سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي هڪ مشهور پمفليٽ جو ترجمو
    سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه؟​


    سنڌيڪار: محمد ابراهيم جويو
    ڪراچي هڪ معروضي حقيقت طور، جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جو (اَٽُٽُ) حصو رهي آهي. 1948ع تائين ان سياست، تعليم، واپار ۽ ثقافت وغيره جي لحاظ کان سنڌ جو حصو وضع پئي ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو هيڊڪوارٽر ڪراچيءَ ۾ هئو، جنهن ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن جو انتظام پئي هلايو.
    1948ع جي ”سدوري“ سال ۾، پاڪستان جي وفاقي حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته ڪراچي هاڻي کان اڳتي سنڌ جو حصو نه رهڻ گهرجي. 1955ع جي (هڪ ٻئي) ”سڀاڳي“ سال ۾ وري ساڳين اختيارين اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ کي هاڻي کان اڳتي سنڌ (صوبي) طور وجود نه رکڻ گهرجي. ان (جي وجود) کي ميسارڻ لاءِ ون يونٽ مڙهيو ويو. اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي ڀاڳ جي ڀاڱي ۾ آيو. قديم ۽ فراخدل سنڌ کي پاڪستان جي قيام جا اهڙا ٿورا پلئه پيا.
    جڏهن پاڪستاني نقشي تان ”سنڌ“ جو نالو ڪٽيو وڃي ٿو، ته پوءِ، منطقي طرح سنڌي زبان کي پڻ گم ٿي وڃڻ گهرجي. پاڪستان جي اسلامي جمهوريه کي مليل اختيارن جي اهائي سوچ ۽ خيال هوندو. سنڌ ۽ ان جي ٻولي- سنڌي ٻوليءَ جي تقدير بحران ۾ آيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سدائينءَ لاءِ ميسارجي وڃن. اهو به ممڪن آهي ته اهي پاڻ خلاف شروع ٿيل جنگ جو ڌڪ پَچائي، بچي به وڃن. ٿي سگهي ٿو، ته اهي مِٽجي ميسارجي به وڃن، پر امڪان آهي ته اهي (سنڌ ۽ سنڌي ٻولي) وڏي ڏکيائيءَ سان ئي مرندا.
    اسين سنڌي اهو اعتراف ڪندي محجوب آهيون ته پنهنجي مادري ٻولي، پنهنجي اباڻي وطن سنڌ ۽ پنهنجي نموني جيئڻ جي انداز، جيڪو ٻاهرين کي ڀلي سادو ۽ نهٺو ئي لڳندو هجي- اسان جي ڪمزوري آهي. اسين هزارن سالن کان وٺي جيئرا آهيون. سنڌين جِي، پاڻ کي جيئري رکڻ ۽ بچائڻ جي اها سادي ۽ فطري جبلت، امڪاني طرح، تلخ صورتون وٺي سگهي ٿي.
    اها هڪ افسوس جي ڳالهه آهي ته هڪ مامرو، جيڪو قومي ۽ عالمي معيارن جي لحاظ کان بنهه چٽو ۽ نشانبر آهي، اهو هڪ تڪراري موضوع بنجي پوي، جنهن ۾ اسين هڪ ڪيس ٺاهڻ لاءِ، دليلن ڏيڻ، اختيارين جي حوالن ڏيڻ لاءِ ۽ رليف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪورٽن جا در کڙڪائڻ لاءِ مجبور ڪيا ويا هجون.
    هنگري ملڪ، جنهن اهڙو عالمي هنگامو پيدا ڪيو آهي، سنڌ کان آبادي، ايراضي توڻي ٻين وسيلن ۾ گهٽ آهي. سڄي جو سڄو الميو هيءُ آهي ته سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف هيءَ ويڙهه ڪن ڌارين سامراجين يا هندو شائونسٽن نه، پر اسان جي پنهنجن مسلمان ڀائرن شروع ڪئي آهي- ۽ ڪڏهن ته اسلام جي نالي ۾ شروع ڪئي آهي!؟ اسان جا اهي مسلمان ڀائر جيڪي اڃا ڪالهه ئي اسان جا مهمان ٿي آيا هئا، انهن اسان جي رحم ۽ باهمي همدرديءَ کي اڪسايو ۽ اسان کين اهو سڀ ڪجهه ڏنو، جيڪو هڪ انسان (ٻئي کي) ڏيڻ لائق هوندو آهي. اسان جي انهن مهمانن هاڻي فاتحن وارو ڪردار اختيار ڪري ورتو آهي- ها فاتح، ڇاڪاڻ ته اسين ننڍڙا ۽ هيڻا سمجهيا ويا آهيون. هڪ ناپاڪ ويڙهه، جيڪا هڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءُ مٿان مڙهي آهي، ۾ فتح/ڪامياب ٿي سگهي ٿو ته ساراهه جوڳي ڪارڪردگي نه ٿي سگهندي. ٿي سگهي ٿو ته اها مهانگائيءَ کان به وڌيڪ خراب ويڙهه ثابت ٿئي.
    پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن کي اسان پاڪستانين لاءِ ٿي سگهي ٿو اهڙو مسڪيني خيال هجي ته پاڪستاني مهمان پنهنجي ذات ۾، پنهنجي مهمان نواز ميزبان جي گهر ۾ ٽڪڻ تائين مطمئن نٿا ٿين، سندن ناشڪريءَ کي اطمينان ان وقت تائين نٿو ملي، جيستائين اهي پنهنجن ميزبانن کي سندن ٽپڙن سميت ڪڍي ٻاهر نٿا ڪن.
    ڪراچي يونيورسٽيءَ هاڻي فيصلو ڪيو آهي- اها يونيورسٽي جيڪا سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڄائي آهي، ته هاڻي کان اڳتي يونيورسٽيءَ جي امتحاني پيپرن ۾ سنڌي ٻولي جواب ڏيڻ وارو ذريعو (Medium) ٿِي استعمال ۾ نه ايندي. اهڙو اعزاز رڳو انگريزي، اردو ۽ بنگالي ٻولين کي حاصل هوندو. سنڌي ٻولي، جنهن کي هيل تائين اهڙو درجو مليل هو، اهو ختم ڪيو پيو وڃي.
    ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اهڙي فيصلي ڪراچي ۽ ڪراچيءَ کان ٻاهر رهندڙ سنڌي عوام ۾ هڪ سگهاري مخالفت (۽ احتجاج) کي اُڀاريو/ڀڙڪايو آهي. هيءُ کليو کلايو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف دشمناڻو عمل آهي ۽ انهيءَ جِي سڀني ملڪ- دوستن کي (گڏيل نموني) مخالفت (پڻ) ڪرڻ گهرجي.
    آئيني طرح، جڏهن ڪراچي سنڌ کان الڳ ڪئي ويئي ته پاڪستان جي گهرو وزير خواجا شهاب الدين، جنهن مٿئين مقصد لاءِ بل پيش ڪيو هو، ان، لياقت علي خان ۽ ٻين اڳواڻن ڪي مخصوص واعدا ڪيا هئا ۽ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي پختيون خاطريون ڏنيون هيون.
    آئون هتي 22 مئي 1948ع تي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقريرن جا ڪي اقتباس پيش ٿو ڪريان. (حوالو: تقريرون، سرڪاري رپورٽون، جلد 3، صفحا هيٺ ڄاڻايل آهن).
    جناب خواجا شهاب الدين (اوڀر پاڪستان- مسلمان)
    ”سائين آئون نٿو ڄاڻان ته ڪو پرڏيهه ۾ اهڙو تاثر پيدا ٿيو آهي ته جيڪڏهن ڪراچيءَ جو ڪنٽرول، وفاقي حڪومت پنهنجي وس ڪري وٺي ٿي ته هيءُ شهر سنڌين کان ڦُرجي ويندو. آئون اهڙي خيال رکڻ پويان ڪو به (جوڳو) سبب نٿو ڏسان، ڇاڪاڻ ته، جيتوڻيڪ اهو سچ آهي ته ان جو انتظام پاڪستان جي مفاد ۾ هلايو ويندو، پر اها به هڪ حقيقت آهي، جنهن مان پاند آجو نٿو ڪري سگهجي ته اهڙي صورت حال ۾ سنڌ جا ماڻهو، ڪراچيءَ جي ترقيءَ مان ٻين صوبن جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فائدو ماڻيندا...“
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه

    حصو ٻيو
    ”جناب اعليٰ! ان خيال رکڻ لاءِ سڀ سبب موجود آهن ته جيڪڏهن ڪراچيءَ کي ملڪ جي راڄڌاني بڻايو وڃي ٿو ته سنڌي عوام کي وڏي پئماني تي فائدو پهچندو...“
    ”جناب اعليٰ! جيستائين منهنجي ڄاڻ جو تعلق آهي ته ڪي دوست ڪلڪتي جو مثال قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، جڏهن مرڪز توڻي صوبائي حڪومتن جي گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتو هو ۽ ڪلڪتي جي انتظاميا بنگال سرڪار جي هٿن ۾ هئي. پر آئون اميد ٿو ڪريان ته ڪو به سنجيدگيءَ سان انهيءَ دليل کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو. ڇاڪاڻ ته تن ڏينهن ۾ صوبائي حڪومت کي، خودمختياريءَ جو اختيار حاصل نه هو. اها حڪومت مرڪزي حڪومت ماتحت هئي، جنهن جو انتظام ليفٽيننٽ گورنر هلائيندو هو. ان ڪري، جيستائين ڪلڪتي جو تعلق آهي ته آئون نٿو سمجهان ته ان جو مثال، انهن دليلن جي مخالفت ۾ پيش ڪيو ويندو، جيڪي مون مرڪز جي هٿن ۾ ڪنٽرول جي فائدي ۾ پيش ڪيا آهن.
    ”سائين! هاڻي جيستائين راڄڌانيءَ جي ترقيءَ جو تعلق آهي ته هيءُ سڄو مسئلو اهڙي اهميت رکي ٿو، جو هرڪو ماڻهو، جيڪو بصيرتن ڀريو آهي ۽ جيڪو اهو تخيل ڪري سگهي ٿو ته ويجهي مستقبل ۾ ڪراچيءَ جي حيثيت ڇا هوندي، اهو آسانيءَ سان هن نتيجي تي پهچي سگهي ٿو ته اهڙو مسئلو صوبائي حڪومت جي منهن ڏيڻ کان بنهه وڏو هوندو.“
    ”سائين! هاڻي آئون هائوس جي ميمبرن کي خاطريءَ ڏيڻ جو موقعو حاصل ڪندس، (صفحو: 74) ۽ پڻ انهن ميمبرن کي جن جو تعلق سنڌ حڪومت سان آهي ته اسان جو اهو ارادو قطعي ناهي ته سنڌ حڪومت کي اهو چئون ته اها ڪراچيءَ مان پنهنجا ٽپڙ ويڙهي وڃي. ٻئي پاسي اسين واقعي اهو چاهيون ٿا ته اهي ڪراچيءَ ۾ رهن. ٻي هر ڪنهن شيءِ کي ڇڏي، رڳو مالياتي نقطي نظر کان ئي ڏسجي ته مرڪز توڻي صوبائي حڪومت، ٻنهي لاءِ نئين راڄڌانيءَ جي وڏي ۽ پختي رٿا شروع ڪرڻ غيرمعقول عمل هوندو. ۽، منهنجا سائين! تنهنڪري، اها ڳالهه پڻ مناسب هوندي ته مرڪز ۽ صوبو، ڪراچيءَ ۾ رهندي پنهنجو ڪاروهنوار هلائين. اسين رڳو اها ڳالهه چئي رهيا آهيون ته پوين اٺن يا نون مهينن کان وٺي مرڪز، صوبائي حڪومت جو مهمان ٿِي رهيو آهي. اها حالت هاڻي ختم ڪئي وڃي ۽ اسان کي هاڻي ميزبان هئڻ جو شرف بخشيو وڃي ۽ صوبائي حڪومت ڀلي اسان جِي هتي مهمان ٿي رهي، ۽ ساڻن واعدو ٿا ڪريون ته جيترو به ممڪن ٿي سگهيو، اسين سندس سارسنڀال لهنداسين. اهو ئي موقف آهي جنهن جي اسين وڪالت ڪري رهيا آهيون.“
    ”سائين! هاڻي جيڪڏهن اوهين اهو فيصلو ٿا ڪريو ته ٻئي حڪومتون ڪراچيءَ ۾ ئي رهن ته پڪ سان، ڪوبه ماڻهو انهيءَ سان اختلاف نه رکندو ته ڪنٽرول ۽ انتظام سينيئر حڪومت جي هٿن ۾ هئڻ گهرجي. منهنجا سائين! اهڙي فيصلي ڪرڻ/ٿيڻ تي متان ڪو اهڙو نقطو اٿاري ته انهن مختلف ادارن جو ڇا ٿيندو، جن جي مالڪي ۽ انتظام سنڌ حڪومت جي هٿن ۾ آهي. مثال طور، يونيورسٽي، اسپتال، ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻيا اهڙا ادارا. جيستائين انهن ادارن جو تعلق آهي ته اسين سنڌ حڪومت جو آدرڀاءُ ڪنداسين ته اها اهڙن ادارن جو انتظام جاري رکي ۽ انهن کي ترقي وٺرائي، اسين ڪابه مداخلت نه ڪنداسين. ۽ هيءُ ٻيو نقطو به متان اُٿاريو وڃي ۽ اهو آهي مالياتي پهلو. جيستائين انهيءَ جو تعلق آهي ته هن مرحلي تي رڳو اهو چئي سگهان ٿو ته مرڪزي حڪومت سنڌ حڪومت کي معاشي نقصان پهچائڻ جو ڪوبه ارادو نٿي رکي، ۽ جڏهن وقت ايندو ته ان مسئلي جو وڏي همدرداڻي انداز سان خيال رکيو ويندو، ۽ اسين اُميد ٿا ڪريون ته اسين ان سوال تي ڪنهن معاهدي ڪرڻ جوڳا هونداسين. (صفحو 75)
    ”پروفيسر راج ڪمار چڪرورتي (اوڀر بينگال: جنرل):
    ”سائين آئون هيٺين ترميم پيش ڪرڻ جي اجازت گهران ٿو. ته تجويز جي (ب) ۽ (ت) نقطن تي غور ويچار منسوخ ڪيو ويندو ۽ ساڳئي وقت سنڌ حڪومت کان رايا معلوم ڪيا ويندا.“ ”سائين! اوهين منهنجي ترميم مان ڄاڻندا ته آئون ڪراچيءَ ۾ پاڪستاني راڄڌانيءَ جي جاءِ هئڻ/رکڻ ته ڪوبه اعتراض نٿو ڪريان.“
    اهو سڀُ جنهن جي مون گذارش ڪئي، هيءُ آهي ته سنڌ کان ڪراچيءَ جي انتظام کسڻ واري سوال تي غور ويچار ايندڙ وقت تائين التوا ۾ رکيو وڃي. سائين! مون هيءَ ترميم مخالفت جي جذبي نه پر ڪن نقطن جي وضاحت جي خيال کان پيش ڪئي آهي، جن تي اسين روشني وجهڻ گهرون ٿا ۽ ايئن ڪرڻ ضروري به آهي. اسان کي چڱيءَ پر ڄاڻ آهي ته مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ڪراچيءَ جي انتظام سنڀالڻ واري راءِ تي سخت اختلاف موجود رهيو آهي. اسين اهو پڻ ڄاڻون ٿا ته انهيءَ سوال تي، سنڌ جي ماڻهن جا احساس وڏيءَ حد تائين اڀارَ (۽ تاءَ) ۾ آيل آهن. آئون اعتراف ٿو ڪريان ته سڀني انگن اکرن جي اسان کي ڄاڻ نه آهي يا اهي پوريءَ طرح کولي نه رکيا ويا آهن. سنڌ، ضروري طرح، هن مسئلي ۾ دلچسپي رکي ٿي، ۽ آئون محسوس ڪريان ٿو ته اسان کي سنڌ حڪومت کي پنهنجي موقف پيش ڪرڻ جي موقعي ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ڪرڻ کپي. منهنجو مطلب آهي ته (انهيءَ معاملي تي) سنڌ حڪومت کي پنهنجي ڳالهه رکڻ جو موقعو ڏيڻ کپي. سنڌ جي قانونساز اداري سان سندن راءِ جي سلسلي ۾ رجوع ڪرڻ کپي، ته جيئن اسين هر مسئلي تي اڻ ڌرئي نموني فيصلي ڏيڻ جي حالت ۾ اچي سگهون.“
    ”جا ڳالهه آئون چاهيان ٿو، اها هيءَ آهي ته سنڌ جي قانونساز اداري جو موقف، پوري طرح سنڌي عوام جي نمائندن جو ئي موقف آهي. سائين! آئون ٺهراءَ پيش ڪندڙ مانواري صاحب کان اهڙا سبب ڄاڻڻ گهران ٿو، جيڪي هن تجويز جي فائدي ۾ اسان پاران فيصلي لاءِ اسان کي ضرور قائل ڪرڻ جهڙا هجن. اسين اڃا تائين اهڙن سببن ڄاڻڻ لائق نه ٿيا آهيون، ايئن ته: نيٺ ڪهڙيءَ ريت ڪراچي، سنڌ صوبي جو حصو هوندي، هيل تائين پاڪستان جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بنجي رهي آهي.“
    مون ڪُل گذارش رڳو ايتري ڪئي آهي ته ايوان اڳيان اڃا وڌيڪ تفصيل پيش ٿيڻ کپن، ۽ اسان کي صورتحال تي وڌيڪ روشني وجهڻ جي گهرج آهي. سائين! ڪراچي سنڌ صوبي جي روح آهي، رڳو ايترو ئي نه، اها سنڌ صوبي جي شهه رڳ آهي، ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ صحرا آهي- ٻيو ڪجهه به نه بس رڳو صحرا...! اها هڪ حقيقت آهي ۽ آئون چئلنج ڪريان ٿو، ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ جي رد ۾ ڪا وزندار ڳالهه ڪري! جنگ کان اڳ سنڌ هڪ خساري وارو صوبو هئي، ۽ مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ جي ڇاتيءَ کان ڇنو ويو ته اها بي يارو مددگار خساري وارو صوبو بڻيل ئي رهندي.
    ”تنهنڪري، اهو ضرور بيان ڪرڻ کپي ته سنڌ کي مرڪز مان مالي مدد يقيني بڻائي وڃي. اسان کي ان بابت ڪجهه به نه ٻُڌايو ويو آهي ته هن ڏتڙيل صوبي کي مرڪز وٽان ڪهڙي مالي مدد ملندي. ان (پاسي) تي ڪابه روشني نه وڌي ويئي آهي. ڪيترو مالي خرچ آهي، جيڪو سنڌ کي راڄڌاني يا نئين شهر جي اڏاوت جي مد ۾ ڏنو ويندو؟ انهيءَ پاسي پڻ ڪابه روشني نه وڌي ويئي آهي.
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه

    حصو ٽيون
    جيڪڏهن ڪابه مالي مدد نه ڏني ويئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪراچي سنڌ کان کسي ويئي آهي، ته پوءِ مون کي ڊپ آهي. اهڙي ڊپ جو جوڳو سبب به آهي ته سنڌ، ڪراچيءَ کان سواءِ اولهه پاڪستان جي والار هيٺ اچي ويندي. (ته جنهن (ڊپ) ڏانهن انهيءَ تيز مشاهدي رکندڙ 1948ع ۾ اشارو ڪيو هو، اهو حقيقي طور 1955ع ۾، ون يونٽ جي روپ ۾ واقع ٿيو، جيڪو ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي ۽ دوکي وسيلي سنڌي عوام مٿان مڙهيو ويو- حيدربخش) هيءَ اهڙي صورتحال آهي، جيڪا نه ته سنڌ جي مفادن ۾ آهي، ۽ نه ئي سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي مفاد ۾ يا سنڌ جي سالميت يا ٻئي ڪنهن به نقطي کان سنڌ جي خواهشن پٽاندر آهي. سائين! جڏهن پاڪستان ٺهيو ته سندس دارالحڪومت لاءِ ڳولا ڪئي پئي ويئي. پاڪستان جي دارالحڪومت وارو سوال هوا ۾ لڙڪيل هو. اها سنڌ حڪومت جي سخاوت ۽ چڱائي هئي، جنهن پاڪستان سرڪار کي پنهنجن هيڊڪوارٽرن کي جائتي ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي.“
    اچو ته ٿورن سان سنڌ جي اهڙي سخاوتي عمل کي تسليم ڪريون ته سنڌ انهيءَ ڏس ۾ ميزبان وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو انهن سببن مان هڪ هو، جيڪي جناب خواجا شهاب الدين پيش ڪيا هئا. هيءُ چوي ٿو: اچو ته ”اهڙو رويو رکون، جو ميزبان کي ڪنهن به قسم جو ڊپ ڊاءُ نه رهي.“ رڳو مهمان، ميزبان کي تڙي رهيو آهي، ڳالهه انهيءَ کان نه گهٽ آهي نه وڌ. جيڪڏهن اهو سٺو منطق ۽ سبب آهي، ته پوءِ (اچو ته) دنيا جي سڀني ميزبانن کي انهيءَ کان آگاهه ڪريون، انهيءَ کان اڳي جو اهي مهمان جي ڪا خاطرتواضح ڪن- هيءُ دُنيا جي سڀني ميزبانن لاءِ تمام سٺو مثال آهي. آئون اهڙي ڳالهه شيڪسپيئر جي لفظن ۾ چوندس: ”هيءُ سَڀني کان وڌيڪ بي رحماڻو گهاءُ آهي.“ ڪنهن کي به اها اميد نه هئي ته ميزبان، مهمان کان پنهنجي گهران تڙيو ويندو.
    ”بهرحال، جيڪڏهن اوهان کي سنڌ جي ڇاتيءَ کان ڪراچيءَ کي ڇنڻو ئي آهي، ته آئون عاجزيءَ سان اهو عرض ٿو ڪرڻ گهران، ته اهڙو ڪم ڪنهن چڱي مراعت سان ڪريو، ۽ اهڙو ڪم بخالت واري انداز سان نه ڪريو! پيڙهين کان وٺي، سنڌ ماڻهن جا امنگ ڪراچيءَ سان گهري نموني جڙيا ئي رهيا آهن، ۽ اسان کي انهيءَ مسئلي تي ڪنهن به ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ محتاط رهڻ گهرجي. اسان کي سنڌي قوم جي همدردي ۽ سهڪار وڃائڻ جهڙو ڪوبه عمل نه ڪرڻ کپي، جن جي ڌرتيءَ تي پاڪستان جي راڄڌاني قائم ڪرڻ پيا وڃون. تنهنڪري، منهنجو چوڻ هيءُ آهي ته: مهرباني ڪري سنڌ سرڪار سان مشورو ڪريو! ۽ هن مسئلي تي محتاط نموني اڳڀرائي ڪريو! سائين! منهنجو پاڪستاني سرڪار بابت خيال هيءُ آهي ته اها طئه ٿيل خودمختيار صوبن ۽ رياستن جو وفاق هجي. هڪ حقيقي مسئلي طور، مون کي چڱي طرح ياد آهي ته اهو ئي مشهور لاهور/پاڪستان ٺهراءَ جو بنياد هو ته صوبا خودمختيار هوندا. جيڪڏهن ان نموني ڪراچي (سنڌ کان) ڇني وڃي ٿي، ته پوءِ اهڙو عمل سنڌ صوبي جي خودمختياريءَ سان هٿ چراند سمجهيو ويندو ۽ ايئن واجبي طرح سمجهيو ويندو. سنڌي عوام اهڙي عمل تي ڪاوڙبو. سائين! اچو ته ڳالهين وسيلي، سوچ ويچار وسيلي، سنڌي قوم سان هن صورتحال، جيڪا اڻٽر ٿيندي پئي وڃي، تي ٻيهر محالصت ڪريون!
    ان ۾ ڪوبه نقصان ناهي، جيڪڏهن هن مسئلي تي غور ويچار، ڪجهه ڏينهنِ تائين، يعني اڳئين اجلاس تائين ملتوي ڪيو وڃي ٿو. اچو ته ڪنهن به اڻوڻت لاءِ ڪابه جاءِ نه ڇڏيون. اچو ته صوبي ۽ پاڪستان جي ڀلائيءَ لاءِ موافقت ۽ دوستاڻي ماحول کي برقرار رکون، جن سان لاڳاپي تي اسان کي فخر آهي.
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه

    چوٿون
    رياستن کي اهو حق حاصل هوندو ته اهي ٻين رياستن يا ملڪن کان ٿيندڙ ماڻهن جي آمد کي رياستي مجلس قانون ساز وسيلي قانون جي ضابطي هيٺ رکن.
    - رياست جون زمينون رياست جي پنهنجي پنهنجي بي زمين هارين ۾ ورهايون وينديون.
    - مستقبل ۾ آئين ۾ ترميمون رياست جي رياستي اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي راءِ سان ڪيون وينديون، جن ترميمن وسيلي رياست پاڻ متاثر ٿيڻ واري هوندي.
    - جيڪڏهن وفاق تي مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ته رياستن کي آزاديءَ جي اعلان ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.
    (ڪراچيءَ ۾ سنڌ واسين طرفان 21 نومبر 1983ع تي صحيح ٿيل)
    اصطلاحن جو صحيح استعمال ۽ انهن تي صحيح عمل:
    عام طور تي چيو وڃي ٿو ته سچ خلاف ڪو جرم لفظ يا اصطلاح جي غلط استعمال کان وڌيڪ بدتر ڪونهي. مثبت نقطي نگاهه کان چوڻو پوي ٿو ته لفظن يا اصطلاحن جي صحيح معنيٰ کان روگرداني به انهن تي صحيح عمل نه ڪرڻ جي سنگين جرم برابر آهي، ڇو ته اُن طرح به فريبڪاري عمل ۾ اچي ٿي.
    سر سيد احمد خان مسلمانن ۽ هندن لاءِ لفظ Nation استعمال ڪيو، ۽ انهن کي Nations سڏيو، جي هو نه هيون. خصوصاً جنهن مفهوم ۾ هن اُنهن لاءِ لفظ Nation استعمال ڪيو، سو يورپي تناظر ۾ Nation هو، جنهن سان ماڻهن جا جذبا مقابلي بلڪه جنگ لاءِ اُڀارجي سگهيا ٿي ۽ اُڀاريا ويا. مذهبن سان Nations ناهن جڙنديون، نه ڪڏهن مذهبن Nations ٺاهيون به آهن، نه وري ڪڏهن ٺاهيندا به. اهو اصطلاح جي خوفناڪ غلط استعمال جو مثال هو.
    عام زبان ۾ اسان وٽ لفظ Nation بمعنيٰ ”قوم“ گهڻو تڻو تقسيمي اثر وارو ڪونه هو ۽ اهو مذهبي فرقن لاءِ استعمال ٿيندو ٿي رهيو، بلڪه قبيلن، ذاتين توڙي ڌنڌي ڪندڙن لاءِ پڻ، جهڙوڪ ڪنڀر، اڻت جو ڪم ڪندڙ وغيره لاءِ، ته جيئن انهن کي مخصوص ۽ محدود اجتماعي زندگيءَ جي گڏيل لاڳاپي ۾ ڪم آڻي سگهجي.
    لفظ Nation يا ”قوم“ مسلم علحدگي پسنديءَ لاءِ برصغير جي تناظر ۾، جهڙيءَ طرح سر سيد احمد خان ۽ بعد ۾ هِز هائينيس سر سلطان آغا خان، ڊاڪٽر سر محمد اقبال ۽ خود جناب محمد علي جناح جيڪو پاڻ ته دلي طور تي ڌرتي سڌار Secular قوم پرست هئڻ جو دعويدار به هو، هڪ ضررناڪ سياسي رنگ ۾ رڱيل اصطلاح هو، جنهن مان گهڻو تڻو فائدو فقط اسان جي ڌارين آقائن کي رسندڙ هو، جن مسلمانن لاءِ پنهنجي سامراجي مقصدن خاطر الڳ چونڊ جي نظام جي هٿيءَ طور ان جي استعمال کي ترجيح ڏني.
    آل انڊيا مسلم ليگ پنهنجي قرارداد پاڪستان واري 1940ع مارچ واري اجلاس ۾ سنڌ، بلوچستان، سرحد، پنجاب ۽ بنگال کي خود مختياري ۽ آزاد حاڪميت جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا مسلم اڪثريتي رياست جي ڌرتيءَ يا دنيا سُڌار Secular قوم پرست ايڪن جي طور تي هئي. اها آڇ اهڙي هڪ حل جي طور تي هئي، جيڪو برصغير ۾ فرقيوارانه مسئلي لاءِ هو، ۽ ان حد تائين ۽ انهيءَ تناظر ۾، معاهدي جا ٻيا سمورا اصطلاح جهڙوڪ خود مختياري ۽ آزاد حاڪميت پاڪستان جي اجزاءِ ترڪيبي خاطر پنهنجي پنهنجي جاءِ تي قائم رهيا ۽ عملي ثبوت جا گهرجائو رهيا. بجاءِ ان جي، پاڪستان جي وجود سان رڳو هڪڙي اهڙي ايڪي، يعني ”پنجاب“ ئي، حاڪميت هٿ ڪري ورتي (بظاهر پنهنجي عددي اڪثريت ڪري ۽ پڻ پنهنجي افسرشاهيءَ واري غلبي وسيلي). رياست جي فوجي ۽ سِوِل عملدار شاهي غلبي سبب، جيڪو پاڪستان ملڪ جي صورت ۾ وجود ۾ آيو، اُن ۾ باقي ٻيا ايڪا پنجاب جي تابع ڇڏيا ويا. نتيجي ۾ بنگال ترت ئي بغاوت ڪئي ۽ وڙهي به نالي ماتر وفاق کان ٻاهر ٿيو، ۽ باقي اڪاين جا غلاميءَ وارا زخم پنجاب جي مجموعي اڪثريتي تسلط هيٺ ساوا ۽ ثابت ئي ٿا رهن. انهن حالتن هيٺ، پاڪستان پنهنجي آئيني اوڻاين سان، پنهنجي يورپي ۽ آمريڪي آقائن جيڪي سرد جنگ کان پوءِ دنيا جا حاڪم بڻيا ٿا وتن، تن لاءِ ڪال بواءِ طور زندهه رهندو اچي. پاڪستان جو اِهو ڪردار جيڪو اُن عالمگير سماج ۾ سوشلزم خلاف سرد جنگ کٽڻ لاءِ هُنن جي مدد ۾ ادا ڪيو، تنهن جي ڪا ساراهه نٿي ڪري سگهجي، ۽ اُهو مهذب بلڪه آزاد قوم جي شان وٽان به نه هو، جو ڪنهن طرح لائقِ عمل به سمجهجي.
    قومن جو وجود ۾ اچڻ ۽ ٺهڻ:
    اِها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان رياست جي ڄمڻ سان هڪ نئين قوم ڄائي آهي، ڄڻ ته قومون ڪنهن جي خواهش يا فرمان سان ڄمي پون ٿيون! نه ئي ڪي حقي ۽ اعليٰ رياستون ڪين مان ڦُٽي يا مٿان ڪٿان ڍِري پونديون آهن. ٻنهي ۾، يعني قوم ۽ رياست جي وچ ۾ هڪ رشتو ٿئي ٿو، جيڪو وڏيءَ سوچ ۽ ساڃهه وارو هوندو آهي- هڪڙو فطري، هڏ رت وارو، ڌرتيءَ سائُو، ۽ ٻيو ڪوڙو، اوپرو ۽ زورائتو مڙهيل هوندو آهي. هڪ ۾ قوم پنهنجي وجود سان گڏ رياست کي وجود ڏيندي آهي ۽ اُن کي اَڏيندي آهي، جيڪا قوم جو ڀرجهلو ۽ سلامتيءَ جي ضامن هوندي آهي، ۽ ٻي جيڪا قوم تي چَٽي ۽ مٿس ڇِپَ جيئن ڪِريل هوندي آهي ۽ اُها اُن کي چپيندي ۽ اُن جو هڏ رت چٻاڙيندي ۽ چُوسيندي رهندي آهي. فتح ڪيل يا جهانسي ۾ آيل قومن مٿان اِن ٻئي قسم جون رياستون قابض هونديون آهن. قوم انساني اجتماع جو بنهه هڪ انوکو ۽ صدين کان اُسريل، تاريخ جو پچي پڪو ٿيل لقاءُ هجي ٿي، جنهن کي پائدار ۽ سجاڳ وطن ۽ بي بدل ٻولي ۽ اُن جو بي مثل ادب هوندو آهي. پهرينءَ حالت ۾، رياست قوم کي پنهنجو کيڏوڻو ۽ هٿيار بلڪه هڪ ٻانهُن ٻڌو زرخريد غلام سمجهندي آهي، ۽ ٻيءَ حالت ۾ قومَ، رياست کي پنهنجو چئيوانُ ۽ وفادار خادم سمجهندي ۽ ليکيندي آهي.
    انگريزيءَ ۾ هڪ وڏو ناول نويس ۽ شاعر ٿامس هارڊي (1925-1840ع) ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته هو درد انگيز نراسائيت (Tragic Pessimism) جو سماجي ضابطي جي شموليت (Social Restraint) سان واڳيلُ شاعر هو. هُن جو قوم جي بلنديءَ ۽ احترام بابت هڪ لاثاني گيت رچيل آهي- ”اعليٰ انسانيت جي اوصافن جو سُرودُ، ڏکويل ڌرتيءَ جي دانهن جي موٽ ۾“: اعليٰ انسانيت جا اوصاف Pities معنيٰ اُن جا اوچا اُجرا آدرش مثلاً پيار ۽ ٻاجهه، انسان شناس سوچون ۽ اُمنگ ۽ ڪهل، قياس ۽ نياءُ جا عملَ، ۽ ڏکويل ڌرتيءَ جي دانهن، ڌرتيءَ جو اولڙو (Shade)، معنيٰ ڌرتيءَ جي قومن جي ڄَمَ، اؤسر ۽ اڏاوت جي طويل سلسلي عمل جِي سُورَ پچارَ ۽ ڌرتيءَ جي آزاريل دل جي پُڪارَ. گيت جي آخر ۾ شاعرَ ڌرتيءَ جي قومن کي انساني سماج جي ارتقا ۾ ”سالن جو ثمرُ“ The Spirit of Years چوندي، انهن لاءِ جيوت جي اُتمتا جي هڪ عبرتناڪ حاصلات جو درجو تجويز ڪيو آهي.
    The Poem
    (Chorus of Pities)
    (in reply to Shade of the Earth)
    We would establish those of kindlier build
    In fair compassions skilled,
    Men of deep art in life-development,
    Watchers and wardens of the varied lands-
    Men surfeited of laying hands
    Upon the innocent
    The mild, the fragile, the obscure content
    Among the myriads of the family-
    Those too who love the true, the excellent,
    And make their daily moves a melody
    SPIRIT of YEARS
    Shall such be moved now? Already change
    Hath played a strange porous since first I brooded here.
    شعر موصوف
    اوصافن جي روحاني وجودن جو سُرودُ
    (ڏکويل ڌرتيءَ جي دانهن جي موٽ ۾)
    ”اسين مهر ڀريا نظام ٺاهينداسين،
    ”پيار ڀريءَ، ٻاجهاريءَ، نياءُ پسند ڏاهپ سان،
    ”جِيوت جي رَسيلَ ڪلا جي ڄاڻن هٿان،
    ”جيڪي ڀانت ڀانت جي زمينن جا ڀرجهلا ۽ نگهدار هوندا،
    ”جن جا هٿ صاف هوندا،
    ”هيڻن، بي ڏوهن، اڻڄاتلن جي رت ۽ سَت کان-
    ”اڻڳڻيا سڀ اُهي تنهنجي ئي هنج جا پَليلَ سيڪڙُو ۽ ڪاپائتا،
    ”سچ ۽ اُتمتا جا سڃاڻُو ۽ شائق،
    ”سندن ڏينهنُ راتِ، صبح شام هڪ اکُٽ سنگيت:
    ”سالن جو ثمرُ The Spirit of Years.
    ”ڪيئي سوالَ، ڪيئي جوابَ!
    ”گهاوَ وقت جا، مرهم وقت جا.“
    حوالا:
    (1) صفحا 1-2، ”تحريڪ پاڪستان: تاريخي دستاويزات 1967ع“، جي الانا، پيراڊائيز بوڪ ايجنسي، 3-ب برنس روڊ، ڪراچي.
    (2) صفحا 3-4، ساڳيو
    (3) صفحا 8-15، ساڳيو
    (5/4) صفحا 87، ساڳيو
    (6) صفحو 21،
    Mountbatten and Partition “India” Larry Collins & Dominique Lapierre, Vicas Publishing House Pvt, New Delhe.
    (7) صفحا 181-84 ساڳيو.
    سائين ابراهيم جويي پنهنجي هڪ سنڌي ڪتاب جي انگريزي ۾ ڪيل ترجمي بابت هيءُ تعارف پاڻ 27 مارچ 2010 تي انگريزيءَ ۾ لکيو هو جنهن جو ترجمو هتي پيش ڪجي ٿو. ان ليک جو اهو پهلو يقينن حيرت جوڳو آهي ته ابراهيم جويي جو قلم هن جهور عمر ۽ بيماريءَ ۾ به جوان ۽ ترو تازو لڳو پيو آهي

     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه

    حصو پنجون
    هي دستاويز ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پمفليٽ جي صورت ۾ 1957ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن وقت ڪراچي مان سنڌيءَ ماڻهن- سنڌي ٻولي کي تڙي ڪڍيو پئي ويو. اڄ جڏهن ڇهه ڏهاڪا گذري چڪا آهن تنهن هوندي به ڪراچي جي صورتحال ڌرتي ڌڻين لاءِ ساڳي آهي. هي اُن دستاويز جو ترجمو آهي.
    ٻي ڳالهه ته، اهڙي تحريڪ نه رڳو آل انڊيا مسلم ليگ پاران، 1940ع ۾ پنهنجي اجلاس ۾ منظور ڪيل پاڪستان ٺهراءَ جي کلي ڀڃڪڙي آهي، جنهن پٽاندر پاڪستان ۾ وفاق ٺاهيندڙ هر ڪنهن اڪائيءَ جي علائقائي سالميت جي ضمانت ڏنل آهي، پر هيءُ مامرو ته صوبي جي ماڻهن جي ڀروسي ۾ هڪ ڳنڀير وِٿي پيدا ڪندو، جن جي چٽي ۽ اُجري رهنمائيءَ کان سواءِ پاڪستان جو تصور هڪ خواب ئي رهجي وڃي ها.
    ٽين ڳالهه هيءَ ته اهڙي ڪوشش جا تمام اُگرا نتيجا نڪرندا، ۽ اها سنڌي ماڻهن جي، پاڪستان جي آجيان سلسلي ۾، ظاهر ڪيل اسلامي ڀائپي ۽ سخاوت ڀري ميزبانيءَ جي جذبي جي هڪ خراب موٽ هوندي. هي ماڻهو سنڌ ۾ لڏي آيل لکين مسلمان ڀائرن، جيڪي ڀارت جي مختلف رياستن مان لڏي آيا آهن ۽ پاڻ ڪراچيءَ جي لاءِ کانئن جيڪو به ٿي سگهي ٿو، اها پيا ڪن.
    چوٿين ڳالهه هيءَ ته، اهڙي ڪوشش پاڪستاني مسلمانن ۾ اتحاد جي وڌندڙ جذبي لاءِ هڪ ڳنڀير خطرو ثابت ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ان طرح صوبي جي ماڻهن ۾ پنهنجن انهن مفادن بچائڻ جي فطري ۽ جائز خواهش اُڀرندي، جيڪي اهڙين پاڪستان مخالف قوتن پاران ڦٻايا ويندا، جن سنڌ جي مسلمانن جي انهيءَ سچي ۽ سگهاري حمايت کي گهٽ اهميت پئي ڏني آهي، جيڪا انهن مسلم اتحاد جي مقصد لاءِ هر شئي کان بالاتر ٿي، اڻ موٽ نموني، هيل تائين ڏني آهي.
    هيءَ ڪائونسل وڌيڪ سڀني مڃيل نمائندن ۽ قانون ساز ادارن سان تعلق رکندڙن، خاص طرح، سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ جي ميمبرن، ضلعي ۽ تعلقي جي مسلم ليگي شاخن ۽ بلاشڪ، سنڌ ۽ پاڪستان جي هر خيرخواهه کان اها گهر ٿي ڪري ته اهي پنهنجي اختيار جو سمورو وس ۽ ست هن ناانصافيءَ تي ٻڌل، هن غيردانش منداڻي ڪوشش سان مهاڏو اٽڪائين.
    ”هاڻي اِهو هو پاڪستان جو تصور. اسان پاڪستان انهيءَ ضمانت ٿي حاصل ڪيو هو ته صوبا خودمختيار هوندا، ۽ اڄ، سائين! سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ سان رجوع ڪرڻ کان سواءِ، سنڌي عوام کان پڇڻ کان سواءِ، سنڌ کي اڏيءَ تي آندو پيو وڃي. سنڌ جو حقيقي روح ڪُٺو پيو وڃي.“
    سائين! تنهن ڪري آئون ايوان جي معتبر ميمبرن کي گذارش ڪندس ته جيڪڏهن اهي جمهوريت کي هڪ مذاق بنائڻ نٿا گهرن، جيڪڏهن اهي هڪ قطعي آمريت ڏانهن وڌڻ نٿا گهرن، ته پوءِ کين سنڌي ماڻهن جي احساسن لاءِ احترام هئڻ گهرجي. سائين! جيڪڏهن اوهين مطلق العنان حڪمران ٿيڻ نٿا گهرو ۽ عوام جي خواهشن ڄاڻڻ کان سواءِ مٿن هر شئي مڙهڻ نٿا گهرو ۽ اهو خيال رکڻ کان سواءِ ته اهي ان کي پسند ڪن ٿا يا نه، اهو چوڻ: ”هيءُ منهنجو حڪم آهي ۽ اهو اوهان کي مڃڻو پوندو“ ته پوءِ رب سائين اسان جي مدد ڪري...!! سنڌي عوام ڪراچيءَ تان هٿ کڻڻ نٿو گهري.
    ”سائين! سنڌي عوام ئي سڀ کان اڳي پاڪستاني حڪومت جو آدرڀاءُ ڪيو، ٻيو ڪوبه اهڙي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه هو، ٻي ڪنهن به ماڻهوءَ پاڻ کي ان لائق نٿي ڄاتو. راجا صاحب کلي رهيو آهي. هُو پاڻ به پاڪستاني حڪومت کي پنجاب ۾ دعوت ڏيڻ لائق نٿي ٿي سگهيو. تڏهن جيڪن جو دور حڪومت هو، جڏهن اهڙو فيصلو ڪيو ويو هو. اسان اوهان جو آدرڀاءُ ڪيو آهي،
    اسان اوهان کي محل نما عمارتون ڏنيون آهن، جيڪي اسان ٺاهيون، اسان سرڪاري سهولت لاءِ ڪروڙين رپيا عمارتن تي خرچ ڪيا، آئون ڄاڻڻ گهران ٿو، ته راجا صاحب يا ٻيو ڪو ماڻهو ائين ڪري سگهيو ٿي؟ آئون ٿو اوهان کي ٻُڌايان ته ڪو به ائين نٿي ڪري سگهيو. اها واحد سنڌ هئي، جنهن ائين ڪيو. پنجاب ۽ سرحد ۾ اُهو جيڪن جو دور حڪومت هو، ڪانگريسي وزارت موجود هئي، ۽ هُو ڪلڪتي، بينگال ۾ پئي رهيا، ۽ وزارت جي پوزيشن ڪا گهڻي مضبوط نه هئي
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه

    حصو ڇهون

    اها سنڌ ئي هئي، جيڪا انهيءَ ٻار جو بار سهي سگهي ٿي ۽ انهيءَ ٻار جي آدرڀاءَ تائين به وڃي سگهي ٿي، جنهن کي بيهڻ لاءِ ٽنگون به نه هيون، ويهڻ لاءِ ڪرسي نه هئي ۽ لکڻ لاءِ ڪاغذ نه هئا. هتي اسان کين هر شئي ڏني، ۽ هاڻي جيڪڏهن ڪراچي کسي ٿي وڃي ته اهڙو عمل اوهان جي حصي تي هڪ وڏي ناشڪري هوندو، اسان اوهان کي پنهنجيون عمارتون ڏنيون ۽ پاڻ دفترن کان ٻاهر نڪري آياسين، اسان پنهنجن وزيرن کي ڪڍي ٻاهر ڪيو، اسان پنهنجن شهرين کي ڪڍي ٻاهر ڪيو، جن مان ڪن ته پنهنجين رهائش گهرن تي ٽي يا چار لک به خرچ ڪيا هئا. اسان اهي عمارتون طلبيون، اسين پنهنجو پاڻ بيرڪن ۾ وياسين. هاڻي، آئون چوان ٿو، هيءَ ناشڪريءَ جي حد آهي. اڄ اوهين چئون ٿا ته اوهان کي ڪراچي، سخت مخالفت کان پوءِ به، سنڌ کان الڳ کپي ٿي. سائين نهايت عاجزيءَ سان پڇڻ گهران ٿو ته ڪراچيءَ جي کسجي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي اهميت ڪهڙي وڃي بيهندي! ڇا ڪو به ماڻهو انهيءَ سوال جو جواب ڏيئي سگهي ٿو؟ آئون ته چوان ٿو، جيڪڏهن اوهين مطلق العنان حڪمران بنجڻ ٿا گهرو، جيڪڏهن عوام کان پڇڻ کان سواءِ پنهنجا اختيار ڪتب آڻڻ ٿا گهرو، جيڪڏهن ٻيا صوبا هن جي ڦر/ڌاڙي ۾ ڌر بڻجڻ ٿا گهرن، ته اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي، اسين ڇا ٿا ڪري سگهون؟ آئيني طرح، اسان کي اوهان جو حڪم مڃڻو پوندو. اوهان مولانا بشير احمد عثمان اڳيان آهي. هن چيو ته هتي 35 لک سنڌي رهن ٿا ۽ ڏهه لک وڌيڪ ماڻهو اچي چُڪا آهن. انهن کي اسان سان ڀائرن وانگي رهڻو آهي، ۽ هن اسان کي ٻُڌايو آهي ته هُو سڄي سنڌ ۾ رهيو آهي، هو ڪراچيءَ ۾ رهيو آهي، ۽ هن اسان کي ٻُڌايو آهي ته سنڌ کان ڪراچيءَ جي جدائيءَ سنڌين ۾ خراب تاثر اُڀاريو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي زوريءَ کسي ويئي آهي ته مهاجرن لاءِ اهو ممڪن نه هوندو ته اهي سنڌ ۾ رهن. سائين! آئون ڄاڻان ٿو ته سرڪار وٽ اهڙا اختيار آهن جو سڄي گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ کي ٻيهر لکي سگهي، ان کي اهو اختيار ماڻيل آهي، ته اها صوبن جي نئين سر ورڇ ڪري، اهي (سرڪاري اختياريون) جيڪڏهن چاهين اهو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. آئون سرڪار کان ان ڪري پڇڻ ٿو گهران ته ان کي ڇو نه اڳتي اچي اسان کي سنڌ کي محروم ڪرڻ واري هن ندوري رٿا ۾ هڪ ڌر بنائڻ گهرجي؟ اهي اهڙو ڪم پاڻ پنهنجي طور تي به ڪري سگهن ٿا، ۽ آئون هن معزز ايوان ۾ تحريڪ پيش ڪندڙ کي اها گذارش ٿو ڪريان ته اهو پنهنجي ٺهراءَ تان هٿ کڻي وٺي. اسين انهيءَ جي خلاف نه آهيون ته ڪراچي، پاڪستان جي راڄڌاني بڻائي وڃي، پر اسين جيڪي ڪجهه چاهيون ٿا اهو هيءُ آهي ته اسين هتي آيا آهيون، هتي رهون به سهي پر ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار نه ڪريون. اوهين هتي رهو، سڀني معنائن ۾، پنهنجي راڄڌاني به قائم ڪريو. هڪ ڪميٽي، جيڪا سرڪار پاران مقرر ڪئي هئي ته جاين جڳهين جو اڀياس ڪري، ان رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. انهن اهڙيءَ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪيتريون ئي اهڙيون چڱيون جايون جڳهيون آهن، جتي سڀ سرڪاري عمارتون، سفارتخانا ۽ ٻيا دفتر ۽ رهائشي سهولتون موجود ڪري سگهجن ٿيون. سائين! اسان کي اسيمبلي ۽ صوبائي ڪونسل جي هنن ٻن ٺهرائن هوندي به ايتري تڪڙ ڇو؟
    اسان کي ته ڪڏهن به اهو نه ٻڌايو ويو هو ته سرڪار اهڙو عمل ڪرڻ گهري ٿي. اوچتو ئي هڪ بم وانگي هيءَ شئي اسان مٿان اُڇلائي ويئي آهي ۽ سائين! جيڪڏهن اوهين واقعي به ائين چاهيو ٿا ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن کي قائل ڪريو ته اها شئي سندن فائدي ۾ آهي، اها شئي پاڪستان جي مفادن وٽان آهي ته پاڪستان جي راڄڌاني هتي هجي ۽ کين ڪراچي شهر جي دائره اختيار ۽ ڪنٽرول ڏيڻ جي صلاح ڏيو، پر هيتري سخت مخالفت هوندي، هيءُ ٺهراءُ ڇو منظور ڪرائجي؟ اوهان وٽ ڪل اختيار آهن. اوهين ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري سگهو ٿا، اوهين ڪراچيءَ کي پنجاب ۾ شامل ڪري سگهو ٿا يا اوهين اها هر مذمت جوڳي شئي به ڪري سگهو ٿا، جيڪا اوهين چاهيو، پر هيءُ سڀ ڪجهه، اسان کي هن ناپاڪ عمل ۾ ڌُر بنائڻ کان سواءِ ڪريو!“
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه

    حصو ستون
    سائين! آئون رڳو ايترو يادگيرو ڏيارڻ گهران ٿو ته سنڌ ڪڏهن به پاڪستان خلاف نه ڏٺي ويئي آهي، پر اها پاڪستان جو عظيم ترين ٿنڀ ٿِي رهي آهي. اها سنڌ اسيمبلي ئي هُئي، جنهن 1944ع ۾ پاڪستان لاءِ ٺهراءُ پاس ڪندي، برطانوي حڪومت کان پاڪستان جي گهُر ڪئي هئي، ۽ آئون چئلنج ٿو ڪريان راجا صاحب ۽ ٻي ڪنهن به شخص کي ته اهي اهڙو ٺهراءُ پيش ڪن- بينگال اسيمبليءَ ۾ يا پنجاب اسيمبليءَ ۾ يا سرحد اسيمبليءَ ۾. جيڪڏهن اوهان پنهنجي راڄڌاني هتان کان ڍاڪا يا ٻئي ڪنهن هنڌ کڻي وڃي سگهو ٿا ته اسين اهڙي منتقليءَ لاءِ گهربل رقم اوهان کي ڀري ڏينداسين. اسين سارو خرچ برداشت ڪنداسين، جيڪڏهن ڍاڪا ڏانهن پنهنجي راڄڌاني منتقل ڪريو ٿا. اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي ته اسين چاهيون ٿا ته هيءَ (راڄڌاني) هتي هجي؟“ (صفحو: 82)
    ”ته پوءِ سائين پاڪستاني حڪومت هتي اچيو ٿي وڃي ۽ وڏيءَ سولائيءَ سان پنجاهه ڪروڙ رپين جي ماليت جي عمارتن تي قبضو ڪريو ٿي وٺي. اسان کي لفظ به نٿو چيو وڃي ته ڇا هي اسان جي حڪومت کي رهڻ جي اجازت ڏيندا، اهي پنجاهه ڪروڙ رپيا خرچ ڪندا ۽ سنڌ حڪومت لاءِ عمارتون اڏيندا يا ڇا اهي اسان کي اها رقم ڏيندا ته جيئن اسين ستت ڪم شروع ڪري سگهون، جيڪڏهن اسين رهڻ پسند ڪريون ٿا. اهي هيءُ نٿا ٻُڌائين ته اهي اسان کي، اسان کان کنيل هر شئي جي ازالي ۾ ڪجهه ڏيندا. سائين آئون اڃا پوريءَ طرح انهي مامري تي قائل ٿيڻو آهيان، ته ڇا پاڪستان جي مالياتي حالت آهي، اهڙي جو هيءَ (رقم وارو) بار کڻي سگهي يا اهو اسين پاڻ تي کڻون يا ڇا ٻئي ڪنهن صوبي کي سندس رقم مان حصي پتي کڻڻ جي پاڪستاني حڪومت کي درخواست ڪرڻ گهرجي.“ (صفحو: 83)
    ملڪ محمد فيروز خان نون (پنجاب، مسلمان)
    هيءَ اسيمبلي هڪ خوداختيار اسيمبلي آهي ۽ اها جا شئي پسند ڪري ٿي، ان جي منظوري ڏيئي سگهي ٿي. جا شئي هيءَ اسيمبلي منظور ڪري ٿي، اها ملڪ جو قانون بڻجي پوندي ۽ جنهن به شئي جي منظوري ڏني وڃي ٿي، ان جي حيثيت سياسي گڏجاڻين ۾ منظور ڪيل ٺهرائن جي طريقي ڪار جهڙي نه هوندي، جيڪي اسين منعقد ڪريون يا ماضيءَ ۾ جيئن اسين گهڻين ۽ مختلف حالتن ۾ گڏجاڻيون منعقد ڪيون هجن. جيتوڻيڪ، اسان اُنهن ڏهاڙن ۾ اهڙو ٺهراءُ منظور ڪيو هو، ته ڇا هاڻي به اسان اُن جا پابند آهيون؟ نه. هرهڪ جانشين سياسي ادارو (Body) نوان ٺهراءَ، انهن کان مختلف جيڪي ڪي ورهيه اڳ منظور ڪيا ويا هئا، ترتيب ڏيڻ/ٺاهڻ ۾ آزاد آهي. مون کي اجازت ڏيو ته آئون حاجي صاحب کي سياسي مامرن بابت هڪ حڪمت ڀري چوڻي ياد ڏياريان: سياست ۾ ثابت قدمي هر انهيءَ جانور جي عادت آهي، جنهن جا ڪن وڏا هوندا آهن، ۽ آئون چوان ٿو ته شايد اسين وڏي ڏچي ۽ ڏکيائيءَ ۾ وڃي پونداسين، جيڪڏهن پنج ورهيه اڳي منظور ڪيل ڪنهن ڳالهه وسيلي اسان جي رهنمائي ڪئي پئي وڃي. تنهن ڪري اسان کي شين جو مال ان ڏينهن مان ئي کڻڻ کپي، جنهن ۾ پاڻ بيٺا آهيون. اوهان جي پاڪستان قان ونساز اسيمبلي هڪ آزاد ادارو آهي. پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي. ۽ اسان جي ملڪ جي ڀاڱي ڀائيوار حصن جن کي پاڻ صوبا چئون ٿا، ڪنهن سان به اها آزادي شيئر نٿي ڪري سگهجي.
    (ملڪ فيروزخان نون جون ڳالهيون سياسي ادب جي اصطلاح ”ميڪاوليت“ جي ياد ڏيارين ٿيون- حيدربخش جتوئي)
    محترم ايم اي کهڙو (سنڌ، مسلمان)
    ”ڪن مانوارن ميمبرن چيو آهي ته سنڌ جي راڄڌاني لاهور يا پنڊيءَ ۾ هئڻ کپي، مون کي کانئن اهو پڇڻ جي اجازت هجي ته ڇا اُنهيءَ وقت پنجاب يا بينگال کي ورهائڻ وارو سوال غور ويچار هيٺ هو؟ (ان وقت) اها به خبر نه هئي ته پنجاب اوڀر پنجاب ۾ هوندو يا اولهه پنجاب ۾ ۽ اوڀر ۽ اولهه پنجاب وچ ۾ حدبنديءَ جي تعين لاءِ هڪ ٽربيونل جوڙيو ويو هو. ۽ پڻ اوڀر ۽ اولهه بينگال جي وچ ۾ حتمي حدبندي جو يقين ٿيڻو هو. (صفحو 191)...“
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه

    حصو اٺون
    مانوارا ميمبر واقف آهن ۽ جناب خواجا شهاب الدين پنهنجو پاڻ سڀني کان وڌيڪ واقف آهي ته ڪلڪتي ۾ بينگال جي صوبائي حڪومت ۽ پڻ ڀارتي حڪومت جي، پنجاهه ورهين کان وڌيڪ عرصي تائين، ٻٽي راڄڌاني هئي. ڇا اهڙو مامرو ڪن مهينن ۾ نبيريو ويو هو ته طاقتور ڀارتي حڪومت جي راڄڌاني ڪلڪتي کان ٻي ڪنهن هنڌ منتقل ڪئي وڃي. نه سائين! ان اهم سوال کي نبيرڻ ۾ پنجاهه ورهين کان به وڌيڪ عرصو لڳو هو ۽ ان سڄي عرصي دوران ڪلڪتي جو انتظام، صوبائي حڪومت جي هٿ ۾ هو... ڀارتي حڪومت جو پنهنجو ٺڪاڻو سال جا ڇهه ست مهينا، موسمي سببن جي ڪري شملا ۾ هوندو هو، ۽ ان هوندي به، شملا جو انتظام پنجاب حڪومت جي هٿن ۾ هوندو هو. هيءُ سنڌ اسيمبليءَ جي مسلم ليگ جماعت جي ميمبرن جو هڪ چڱي نموني سوچيل سمجهيل خيال آهي، ۽ پڻ مخالف ڌر جي ميمبرن ان مامري ۾ ساٿ ڏنو ۽ پڻ انهيءَ مامري تي مسلم ليگ جي صوبائي ڪائونسل يڪراءِ ٺهراءُ منظور ڪيو هو.“ (صفحو: 94)
    ”سائين! آئون سمجهان ٿو ته اهڙي ڳالهه ڪنهن حد تائين وقت کان اڳي ٿيندي ته هيتري ٿورڙي وقت ۾ اهڙو گهڻ پاسائون ۽ ڏور- رس ٺهراءُ آڻيون، ۽ ان کي هن اسيمبليءَ ۾ تڙتڪڙ ۾ پيش ڪريون ۽ هن ايوان کي ٿورڙي عرصي ۾ هڪ قطعي طرز عمل اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪريون. آئون سمجهان ٿو ته، سائين! (هن مامري کي) مناسب وقت ڏيڻ کپي ها. ايتري تائين جو هاڻ به وقت هٿان ناهي ويو.“ (صفحو: 97)
    محترم سراج السلام (اوڀر بينگال، مسلمان)
    سائين! آئون پنهنجي دوست محترم کهڙي جي جملي کان ڳالهه شروع ٿو ڪريان، هن چيو يا چئجي ته، هن پنهنجي تقرير اهو چوندي ختم ڪئي ته سنڌ جي قسمت مهربند (Sealed) آهي. سائين! آئون چوان ٿو ته ڳالهه ان جي بنهه اُبتڙ آهي. آئون انهن موقعن/امڪانن ۽ ڀلي ڀاڳ تي ريس ٿو ڪريان، جيڪو سنڌ جو عوام، ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي هيڊڪوارٽر هئڻ وسيلي، ماڻڻ وڃي رهيو آهي. واهه ڙي سنڌ واهه! تنهنجا ٻيا جوڙيوال صوبا توسان ريس ڪندا. پنجاب توسان ريس ڪندو. سرحد صوبو توسان ريس ڪندو.“ (صفحو: 99)
    جناب لياقت علي خان (اوڀر بينگال، مسلمان)
    ”پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام سنڌ جا ۽ سنڌ سرڪار جا ٿورائتا آهن، سندن وقتائتي سهڪار لاءِ ٿورائتا آهن. مون کي پنهنجي ذهن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌي عوام قانون ساز اسيمبليءَ جو ٿورائتو ٿيندو، جو، ان ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي مستقل راڄڌانيءَ جو فيصلو ڪيو آهي. آئون پاڪستاني حڪومت جو موقف واضح ڪرڻ گهران ٿو. پاڪستاني حڪومت جي اها خواهش ڪڏهن به نه رهي آهي، نه آهي ۽ آئون اميد ٿو ڪريان ته ڪڏهن به نه هوندي ته ڪو سنڌي عوام کي نقصان يا کين ڪو گهاءُ رسائجي. اسين اهو خيال رکنداسين ته سندن مفاد تي ڪوبه تعصب رکيو نه ويو آهي.“
    ”سرڪاري عمارتن جي سلسلي ۾، مون کان پُڇيو ويو آهي ته انهيءَ مامري تي پاڪستاني حڪومت جو موقف ڪهڙو آهي؟ منهنجي مانواري دوست محترم گذدر چيو آهي ته اسين سنڌ سرڪار کي ڦري رهيا آهيون، آئون کيس پڪ ڏياريان ته اسان جا اخلاقي معيار سندس اخلاقي معيارن کان وڌيڪ بلند/اوچا آهن. پاڪستاني حڪومت، ڪنهن به صوبي کي اک ۾ رکڻ جي خطاڪار ڪڏهن به نه ٿيندي ۽ ڪنهن به صوبي سان غيراخلاقي نموني معاملا طئي نه ڪندي، ڇاڪاڻ ته، مون کي پڪ آهي ته پاڪستان جي طاقت، صوبن جي طاقت تي دارومدار رکي ٿي. (صفحو: 105)
    ”سنڌ سرڪار ۽ اسين هن معاملي تي ڪنهن به معاهدي تائين رسڻ ۾ سوڀارا نه ٿيا آهيون ۽ اهو ان ڪري آهي جو اسين ٻئي ڌريون انهيءَ تان راضي نه ٿي سگهيوسين ته انهيءَ معاملي کي نبيري لاءِ اسان هن معتبر ايوان- آزاد اداري ۾ اچڻو آهي. (صفحو: 107)
    ”هر اهو ماڻهو، جنهن جي بصيرت ۾ وسعت آهي، مڃيندو ته حتمي طرح اهو سنڌي عوام ئي هوندو، جيڪو ڪراچيءَ جي پاڪستاني راڄڌاني ٿيڻ مان وڌ مان وڌ فائدو ماڻيندو.“ (صفحو: 108)
    مٿين اقتباسن پڙهڻ کان پوءِ ۽ اهو ڏسڻ کان پوءِ ته ڪراچيءَ ۽ سنڌ سان هيل تائين ڇا ڪجهه واقع ٿي چڪو آهي، ڪوبه ماڻهو اهو فيصلو ڪري سگهي ٿو ته سنڌي عوام کي اسان جي اڳواڻن جي واعدن ۽ خاطرين جي ڪيتري اهميت آهي:
    ”سائين! جيستائين انهن ادارن (يونيورسٽي وغيره) جو تعلق آهي ته اسين سنڌ حڪومت جو آدرڀاءُ ڪنداسين ته اها انهن جو انتظام هلائي ۽ انهن کي ترقي وٺرائي ۽ جيستائين انهن ادارن جو تعلق آهي ته اسان انهن ۾ ڪا به مداخلت نه ڪنداسين.“
    - خواجا شهاب الدين
    ”پاڪستاني حڪومت جي اها خواهش ڪڏهن به نه رهي آهي، نه آهي ۽ آئون اميد ٿو ڪريان ته ڪڏهن به نه هوندي ته ڪو سنڌي عوام کي نقصان يا کين ڪو گهاءُ رسائجي. اسين اهو خيال رکنداسين ۽ سندن مفاد تي ڪو به تعصب رکيو نه ويو آهي.“
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه

    حصو نائون
    - لياقت علي
    اسان جي پياري نبي محمد صلي الله عليه وسلم، پنهنجي سچي پوئلڳ مومن جي رهنمائيءَ لاءِ، وقت جي منافق جو هڪ معيار مقرر ڪيو آهي: ”جڏهن هُو ڳالهائي ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي؛ جڏهن هو ڪو واعدو ڪري ٿو ته ان کي ٽوڙي ٿو، جڏهن هن کي ڪابه شئي امانت طور ڏني وڃي ٿي ته هُو ان ۾ خيانت ڪري ٿو.“ اها شئي اسان جي عوام تي ڇڏيل آهي ته اندازو لڳائين ته مٿين حرفتن ۽ امتيازن ۾ اسان جا ڪجهه ليڊر ڪيتري حد تائين اهل يا نااهل آهن.
    آئون هتي رڳو اسان جي مسلمان اڳواڻن جي، اسان جي مادري ٻوليءَ جي سلسلي ۾، رويي سان معاملو رکندس ۽ اهو ڏيکاريندس ته سنڌ جي ڪراچيءَ کان جدائي ۽ سنڌ جي پنجاب سان الحاق وارن معاملي تي سنڌين جي مخالفت، هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ واقعي جي خيال کان، ڪيتري حد تائين جائز هئي.
    پاڪستان جي قيام کان گهڻو اڳ، سنڌ يونيورسٽي علي ڳڙهه کان (ڪراچي) منتقل ڪئي ويئي هئي، محترم اي. بي. اي. حليم کي ان جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. انهيءَ ۾ پير الاهي بخش، جيڪو تڏهن سنڌ سرڪار ۾ وزير هو، جي ڪوششن جو ٿورائتو ٿيڻ کپي. اهو محترم حليم ان ڪري نه گهرايو ويو ته ڪو هُو ڪل هندستان ۾ ڪو امتياز رکندڙ هو، پر هڪ سنڌي کيس هڪ مسلمان ڀاءُ جي حيثيت ۾ آندو ته جيئن هو پنهنجن پوئتي پيل ڀائرن جي خدمت ڪري سگهي. هُو 1952ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ رهيو، پنهنجو عهدو، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ٿيڻ لاءِ ڇڏيائين، جيڪا ڪراچيءَ جي سنڌ کان علحدگيءَ کان پوءِ قائم ڪئي ويئي.
    محترم حليم سنڌين ۽ سندن ٻوليءَ سان ڪهڙو ورتاءُ رکيو، اهو هڪ ڊگهو ۽ ڏُکائيندڙ قصو آهي، جنهن کي هتي بيان ڪرڻ جي گهرج ناهي. مختصر اهو ته، هن اٺن ورهين دوران، هر ممڪن شئي ڪرڻ وسيلي سنڌين سان پنهنجي ممونيت جو مظاهرو ڪيو. ڪراچيءَ جي علحدگيءَ کان پوءِ، هن سنڌي ٻوليءَ کي چيڀاٽيو، سنڌي اسڪولن کي بند ڪرڻ وسيلي، سنڌي ماسترن جي جاين گهٽائڻ وسيلي، سنڌي شاگردن کي سنڌي نصاب فراهم نه ڪرڻ وسيلي، سنڌي پيپرن جي جانچڻ لاءِ غيرسنڌين، جيڪي سنڌيءَ جي ڪا ٿورڙي ڄاڻ رکندا هئا، تن کي مقرر ڪرڻ وسيلي وغيره وغيره.
    محترم حليم پنهنجي سنڌي ٻولي مخالف مهم ۾ ڪامياب ٿيو؛ ۽ اها مهم، هن هلندڙ تعليمي سال 58-1957ع تائين ايندي ايندي، يونيورسٽيءَ جي امتحانن لاءِ پيپرن جا جواب سنڌيءَ ۾ ڏيڻ جي ذريعي (Medium) واري سنڌي ٻوليءَ جي، حيثيت جي خاتمي جي نتيجي تائين وڃي پهتي آهي. درخواستي فارم 14هين آگسٽ تائين جمع ڪرائڻا آهن ۽ ڪنهن به ڀُل چُڪ جو تدارڪ، انهيءَ ڏنل تاريخ يا ڪنهن به قيمت تي امتحانن جي تاريخ کان اڳ تائين ڪيو ويو آهي.
    هاڻي، هيءُ امتحاني پيپرن وارو سوال، ڪو هلڪڙو/سادو معاملو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي بنيادي حقن، اسان جي خدمتن ۽ پيشن تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ ايتري تائين جو اسان جو سماجي رتبو، تعليمي اهليتن تي دارومدار رکي ٿو. يونيورسٽيءَ جو امتحان، هڪ شاگرد جي علم ۽ لياقت جي آزمائش هوندو آهي.
    اها ڳالهه هر ڪنهن تي روشن آهي ته سنڌي ڄاڻندڙ شاگرد، اردوءَ ۾ ائين لياقت سان ۽ اهليت سان، پيپرن جو جواب نٿو ڏيئي سگهي، جيئن ڪو اردو ڳالهائيندڙ شاگرد، اردو ڄاڻندڙ شاگرد جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڄاڻندڙ شاگرد لاءِ خسارو/نقصان گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو مارڪون آهي (يعني اهو فيصلو پڻ ڪيو ويو هو ته اردو ڄاڻندڙ شاگرد کي امتحاني پرچن ۾ پنهنجن کنيل مارڪن سان گڏ 20 سيڪڙو رعايتي مارڪون به ڏنيون وينديون، مطلب ته جيڪڏهن ڪنهن اردو ڄاڻندڙ شاگرد 100 مارڪن مان 60 مارڪون کنيون آهن ته اهي 80 سمجهيون وينديون. سنڌيڪار) مقابلي وارن امتحانن ۾، پوءِ ڀلي اهي ملازمتن، اسڪالرشپس يا داخلائن جي مقصدن لاءِ هجن، جيڪڏهن (سنڌي) شاگرد 390 مارڪون کڻي ٿو ۽ ٻيو (اردو ڳالهائيندڙ) 379 مارڪون کڻي ٿو ته پويون شاگرد چونڊجي وڃي ٿو ۽ اڳيون ناڪام ٿئي ٿو.
    اهڙا مثال ڏٺا/جاچيا ويا آهن ته جتي به سنڌي مقابلي جي امتحان جي اميدوار، مٿي ڄاڻايل نقصان هوندي، غير سنڌي اميدوار کان، لکت وارن پرچن ۾ وڌيڪ مارڪون کنيون آهن، اتي کيس زباني پرچن ۾ گهٽ مارڪون ڏنيون ويون آهن ۽ سندس (اڳتي وڌڻ جا) امڪان وکيريا/ختم ڪيا ويا آهن.
    اهڙيءَ ريت، اهو طريقي ڪار آهي ڪراچي يونيورسٽيءَ جو، سنڌي ٻوليءَ جي امتحاني پرچن جا جواب ڏيڻ جي ذريعي (medium) واري حيثيت ختم ٿيڻ وارو معاملو، سنڌين تي مقابلي (جي امتحانن) جا در بند ٿيڻ ۽ اردو ڄاڻندڙ شاگردن کي نه رڳو برتري پر عملي هڪ هٽي بخشڻ تائين وڌي آيو آهي.
    ڪراچي يونيورسٽيءَ جو هيءُ طريقي ڪار سنڌي شاگردن کي ان نياپي ڏيڻ تائين وڌي وڃي ٿو ته: ”ڪراچي ڇڏي سنڌ وڃو، جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪرڻ گهرو ٿا، ڪراچي اوهان جي ناهي.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو