گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محترم سنڌ سلامت جا ساٿيو، السلام عليڪم منهنجي هي مزاحيه شاعري حالات حاضره واري سيڪشن ۾ موجود هُئي جيئن ته هرڪو پنهنجا نمبر وڌائڻ جي چڪر ۾ آهي سو مان اهڙو نمبر وڌائڻ وارو موقعو ڇو وڃايان .حالات حاضره واري سيڪشن ۾ خالص منهنجي پنهنجي شاعري کڙ ڪُتر پي ٿي ان ڪري اٿان کڻي پنهنجي شاعري واري سيڪشن ۾ کڻي آيو آهيان، دوستو گُذريل عيدا لاضحى جي موقعي تي هڪڙو هتي ٽنڊو محمد خان ۾ مشاعرو رکيو ويو هو جنهن ۾ توهان جو هي جهونو ناز به شريڪ ٿيوهو جنهن پنهنجو مزاحيه نظم انهي طرح (سِٽَ) اوهان جِي نظر جي نذر ٿي وياسين تي پڻ پڙهيو هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    پيش آهي سندس هڪ سال اڳ واري تصوير ۽ سندس هڪ سال اڳ وارِي مزاحيه شاعري​


    [​IMG]

    نظم​


    گجر ٿِي وياسين، بصر ٿِي وياسين!
    مُڏيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿي وياسين!
    ــــ
    سچو پيار بيگم چيو ڪٿ مليو آ،
    چيم ڪوڙ ڪيڏو چرِي تو گهڙيو آ،
    اسان قرب اهڙو تکيرو ونڊيو آ،
    تڏهن ڌڻ ٻچن جو اسان هي ڪڍيو آ،
    چرِي ڏس ته ٻن مان ولر ٿِي وياسين!
    ـــ
    ڪنڌاري به سڏجون ڪُٺل يارَ آهيون،
    ائين پنهنجي لاري لڳل يارَ آهيون،
    اسان ڍِيٽُ عاشق ڦِٽل يارَ آهيون،
    اسان روز سينڊل سَٽِيَل يارَ آهيون،
    وڏا بي شرم پر! مگر ٿِي وياسين!
    ــــ
    اسان بي حيائيءَ حَدُون سڀ ٽُپيون هِن،
    اسان هر خُواريءَ جُون کاريُون کنيُون هِن،
    اسان عُمر سارِي پَرايُون تڪيُون هِن،
    اسان تلخ ڳالهيون ، اسان کي چيُون هِن،
    اسان معاشري جا گٽر ٿِي وياسين!
    ـــ
    وڄائي ته تاڙيُون هُو ٽِي جنس وارو،
    اچِي گهرَ گهٽِيءَ تي ڪري ٿو اشارو،
    لڳين “ناز” مونکي ٿو ڏاڍو پيارو،
    چوي روز هئه هئه لڳائي ته نعرو،​
    اوهان جِي نظر جي نذر ٿِي وياسين!​

    گجر ٿِي وياسين بصر ٿِي وياسين!
    مُڏيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿي وياسين!​
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    زبردست ادا تمام بهترين.
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين


    واه واه

    ڪافي دوستن جي دل واري ڳالهه ڪئي اٿئو

    ها ها ها ها

    بهترين شاعري آهي توهان جي سائين

    سدائين گڏ
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    سائين نثار صاحب اڄڪله گجر ۽ بصر جا ريٽ به آسمان سان وڃي لڳا آهن۔ مطلب اوهان جو قدر هونء ئي گهڻو هيو اسان وٽ پر هاڻي جي بصر ٿي ويا آهيو ته سمجهو اوهان جو ريٽ ۽ قدر ٻيڻو ٿي ويندو۔

    اوهان جا قرب جو هر موضوع تي ڪيل شاعري اسان سان ونڊ پيا ڪريو
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    ادا سليمان مهرباني جو توهان اسان کي بصر سان مشابهت ڏئي اسان کي ۽ اسان جي حقير ترين شاعريءَ کي هڪڙي نئين معنى ڏني۔ پر ڀائو ٿورو اکين کي بچائجو اسان کي حلال ڪري ڇلي ڇڏهن ٻوڙ حوالي، ڪيو تڏهن متان توهان جي اکين مان اسان جي ڪري ڳوڙها وهي نڪرن ، ۽ هي بصر ڀلي داغ ٿي سڙي وڃي پر توهان جي ڳوڙهن وهڻ جو ڏک ٻي ڪنهن کي ٿئي يا نه ٿئي پر مونکي سدائين رهندو۔ ادا سليمان مهرباني جو اسان جي شاعريءَ تي توهان پنهنجو هي خوبصورت رايو ڏنو۔
     
  6. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    واه واه زبردست
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    سائين نثار ناز ۔۔۔ اوهان جي هن بهترين شاعريءَ‌جي تعريف لاءِ‌مست وٽ ڪي لفظ ئي نه آهن، بس مست جيڪڏهن چئي سگهي ٿو ته اهو چئي سگهي ٿو۔۔

    ڪُتر ٿي وياسين، ڪُتر ٿي وياسين۔۔۔
    اڃان ڇا ڏسون بس، ڪُتر ٿي وياسين۔۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    نه هڪڙي ڳالهه هن نظم ۾ نالي وارِي مصرع وارو بند ڪنهن به دوست جي الله نه ڪري دل جي ڳالهه هُجي فقير پنهنجي دل تي هٿ رکي ٻُڌاءِ ڪو ٽي جنس وارو ” فقير“ روزانو ڪنهنجي گهر جي در تي وڃي اهو چوي ته هاءِ هاءِ مان مران مران ، تنهنجي لاءِ ٺران ٺران اصل ٻنهي هٿن جي تاڙين جو ڦهڪو هُجيس سموري پاڙي وارا گڏ ٿي وڃن ٽي جنس وارو اصل ان جي گهر ٻاهران بسترو لڳائي ويهي رهي ڇا اهڙي صورتحال به بقول تُنهنجي ته اڪثر دوستن جي دل جو آواز ٿِي سگهي ٿو۔ اک پٽ فقير لڳي ٿو تون اسان جي شاعري مڪمل پڙهين ئي ڪونه ٿو ۽ جيڪڏهن پڙهين ٿو ته وري سمجهين ڪونه ٿو۔ فقير آخر ۾ وري اهو لکي ٿو ڇڏين ته اهڙيون ڪوششون جاري رکجو۔ ڪا ڳالهه ڪانهي رمضان شريف واري نيڪ بابا نيڪ مائي واري ڪمائي اڃا هلي پئي ان ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    گُلال ڀائو زبردست تمام بهترين ۔ توهان جو نمبر گيم به منهنجي خيال ۾ هڪ هزار کان وڌي ويو۔ مهرباني۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    ير مست ڏاڍي پيو ٻُڌائين مستن وٽ ڪي لفظ ڪونه آهن ته پوءِ ڪنهن وٽ هُوندا، بهرحال تون به دل کولي پنهنجي نمبرن واري راند کي کيڏ اسان به ڪم کي کڻيو اچون۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    بس سائين ۔۔۔ پاڻ‌نمبر وٺڻ، وڌائڻ‌کان بس ڪئي، پر ڪجهه به ٿي وڃي سائين نثار ناز جي موضوع تي ريپلائي ضرور ڪبو۔۔۔
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    پر يار ناز! اهو ٽين جنس وارو نڀاڳو اوهانتي عاشق ته نه ٿيو آهي، يا وري ڪا ٻي ڳالهه آهي پوڙهپ ۾ نه هي نه هو بس تون ئي تون ۔۔۔

    ٻي ڳالهه جيڪا اوهانجي شاعري مان ظاهر ٿي آهي ته اوهان ماسات مٺي ذات کي ڏاڍو ستايو آهي، پيار گهٽ ٻار گهڻا ڏنا آهن ۔۔۔ خئير شاعر اديب ويچارا زندگي جي ڏکن سکن کي وسارڻ لئه، رات جو پيار ۽ ٻار تي زور ڏيندا آهن ۔۔۔

    آخر ۾ ائين چئبو ته سنڌ سلامت تي اوهانجي شاعري به ائين آهي جيئن ڌرتي تي هماليه پهاڙ ۔۔۔ جڏهن چاهي پنهنجي برف ڳاري ٻين کي ٻوڙان ٻوڙ ڪيو ڇڏي، اوهانجي مذاحيه يا عشقيه يا وري سماجي شاعري جڏهن پڙهبي آهي ته محسوس ٿيندو آهي ته اوهانجي ننڍڙي سيني ۾ به هماليه جهڙو ڪو جبل آهي ۔۔۔

    رب العالمين اوهانجي جذبن کي هماليه کان به اوچو ڪري ته جيئن اسانکي به اوچا خيال ملندا رهن ۔۔۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    ڀائو نثار ڪو به ڪنهن تي چاهي ٽي جنس وارو هُجي، چاهي هڪ يا ٻي جنس وارو هُجي عاشق ٿي سگهي ٿو، ان ۾ عمر جي ڪا قيد ڪانهي، باقي ير ڪڏهن کان انومان ڪڍڻ شروع ڪيا اٿئي ، ته مون ماسات سڳوري کي پيار گهٽ ۽ ٻار وڌيڪ ڏنا آهن، ادا ايڪٽيهه سالن ۾ مون پيار وڌيڪ ڏنو آهي پر ٻار صرف پنج ، مونکي خبر ڪانه هُئي ته هتي منهنجي جاءِ تي مون واري ماسات سڳوري جا حمايتي به آهن، منهنجي شادي 1978ع ۾ ٿي، خير سان منهنجو پهريون پُٽ علي 1983 ع پيدا ٿيو، ان کان پوءِ منهنجو ٻيو پُٽ فرحان 1993ع پيدا ٿيو پورن ڏهن سالن کان پوءِ ٽيون پُٽ شاهه زيب وري 1996 ع پيدا ٿيو چوٿون نمبر پُٽ ڪاشف علي 1999ع ۾ پيدا ٿيو، آخر ۾ منهنجي معصوم نياڻي ثنا خير سان 2003 ع ۾ پيدا ٿِي هاڻي دوست جيڪڏهن حسابن جو ڄاڻو آهين ته حساب لڳائي ته مون ڇا ڪيو آهي، ٻار جام پيدا ڪيا اٿم ، پيار گهٽ ڏنو اٿم، باقي مون وارِي مولائڻ سان منهنجو سر لڳي۔ دوست مونکي خوشي ٿي ته ڪو اهڙو آهي سنڌ سلامت تي جيڪو جمع تفريق جو قائل آهي ۽ اهو به ٻُڌائي ٿو ڇڏيان ته هتي ٻيو مونکان سواءِ ڪير به ڪونه هوندو جيڪو الف کان وٺي ي تائين پوري وضاحت ڪري ٻُڌائيندو۔ باقي ڇا اسان ٽي درجي وارا شاعر ۽ ڇا اسان جي حقير ترين شاعري، واندو مل آهيان پنهنجي پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ ڪجهه اوندا ابتا لفظ لکي شاعر سڏايان ٿو اها منهنجي مجبوري آهي، نه ته ادا شاعري وارا پند مونکان تمام پري آهن۔ هماليه جي پهاڙي سلسلي جيتري دل رکڻ وارا شاعر ڪي ٻيا اسان ته صرف دريا جي ڪپ تي ويهي ٿاڦوڙا هڻڻ وارا ۔بقول توهان جي اسان جا هٿ مٿي آهن۔ جيڪو به آهيان سُٺو آهيان خراب آهيان توهان سڀني پيارن دوستن جي سام آهيان۔ پر مونکي خبر آهي ته مان ڇا آهيان ، مان جوئي آهيان سوئي آهيان۔
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين


    سائين پيار ۽ ٻار جي ان حساب ڪتاب کي پڙهي عمر شريف جو چيل هڪ لطيفو ياد ٿو اچيم۔۔۔

    هڪ عورت جيڪا 10 ٻارن جي ماءِ هئي اها پاڙي واري مائيءَ کي روئي روئي پئي چوي۔۔۔ ”ڀيڻ! سچو پيار نه مليو۔۔“
    عمر شريف چيو ” اڃان مڙس ويچارو ڇا ڪري؟؟؟“

    وري هڪ مڙس جون ٻه گهر واريون هيون۔ هڪَ مان کيس 4 نياڻيون ۽‌ ٻيءَ‌ مان ٽي پٽ هئس۔۔۔ 3 ٻارن جي ماءُ چيس ته تون مون سان سچو پيار نه ٿو ڪرين۔۔۔
    مڙس چيس اهو ڪيئن ڀلا؟؟؟؟
    مائي چيس۔۔ مون کي ٽي ٻار ۽ اُن نڀاڳيءَ کي چار ٻار۔۔۔! اهو ڇو؟؟ (ڏسو مائيءَ‌جو فلسفو ته ڪهڙي ڳالهه مان پيار جو اندازو ٿي لڳائي۔۔)
    مڙس چيس۔۔ هل ڙي چري۔۔ ان ۾ منهنجو ڏوهه ٿوڙئي آهي، ڏوهه تنهنجو آهي پيار ته مان ٻنهيءَ‌سان هڪ جهڙو ڪيان ٿو پر تون سست آهين ۽ هو توکان تڪڙي آهي ته مان ڇا ڪيان۔۔۔
     
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    مطلب ته ٻار ڄڻڻ به پيار ئي آهي ۔۔۔ هڪڙو منهنجو پاڙيسري پنهنجي زال کي اهڙيون ته مارون ڏيندو هو جو سڄو پاڙو ڪنن ۾ آڱڙيون ڏئي ڇڏيندو هو ۔۔۔ پر ان مڙس زال خئير سان ڊزن کن ٻار ڄڻيا آهن ۔۔۔ الله سندن پيار کي سلامت رکي ۔۔۔ آمين
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    مست اهڙن لطيفن کي ڀلا ڪير پنهنجي شاعريءَ ۾ به آڻي ڏيکاري هاڻي وڃي تو ڳُجهارت ڀڳي آهي۔ آئون سدائين چوندو آهيان ته هر تخليق ڪيل خيال جو ڪو نه ڪو پس منظر ضرور هوندو آهي جيو سائين مست جيو۔۔۔۔۔
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    ها سائين۔۔۔ هڪ شاعر اٿوَ۔۔۔۔ گهڻو ڪري ٽنڊو محمد خان جو آهي۔۔ نالو نثار احمد سمون اٿس ۽ تخلص ناز اٿس، شايد سنڌي ٻوليءَ‌جي مشهور فورم سنڌ سلامت جو سرپرست اعلى به آهي۔۔ انهيءَ اهڙي هڪ شاعري ضرور ڪئي آهي۔۔۔۔
    جهڙي طرح ميچ ۾ ڇڪو، چوڪو لڳڻ يا وڪيٽ اڏڻ‌جو ريپلي ڪري ڏيکاريندا آهن لڳي ٿو ته ان شعر جو به ريپلي ڪري ڏيکارجي

     
  18. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    ڀلي مست ڀلي پنهنجا نمبر وڌائي اسان کي ڪو اعتراض ڪونهي باقي اهو شاعر مونکي ڪٿي ملي ويو ته مُئل هوندو۔
     
  19. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    سائين متان انهيءَ‌ مسڪين شاعر کي ڪجهه چيو اٿوَ۔۔ مست جهڙا غريب ڪاڏي ويندا۔۔ ايڊمن، الجميلي ، فقير، درويش، مولائي فقير، بيتاب، نسواري سڀ انهيءَ‌شاعر جي شاعري ٻڌي ته ٺرندا آهن ۔۔۔ ان شاعر جي شاعريءَ جي صحبت ۾ رهي مست کي به شاعريءَ‌ جو بخار چڙهي ويو آهي۔۔۔
     
  20. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين

    سائين مست جائي پيو چئي

    متان ان شاعر کي ڪجهه چيو اٿئو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو