نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾ ڳائي

'نثار احمد ناز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم نثار احمد ناز ۽ سنڌ سلامت لاء اها فخر جي ڳاله آهي جو هندستان ۾ سنڌي جي سڀ کان وڏي فنڪاره محترمه ڪوشي لالواڻي نثار صاحب جي شاعري ڳائي آهي۔محترمه ڪوشي لالواڻي هي گيت اندور هندستان ۾ ڳايو آهي۔ سچ پڇو ته جهڙي هن ڪلام جي شاعري آهي اهڙوئي مٺڙو ۽ سريلو آواز آهي ڪوشي جو ۽ ان کان به سٺي موٽ ملي آهي سائين نثار کي۔

    مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو
    گهڙيء هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو

    سندس هي شاعري سنڌ سان ازلي محبت جو ثبوت آهي۔ هن شاعري ۾ نثار سنڌ کي پوڄيو آهي ۽ سندس سنڌ سان محبت جو هڪ لازوال شاهڪار آهي۔ پاڻ شاه سائين جي هنن سٽن جي خوب پوئواري ڪئي اٿن ته:

    سڄڻ ۽ ساڻيھ ڪنهن اڻاسي وسري
    حيف تنين کي هوء وطن جن وساريو

    مان جڏهن به نثار صاحب جي شاعري تي رايو ڏنو آ يا تعريف ڪئي آ ته سدائين پاڻ ٽين درجي واري شاعر جي ڳاله ڪري ڀڄي ويندا آهن۔ پر محترمه ڪوشي لالواڻي اهو ثابت ڪيو آهي ته پهرين درجي جي فنڪاره به پهرين درجي واري شاعر جي شاعري ڳائيندي آهي۔

    دعا آهي ته سنڌ جي هن سٻاجهڙي شاعر ۽ يارن جي يار سائين نثار احمد ناز کي رب پاڪ سَت عُمريون ڏي جيئن هو سنڌ جي ماڻهن جون دليون جنجهوڙي انهن کي اونداهي مان ڪڍي۔




    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    بهترين ونڊ آهي۔ادا
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    بي مثال ۔۔ لاجواب۔۔ لازوال ۔۔ بي حساب
    سنڌ سان تمام گهري الفت اهڙي الفت جنهن ۾ پنهنجي وجود کان وڌيڪ پيار ڪيو وڃي۔
    ۽ مٿان وري سنڌ جي سونهن جي تعريف۔ لاجواب شاعري آهي۔۔ سائين نثار ناز شال جڙيا هجو۔۔۔۔
    ادا سليمان وساڻ صاحب جا لک ٿورا جو انهن هن انمول شاعري کي تمام پياري ۽ سوهندڙ ڊزائين ۾
    سجائي پيش ڪيو آهي۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي دوستن جون اهڙيو ڪوششون رڪنن جو پاڻ ۾ الفت جو
    ناتو پڌرو ڪري ڇڏين ٿيون۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    سهڻي انسان جا سهڻا ٻول، نثار ناز به سهڻو ۽ وطن دوست انسان آهي، اسانکي فخر آهي ته هي بلند انسان سنڌ ڌرتيءَ تي موجود آهي ۽ سنڌ سلامت جو ساٿي آهي ۔۔۔

    ادي وساڻ جا به لک ٿورا جنهن ناز صاحب جي شاعري کي سهڻو ويس پارايو ۽ ان سان گڏ محترمه ڪوشيءَ جو ساڳيو گيت پڻ ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔

    لاجواب شآعري ۽ لاجواب آواز ۔۔۔ سون تي هيرن جو ڪم ٿيل آهي ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    اها اسان جي لا۽ فخر جي ڳالهه آهي ته سائين نثار ناز صاحب جن جي شاعري هندستان ۾ محترمه ڪوشي لالواڻي
    ڳائي ۽ ان کان وڌيڪ فخر ته مان کي ان ڳالهه تي آهي ته سائين جن اسان جي ساٿ ۾ شامل آهن ۽ سندس شفقت جو هٿ اسان جي مٿان آهي
    مان سائين سليمان صاحب جو تهه دل سان ٿورائتو آهيان جن اسان کي اهڙو بهترين ونڊ شيئر ڪيو

    سدائين گڏ 
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    سائين مون کي جڏهن سائين نثار ناز ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو هو ته ڏاڍي خوشي ٿي هئي، ڇو ته سائين نثار ناز پنهنجي نماڻي طبيعت ۽ انڪساري جي ڪري سدائين پاڻ کي ٽئين درجي واري شاعر سڏرائيندو آهي پر اها ته پڙهڻ واري جي دل کان پڇو ته سائين جي شاعري ۾ ڪيتري نه گهرائي آهي۔ سائين جن جي هن شاعري ۾ پنهنجي سنڌ امڙ لاءِ ڪيڏو نه پيار ڀريو پيو آهي، ڪيڏي نه پياري ڀيٽا آهي۔ سائين جن جي شاعري جي اندر انهيءَ‌ڳالهه کي محترمه ڪوشي لالواڻي به محسوس ڪيو، تڏهن ته سائين جن کي ٻڌائڻ‌کان پهرين ئي محترمه هن شاعري کي سُرن جي صورت ۾ پنهنجي آواز جي ترنم سان سونهن بخشي۔۔۔
    سائين سليمان وساڻ جا ٿورائتا آهيون جو ايتري بهترين شاعري کي ايتري سهڻي ڊزائين ۾ اسان سان ونڊ‌ڪيو ۽ هي وڊيو پڻ اسان سان ونڊ ڪئي اٿن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    ادا بهترين زبردست.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    تمام سٺي ونڊ آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    پيارا سليمان وساڻ ، جڏهن تنهنجي هن پوسٽ تي مون نجهري ۽ نماڻي ٽي درجي واري شاعر جِي نظر پئي، ته اکين مان بنا ڪنهن جُهڙ ۽ جُهڙالي جي خوشي جا ڳوڙها وهي نڪتا، ايترو پيار سان ، ايترو اُتساهه سان توهان هِي ونڊ جيڪا سموري ساري مون سان تعلق رکي ٿي ساري دنيا جي سنڌين سميت سنڌ سلامت جي ساٿين سان ونڊي آهي، دوست سليمان ايترو مان، ايترو سمان ڏنو اٿَوَ، جو مون کي انهي ونڊ جي شڪريه ادائگي جا لفظ ئي ڪونه ٿا ملن جو توهان جي مهرباني مڃي سگهان۔ دوست منهنجي شاعري ۽ مان ڪجهه به ناهيان، اهو سڀ ڪجهه توهان جو جيئڙو ۽ منڙو کير وانگر اُجرو آهي جو اسان کي به پنهنجي محبتن سان سر شار ڪيو ٿا، نه ته مان اها ئي ڪچ جي ڪوڏي، اهو ئي ٽي درجي وارو ڪوي ، سانئڻ ڪوشي لالواڻي منهنجي هن نظم کي پنهنجي سُرن ۾ آڻي مون سنڌي مِٽي جي ماڻهو کي الائي ڇا مان ڇا بنائي ڇڏيو مٿان وري توهان منهنجي هن شاعري کي پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي نت نوان رنگ ڏئي مونکي ڪچ جي ڪوڏي مان سون بنائي ڇڏيو۔ جنهن جو کليو اظهار سنڌ سلامت جي ساٿين کان وٺي فيس بوڪ جي تمام گهڻن دوست مون سان پيار ونڊي ڪيو آهي، دوست سليمان تنهنجي انهي ڊيزائن ونڊڻ کانپو خبر ناهي ڪٿان ڪٿان اي ميل ذريعي مون سان ڀائر ۽ ڀيڻون نيڪ تمنائن جو اظهار ڪري رهيا آهن۔ دوست سليمان ڪو حوصلا افزائي توهان کان سکي، ڪو همت افزائي توهان کان سکي، جيڪو ڪنهن هڪڙي معمولي شاعر کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ سيکاري۔ يقين ڄاڻ ادا سليمان جهڙي طرح ميڊم ڪوشي لالواڻي جو ڳايل منهنجو گيت خوبصورت تمهيد سان توهان سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو آهي اهڙي تمهيد مان هزار بار به ڪوشش ڪريان پنهنجي هن شاعري ۽ ڪوشي لالواڻي جي ڳايل گيت تي لکي ڪونه سگهان ها۔ وري به ڇا چوان بس اهو ته ادا سليمان توهان جا ٿورا وسارڻ جهڙا ئي ڪونه آهن، شال سدائين پنهنجي پيارن سان خوشين جا اڻ ميا خزانه حاصل ڪندا رهو۔ شل ڪو ڪوسو وا نه لڳي توهان کي
    توهان جو دعاڳو
    نثاراحمد ناز
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    سائين نثار مان اڳ به عرض ڪيو هو ته شاعري ۾ ڪا درجه بندي ڪانه ٿيندي آهي۔ سٺي شاعري پنهنجو پاڻ مڃائيندي آهي۔ محترمه روبينه ابڙو به منهنجي ان ڳاله جي فيس بوڪ تي تائيد ڪئي هئي ۽ اوهان کي داد ڏنو آهي۔

    باقي هر شاعرجي شاعري جا مختلف رخ هوندا آهن ۽ وقت ۽ مهل جي حساب سان هر شعر جي پهنجي اهميت هوندي آهي۔

    اوهان جي شاعري ونڊڻ سان ڪيترن ماڻهن ۽ وڏن نالن اوهان تي جيڪي رايا ڏنا اهي پڙهي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي۔

    يقينن اهي گهڙيون اوهان لاء تمام گهڻي خوشي واريون هونديون ۽ مان اوهان جي اکين ۾ خوشي جا لڙڪ ڏسي رهيو آهيان۔

    اڄ پڻ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا

    اها خوشي اوهان ۽ مونسان گڏ سنڌ سلامت جي هر ميمبر کي ٿي آهي۔ الله اوهان کي آباد رکي

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    ادا سليمان اها توهان جي بهترين ڪوشش آهي جو اوهان اهڙي بهترين شاعري کي سهڻي ڊزائين ۾‌دوستن سان ونڊ ڪيو، سائين نثار ناز جي شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ ان جي ڪنهن به درجابنديءَ‌جي ضرورت نه‌آهي
     
  12. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    لاجواب شاعري ۽ سريلي آواز ! ادا بهترين ونڊ آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    ادا سليمان وساڻ 3 مهينا اڳ سنڌ سلامت جو هڪ پرديسي ميمبر ادا رنجيت جيڪو هن وقت انڊيا ۾ آهي۔۔۔۔۔ ادا رنجيت فيس بوڪ تي جڏهن مون سان چيٽنگ ڪئي هئي ته سائين نثار ناز جي شاعري جي به ڳالهه ڪئي هئي ۽ ساڳي ڳايل شاعري جي ويڊيو لنڪ به ڏني هئي ۔۔۔۔۔ ۽ مون شايد سائين نثار ناز ۽ ادا رشيد سمون جن کي به فون ڪري انهي جي باري ۾ ٻڌايو هئو۔۔۔۔۔

    انهي کان وڌ خوشي ٿئي پئي جو هر هر مان انهي شاعري کي پيو ٻڌان۔۔۔۔۔۔

    مهرباني ادا سليمان وساڻ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    ادا زاهد خوشي جي ڳاله آهي ۽ واقعي جيڏا مٺڙا ٻول آهن اهڙي مڌر آواز ۾ ڳايو آهي ڪوشي لالواڻي صاحبه۔ سائين نثار ناز کي مبارڪ هجي بهترين گيت تخليق ڪيو اٿس

    باقي هي ڪلام ته وري وري ٻڌڻ جهڙو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    جي ها ان وڊيو جي ڳالهه ادا زاهد به ڪئي هئي پر ڳولا ڪرڻ سان ملي نه سگهي۔۔۔ جنهن کان پوءِ سائين نثار ناز کي پڻ اهڙي فرمائش ڪندو رهيو آهيان ته سائين اها وڊيو لڳايو پر لڳي پيو ته سائين پنهنجي وڏي پن کي ننڍي انداز سان لڪائي رهيا هيا۔۔۔ وڏا وڙ ادا سليمان جا جن ان وڊيو کي ڳولي ورتو ۔۔۔۔ حالانڪه گيت جي آخري مصري مان ئي سرسري خبر پوي ٿي ته شاعري نثار ناز جي آهي پر ڳائڻ جي انداز ۾ شاعري جي بيهڪ جو خاص خيال رکيو ويو آهي۔۔۔ سنڌ امڙ سان چاهت جي اظهار جو جهڙي طرح سائين نثار ناز نمونو ڏيکاريو آهي ۔۔۔ ڳائڻ جي انداز ان کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔ سندن شاعري ۾ سنڌ امڙ کي جن جن لفظن ذريعي ڀيٽا ڏني وئي آهي ان کان ته ادي ڪوشي لالواڻي پڻ متاثر لڳي ٿي جنهن جو برملا اظهار پڻ ڪيو اٿن۔۔۔
    لک لائق سائين نثار صاحب جو سنڌ امڙ کي پنهنجي شاعري ۾ هڪ اعلى مقام ڏنو۔۔۔ سنڌ امڙ جي موجوده حالات تي توهان جي طرفان ڪنهن نڪور شاعري جو انتظار رهندو۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    نثار صاحب سنڏ جو وڏو شاعر آ ۽ ڀارت جهڙي ملڪ جي ڀلي ڳائڻي هن جو ڪلام ڳايو ا۔ هي ڪلام هر هر ٻڌو ته به وڻيندو۔

    سهڻي ديزائين ۽ سٺو آواز ۽ ان کان به ڀلي نثار احمد جي شاعري
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    نثار ناز جي شاعري ڪنهن وڏي شاعر کان گهٽ ڪونهي۔ سندس لفظن جي جوڙجڪ ، لفظن جي خوشبو ، لفظن جو جادو بس پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ٿو ڇڏي۔ اوهان جي مهرباني پر اوهان ميمبر ٿيڻ کانپو ڪٿي گم ٿي ويا آهيو۔ ڀيرو ته ڀڃو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    ماشاالله ادا ناز جيڪي موتين جهڙا لفظ ميڙي هي شاعري ڪئي آهي انهي جو جيترو داد ڏيجي ٿورو آهي ۽ ادا سليمان وساڻ به خوب شاعري جي سٺي ڊزائين ڪري نڀايو آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾

    ڀاء ممتاز مهرباني

    ادا اسان ته صرف هن شاعريء کي رنگ ڏنا آهن ، جس ته تخليق ڪندڙ سائين نثار احمد ناز لهڻو جنهن هيڏا سٺا ٻول ڏنا آهن۔ محترمه ڪوشي به خوب ڳايو اآهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ان باري ۾ سڀني دوستن کي ڄاڻ ڏيندي خوشي پيو محسوس ڪريان ته عنقريب اهو ساڳوڻو گيت بلڪل نئين انداز سان جديد ڊجيٽل سائونڊ ٽريڪ ۾اسان جي ٽنڊو محمدخان جي گلوڪار ماسٽر جهانگير نوحاڻي ڳاتو آهي هن نظم ۾ خوبصورت ترميم به ڪئي اٿم توهان سان ونڊ ڪندس دوستو صرف ٿورو انتظار
    ترميم ٿيل ساڳوڻو نظم
    نظم

    نثاراحمدناز

    مِٺِي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو
    گهڙِيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو
    سدا ساهه پنهنجن ۾ توکي ته ڄاتو
    سچو نينهن توسان امڙ مون آ پاتو.


    ٿِي پسجي شفقَ ۾ تو جوڀن جي لالِي،
    آهين سنڌ ماتا تون جڳَ کان نرالي،
    توسان چنڊ چوڏهين جي جَلِوَنِ جو ناتو
    ڏيارِيءَ جي جهر مر ته ديپن جو ناتو
    سدا ساهه پنهنجن ۾ توکي ته ڄاتو
    سچو نينهن توسان امڙ مون آ پاتو.

    قسم آبشارن جي جهرنن جو سانئڻ
    ۽ نارين جي چوڙين جي ڇن ڇن جو سانئڻ
    سدا ساهه گهورڻ آ صدقن جو ناتو
    وچن پنهنجا پارڻ ۽ واعدن جو ناتو
    سدا ساهه پنهنجن ۾ توکي ته ڄاتو
    سچو نينهن توسان امڙ مون آ پاتو.

    سدا سنڌ ڪهاڻِي ٿِي لکجين پنن تي،
    سدا گيت بڻجي ٿِي گونجين چپن تي
    ڳنڊيو “ناز” توسان آ گيتن جو ناتو
    هي نغمن جو ناتو، هي نظمن جو ناتو
    سدا ساهه پنهنجن ۾ توکي ته ڄاتو
    سچو نينهن توسان امڙ مون آ پاتو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو