هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ساري دنيا جا سنڌي دوستو، سنڌ سلامت جا ساٿيو، جيئي سنڌ
    پيش آهي منهنجي هڪ پُراڻي غزل جي نڪور ڊزائن، سنڌ ڌرتيءَ کي سارهايو اٿم ڇا ڪيان سنڌ سان اهڙي جند جڙي جو ٻيا سڀ چارا وسري ويا، دوستو ان مان متان ائين سمجهو توهان پيارن ماڻهن کي وساري ڇڏيو اٿم، منهنجي جيجل ڌرتي جي هن شاعري ۾ ان شاعري جا سمورا ڪردار سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کان وٺي ساري دنيا جا سنڌي ڀائر ۽ ڀيڻون هوندا آهن، يقين نه اچي ته هي شاعري پڙهي ڏسو ۔
    [​IMG]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    سنڌ منهنجي امڙ آهي۔جيئي سنڌي ٻولي سنڌي ٽوپي اجرڪ۔۔۔۔سائين اوهان جي هميشه لاجواب ونڊ هوندي آهي۔
    اوهان جي ڊزائين به مانکي ڏاڍي پسند آهي۔
    مهرباني
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    مان مڃان ٿو آبِ زم زم پاڪ آ پر
    هت ته امرت هي سنڌوءَ جو جر به آهي

    ڇا ڳاله ڪجي سنڌ سان اوهان جي ازلي محبت جي۔ هر سٽ مان جهلڪ پئي نظر اچي۔ توڻي جو مون ڏٺو آهي ته ڪجه ڏينهن کا رسالن ۾ خبر ناهي ڇو سنڌوء جي خلاف شاعري ڇپجي رهي آهي ڪجه شاعرن طرفان يا وري شايد جذباتي طور هنن ڪروڌ ڪيو آهي ته ڇو سنڌو هيڏي تباهي آندي آهي۔

    سنڌوء سان اسان جي تهذيب جو گهرو لاڳاپو آهي سنڌ آهي ته سنڌو جي ڪري۔ اهو سنڌو جڏهن مست ٿيندو آ ته ايئن ڪندو آهي۔ پر پوء به اسان سنڌو کانسواء ڪجه ناهيون۔

    مهرباني سائين نثار احمد ناز صاحب جو اوهان اسان جي سنڌ ۽ سنڌو جا راڳ پيا آلاپيو۔ الله اوهان کي وڏي حياتي ڏي
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    سائين بهترين ونڊ آهي زبردست ادا.
     
  5. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    تمام بهترين شاعري آهي
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    عاشق سولنگي صاحب بلڪل اسان جي سنڌ اسان جي ما آهي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اسان جي سنڌي ثقافت جو اهم جُز آهن۔ توهان کي اسان جي هر ونڊ لاجواب لڳندي آهي، صرف انهي ڪري جو توهان خود لاجواب آهيو، تمام سُٺا آهيو ان ڪري۔ توهان کي منهنجي ڊيزائن به سُٺي ٿي لڳي۔ لک لائق ادا
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    دوست وساڻ سنڌو اسان جو جياپو آهي، توهان سوين سالن کان سنڌو جو تاريخي مشاهدو ڪيو ته مهراڻ اسان کي سدائين ڏنو آهي، اسان جون وستيون ٻنيون سيراب ڪندو آهي، ساري سنڌ ڌرتي کي سکيو ستابو رکندو آيو آهي، جيڪڏهن ڳالهه اسان فائدي ۽ نقصان جي ڪنداسين، ته اسان سنڌو کان سدائين فائده ورتا آهن ڪڏهن ڪڏهن دريا شاهه دادلو پنهنجي مستي ۾ اچي اسان کي آزمائش ۾ وجهندو آهي، ان هوندي به مهر ۽ قهر جو ڪاٿو لڳائينداسين ته مهراڻ سدائين مهر آندي آهي مهر ونڊي آهي، باقي قهر اڪثر و بيشتر 20 ۽ 22 سالن کان پو پنهنجن تي آزمائيندو آهي، پو بجا اسان آزمائش ۾ پورا لهڻ جي دريا شاهه دادلي جا سڀ پراڻا احسان وساري ويهي رهندا آهيون، خير هرڪو ماڻهو چاهيندو آهي ته ساري زندگي نفعي ۾ هُجي ۔ سنڌ ۽ سنڌو جو راڳ الاپڻ نه رڳو منهنجو پر هر سنڌي جو فرض آهي۔ باقي بقول توهان جي ته شاعر وقت ۽ حالات تحت پنهنجي قلم کي پنهنجي تابع ڪندو آهي، ان ۾ وري ڪامن صرف هڪڙي هستي ڏات جي ديوي هوندي آهي، اها بعض اوقات تمام ڏک واري ماحول ، تمام خوشين ڀرين لمحن جون سٽون لکائي ويهي رهندي آهي ته وري تمام خوشي واري موقعن تي ڏات جي ديوي ڏکن ڏولائن ، سُورن جون ڳالهيون لکائي ويندي آهي۔ دوست اسان ته ڏات جي ديوي کي ديوي ڪري مڃون ٿا پر دنيا ۾ پهرين درجي جي چِيٽَر آهي اها ڏات جي ديوي، پل ۾ تولو ٿي، مڻن جون ڳالهيون ڪندي آهي، ته وري پل ۾ ٽنن جو روپ وٺي ماشي جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ ڌرتي سان پيار اسان جي عبادتن ۾ شامل آهي۔ لک لائق جو توهان بهترين ڪامينٽس لکي اسان جون همت افزايون ڪيو ٿا۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    ادا رياض لک لائق۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    مهرباني ادا سلمان ڪلمتي جو منهنجي هن غريباڻي شاعري کي توهان تمام بهترين شاعري چيو۔ لک لائق
     
  10. سنديپ

    سنديپ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    تمام بهترين شاعري آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔جيئي سنڌي ٻولي
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    سائين توهان جي هر شاعراڻه تخليق وانگر هي به بهترين ونڊ آهي۔۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    پيارا سنڌيپ شال جُڙيو هُجين، سڀ کان پهرين ته سنڌ سلامت سٿ پاران توکي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ، ادا لکين ڀلايون جو سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي قرب جا قدم ڀري آئين۔ ان کان پو توهان منهنجي هن شاعري کي بهترين چئي منهنجي هنن چند شاعري جي سِٽن جي سوڀيا وڌائي آهي، لک لائق، باقي توهان جي جيئي سنڌي ٻولي جي جواب ۾ محبت ۽‌ پيار سان اسان سڀ سنڌ سلامت جا ساٿي سداجيئي سنڌي ٻولي چئون ٿا۔ اميد ته اهڙيون همت افزايون ۽ سنڌ ڌرتي لا پنهنجون بهترين صلاحيتون ڪتب ۾ آڻيندا رهندا۔ توهان جو دعاڳو
    نثارناز
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي۔

    محترم مست مهرباني جو منهنجي هن تخليق کي شاعراڻي ۽ بهترين چئي مون ٽي درجي واري شاعر جي حوصله افزائي ڪئي۔ توهان جي اهڙين حوصلا افزائين ۽ همت افزائين جي ڪري لڳي ٿو مونکي هاڻي همت ڪري اهو ٽيون درجو پاس ڪرڻو پوندو، ۽ نتيجي ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا وٺڻي پوندي۔ ۽ پو ڪنهن کي به شڪايت ڪونه رهندي ته ايتري قدر جو مونکي به ائين ڪونه چوڻو پوندو ته ماڻ ٽي درجي وارو شاعر آهيان بلڪه نعرا هڻي اهو سڀن کي چوندس ته اڙي بابا مان ڪڏهن ڪو ٽيون درجو پاس ڪري هاڻي چوٿين درجي وارو شاعر ٿِي ويو آهيان ۔ هُري، هپ هپ، هُري، ڦر بولو گي ڪه بولتا هي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو