نثار احمد ناز جي شاعري هندستان جي چوٽيءَ جي ڳائڻي محترمه ڪوشي لالواڻي هندستان ۾ ڳائي

'نثار احمد ناز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2010۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    مونوٽ اهي لفظ ناهن جو سائين نثار ناز جي تعريف ڪريان بس ايترو لکندس ته ڪجھ سال اڳ سائين سان سندس ئي گهر ۾ پهريون دفعو ملاقات ٿي ۽ ايئن محسوس ٿيو ڄڻ سالن جي ڪا ڄاڻ سڃاڻ هجي . سنڌ جو هي سچو عاشق محبت کان علاوه ٻي ٻولي ئي نه ڄاڻي
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي ڪجهه عرصو پهرين سال 2010ع ۾ منهنجو نظم ”مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو“ هند ۾ رهندڙ سنڌ ڄائي جاڳ سنڌي جاڳ جي تخليق ڪاره نامياري راڳياڻي” ڀيڻ ڪوشي لالواڻي“ اندور شهر انڊيا ۾ ڳايو هو انهي گيت کي ڪجهه سودي سنواري مناسب ترميم سان نئين راڳ ۾ ٽنڊو محمد خان جي نوجوان راڳي ماسٽر جهانگير نوحاڻي هن ريت پنهنجي سُر ڏنا آهن اُميد ته مون جهوني جو سنڌ مٿان پيار وارڻ وارو هي نظم توهان کي ضرور پسند ايندو.

    نظم

    نثاراحمدناز

    مِٺِي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو
    گهڙِيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو
    سدا ساهه پنهنجن ۾ توکي آ پاتو
    سچو نينهن توسان امڙ مون آ لاتو.


    ٿِي پسجي شفقَ ۾ تو جوڀن جي لالِي،
    آهين سنڌ ماتا تون جڳَ کان نرالي،
    توسان چنڊ چوڏهين جي جَلِوَنِ جو ناتو
    ڏيارِيءَ جي جهر مر ته ديپن جو ناتو
    مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو

    قسم آبشارن جي جهرنن جو سانئڻ
    ۽ نارين جي چوڙين جي ڇن ڇن جو سانئڻ
    سدا ساهه گهورڻ آ صدقن جو ناتو
    وچن پنهنجا پارڻ ۽ واعدن جو ناتو
    مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو.

    سدا سنڌ ڪهاڻِي ٿِي لکجين پنن تي،
    سدا گيت بڻجي ٿِي گونجين چپن تي
    ڳنڊيو ”ناز“ توسان آ گيتن جو ناتو
    هي نغمن جو ناتو، هي نظمن جو ناتو
    مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو

    مِٺِي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو
    گهڙِيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو
    سدا ساهه پنهنجن ۾ توکي آ پاتو
    سچو نينهن توسان امڙ مون آ لاتو.

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 مارچ 2016
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو نظم .... دل سان ڳايل ...

    سنڌ تان سر گهورڻ ڪو اوهان کان سِکي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهربانيون سنڌ سلامت جي راڻي سائين سليمان وساڻ جون هونئن به سدائين چوندو آهيان ته اسان سڀني جي اولين فرضن ۾ سنڌ سان پيار هُئڻ کپي پوءِ اهي پيار سنڌ ڌرتي لاءِ نظمن جي صورت ۾ هُجن يا سنڌ ڌرتي سان پيار سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي صورت ۾ هُجن ۽ امڙ سنڌ ڌرتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ ته ڪو سنڌ سلامت وارن کان سکي . محبتي ماڻهو سائين سليمان وساڻ کان سکي ، ادا عبدالرشيد سمون کان سکي. سائين نثاراحمد ابڙو کان سکي . شال سنڌ جا هي سڀئي سوڍا ۽ دودا محبتون ماڻيندا رهن آمين ثم آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو