ساجن منهنجو شرميلو !

'نثار احمد ناز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو سلام

    ٻه راتيون اڳ پنهنجي ڪنهن ذاتي ڪم سان ڪمپيوٽر تي ويٺو هئس ۽ فيس بوڪ تي سائين نثار ناز ٻڌايو ته هن هڪ وائي اپلوڊ ڪئي آهي اها ڏسان ۽ ٻڌان۔ مان ان وقت ته ڏسي ۽ واه واه ڪري ڇڏي شايد مصروفيت ڪري مان توجه ئي نه ڏنو۔

    ٻئي ڏينهن صبح جو ٻيهر جڏهن مون اها وائي ٻڌي ۽ ايڏو ته وڻي جو مان ٻيهر ٻڌي۔ هن خوبصورت وائي تي لکڻ لاء ويٺس ته لفظ ئي نه ٺهن۔ مان سوچي رهيو هئس ته ڪٿي نثار ناز جي هي بهترين تخليق ۽ ڪٿي اسان اڻڄاڻن جو ڪورو قلم۔

    مون ڪاليج جي دور ۾ وليم ورڊس ورٿ کي پڙهيو هو ته Poet of Nature آهي۔ وري جڏهن مون ڊاڪٽر تنوير عباسي کي پڙهيو ته مونکي لڳو ته فطرت جو شاعر ته تنوير آهي پر اڄ جڏهن هي وائي ٻڌم ته لڳو ته نثار ناز به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي۔

    تارن جي جِهرمٽ ۾
    چوڏهين جِي چانڊاڻ
    ساجن منهنجو شرميلو !

    ڪنول ٽڙي رابيل
    خوشبو آڻيو هاڻ
    ساجن منهنجو شرميلو !

    شال جيئي سو ناز
    محبت جو مهراڻ
    ساجن منهنجو شرميلو !

    سندس شاعري ۾ فطرت جي سونهن ۽ لفظن جي جوڙجڪ هن وائي کي ڪنهن قويءَ جي ڪَويتا بڻائي ڇڏيو آهي۔ سندس شاعري ۾چنڊ ۽ چانڊوڪي، تارا ۽ انهن جي جهرمٽ، گل ۽ گلن جي سرهاڻ ،خوشبو ۽ هڳا موجود آهي۔ پر سڀ کان وڌيڪ پنهنجي محبوب جي تعريف ۽ سندس صفتن جو بيان۔

    جيتوڻيڪ ڳائڻ واري هي وائي بغير سازن جي ڳائي آهي پر خوبصورت شاعري جي ڪري وري به دل بار بار ٻڌڻ ٿي چاهي۔ منهنجي دعا آهي ته سنڌ جو هي سريلو شاعر هميشه آباد رهي۔ دعا آهي ته سنڌ سلامت جو فورم ايتري ترقي ڪري جو اسان پنهنجو اسٽوڊيو ٺاهي رڪارڊنگ به ڪري سگهون ۽ سنڌ سلامت جو تعارف ڪنهن جو محتاج نه رهي۔

    http://www.youtube.com/watch?v=Sy-nyAAlIAs
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ساجن منهنجو شرميلو !

    ادا سليمان ۔۔۔ توهان جي ڳالهه وانگر اهڙي بهترين شاعري کي ٻڌي اسان کان جواب ڏيڻ جي سگهه ڇڏائجي ٿي وڃي۔۔۔ پنهنجي اڻڄاڻائي ڏسي، لفظن جي ڪمي ڏسي سوچيون ٿا ته ڇا اهڙي بهترين ڪلام جي ڪمينٽس ۾ اسان ڪجهه لکڻ جا اهل آهيون۔۔ اسان جي قسمت ڀلي آهي جو سائين نثار ناز جهڙو بهترين شاعر اسان جي هن محفل ۾ موجود آهي۔۔ ۽ اسان سيکڙاٽن جي لاءِ نيون سوچيون مهيا ڪري ٿو۔۔ ساجن منهنجو شرميلو به سندن بهترين تخليقن مان هڪ نرالي تخليق آهي۔۔ مٿان وري سائين بلاولي جي آواز بنا ڪنهن ساز جي، هن ڪلام کي سُرن جي جيڪا تازگي بخشي آهي اها به بهترين آهي۔۔ اميد ته سائين نثار ناز تي ڏات جي ديوي جيڪا مهرباني ڪري ٿي، ان ڏات جي ديوي کي اسان مستن جو به ڏس ڏيندا۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ساجن منهنجو شرميلو !

    ڀا مست توهان ته وري به شاعر آهيو پر يار اسان ته صفا ڪورا آهيون اڄ تائين ڪو شعر ڪونه چيو آهي۔ شاعري لاء لفظن جا خزانه کپن پر ان کان به وڌيڪ آهي ڏات جيڪا سائين نثار ناز وٽ آهي۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ساجن منهنجو شرميلو !

    ادا بهترين ونڊ آهي.
     
  5. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ساجن منهنجو شرميلو !

    عالي جناب نثار احمد ناز اوهان جي وائي ته ڪا ڏات آ، ڪا لات آ، سنڌ جو آواز آ ، محبت جو پيغام آ، عاشق جي صدا آ، واه سائين۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ساجن منهنجو شرميلو !

    محترم سليمان وساڻ جا لک ٿورا جو ، هن منهنجي وائي وڊيو جي صورت ۾ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌي دوستن سان ونڊ ڪئي، مان اڀاڳو شاعر، جيڪو سنڌ مٽي جي دز جو هڪڙو ذرو، جو هن مونکي تاريخي شخصيتن وليم ورڊس ورٿ ۽ فطرت جي حسين سنڌي ليکڪ تنوير عباسي جي راهه جو مسافر قرار ڏنو. ادا ادا او منهنجا سائين سليمان وساڻ تنهنجي همٿائيڻ جو اهو انداز لڳي ٿو، مونکي الائي ڇا مان ڇا بنائي ڇڏيندو، تو ڀلا اها پارس بنجي اسان جهڙي ڪٽ لڳل پتڪڙي لوهه جي ٽڪري کي سون بنائڻ جِي ڪار ڪٿان سکي آهي. دوست دنيا جا جيڪي به ڏات ڌڻي آهن، ليکڪ آهن، شاعر آهن، اهي پنهنجي تخليق ٻن بنيادي ڳالهين هڪڙي، سُونهن ۽ ٻي فطرت جي اهم ترين ڳالهين سان سان دنيا جي سامهون پيش ڪندا آهن.بلڪل مون به پنهنجي هنَ وائي کي انهن اهم ترين ماپن کي بنياد بنائي سرجِي آهي، شام کان ڪي سُريلا پل وٺان ٿو اها به فطرت آهي، اتر کي واهوندي واکاڻڻ جي گُذارش ڪريان پيو اها به فطرت آهي، تارن جي جهرمٽ ۾ چوڏهين جي چانڊاڻ جي ڳالهه ڪريان پيو اهو به فطرت جي ڳالهه ڪريان پيو، ڪنول يا رابيل کي خوشبو وکرائڻ جي التجا ڪريان پيو اهو به فطرت کي التجا آهي، باقي خوب سجائي روپ ، محبت جو مهراڻ ۽ ساجن منهنجو شرميلو ۾ سُونهن کي سرس بنائي پنهنجي هن غريباڻي تخليق کي توهان سڀني سنڌي دوستن کي ارپيو آهي. دوست وائي خالص اسان جي سنڌي ادب جي هڪڙي خوبصورت ترين صنف آهي، جنهن جي ٽيڪينيڪ کان اڃان تائين سئو فيصد واقفيت حاصل ڪري نه سگهيو آهيان. ڪافي دوست انهي ڳالهه تي مختلف شاعرن جا حوالا ڏيندا آهن ڪتابن جون ڳالهيون ڪندا آهن پر جيڪڏهن ڳالهه صرف حوالن سان سکي وڃي يا ڪتابن کي پڙهي سکي وڃي ته هُوند ڪنهن به استاد جي ضرورت ڪانه پوي ها، مونکي ياد پيو اچي ته مون پنهنجي پهرين وائي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ تخليق ڪئي هُئي، جنهن جا ٻول ياد پيا اچن ته
    چاهتن جو سفر
    شال جاري
    ڪا ته محفل مچي
    ڪاش ان جو اثر
    شال جاري رهي
    دوستو دل لڳي
    هر جنم ۾ امر
    شال جاري رهي

    اها وائي ان وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ اصلاح لاءِ پيش ڪئي هُئم، ان وقت جيڪي به انهي ادبي ڪلاس ۾ دوست ويٺل هُئا، انهن پنهنجي پنهنجي سمجهه مطابق، ان کي بهترين چيو، پر مان انهي صرف بهترين ۽ واهه واهه مان خوش ڪونه هُئس، دل ۾ اهو سوچي رهيو هُئس ته ڪاش ڪو ڏاهو هُجي جو وائي جي باري ۾ تفصيل سان ٻُڌائي پر ڪير به اڳيان ڪونه آيو، جڏهن سڀني دوستن منهنجي انهي لکيل وائي کي بهترين چيو ته نتيجي طور مونکي به سڀني دوستن جا ٿورا ادا ڪرڻا پئجي ويا، نيٺ منهنجي لکيل اها وائي انهي گڏجاڻي جي وقتي صدر وٽ پنهنجي صدارتي راءِ لاءِ پيش ٿي ته ان وقت جي وقتي صدر نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم منهنجي لکيل وائي واري پني کي چئن ٽڪرن ۾ ڪري ان جا ٽُڪرا هوا ۾ اُڏائي ڇڏيا، چيائين ته هي وائي آهي ئي ڪونه، وائي ته “ڇند وڌيا ” ۾ لکي ويندي آهي، ڏاڍو خوش ٿيس، سوچڻ لڳس شايد انهي گڏجاڻيءَ جو وقتي صدر ڇند وڌيا جي باري ۾ ڪو فارمولو، ڪا ٽيڪنيڪ سمجهائيندو پر، ڇند وڌيا جي ڳالهه ڪري صدر وڌيڪ ڪجهه به ڪونه ڳالهايو، ڏاڍو پريشان ٿي ويس، هڪڙو ته منهنجي لکيل وائي کي ڦاڙي صدر چئن ٽڪرن ۾ ڪري هوا ۾ اڏاريو، اهو ڏک به دل ۾ رهجي ويو. ان کان سواءِ دستوري گڏجاڻين جو اهو اصول هوندو آهي ته صدارتي راءِ تي ڪوبه ڳالهائي ڪونه سگهندو آهي. خير جڏهن اها دستور گڏجاڻي ختم ٿي مان انهي صدارت ڪندڙ همراهه وٺ هلي ويس چيومانس ته سائين پليز توهان ڇند وڌيا جي ڳالهه ڪري منهنجي لکيل هن اسم کي چئن ٽڪرن ۾ ڪري هوا ۾ اڏايو آهي ته خُدار پهرين مونکي اهو ته سمجهايو ته ڇند وڌيا آهي ڇا،؟ همراهه اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت، چوڻ لڳو ته ڇند وڌيا وڏي ڳالهه آهي ، ايترو مون وٽ ٽائيم ڪونهي جو توکي سمجهايان، وڃي فلاڻا فلاڻا ڪتاب پڙهه پاڻي توکي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي، چيومانس ته سائين جيڪڏهن سڀ ڪجهه ڪتابن کي ڏسي سکڻو هُجي ته پوءِ دنيا ۾ ڪنهن به استاد جي ضرورت ڪانه پوي ها، پليز مونکي صرف ساڌو ۽ سمپل وائي جي باري ۾ فارمولو ٻُڌايو وڃي پر انهي همراهه دستوري گڏجاڻي واري دستوري چانهه پي رڳو ڀڄڻ جي وار واري، ان کان پوءِ شهر جا ڪافي سارا ناميارا اديب جن جو سوين وايون لکيل هيون ، شايع ٿيل هيون انهن وٽ به ويس ته خدارا مونکي وائي جي باري ۾ سمجهايو۽ سيکاريو، ، ڪنهن چيو ته بس سنڌ جي گهوٽ شاهه سائين جون وايون پڙهي، سکي وڃ، ڪنهن چيو شيخ اياز جون وايون پڙهي سکي وڃ ۽ ڪنهن چيو ته تاجل بيوس جون وايون پڙهي سکي وڃي، مون انهن کي چيو ته سائين مون انهن ڏات ڌڻين جون وايون پڙهيون آهن، انهن جي ڪتابن ۾ لکيل وائي جي باري ۾ انهن جون سمجهاڻيون به پڙهيون آهن، پر مونکي توهان پنهنجي ڄاڻ موجب سمجهايو ته وائي جي شڪل ڪهڙي ٿيندي آهي، وائي جو ماپو ڪهڙو ٿيندو آهي. وائيءَ جون ماترائون ڪيتريون هونديون آهن، ۽ ڇا وائي کي سنڌي علم عروض مطابق به لکي سگهجي ٿو. انهن جو جيڪو جواب هو، ته ميان وڃي الله الله ڪر ايترو اسان وٽ ٽائيم ئي ڪونهي جو توکي ويهي سمجهايون. دوست وساڻ هڪڙو ڪڙو سچ به توهان سان ونڊ ڪندو هلان ته منهنجي لکيل پوري شاعريءَ جي بياض ۾ سنڌي بيت ۽ سنڌي وايون نه هُئڻ برابر آهن، حالانڪه اهي ٻئي صنفون خالص اسان جون لوڪ ورثو آهن، علم عروض ڀلي کڻي جو سنڌي شاعري کي بيلنس ڪري ٿو پر وري به علم عروض وارو ماپو ڌارِيءَ ٻولي جو ماپو آهي، پر اسان کي اڄ يا سڀان وري به پنهنجي مٺڙي سنڌي لوڪ ورثي کي پنهنجي هر تخليق ۾ سمائڻو آهي ، جڏهن اسان جون خوبصورت سنڌي صنفون بيت ، وايون ، ڏوهيڙا، پنهنجي نرالي رنگ ۽ ڍنگ ۾ موجود آهن ته پوءِ اسان علم عروض واري ماپي جو ڇو محتاج ٿيون. هتي اهي ڳالهيون لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته ٿي سگهي ٿو ڪو وائي، يا ڇند وڌيا جو مها ڄاڻو اڳيان اچي ۽ اچي اسان اڻ ڄاڻن کي پنهنجي فارمولي، پنهنجي ماترائن، پنهنجي ڇند جي باري ۾ سيکاري ۽ سمجهائي، آخر ۾ دوست هن ساڌي ۽ سمپل وائي کي تمام خوبصورت نموني سان ڪمپوز ڪيو ۽ پنهنجي سُرن ۾ وکرايو محترم جانب علي بلاولي جو به ٿورو ضرور مڃندس ، جنهن جي ڪري هن رواجي شاعري  ۾ تمام پيارو ۽ خوبصورت رنگ ڀرجي ويو۔تنهنجي مهرباني جو منهنجي هن وائي وارو وڊيو کي هتي ونڊ ڪري مون تي وڏا وڙ ۽ وڏا ٿورا ڪيا۔
    تنهنجو دعاڳو
    نثاراحمد ناز
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ساجن منهنجو شرميلو !

    ادا غلام مرتضٰى وساڻ‌ ، شال جُڙيو هُجين، تنهنجون محبتي ڳالهيون ته ”وائي ڪا ڏات آ، ڪا لات آ، سنڌ جو آواز آ، محبت جو پيغام آ، عاشق جي صدا آ،“ دل ۾ گهر ڪري ويون۔ لک لائق مٺا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو