سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مورو، دادو، ميهڙ رکج لاڙڪاڻو برقرار
    ڪوٽڙي، ڀان، قمبر، شڪارپور، آهي ٺٽو تو آڌار
    سالم هجي سيوهڻ سن سندوڪار
    سکر، هالا، خيرپور،، آباد هجي ملاڪاتيار
    اچي نه آفتن جي حيدرآباد تي مار
    سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي

    http://www.youtube.com/watch?v=boY74Th8UK0
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي

    الاهي آمين يا رب العالمين
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي

    ۔
    آمين ادا رشيد تمام ڏوکوئيندڙ انداز ۾ دل جي گهراين سان دعا ڪيل آهي مالڪ پنهنجي رحم و ڪرم سان سنڌ کي سلامت رکي۔
    هن ونڊ جي مدد سان سنڌ سلامت جو هر ميمبر آمين چوندو ۽ مالڪ به راحمين آهي متان هن فورم جي ڪنهن گناهگار بندي جي دل مان نڪتل احساسن جي آمين کي رب ٻڌي ۽ سنڌ تي آيل هن آفت کان جلد زندگي معمول تي اچڻ لڳي۔۔

    تمام بهترين ونڊ آهي۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي

    جزاڪ الله خيئر

    ادا مون جي خيال ۾ اها دعا اڳ ۾ ئي هت شيئر ڪيل آهي مون پاڻ ڏٺي ۽ ٻڌي آهي

    الله پاڪ رحم ڪندو

    باقي نقصان جو ته ڪو اندازو به نه ٿو لڳائي سگهي


    سدائين گڏ
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي

    آمين يا رب العالمين
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي

    فقير سائين پيارا دعا ته اڳ ۾ شيئر ٿيل آهي ليڪن انهن لفظن جي نشاندهي نه هئي جيڪا هن ٿريڊ ۾ سائين عبدالرشيد جن ڪئي آهي

    مورو، دادو، ميهڙ رکج لاڙڪاڻو برقرار
    ڪوٽڙي، ڀان، قمبر، شڪارپور، آهي ٺٽو تو آڌار
    سالم هجي سيوهڻ سن سندوڪار
    سکر، هالا، خيرپور،، آباد هجي ملاڪاتيار
    اچي نه آفتن جي حيدرآباد تي مار

    سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي
    هن وڊيو ۾ دعا آواز ۾ ته آهي ليڪن هي نظم جي صورت ۾ دعا تمام پياري آهي . جيڪا پهريائين نمايان نظر نه ٿي آئي.
    يا الله تون ٻاجهارو مهربان آهين پنهنجي ڪريمي صفت جي مهابي اسان تي رحم فرماء اسان تان هي آفت دور فرماء سڀني اداس ماڻهن تي وري سک سلامتي واري مُرڪ طاري فرماء اسان کي پنهنجي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرما اسان کي شيطاني رستي تي وڃڻ کان محفوظ فرما. آمين.
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي



    آمين


    توهان صحيح فرمايو

    سدائين گڏ
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي ​

    [​IMG]
    اڄ منهنجي نظر سنڌ سلامت جي انهيء جڳهه تي پئي جتي سنڌ سلامت جي انتظاميه هي دعا لکي آهي، ( سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي ) سنڌ سلامت جا دوستو اهيا به حقيقت آهي ته اگر سنڌ آهي ته اسان جو به وجود ۽ سالميت موجود رهندي ورنه الله نه الله نه الله نه ڪري ڪٿي ائين نه پڙهجي ته( هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي۔) سنڌ سلامت جا دوستو اچو ته گڏجي سڀ انهيء مالڪ کي ٻاڏايون جنهن جي هٿ وس ۾ سڀ ڪجهه آهي، ۽ ان جي حڪم کان سواء هڪ پن به پنهنجي جڳهه تان نه ٿو چري۔ ( اي منهنجا الله اسان سڀني جا گناهه ۽ غلطيون معاف فرماءُ، جيڪي گناهه اسان ڄاڻيون ٿا ۽ جيڪي گناهه اسان نه ٿا ڄاڻيون، اهي سڀ گناهه معاف فرماءُ ۽ اسان جي مٿان تمام مصيبتون ۽ پريشانيون دور فرماءُ، ۽ سنڌ جي غريب ماروئڙن تي پنهنجو رحم ۽ ڪرم فرماءُ۔ ۽ انهن جي مصيبتون، آفتون، بيماريون، سڀ دور فرماءُ۔ يا الله تون ئي حبيب آهين ته تون ئي طبيب آهين، تون ئي درد جي دوا آهين، مرض ڏيڻ وارو به تون آهين ته شفا ڏيڻ وارو به تون آهين، دنيا جا هيلا وسيلا، به تڏهن ئي ڪم جا ٿين ٿا جڏهن تون ٿو انهن کي حڪم ڪرين، بيماري کان شفا به تڏهن ئي ملي ٿي جڏهن ان کي تنهنجو ئي حڪم ٿئي ٿو۔ ( ڦڪيون تڏهن فرق ڪن جڏهن امر ڪرهو ان کي ) يا الله اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا۔ يا الله تون وري هن سنڌ جي هر هڪ وسندي، وسندي، ڳوٺ، ڳوٺ شهر شهر ۽ پاڙي پاڙي کي آباد فرماءُ، يا الله تون ئي هر شيء کي برباد ڪرڻ وارو ۽ آباد ڪرڻ وارو آهين۔ ( وسندڙ شهر ويران ڪرين وسائين واهڻ ...شاهه ) يا الله هن سنڌ جي ڌرتي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاروبار جو مرڪز بڻاءُ ، يا الله تون هنن تي پنهنجيون اڻ ڳڻيون رحمتون نازل فرماءُ ته جيئن هي سنڌ جا ماروئڙا اڳي کان به هزارين درجه سکارا ٿئي پون، ۽ هن سنڌ جي خوشحالي جو مثال دنيا ۾ ڏنو وڃي۔ ، آمين۔ ثم آمين۔
    دارُون ۽ ڪارُون، جان ڪِي ڪيا ويڄَ مون؛​
    ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَھ جِي، نِهاري ناڙُون؛​
    جن جون سيڻَ لَهنِ سارُون، تن تان ڏُکندو ڏُور ٿئي​
    .

    http://www.youtube.com/watch?v=LA0dej_zULQ&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=hpc9_52u4Y0&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=VkEZLj5S1dQ&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=CyDVcOgTlMI&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=yGezXO6RrfM&feature=related
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي

    يا الله، پنجتن پاڪ جي عظمت جي صدقي، سنڌ جي هن عظيم ڌرتي کي هن تاريخي آفت کان محفوظ فرما۔۔۔ يا الله، يا رحمان يا رحيم، يا ڪريم يا ستار، يا غفار، يا مقلب القلوب، پنهنجي سهڻن نالن جي صدقي ۾ سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ گلي کي هن عذاب کان محفوظ فرماءِ۔۔ يا الله جيڪي ماڻهو ان آفت مان متاثر ٿيا آهن انهن کي جلد آباد ڪرڻ فرماءِ۔ يا الله انهن کي پنهنجي سڳي سڄڻن جي وڇوڙن کي وسارڻ ۽ صبر ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ۔۔
     
  10. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي

    مهرباني سائين
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي

    ادا رشيد صاحب توهان جي اهيا به مهرباني جو توهان منهنجي دعا سان گڏ مٿين دعا به گڏائي ڇڏي آهي، ۽ اهيو به توهان جو فن ۽ توهان جي قابليت چئبي جو منهنجي دعا ( جڏهن ته جنهن وقت مون دعا لکي ڪري لڳائي هئي ته توهان جي نه وڊيو نه دعا موجود هئي ) جي اڳيان توهان سنڌ جي دعا وارو مڪمل شعر ۽ علامه صاحب جي گهريل دعا جي وڊيو فٽ ڪري ڇڏي آهي جنهن سان منهنجي دعا واري ٿريڊ کي چوڏهن چنڊ لڳي ويا آهن جنهن لاء اوهان جي مهرباني، ادا توهان انتظاميه وارا آهيو، جيڪي ڪرڻ چاهيو ڪري سگهو ٿا، ادا رشيد توهان جون مهربانيون ۽ ٿورا جو توهان اهيو مڪمل شعر ۽ دعا جي وڊيو ونڊ ڪئي، الله توهان کي خوش رکي آمين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو