نه ٿي ٻئي ڏينهن آچر جي رات جو، جڏهن صبح ٿيڻ ۾ اڃا پهر کن هو ته شاهه عنايت جي فوج جا هڪ هزار سترهن پيادا ڇاپي هڻڻ جي خيال سان آيا. اسان جي لشڪر جا ڪجهه ماڻهو مارجي ويا، ليڪن بهادرن فسادين کي تلوارن سان کڻي ڇڏيو ۽ تمام ٿورا ماڻهو جان بچائي سگهيا، باقي سڀ شهيد ٿي ويا. صبح ٿيڻ تائين هنگامو جاري رهيو، اسان جي خيمن جي نظرداري لاءِ جيڪي فقير مقرر ٿيل هئا، اهي ٽڙي پکڙجي ويا. فسادين اسان جي ڏيڍئي تي حملو ڪيو...“ خط جي پچاڙي ۾ لکيل آهي ته ” دائود خان ( يار محمد جو پٽ) سخت بيمار آهي اميد آهي ته خدا جي رحمت سان شفا حاصل ٿينديس. هن کي تلوار جا پنج ڇهه زخم منهن تي ۽ بدن جي ٻين حصن تي رسيا آهن“ (اهي ٻئي خط فارسي ۾ لکيل آهن)
    جهوڪ جي لڙائي ۽ شاهه عنايت جي شهادت جو وڌيڪ احوال تحفته الڪرام ۽ مقالات الشعراءِ ۾ آهي.
    تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته ” پورا چار مهينه گهيرو جاري رهيو فقير رات جو لڪي حملا ڪندا هئا. انهيءَ ڪري شروع ۾ گهيري ڪندڙن جي فوج ذري گهٽ ناس ٿيڻ ويجهي وڃي پهتي هئي. هڪڙي رات هڪ درويش ٿاٻو کاڌو ۽ اسم ذات جو نعرو بلند ڪيو. جنهن تي ٻيا درويش به سندس همنوا ٿيا. جنهن بعد ڪيترائي درويش تلوارن سان شهيد ٿي ويا. ان هوندي به گهيري ڪندڙن کي ڪاميابي جا ڪا به صورت نظر نه آئي. ان ڪري لاچار صلح جي فريب جو دروازو کڙڪايو ويو. ” تاريخ 9 صفر 1130 هه مطابق پهرين جنوري 1718ع تي شاهه عنايت آڏو صلح جي پيشڪش ڪئي وئي.
    مقالات الشعراء ۾ آهي ته ” حملي آور لشڪر جي سپهه سالارن مان جن قرآن وچ ۾ رکي صلح ڪرايو، تن ۾ ميان يار محمد خان ڪلهوڙي جو پٽ ۽ مير شهداد خان ٽالپر به شامل هئا. معاهدو ٿيو ته درويشن جي مال ۽ جان ڪو به نقصان نه پهچايو ويندو“.
    مير شهداد ٽالپر جيڪو صلح ڪرائڻ ۽ معاهدي ۾ شامل هو. تنهن بابت مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب قديم سنڌ ۾ لکيو آهي ته” ٽالپر پهريائين ڪلهوڙن جا مريد هئا. پوءِ جڏهن ڪي ٽالپر ڪلهوڙن کي ڇڏي وڃي صوفي ٿيا ته ڪلهوڙ شاهه عنايت جا دشمن ٿيا..... مير شهداد خان ٽالپر، شاهه عنايت جو سنڍو به هو ۽ مريد به هو. ٻنهي جي گهرن ۾ ٻه سوڍيون هيون، جي پاڻ ۾ ڀيڻون هيون“.
    تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته صلح ۽ معاهدي کان پوءِ صوفي شاهه عنايت جڏهن نواب اعظم ڏانهن ويو ته معلوم ٿيس ته هن جيڪر جان ۽ مال جو معاهدو ڪيو هو، سو سراسر ڌوڪو هو. کيس گرفتار ڪيو ويو جنهن بعد اعظم خان کائنس جيڪي سوال ڪيا. تن ۾ پهريون سوال هو ته ٻڌاءَ ته تو ايتري شورش برپا ڪئي هئي؟ جنهن تي شاهه عنايت جواب ڏنو ته ؛
    آن روز که تو سن فلک زين کردند
    آرائش مشتري زپروين کردند
    اين بود نصيب ماز ديوان قضا
    ماراچه گناه قسمت ما اين کردند
    شاهه عنايت کان ڪيترائي سوال پڇيا ويا.
    پاڻ هر سوال جو جواب حافظ شيرازيءَ جي ديوان مان فارسي شعرن ۾ ڏنائين. ائين ٿو لڳو ڄڻ حافظ شيرازيءَ جو سڄو ديوان کيس ياد هو.
    مرزا قليچ بيگ قديم سنڌ ۾ لکيو آهي ته ” شاهه عنايت شاعر به هو ۽ سندس فارسي ۽ سنڌي ڪلام تمام عمدو آهي“
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته؛
    شاهه عنايت جو ڪلام هٿ نه آيو آهي، سواءِ هڪ ٻن بيتن جي، پروفيسر محبوب علي چنه پنهنجي هڪ مقالي ۾ شاهه عنايت رضوي، عنايت فقير ڏيرو سان گڏ جنهن ٽئين شاهه عنايت جو شاهه جي رسالي ۾ آيل ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي سو شاهه شاهه عنايت شهيد جو آهي چنا صاحب ڪن بيتن ڏانهن اشارا ڏنا آهن، جن ۾ ”عنايت“ تخلص وارا بيت شاهه شهيد جا ڄاڻائي ٿو. هڪ بيت هي نروار ڪيو اٿس.
    هلڻ مون تي حق ٿيو، پهچڻ پنهونءَ وس،
    آري عنايت چوي، لوڙي آءُ لهنديس،
    اتي نهاريندس، جيڏيون پنهنجي جت کي.
    پروفيسر بدويءَ به هڪ بيت ڏنو آهي ، جو هي آهي
    اڌر نڌر اڀري ڪوجهي ڪميڻي،
    تنهن سان ٻاروچل ٻاجهون ڪيون، هوت ڏسي هيڻي،
    اگهائي شاهه عنايت چوي، تنهن جي ٽڪر مان ٽيڻي،
    جا هيءَ واجي وهيڻي، تنهن محب مليو ماباڙ ۾.
    شاهه عنايت جي شهادت جي باري ۾ تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته اعظم جون حق شناسيءَ واريون اکيون بند ٿي ويون جنهن ڪري ظاهري ۽ باطني علمن جا جامع (مخدوم) کي شهر جي ٻاهران آڻي، زنجيرن ۽ ڳٽن ۾ پڌرائي، ڪيترو وقت قيد رکيائين ۽ پوءِ شهيد ڪري ڇڏيائين.
    مقالات الشعراء ۾ آهي ته؛ ڪيترن ئي سوالن پڇڻ کان پوءِ اعظم خان صوفي عنايت کي قيد ۾ وجهڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. آخرڪار 15 صفر سن 1130 هه مطابق ستين جنوري 1817ع تي کيس شهادت جو جام پياريو ويو. پوئين گهڙي پاڻ هي شعر پڙهي رهيو هو.
    رهائيدي مرا از قيد هستي
    جزاک الله في الدارين خيرا
    تلوار گردن تي پئي چار دفعه الله اڪبر چوندي واصل باالله ٿيو.
    نا الله وانا اليه راجعون





     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    صوفي شاهه عنايت شهيد “جو فڪر “

    صوفي شاهه عنايت شهيد “جو فڪر “​

    ”زيب صوفي
    صوفي شاهه عنايت شهيد کي صوفين جو سردار چيو وڃي ٿو. سندن ولادت هجري سنه 1066 ۾ ٿي ۽ سندن شهادت هجري سنه 1130 تاريخ 17 صفر تي ٿي. مختلف قلمي نسخن ۽ سينه به سينه روايتن موجب سندن عمر 63 سال ٻڌائي وڃي ٿي.جيڪا درست آهي، ولادت کان سندن شهادت تائين جا پهريان ٻارنهن سال جيڪي پاڻ ابتدائي تعليم هيٺ ميرانپور ۾ گذاريا، باقي جا ايڪونجهه سال جن مان هڪ سال مرشد جي تلاش ۾ نڪري ملتان ۾ شيخ شمس الدين شاهي القادري جي خدمت ۾ گذاري. شيخ شاهي قادري جي سونهين ڪرڻ بعد بيجاپور ۾ حضرت شاهه عبدالملڪ جيلاني جن جا دست بعيت طالب ٿيا. ان بعد باقي پنجاهه سال رياضتن، مجاهدن ۽ حق تعالي جي طالبن کي حق سان واصل ڪرڻ ۾ گذاريائون.
    سندن سموري حياتي ۾ خاص طور تي مرشد جي تلاش ۾ نڪرڻ کان وٺي سندن شهادت تائين سندن ذات صوفي فڪر جومڪمل نمونو آهي. اسم الاهي جي ذڪر جا اهي ڏ ئا جي پاڻ طالبن جي قلب ۾ روشن ڪيائون. انهي اسم اعظم جي ذڪر جي روشني جي وسيلي انهي سلسلي ۾ سوين طالب واصل باالله ٿي اولياءِ الله جون منزلون ماڻي چڪا آهن. انهن اوليائن جون هند سنڌ کان وٺي ايران تائين درگاهون اڄ به حق جي طالبن جي رهنمائي ڪري رهيون آهن. انهن بزرگن جون حياتيون،ڪلام صوفي فڪر جي اپٽار آهن.
    علمي طرح سان صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر کي سمجهڻ لاءِ انهن باڪمال صوفين جي سوانح ۽ ڪلام تي غور ويچار ڪرڻ سان ئي سندس فڪر کي حقيقي معنيٰ ۾ سمجهي سگهجي ٿو.الله وارن جي حقيقت کي هڪ ته الله ۽ ٻيو اهي خود ڄاڻن ٿا. عقل جي واٽ سان انهي فڪر کي سمجهڻ جي ڪوشش هتي ڪنداسين. مگر حق وارن جي حال جي ڄاڻ عقل ۾ اچي ڻي ڪانه، پر سندن ظاهر ڪيل حال کي محسوس ڪرڻ جي ۽ سمجهي سگهڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي.
    سڀني کان پهرين حال جي اصتطلاح تي غور ڪجي ته جنهن کي صوفي (حال) چون ٿا. اهو آهي ڇا.جئين هر ماڻهو تي خوشبوجو احساس تاثر ڇڏي ٿو.جئين هوا محسوس ٿئي ٿي ،جئين گل جو احساس تازگي جي ڪيفيت پئدا ڪري ٿو، جئين مختلف قسمن جا نشه، مختلف قسمن جا سرور ، بيخوديون ۽ بي هوشيون طبيعت ۾ پيدا ڪن ٿا. جيئن جسم کي پهچندڙ ضرب، سور جو احساس اڀاري ٿي پوءِ انهي ۾ شدتون به اچن ٿيون انهن سڀني شين تي جڏهن غور ڪجي ٿو ته ،اهو معلوم ٿئي ٿو ته ،ماڻهو جي طبعيت تي پوندر بيروني اثرن توڙي اندروني اڀارن جي نتيجي ۾ انسان تي مختلف ڪيفيتون طاري ٿين ٿيون. ۽ انهن حالتن کي انسان پنهنجي طبعيت ۾ ڀوڳي ٿو. اهڙي ئي طريقي سان ڪنهن به ماڻهو جو ڪنهن کي چاهڻ به هڪ احساس ئي آهي، بيشڪ عقل انسان جي اندر ۾ اٿندڙ انهن احساسن ۽ حالتن تي حاڪم آهي، مگر ڪڏهن ڪڏهن انهن احساسن جو شدتون ايتريون ته وڌي ٿيون وڃن جو عقل ۽ سمجهه مفلوج ٿيو پون ۽ انهن حالتن جي ڀوڳنا ۾ ماڻهو بيوس، بيخود۽ بيهوش ٿيو پوي. ۽ اها بيخودي ۽بيهوشي جي حالت انسان جي جسم تان عقل۽ سمجهه جو ضابطو ختم ڪريو ڇڏي. پر هڪ ماڻهو جي ڪري ٻيو ماڻهو انهن حالتن جي ڀوڳنا ائين جو ائين ڀوڳي اهو ممڪن نه آهي. جيستائين کيس پنهنجي طبعيت ۽ اندر ۾ انهن ڀوڳنائن کي ڀوڳڻو پوي ۽ اهڙي حالتن هيٺ رهڻو پوي. انهي مان اها ڳالهه ته چٽي ثابت آهي ته انساني اندر جون اهي ڀوڳنائون ۽ حالتون انسان جو اجتماعي نه پر انفرادي مشاهدو آهي. جيئن ته عشق ٿيڻ کي ڪو سبب نه گهرجي تيئن جڏهن بنا سبب جي ڪنهن انسان ۾ حق تعالي جي محبت يا مرشد جي محبت کيس وصل ، وڇوڙي جي سرور ۽ درد واري حالتن ۾ آڻي بيهاريندي آهي ته الله وارا ان حالت کي ان انسان جو حال چوندا آهن. پوءِ جڏهن ڪنهن سونهين جي رهنمائي سان ماڻهو جو باطني سفر شروع ٿئي ٿو. انهي باطني سفر دوران انسان جي اندر تي مختلف حالتون رهن ٿيون جن کي منزلون پڻ چئي سگهجي ٿو. ۽ انهن مختلف حالتن جي دوران مرشد ئي اهو ذريعو آهي جيڪو انهي شخص جي باطني رهنمائي ڪري حق تعالي جي سڪ ۽ محبت جي انهي سفر ۾ ايندڙ مشڪلن مان ڪڍي پار ڪرائي ٿو. اهو ته بلڪل طئه آهي ته ڪنهن به ماڻهو جو اهو سمورو سفر حق تعالي جي ڪرم سان ئي شروع ٿئي ٿو. ٿورن لفظن ۾ جي ڳالهه ڪجي ته فنا کان بقا ڏانهن سفر ئي صوفي جو مقصد، مسلڪ ۽ فڪر آهي.انهي سفر جو ذريعو فقط ماڻهو جو اندروني سفرآهي ،
    صوفي عشق جون ٽي حالتون بيان ڪري ٿو. جنهن جو مثال هن طرح ڏئي سگهجي ٿو ته پهرين حالت جيڪڏهن ٻرندڙ باهه جي ڄيري تي پاڻي وجهجي ته اها ٻرندڙ باهه وسامي وڃي. جنهن لاءِ عشق مجاز جيڪو عارضي آهي تنهن کي ڄاڻائي سگهجي ٿو ٻئي حالت جيڪڏهن ٻرندڙ باهه جي ڄيري تي پاڻي وجهجي ته اها باهه به نه وسامي ۽ پاڻي به وجود نه وڃائي جيڪا عشق حقيقي جي حالت ڄاڻائي سگهجي ٿي. ٽيئن حالت انهي عشق جي آهي جيئن ٻرندڙ باهه جي ڄيري تي پاڻي وجهجي ته باهه جو ڄيرو موجود رهي مگر پاڻي پنهنجو وجود وڄائي ويهه.
    آهيان آگ ازل جي، ڪنهن سان جلايان جيءَ،
    پاڻي کي آهي ڊپ ٻڏڻ جو،
    ڄيري لڳڙو سيءَ،
    اسين آيا سين اتهين،
    جت رات نڪو هو ڏينهن.
    صادق سڪ سپرين جي
    پاڻڙهون پاڻهي پيء
    (صوفي صادق شاهه)
    مٿيئن سٽن تي غور ڪجي ٿو ته ڳالهه ڪا ٻئي جهان جي لڳي ٿي جيڪا عقل ۽ سمجهه کان بلڪل نرالي آهي مگر انهن سٽن ۾ بيان ڪيل حالتون حق جي طالبن تي گذرن ٿيون جن کي ڪو انهي راهه جو راهي ڄاڻي سگهي ٿو انهن جي بيان ۾ اها ڳالهه ملي ٿي ته سندن سفر جي دوران وقت بوقت مٿن مختلف حالتون گذرنديون رهيون آهن. ۽ انهن حالتن ۾ مرحلي وار پڻ تبديلون اينديون رهيون. انهن حقيقتن جو بيان ڪيو آهي. صوفي فضل الله شاهه قلندر عرف ”داتا شاهه قلندر “ ۽ سندس طالب صوفي صديق محمد المعروف صوفي صادق شاهه جي وچ ۾ ٿيل حال جيڪو صوفي سلام الله شاهه مختلف پنن تي دستخط ڪري درد نامي جي عنوان سان محفوظ ڪيوآهي. اهو نثري دستختط جيڪو صوفي سلام جن ان وقت قلمبند ڪيو جڏهن صوفي صادق شاهه پنهنجو حال پنهنجي مرشد صوفي فضل الله شاهه ”داتا شاهه قلندر“ سان روبرو ڪري رهيو هو. ۽ ان ئي وقت صوفي سلام الله شاهه جن مختلف ٽڪرن تي لکندا ويا جو بعد ۾ پاڻ ڪتابي صورت ۾ لکرائي محفوظ ڪرايو ۽ ان کي عنوان درد نامون ڏنو. ان مان ڪجهه اقتسابات هيٺ ڏجن ٿا.
    درد نامي جي ترتيب ڪجهه هن طرح آهي جو انهي کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اها ڪا ڳالهه ڪيل آهي جنهن کي لکيو ويو آهي، جڏهن ته صوفي صادق شاهه جي سوانع عمري مان ڪٿي ان ڳالهه جوثبوت نٿو ملي ته پاڻ فارسي ڳالهائي سگهندا هئا.ان ڪري اهو گمان گذري ٿو ته اها ڳالهه ڪئي سنڌي ۾ وئي آهي مگر تحرير فارسي ۾ ڪئي ويئي آهي .۽ وري فارسي تان سنڌي ۾ ترجمون ٿي اسان وٽ پهتي آهي.درد نامي جي شروعات هن طرح سان ٿئي ٿي ته، ” جهڙي طرح هن ڳالهه لاءِ مرشد جو حڪم آهي ته، ڳالهائڻ کان ماٺ ڪر، اسرار جو پڌرو ڪرڻ ڪفر آهي. جيڪڏهن ماٺ ٿو ڪريان ته ڄڻ، زهر ٿو پيان ۽ جي درد ٿو لڪايان ته مثل ميڻ جي ٿو پگهران ۽ ديڳ جي ٽهڪڻ وانگر ٿو ٽهڪان. جي لاچار ٿي، ذرو ڪنهن ماڻهو سان پڌرو ڪريان ٿو ته اهو نه ٿو سمجهي ۽ درد وڌيڪ وڌي ٿو وڃي. جيڪڏهن هي نڌڻڪي ڦٽيل دل عشق جي واسينگ جي ڏنگيل دانهن ٿي ڪري ۽ اندر جي آگ کان جي وڏو شوڪارو ٿو ڀريان ته هي خلق ڀائني ٿي، ته هي اولاد، مال، ملڪ، مائٽن ۽ احبابن لاءِ ڪري ٿو. پر منهنجو حال اهو آهي ته مون کي، ڪڙم قبيلو ڪڏهن خواب ۾ به ياد نه آيو.
    مٿيئن اقتساب مان ماڻهو جي ظاهر ۽ باطن جو حال پڌرو ٿئي ٿو. جيڪو طالب تي گذرندڙ حالت جو منظر آهي.
    ” حال اهو ٿو گهرجي ته خود کي فنا ڪرڻ جو سعيو ڪرين. جنهن هنڌ تون نه آهين اتي حق آهي، ڇو ته وسيلو تنهنجو اها نيستي ۽ نه هئڻ ۽ پاڻ کان وڃڻ آهي پر وڃڻ اهو نه ته، سمجهين ته جڏهن آئون وڃان ته باقي ڪير رهي ۽ ڪير ڏسي بلڪه وڃڻ ان جي مثل ته جڏهن رات تارن ڀري سج جي اڀرڻ سان روشني جي شعاع جي ڪري نظر نه ٿي اچي جيتوڻيڪ هئڻ رات جو باقي آهي پر سوجهري هيٺيان فاني ۽ محو آهي. اهڙي طرح منجهه هئڻ حق جي هئڻ تنهنجو لڪل هوندو. جو هن شڪار منجهه پاڻ شڪار ٿيڻ آهي.“
    وحدت الوجود جو فنايت جو فلسفو مٿيئن اقتساب ۾ نهايت ئي سولي طريقي سان بيان ڪيل آهي ته انسان دنيا ۽ معاشري ۾ پنهنجو مڪمل وجود رکندي پنهنجي باطن ۾ پوري سچائين سان حق تعالي جي ٻانهپ ۾ غرق آهي. هڪ ئي وقت ظاهر ۽ باطن جون اهي ٻئي حالتون روا رکڻ انتهائي مشڪل آهن مگر ناممڪن نه آهي.
    ” اي درد وارا هزارين هزار هوشيار جي عشق جي گهٽي ۾ آيا ته ڏاهپ انهن جي هٿن مان تير جي ڪمان مان نڪرڻ مثل نڪري وئي. ۽ خبر کان بي خبر ۽ هستي پنهنجي کان ناپيد ٿيا.“
    پنهنجي باطن ۾ هستي کان ناپيد ٿيڻ فنا ٿيڻ کي چيو ويو آهي جيستائين انسان عقل سان هلي ٿو تيستائين عشق جي آگ کان واقف نه ٿو ٿئي مگر جي عشق جو واسينگ ڏنگي وجهي ته ماڻهو پنهنجي هستي کان بي خبر ٿيو پوي ۽ پنهنجي مطلوب ۾ مستغرق رهي ٿو اها ئي فنائيت جي حالت آهي.
    ” ۽ قسم الله جو ته منهنجي يقين ۽ پڪ ۾ آيو ته جيڪڏهن مرشد مون کي حاصل نه ٿئي ها ته بي خدا ۽ مردار ٿي مئس ٿي. پوءِ احسان جو مرتبو تنهن مرشد جو ڌڻي تعالي جي احسان کان وڌيڪ ٿو ڄاڻان ۽ ڳڻيان جي چون ته اهو احسان مرشد جو پڻ خدا جي خواهش موجب آهي ته اهو پڻ سچ آهي. پر جڏهن مرتبو مرشد جو ڌڻي تعالي وٽ تمام وڏو هو تڏهن پهريان ئي مون کي مرشد جي خدمت ۾ سڳورو ڪري پوءِ ساڻ وصال پنهنجي پهتل ڪيائين. تڏهن حق ۽ حقيقت مون تي ثابت ٿي.“
    تصوف جي هن سلسلي ۾ مرشد جو مرتبو مٿيئن فلسفي سان متعين ڪيو وڃي ٿو. مٿيئن اقتساب مان حق جي حاصل ٿيڻ جي اهميت ۽ ان حاصلات جي وسيلي کي عشق جي جن انتهائن تان ڏٺو ويو آهي سو عيان آهي.
    ” سمجهيم ته پير منهنجو زمين ۽ مٿو منهنجو آسمان آهي جيڪي آهيان سو آئون آهيان ۽ آئون هئس ۽ آئون هجان. ۽ ڪانهي ڪا شئي ٻي مگر آئون آهيان. جو نپائيندڙ ٻنهي جهانن جو آهيان ۽ سڀ شئي مونکي ٿي چوي، هائو تون خالق اسان جو آهين، اسين سڀ خلقيل تنهنجا ۽ تنهنجي رد ۽ قبوليت جي قيد ۾ آهيون. ۽ جي اک ٿو ڍڪيان ته ذرو پرزو پاڻ منجهه موجود مقدار داڻي اهر جي نظر ۾ ٿو اچي، ۽ اک کولڻ وقت پاڻ کي سڀني منجهه ٿو ڏسان بلڪه منجهه ماضي ۽ حال ۽ مستقبل، چڱون بڇڙو ڪم، صادر ٿيل مون کان ٿو ڏسان
    ”منجهه شهود چوٿين جبروتي جي ڏٺم ته منجهه اک ڪل موجودات خواه ماڪوڙي جي اک منجهه ڌرتي اڀ سميت مامي آهي. ۽ سڀ شين کان نباتات ۽ حيوانات کان آواز ته آئون آهيان خدا ۽ آئون آهيان نبي اهو ٿو ٿئي ۽ جي منجهه وجود تنهن ماڪوڙي جي وڃين ماڪوڙي ڏسان ته حقيقت ۾ سچ ٿا چون بلڪه منجهه هر ڪنهن عضوي کي ڌرتي اڀ ٻيو ٻيو. ۽ منجهه انهي حال ڏسڻ نورن جو مثل دريا دريا لهر لهر سج کان روشن ڳاڙهو، سائو، ڦڪو، ڏاڍو چڱون سڀ ڪنهن طرف ۽ سڀ ڪنهن پاسي چوڌاري اهڙو هو جو رخنو وار جيترو به نه هو، تڏهن دل ۾ چوان ته جيڪو لقاءِ ٿا چون سو اهو آهي. ۽ منجهه حيرت قدرت جي ۾ پيس ته سڀ شئي پاڻ کي اثبات ٿي ڪري! ڪانءَ ٿو چوي ڪانءَ ڪانءَ ۽ اٺ ٿو چوي آنءَ ۽ ڪڪڙ ڪڪوڙو تو. اهڙي طرح هر وجود اندر نالو پنهنجو وٺي پاڻ کي اثبات ٿو ڪري. انهي طرح هر ڪنهن وجود ۾ پنهنجو نالو وٺي پاڻ کي ثابت ٿو ڪري جيڪڏهن حق جون صفتون ڳولهيان ته پڻ هر ڪنهن شيءِ ۾ ثابت ۽ پڌريون آهن.“
    مٿيئن بيان ڪيل حقيقت جي منظرن کي اڳتي اڃان به وڌيڪ کولي ٻڌايو ويو آهي. تنهن بعد انهي ڳالهه جو اختتام هئين ٿو ٿئي ته
    ” جيڪڏهن آئون پاڻ مطلوب ۽ ذڪر ڪيل آهيان ته ذڪر ڪير ڪري هن جاءِ تي ذڪر فڪر فاني آهي شايد اسرار به اهيو آهي. جيڪو پيغمبرن ڳجهو رکي خلق وٽ پڌرو نه آندو. ۽ هن وقت وري دل ۾ چيم ته جيڪڏهن مون کي هن حد تي ذڪر پهچايو آهي ته، پوءِ ذڪر ڇڏڻ نه گهرجي. انهي سببان ذڪر سان مشغول هئس ته ڪنهن ساعت ساڻ وسيلي انهي ذڪر جي منهنجي هستي جو پردو دفعه ٿيو ۽ حجاب لٿو ته، سمجهيم ته اهي مڙئي صفتون معشوق جون هيون پر معشوق نه هو.“
    فقير تي گذرندڙ اهي حالتون ئي دراصل فقير جو سفر آهن انهي سفر ۾ فقير پنهنجي نفس جا اڻ ڳڻيا تماشا ڏسي ٿو انهي جي نتيجي ۾ انساني عقل ۾ نه ايندڙ شين تي قدرت حاصل ڪري وٺي ٿو انهن حالتن کي به فقير پنهنجي منزل نه ٿو ڄاڻي پنهنجي هادي جي رهنمائي سان جهد ۾ رهي ٿو. اهو ئي حق کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو ۽ طريقو آهي جنهن سان فقير حق جي منزل ماڻي ٿو فقير جڏهن ڄاڻڻ جي منزل کي رسي ٿو ته ماضي حال ۽ مسقتبل جا سڀ پردا دفعه ٿيو وڃن.
    جوڳي جڳ سنڀري،
    زمين، زمن،اڀ نه تارا.

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو