تڪڙن بنيادن تي عوام کي ڪراچي، حيدرآباد، نوري آباد ۽ ڄام شوري ۾ ڪالونيون

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسين سنڌ حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته تڪڙن بنيادن تي عوام کي ڪراچي، حيدرآباد، نوري آباد ۽ ڄام شوري ۾ ڪالونيون ٺهرائي ٻوڏ متاثرن کي پنهنجن گهرن ۾ منتقل ڪيو وڃي

    افسوس اسان کي وفاقي حڪومت جي ان رويي تي آهي ته حڪمران نانگ بڻجي امداد جي پئسن تي ويٺا آهن ۽ وفاقي حڪومت اڃا تائين سنڌ حڪومت کي هڪ رپيو به نه ڏنو آهي. وفاق پنهنجي کيسي مان ته ڪجهه نه ڏنو آهي پر جيڪا ٻاهران امداد ملي آهي انهيءَ کي به ڏسي رهيا آهن پر شايد عوام کي ڏيڻ تي اڃا ويچاري رهيا آهن.سنڌ ۾ ڪوٽڙي بئراج، سکر بئراج ۽ گڊو بئراج جي ايراضين ۾ لکين ايڪڙ زمين فوجين کي رانديگر سيڪٽرين ۽ چيف سيڪريٽرين کي ڏني وئي، ڪراچيءَ جي زمين به جيڪو سوسائٽي ٺاهي درخواست ڏئي ٿو ان کي 5 ايڪڙن کان 100 ايڪڙ تائين ڏني وڃي ٿي ان ۾ ڪڏهن به ڏٺو نه ويو آهي ته درخواست ڏيندڙ ڪير آهي، سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ آهي يا نه، قانون تحت هر صوبي ۾ انهيءَ ماڻهو کي زمين ڏني ويندي آهي، جيڪو اتان جو ڊوميسائيل رکندڙ هوندو آهي پر هتي ته قانون جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي،

    ڪراچيءَ ۾ دهلي ڪالوني، پنجاب ڪالوني، مشرف ڪالوني، ضياءُ ڪالوني، هزاره ڪالوني، پي ٽي وي جي سوسائٽي، پنجابي سوداگران جي سوسائٽي، ڊفينس جي آفيسرن جي سوسائٽي، گلشن معمار سوسائٽي، احسن آباد سوسائٽي، دهلي سوداگران سوسائٽي، الطاف نگر سميت هزارين سوسائٽيون اهڙيون آهن جيڪي ڪنهن به سنڌي ڳالهائيندڙ جون نه آهن، جيڪڏهن حڪومت سنڌ جو ڊوميسائيل نه رکندڙ ماڻهن کي سوسائٽيون الاٽ ڪري ٿي ته پوءِ ڪراچي، حيدرآباد، ڄام شوري ۽ نوري آباد ۾ اهڙيون سوسائٽيون سرڪاري سطح تي ٺاهي ٻوڏ سٽيلن لاءِ ڪالونيون ٺهرائي ڏنيون وڃن.

    اسين سنڌ حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته تڪڙن بنيادن تي عوام کي ڪراچي، حيدرآباد، نوري آباد ۽ ڄام شوري ۾ ڪالونيون ٺهرائي ٻوڏ متاثرن
    کي پنهنجن گهرن ۾ منتقل ڪيو وڃي جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته طاقت جو سرچشمو عوام ئي آهي ۽ عوام جي ٽيڪ تي حڪومت ڪندڙ حڪمرانن کان عوام اها ٽيڪ کسي ورتي ته پوءِ حڪمران ڪاٿي بيهندا اهو وقت ئي ٻڌائيندو.

    ملڪ جي صدر، وزيراعظم کان وٺي سڀ وزير صلاحڪار ۽ وڏا وزير ۽ انهن جا ڪارندا رياست جا ملازم ۽ عوام جا پگهار دار خادم هوندا آهن، انهن کي عوام ئي پگهار ڏيندو آهي ۽ عوام ئي انهن کي ووٽن جي طاقت سان عهدن ۽ ڪرسين تي ويهاريندو آهي، جن جي ڊيوٽي عوام جي جان مال ۽ حقن جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي، پوءِ جيڪو به عوام جي حقن جي بهتر حفاظت ڪندو ۽ عوام جي صحيح پرگهور لهندو ته عوام انهن کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏيندو آهي، جيڪڏهن چونڊيل نمائندا عوام جي اميدن تي پورا نه لهندا آهن ته پوءِ عوام کي اهو اختيار هوندو آهي ته اهي پنهنجي طاقت جي زور تي حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪري اقتدار کان محروم ڪري ڇڏين، هتي انهيءَ تن بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته رياست جي اصل ڌڻي ۽ ملڪيتن جو مالڪ عوام ئي هوندو آهي، پر پاڪستان جي تاريخ ۾ سواءِ هڪ ٻن سياستدانن جي جيڪي به حڪومتي مسند تي ويٺا آهن اهي عوام کي حڪمرانن جو خادم ۽ عوام جي ملڪيتن يعني رياست جي اثاثن کي پنهنجي ملڪيت سمجهندي کائڻ شروع ڪندا آهن ۽ عوام کي هر حق کان محروم رکندا آهن،


    <span>ڪنهن به ملڪ ۾ سرڪاري وسيلا معدني دولت، ناڻو، فوج، زمين، ادارا، کاتا ۽ انهن جا اثاثا رياست جي ملڪيت سمجهي ويندا آهن، جڏهن ته رياست جو مالڪ عوام هوندو آهي، جمهوري ملڪن ۾ عوام پنهنجا نمائندا چونڊي پارليامينٽ پهچائيندو آهي ته پارليامينٽ ۾ جمهوري انداز سان ووٽ ڪرائي اڪثريت حاصل ڪندڙ اميدوار کي ملڪ جي وزيراعظم جا اختيار ڏنا ويندا آهن.</span>وزيراعظم ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو هوندو آهي، هو پنهنجي ملڪ جي عوام جي خدمت لاءِ ۽ سرڪاري ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ وزير ۽ صلاحڪار کڻندو آهي ته جيئن سڀ سرڪاري فيصلا گڏيل صلاح مشوري سان ۽ جمهوري انداز سان ڪري عوام کي امن ۽ انصاف ڏيڻ انهن جي جان مال ملڪيتن جي حفاظت سان گڏوگڏ رياست جي هٿ هيٺ پيل سموريون ملڪيتون ۽ اثاثا انهن جي صحيح نگهداشت ڪرڻ، ملڪ کي دشمن کان بچائڻ، ٻاهرين ملڪن سان سفارتي ۽ واپاري ناتا برقرار رکڻ هوندو آهي جڏهن ته صوبا پڻ ايئن ئي جمهوري انداز سان وڏا وزير چونڊي پنهنجا ڪم ڪاريون هلائيندا آهن.

    جڏهن به ڪو هن ملڪ ۾ حق گهرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان کي چٿيو ويندو آهي ته جيئن ٻيهر ڪو حق لاءِ آواز بلند ڪري نه سگهي، اهو ئي سبب آهي ته جمهوري حڪمران اقتدار جي نشي ۾ پاڻ کي بادشاهه سمجهندي عوام جي ملڪيتن تي نانگ بڻجي ويهي رهندا آهن. ايئن ئي جيئن هاڻي وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي، اڌ سنڌ تباهه ٿي وئي آهي، 2 ڪروڙ سنڌي بي گهر ٿي سڀ ڪجهه لٽائي دربدر ٿي ويا آهن، سوين ماڻهو بيمارين ۾ مري چڪا آهن، روزانو ماڻهو مرن ٿا پيا پر حڪومت ڪنهن به هڪ لاوارث سنڌيءَ جي ڪفن دفن جو بندوبست نه ڪيو آهي، جيڪي ماڻهو ڪفن دفن لاءِ مختيارڪار آفيسن جي اڳيان احتجاج ڪن ٿا ته انهن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، آخر مجبورن عبدالستار ايڌي جا رضاڪار معاشي طور بيوس بڻيل ماڻهن جي ميتن کي ڪفن دفن ڏين ٿا. افسوس اهو آهي ته ڇا حڪمرانن کي خبر نه آهي ته روزانو 50 کان 60 ماڻهو مري رهيا آهن، جن جو ڪو به اوهي واهي نه هوندو آهي، انهن جي حڪومت ئي رکوالي ڪندي آهي پر هتي ان جي ابتڙ آهي، اهو ان ڪري سمجهيو ويو آهي ته سنڌ واسين جي وات ۾ زبان ئي نه آهي ان ڪري اهي پنهنجو حق نه گهرندا آهن.

    ڪراچيءَ ۾ نانگڻ، سرجاني، مواڇ، گابو پٽ، ميو، بند مراد، الهه ڦهائي، ٻٽي آمري، ٿومنگ، ٽوڙ، مائي ڳاڙهي، لال بکر، ڪوٽيئڙو، گهگهر، جوريجي، جهانگيارو، سکڻ، ابراهيم حيدري، سنهڙو، لانڍي، ککر باقرام، ڍنڍو، داٻيجي، ريڙهي، ڦهائي، ڪورنگي سميت 50 کان مٿي اهڙيون ديهون آهن جن ۾ هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين پيل آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ واڻين جون ڇڏيل ملڪيتون ۽ زمينون به سوين ايڪڙ موجود آهن، جڏهن ته ڪوٽڙي تعلقي ۾ 18 کان 20 ديهن ۾ هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين پيل آهي، حيدرآباد ۾ هالاناڪي، حيدرآباد ايئرپورٽ ڪوهسار جي علائقن گنجي ٽڪر وارو علائقو ۽ پاڪ لينڊ سيمينٽ فيڪٽريءَ جي علائقي ۾ به هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين موجود آهن، جن مان ڪيترن ئي سرڪاري زمينن تي قبضا ٿيل آهن.
    <span> </span>
    <span>هن وقت ٻوڏ سٽيل سرڪاري اسڪولن ۾ موجود آهن، انهن جي ڳوٺن وارا علائقا جن ۾ انهن جا گهر مٽي بڻجي ويا آهن، اتي 7 کان 9 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، جيڪو ٽوڙي بند جي گهاري بند نه ٿيڻ جي ڪري پاڻيءَ جي سطح اڃا وڌي رهي آهي، ان ڪري اتي آباد ٿيڻ ۾ اڃا ٻه کان ٽي سال لڳي ويندا، ان ڪري حڪومت طرفان تڪڙن بنيادن تي ماڻهن کي سرڪاري زمين تي ڪالونيون ٺهرائي ڏنيون وڃن، جن ۾ اسڪول، مسجد، پارڪ، گرائونڊ، اسپتالون، قبرستان ٻيون آسائش جون جايون موجود هجن، ٻوڏ متاثرن کي اتي منتقل ڪرائي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي عمل کي جاري رکيو وڃي، حڪومت ايئن ڪرڻ سان عوام تي ڪو احسان ته نه ڪندي ڇو ته اهي ئي انهن ملڪيتن جا وارث آهن
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: تڪڙن بنيادن تي عوام کي ڪراچي، حيدرآباد، نوري آباد ۽ ڄام شوري ۾ ڪالونيون

    مهرباني سائين تمام سٺي ونڊ آهي
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تڪڙن بنيادن تي عوام کي ڪراچي، حيدرآباد، نوري آباد ۽ ڄام شوري ۾ ڪالونيون

    ادا عبدالرزاق توهان بهترين ڳالهه ڪئي آهي، هن وقت اسان جي علائقي جي گورنمنٽ‌ اسڪولن ۾ ٻوڏ متاثر رهائش‌پذير آهن، جنهن ڪري انهن اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو جاري رکڻ في الحال ناممڪن آهي، ان جو حل به گورنمنٽ کي لازمي ڪڍڻ گهرجي۔۔۔ توهان واري ڳالهه وانگر تڪڙن بنيادن تي ٽينٽ سٽي ٺاهي اتي ٻوڏ متاثرن کي رهائڻ گهرجي۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تڪڙن بنيادن تي عوام کي ڪراچي، حيدرآباد، نوري آباد ۽ ڄام شوري ۾ ڪالونيون

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو