محترم حسام ميمڻ کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2009۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سنڌ سلامت جو ايڊيٽر هئڻ جي ناتي سان هي ناچيز، سنڌ فورم جي ايڊيٽر، برک ڪالم نگار، ۽ نئين ٽهيءَ جي شاعر ۽ نوجوان شفيق محترم حسام ميمڻ کي سنڌ سلامت فورم تي سڄي سنڌ سلامت سٿ پاران ڀليڪار چئي ٿو۔ ۽ ادا جي اڳيان هي محبتن ۽ چاهتن، ڀريا گل پيش ڪري ٿو۔ ۽ اميد رکي ٿو ته ادا پنهنجي ناياب لکڻين سان سنڌ سلامت فورم کي چار چنڊ لڳائيندا ۽ اسان اٻوجهه سنڌين کي بهتر کان بهترين ڄاڻ ڏيندا۔
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    هن دور جي بهترين ڪوي، سائين حسام ميمڻ کي هن ننڍڙي صفا پتڪڙي شاعر نثار ناز جو سلام۔ مٺا مون وٽ ٻيو ته ڪي به ڪينهي پر توهان سنڌ سلامت جي اڳڻ تي آيا۔ پنهنجي شاعري جو قربن ڀريو هڪڙو چارسٽو توهان جي نظر ٿو ڪريان
    سج ڪرڻن وانگر چمڪين شل
    رابيل گُلن جيان مهڪين شل
    مُرڪي مُرڪي ملندو آهين
    پيو ڀاءُ سدائين چهڪين شل​

    مٺا ڀلي ڪري آئين جي ڪري آئين۔ اسان مسڪينن جون اصل اکيون ٿڌيون ٿي ويون ۔ شال جُڙيو هُجين
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين حسام ميمڻ کي سنڌسلامت جي هن پيار ڀريي اڱڻ تي دلين جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ ادا حسام هتي پير ڀري آيو اسان جو اکيون ٿڌيون ٿيون، من ٺريو، محبت ڀريئي هن سنڌ سلامت فورم تي مان هڪ ننڍڙو رڪن آهيان، منهنجو ڪو ايڏو وڏو ڪردار ناهي، نه ڪوئي مان اهڙو ڪو ليکڪ آهيان، نه ڪوئي مان ڪو اديب، شاعر آهيان جو اوهان جو استقبال ڪنهن شاعري سان ڪريان، پر سائين مان هڪڙو ادني، حقير آهيان۔۔۔ مٺا اوهان جو هتي ڪهي اچڻ هن سنڌ سلامت جو ڀاڳ کلڻ جي برابر آهي۔۔۔۔ مان ته صرف اوهان جي آڌر ڀاءَ ۾ ايترو ئي چوندس:

    ڪيا احسان آکان تيڏي آواڻ دا
    لک لائق ڪتوني ليوي پاواڻ دا

    [​IMG]

    شال رب ڪريم هن سنڌ سلامت تي اوهان جو ۽ اسان سڀنين ساٿين جو ساٿ سلامت رکي۔۔۔ آمين shal judy hujeen
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
     
  5. حسام ميمڻ

    حسام ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جون 2009
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I think, write ,analyse the things and share
    ماڳ:
    Karachi
    چنڊ چوانٌ سچ۔۔۔!

    پيارا دوستو!
    مونکي اها ئي خبر هئي ته سنڌي ٻولي ۾ فقط هڪ ئي فورم آهي ۽ اهو آهي سنڌ فورم، انڪري مون ان کي ڏاڍو پسند ڪيو، مون جوائن ڪيو پر ڪجهه ذاتي مصروفيات جي ڪري تڪڙ ۾ ڪجهه شيئر ڪري نه سگهيس، پر پوٌءِ جڏهن اڪبر لاکو منهنجو "جوڳي" نظم کڻي پنهنجي فورم تي هلايو ۽ اهو پڪچر فارميٽ ۾ منهنجو ئي ڊزائين ڪيل هو، ڇو ته گرافڪس ڊزائينگ ۽ ويب ڊزائينگ جو ٿورو گهڻو شوق 2001 ۽ 2002 کان رهيو آهي۔
    مون \ايئن پئي سمجهيو ته فورم تي پڪچر رکي نٿي سگهجي، سچ اهو آهي ته ان وقت صحيح طرح فورم جو معائنو نه ڪيو هو۔ بهرحال پنهنجي ڊزائين ڪيل تصوير يعني جوڳي نظم ڏسي خوشي ٿي ۽ همت افزائي به ته دوست مان ڏين ٿا ، پوٌ سوچيو ته هاڻي ڪجهه نه ڪجهه هتي شيئر ڪبو۔ بس پوٌ دوست پڙهندا رهيا، مون ڪو ڦاڙهو ناهي ماريو ۽ نه ڪو وڏو معرڪو سر انجام ڏنو آهي، بس دل جيڪو محسوس ڪيو ۽ يا جيڪو سٺو لڳو آهي اهو لکيو ۽ شيئر ڪيو آهي۔
    اڳتي هلي ايئن ٿيو جو اڪبر لاکي چيو ته اوهان فورم جا ايڊيٽر ٿيو، پوٌ مون کيس جواب ڏنو ته ادا مان اڳ ئي خفن ۾ آهيان، پنهنجي شهر جو هڪ ياهو تي گروپ آهي اهو 2004 کان ماڊريٽ پيو ڪريان، فيس بوڪ تي ايڪٽو رهڻو ٿو پوي، ڪجهه ويب سائيٽس تي ڪم پيو ڪريان، هڪ ڪتاب به آهي تخليق ۽ ڪمپائليشن جو ڪم آهي، ٻچڙيوال آهيان، روزگار به ڪرڻو ٿو پوي، ڪراچي جهڙي اجگر شهر ۾ رهڻ هڪ چيلينج آهي، خير اهڙا ٻيا ڪيئي ڪم آهن جيڪي ڪرڻا ٿا پون ۽ روز ڪو نه ڪو مسئلو آهي ، هڪ جان ۽ هزارين ذميواريون ، بهرحال ، مون اڪبر جي پيار ڀري صلاح قبول ڪئي ۽ ڪم اڃان جاري آهي، اميد ته اهو ڪم جاري ئي رهندو، رات اڪبر ٻڌايو ته هڪ ٻيو فورم به نيٽ تي اچي ويو آهي، مون کائنس پڇيو ڪهڙو؟ ٻڌايائين ته سنڌ سلامت، مونکي ڳالهه وڻي، فورم ٺهندا ته هڪ چٽا ڀيٽي وارو ماحول پيدا ٿيندو ۽ نوجوان موٽيويٽ ٿيندا۔ سنڌي ۾ چوندا آهي ته وڌي واڙي لڳي ڀاڳ
    سو رات خيرن سان جوائن ڪيو انڪري ته هن فورم تي ڪهڙو ڪم پيو هلي، مونکي حقيقت ۾ ڪو فرق نظر نه آيو، هڪجهڙا ئي آهن، بس ڪجهه آپشنس جو فرق َآهي، باقي عنوان جام آهن، پر لکڻ وارن جي تمام گهڻي ضرورت آهي ، رڳو لکڻ به نه پر معياري لکڻ جو اسانجي سڄي سنڌ ۾ بحران آهي، پر جيڪي دوست به ڪوششون ڪن ٿا، هڪ ڏينهن پڪ اٿم ته ڪاميابي ماڻيندا۔
    جنهن وقت اڪبر لاکو مونکي ايڊيٽر ڪيو ان وقت نثار ناز صاحب به ايڊيٽر هو، چئبو ته سنڌ سلامت ۾ به سنڌ فورم جي ڪِريم آهي، اها خوشيٌ جي ڳالهه آهي، نثار جي شاعري مون سنڌ فورم ۾ پڙهي هئي، جيڪا سٺي لڳي هئي ۽ مون ڪمينٽ به ڪيو هو، نثار هتي ڪيئن آهي، هي گروپ ڪڏهن ٺهيو آهي، ان جي لاٌٌ هڪ الڳ پيج هسٽري ، تاريخ يا اتهاس جي نالي سان مک پيج تي رکيو وڃي ته بهتر، مان ساڳي صلاح اڪبر لاکو کي به ڏيان ٿو۔
    سنڌ سلامت اميد آهي ته هميشه سلامت رهندو، ۽ مونکي دلي خوشي ٿي آهي ته سنڌي دوست سنڌي ٻوليءَ لاٌءِ جاکوڙين پيا، اميد ته منزلون ماڻيندا ۽ جن دوستن به هن فورم کي جوائن ڪرڻ سان منهنجو ايڏو شانائتو آڌر ڀاءُ٪ ڪيو آهي، مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان، هي فورم به اسان سڀني جو آهي، مونکي ڪنهن جي ڪا ڌر ٿيڻ جو ڪڏهن شوق نه رهيو آهي، جتي به سنڌ لاٌءِ ڪم ٿيندو اسين ٻيو ڪجهه ڪري سگهون يا نه، پر ڳائينداسين ضرور، رهي ڳالهه هن فورم تي لکڻ جي، ته ضرور شيئر ڪبو، پر سنڌ فورم تي انڪري پهريان لکبو جو سنڌ فورم جي هڪ ذميوار عهدي تي آهيان، يعني دوستن دل ، مان ۽ شان سان هڪ ذميواري ڏني آهي، جيڪا ڪوشش ڪبي ته توڙ تائين نڀائجي، بلڪي مان اهو به عرض ڪندس ته نثار کي به سنڌ فورم تي لکڻ گهرجي، ڇو ته سڄو ڪم سنڌ لاٌءِ پيو ٿئي ان ڌرتيءَ تي ڪم ڪرڻ جي ڪري اسانجو نالو به قدرتي طور چمڪي ٿو، اميد ته منهنجي ڪنهن ڳالهه ڪنهن دوست کي رنجايو نه هوندو، جي ڪا دل آزاري ٿي به هجي ته معزرت۔
    سنڌ جي خوشگواريت
    امن، پيار ۽ شان ۽ مان جو
    دعاگو
    حسام ميمڻ
    ايڊيٽر سنڌ فورم
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا حسام اسان توهان کي پهرين حسام ميمڻ سنڌ جي هڪ بهترين شاعر جي حيثيت سان سنڌ سلامت تي ويلڪم ڪيو هو۔ اڄ وري مٺا سنڌ فورم جي ايڊيٽر جي مڃتا طور انتهائي محبتن سان هڪ ڀيرو وري توهان کي پنهنجي دل جي گهرائين سان ڀلي ڪار چئون ٿا۔ ۽ سنڌ فورم جو ايڊيٽر بنجڻ تي توهان کي کوڙ ساريون مُبارڪون ڏيون ٿا۔ ادا حسام توهان چيو آهي، جتي وڌيڪ فورم ٺهندا آهن اتي چٽاڀيٽي جو ماحول جُڙندو آهي، قسم سان توهان جا لکيل اهي جملا تمام گهڻي سوچ ۽ گهرائي جو اُهڃاڻ آهن۔ پر اسان وٽ شايد ان جو اُلٽو اثر ٿيو آهي، جيڪي دوست سنڌ فورم تي لکڻ وارا هُئا اهي به بلڪل توهان جيان ئي سوچ رکي سنڌ سلامت ۾ پوسٽون شيئر ڪرڻ لڳا، مگر حال اهو ٿيو جو ڪافي سارن سُٺن سنڌي دوستن کي بغير ڪنهن سبب ٻُڌائڻ جي سنڌ فورم تي بندش وڌي ويئي۔يا ڪنهن دوست کي رات جي پيٽ ۾ ايڊيٽر بنايو ويو، ۽ ان کي هڪ ڏينهن اندر وري هٽايو ويو۔ دوست سنڌ سلامت فورم جا سمورا ميمبر ذري گهٽ سنڌ فورم جا ليکڪ آهن، آخر ڪهڙو سبب آهي جو سنڌ فورم کان اهي دور ٿيندا وڃن، جيئن ته سنڌ سلامت فورم جي وڏي ائڊمن اسان جو ڀاءُ محترم عبدالرشيد ”سمون“ آهي، مُنهنجي ذات ڀي سمون آهي ٿي سگهي ٿو مُنهنجو رت ذات ڀائي وارو ڇڪ کائي ويو هُجي۔ جو سنڌ سلامت تي پهچي سنڌ فورم جي عام ميمبر کان پوءِ ايڊيٽر، پوءِ منتظم، پوءِ وري عام ميمبر، وري ايڊيٽر ان کانپوءِ سابق منتظم، ان کانپوءِ سابق ايڊيٽر سڏجڻ لڳو آهيان۔ مٺا اهي ڳالهيون مون لاءِ تمام ننڍيون آهن۔ سنڌ فورم اڃان به مون لاءِ پر سنڌ سلامت جي هر ميمبر لاءِ انتهائي اُتساهه جو مقام رکي ٿو۔ پر سنڌ سلامت اچڻ جي پاداش ۾ ڪافي دوستن تي سنڌ فورم لاءِ اعلانيه يا اڻ اعلانيه نو انٽري وارا بورڊ بورڊ لڳايا ويا آهن ۔ توهان يقين ڪندا مُنهنجي زندگيءَ جي تمام شاعري جو وڏي ۾ وڏو حصو سنڌ فورم تي آهي ۽ اها سنڌي قوم جي امانت آهي۔ اسان لاءِ سنڌ سلامت ۽ سنڌ فورم اسان جون ٻه اکيون آهن
    توهان چيو آهي ته نثار سنڌ فورم تي لکي ضرور لکندو ، ڇو ڪونه لکندو، پر هتي چٽاڀيٽي ڪنورٽ ٿيو وڃي رنجش ۾ جڏهن چٽاڀيٽيون ذاتي رنجشن ۾ تبديل ٿي وڃن اتي صحتمند معاشرو ڀلا ڪيئن پروان چڙهندو۔
    الله سائين توهان کي آباد رکي توهان جي خوبصورت شاعريءَ جو انتظار رهندو اسان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي۔ مهرباني ادا حسام
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين حسام ميمڻ صاحب، اوهان سنڌ فورم جا ايڊيٽر آهيو، اهو اسان جي لاءِ وڏو قابلِ احترم هوندو جو اوهان جهڙي نيڪ صفت انسان پنهنجي دل جي ڳالهه هن سنڌ سلامت تي واضع ڪئي آهي۔۔۔۔ سائين نثار احمد ناز جي ريپلائي کان مان 100 فيصد متفق آهيان ته، جيڪي لفظ سائين پنهنجي ريپلائي ۾ لکيا آهن مون انهن کي نمايان ڪيو آهي۔۔۔۔ مان پهريان به اوهان کي عرض ڪري چڪو آهيان سائين مان هڪ ننڍڙو رڪن آهيان۔۔۔۔ جيڪو پهريان سنڌ فورم تي آيو هيس۔۔۔ جنهن جو به ادا عبدالرشيد سمون صاحب مونکي فون ڪري ٻڌايو هو۔ پر سائين انهي ۾ ڪيتري قدر حقيقت ته آ ته سنڌ فورم تي اسان کي ڪنهن وجه سان يا ڪنهن اڻبڻت جي ڪري ڪڍيو ويو آ۔۔۔۔ سنڌ فورم هجي يا سنڌ سلامت۔۔۔۔ پر سنڌ سان پنهنجو سر لڳي پر ادا حسام چوندا آهن ته يار سڪن پٺيان سوا به سڙي ويندا آهن الائي ڪهڙين ڳالهين جي ڪري اسان جهڙي اڻ ڄاڻ ماڻهن کي به سنڌ فورم تان لاگ ان ٿيڻ وارو حق کسي ورتو ويو آهي۔۔۔ اوهان ڪهڙن سنڌين جي ڳالهه ٿا ڪيو جيڪي هڪ سنڌي کي پنهنجي فورم تي لاگ ان ٿيڻ نه ڏيئي،، اها اسان جي لاءِ نهايت ئي افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان پنهنجو پاڻ کي سنڌي چوندا آهيون پر سائين سنڌي ته وڏا مهمان نواز هوندا آهن پر سائين ان کان هٽي ڪري، مان ته ڪو مهمان ته نه هيس مان به هڪ نج سنڌي آهيان اهو فورم ته منهنجو به هيو،،، نه صرف ڪنهن محدود ماڻهن تائين۔۔۔ بلڪ سائين ڳالهه کي کٽائڻو اسان اڄ به روز مهمان طور تي سنڌ فورم جي وزٽ ڪندا رهندا آهيو۔۔ اسان جو سکيا گهر اهو پهريو سنڌي فورم آ۔۔۔ اسان کي سنڌ فورم سان نه پر سنڌ فورم جي ايڊمن کان ايتري التجا آ ته مون تي بين هڻڻ جو ڪو سبب ته ٻڌائي ته مان سائين جن ڪو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هئو۔۔۔ باقي مون سائين سنڌ فورم جي ايڊمن کي اي ميل به ڪيو هئو جنهن جو انهن جواب ڏيڻ مناسب نه سمجهيو آ۔۔۔۔۔


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  8. حسام ميمڻ

    حسام ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جون 2009
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I think, write ,analyse the things and share
    ماڳ:
    Karachi
    ڪر ڪا ڳالهه ڳنڍڻ جي ، يار ڇنڻ ۾ ڇاهي

    پيارا دوستو!
    اوهان ايترو پيار ۽ مان ڏنو آهي اها اوهاجي مهرباني آهي. مان دل جي گهرائي$ سان اوهان جي ترقي ۽ واڌاري لا دعا ڪريان ٿو. مون وٽ لفظ ناهن بس اها شي محسوس ٿئي ٿي ته اوهان جي دل ۾ ڇپيل درد آهي جيڪو لفظن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. مان بس ايترو چوندس، جيڪو گذري ويو سو ماضي هو، جيڪو ٿيو اهو وساري سڀ دوست کير ۽ کنڊ ٿيو ته مان ايئن سمجهندس ته اوهان نه رڳو فورمن جي ڪاميابي آهي، پر هڪ بهترين روايت به ٿيندي.
    دوستو! مان بس ايترو چوندس ته سنڌ ائين ڀاڱا ڀاڱا ٿيندي ته پو سنڌ جي مالڪي ڪيئن ٿيندي، مڃوسي انٽرنيٽ جي دنيا آهي، دوست آهستي آهستي جوائن ڪرن پيا، جي اهڙا رنج ۽ ڏک ويهي ڪبا ته نوان ٿيندڙ ميمبر به هڪ جي ٻي معني ڪڍندا يا وري ڀڄي ويندا.
    مان چاهيان ٿو ته هڪٻئي ڏانهن هڪ نئين وک وڌائجي، لطيف سائين جو هڪ بيت آهي ته؛
    پاڻ ئي ايندو هوت، ڪجهه تون به اڳڀري ٿي
    سو دوستو! ماضي کي وساري ڀلا نئين وک کڻڻ ۾ ڪهڙو نقصان آهي، زندگي آهي، انائون، ڪرود، رنجشون ، ڏک اهي سڀ شيون ٿينديون رهنديون آهي، بقول لطيف سائين جي "؛
    ڏک سکن جي سونهن
    مان اوهان ڏانهن وک وڌائي آهي ته جيئن سنڌ گڏجي، اميد ته هاڻي دوست مان ڏيندا ، ڀلي هر ڪو اڪيلو اڪيلو ڪم ڪري، محنت ڪري، پر دل ۾ ڪو درد نه هجي، مان چاهيان ٿو ته سڀ شڪايتون هاڻ ختم ڪري هڪ نيئين دور جي ابتدا ڪجي، جنهن ۾ سهپ ۽ رواداري هجي.
    اڪبر به سٺو ماڻهو آهي ۽ نثار سائين به، سمورا دوست مون لا برابر آهن، اميد ته دوست هاڻي انهن ڳالهين کي اتي ئي ختم ڪري هڪ نئين روايت کي جنم ڏيندا، اسين سڀ هڪٻئي جي مدد تحت ئي مضبوط ٿينداسين ۽ ڌرتي جي درد تي گڌجي سڏجي ماتم به ڪنداسين، نوحا به لکنداسين، ۽ خوشين جا گيت به!
    سنڌ دوست سنڌ سلامت زنده آباد
    اوهان جي دعاگو
    حسام ميمڻ
    ايڊيٽر سنڌ فورم
    16 جون 2009
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترم سائين حسام ميمڻ صاحب توهان سنڌ سلامت جهڙي ننڍڙي اڱڻ تي آيا توهان جا لک لائق...
    توهان جي لاجواب لکڻين جو مان توهان جي سنڌ فورم تي اچڻ کان اڳ ئي فين آهيان.. سنڌ سلامت اچي سچي به توهان هتان جي سونهن ۾ اضافو آڻي ڇڏيو....
    هر ڊپارٽمينٽ ۾ ترقي جا ڏاڪا هوندا آهن سنڌ فورم تي توهان سائين نثار ناز کي ايڊيٽر ڏٺو پر اسان ته مٿي لکيل سائين نثار ناز جي جواب ۾ موجود سائين جي هر عهدي کي ڏٺو...
    مٿي ڳاڙهو رنگ ڏنل اقتباس ۾ توهان جي سوال تي حيرت ٿي... گڏ اهو ساڳيو سوال توهان لاءِ به ذهن ۾ آيو...
    ادا هي فورم سڀني سنڌين جو آهي ۽ هر سنڌي کي حق آهي ته هتي اچي پنهنجي ڀلوڙ لکڻين ۽ ويچارن کي لفظن جا روپ ڏئي دوستن کان داد تحسين وٺڻ جو مستحق ٿئي...
    باقي رهيو گروپ جو سوال ته توهان جهڙي معتبر شخصيت اهي لفظ ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي لکيا هوندا... سنڌ سلامت تي موجود سمورا ساٿي دنيا جي مختلف هنڌن تان هڪ پليٽ فارم اچي سنڌي زبان جي لاءِ ڪوشان آهن ته انهن جي هڪ جڳهه تي گڏجڻ کي ڪهڙو گروپ چئجي ۽ ان بابت ڇو ڪنهن الڳ پني جو هجڻ ضروري آهي... ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي...
    ادا توهان سنڌ ادب جا موتي آهيو توهان کي پورو پورو حق آهي ته پنهنجيون لکڻيون هر جڳهه تي موڪلي سگهو ٿا... ان جي لاءِ ڪنهن عهدي جو هجڻ نه هجڻ ڪو شرط نه هجي... سنڌ سلامت جو هر صفحو توهان جي لکڻين لاءِ حاضر آهي...
    اميد ته هڪ ذميدار فرد جي حيثيت سان فورمن تي سنڌي ۾ پنهنجي ڀلوڙ لکڻين کي جاري رکندا
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا فقير... سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ...
    ادا وهاب جي طرفان سائين حسام ميمڻ کي ڀليڪار ڏيڻ واري هن تحرير توهان جي جواب کي توهان جي زور ڀرڻ کان پوءِ نه ڊاهيو ويو آهي ۽ نه وري ان ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي... پر في الحال توهان جي جواب کي لڪايو ويو آهي... سنڌ سلامت جي انتظاميه جا رڪن توهان جي تحرير کي پڙهي سگهن ٿا... جيڪڏهن انهن ذميدار رڪنن مان ڪنهن مناسب سمجهيو ته توهان کي ذاتي ميسيج ڪري جواب ۾ ترميم ڪرڻ جي اجازت وٺي توهان جي تحرير کي ظاهر ڪندا...
    باقي ادا سنڌ سلامت فورم کي ته انتهائي فخر آهي ته توهان جهڙي سوچ رکندڙ ۽ ادا حسام جهڙا بهترين اديب فورم تي موجود آهن...
    سنڌ سلامت فورم پنهنجي مٺڙي سنڌ وانگر هر سنڌي جو آهي... هتي هر سنڌي پنهنجي ڀلوڙ لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو آڻي سگهي ٿو...
    فورم جوائين ڪرڻ لاءِ توهان جا لک لائق
     
  11. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    سائين حسام ميمڻ صاحب توهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا.
    سائين توهان منهنجي جواب کي غلط نه سمجهجو،
    سائين نثار ناز جي اها پنهنجي محنت آهي جنهن جو ڦل سائين کي ملي پيو، باقي رهي ڳالھ ته سنڌ سلامت تي سنڌ فورم جي ڪابه اهڙي ڪريم نه آهي،
    سائين توهان ته ڄاڻيو ٿا ته پنج هي آڱريون هڪ جهڙيون نه آهن هونديون،
    يعني سنڌ سلامت جي انتظاميه سنڌ فورم جي آئڊمن صاحب جهڙي سوچ نه پئي رکي جو بنا ڪنهن سبب ڪنهن دوستن کي بين لڳائي.
    اميد آهي ته توهان منهنجي ڳالهين کي غلط نه وٺندا، اگر منهنجي ڳالهين مان توهان جي دل کي رنجائش پهتي هجي ته مان تون کا معزرت ٿو وٺان.

    sindhsalamatsaathsal
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا عامر مان توهان سان متفق آهيان
     
  13. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    مهرباني ادا
     
  14. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
  15. حسام ميمڻ

    حسام ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جون 2009
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I think, write ,analyse the things and share
    ماڳ:
    Karachi
    منتظم اعلي
    رشيد سمو صاحب!
    اوهان دوستن جو مون وٽ احترام آهي، جو اوهان احترام ۽ عزت ڏيو ٿا، مونکي اهو سٺونه لڳو ته اوهان دوست هڪٻئي کان ناراض هجو، پر اوهان اگر "ناراض رهڻ جو طئه ڪري ويٺا آهيو ته اوهان پنهنجي دل جا راڻا آهيو.
    باقي مان پنهجي زندگي ۾ داڍو سيلف ميڊ رهيو آهيان، اهو ئي ڪندو آهيان جيڪا دل چوندي آهي، مونکي سٺو نه لڳو ته اوهان دوست پاڻ ۾ ناراض رهو ، انڪري مون اڪبر کي به سمجهايو ۽ اوهان دوستن کي به عرض ڪيو، مون واري پيغام ٻيهر پڙهي ڏسو ادا ، ۽ پاڻ وار پيغام به، نه منهنجو ڪو اوهان ۾ مفاد آهي نه ڪو اڪبر ۾، ۽ نه ڪو مان ڪڏهن عهدي لا ضرورت محسوس ڪئي آهي . دوست پو اهو اڪبر هجي يا اوهان، جيڪو به عزت ڏيندو ته ظاهر آهي اهو موٽ ۾ عزت ۽ پيار ئي وٺندو. دنيا ڏي وٺ جي آهي ادا!
    باقي اوهان هڪ ٻاراڻي ليول واري ڳالهه ڪري ڏک ڏنو ته مان اهو ڪجهه ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي لکيو هوندو، اهڙو ڪم پاڻ پيسن ۾ ئي ڪون ڪيون ته پو ڀلا مفت ۾ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي!
    پاڻ جهڙن جهٽن ۽ محاذ آرائي مان ڪون ڄاڻو ادا، مان وري ورجايا ڳالهه ته نه ڪو اوهان ۾ مفاد آهي نه اڪبر ۾، انڪري اهڙيون ڳالهيو لکي ڪري ڳالهه کي ڳالهوڙو نه بڻايو ، پنهجي فورم جي معيار تي ڌيان ڏيو، سنڌ تي ۽ ان سان ٿيندڙ زيادين تي ڌيان ڏيو، نڪي ذاتي ڪاروائي.
    منهنجو ڪنهن سان به ڪو لهڻو ليکو نه آهي ادا، هي ميدان پيو اٿو، اڪبر ڄاڻي ۽ اوهان، منهجو ڪم جيڪو هيو پيار جو پيغام ڏيڻ، اهو اوهان کي نه وڻيو ته ڀلا مان وڌيڪ ڇا ٿو ڪري سگهان.
    مان رڳو اوهان کان اهو ٿو پڇان ته اها روايت آخر ڪيستائين هلندي ته ڪير ٺاهرائي يا حق جي ڳالهه ڪري ته ان کي به ماڻهو غلط سلط ڳالهيون ڪري بدظن ڪيو وڃي. مان اوهان کي آخر ۾ رڳو پيار ڀري اها صلاح ٿو ڏيان ته ادا جهيڙن ۽ محاذ آرائين ۾ ڪجهه نه رکيو آهي، صلاحيتن جو ذيان آهي ٻيو ڪجهه به نه آهي.
    ٿي سگهي ٿو ڪي لفظ يا جملا سخت نڪري ويا هجن، ضرور اوهان غلط ڳالهه ڪندا ته ڏک ته ٿيندو نه، باقي اسين هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪريون ته ادا وڙهن سان ۽ لتاڙجن ٻوڙا واري سلسلي کي هاڻي ختم ڪرڻ گهرجي.
    اوهان مان هڪ سٺي روايت جي اميد رکي مان اوهان دوستن کي عرض ڪيو ته ٻيلي پاڻ ۾ سڀ ٺهي هلو ٻيو ڪجهه به نه هو، باقي مان ايڊيٽر ڪيئن ٿيس اهو ته مون پهرين اي ميل ۾ ئي لکيو هو، منهنجو ڪم بس ڪم ڪرڻ آهي، پو ڪٿي به اسپيس ملي، بس دل چوندي آهي ته دوستن سان شيئر ڪجي ، مان ڪنهجي جي به ذاتي مامري جو شڪار ٿيڻ نٿو چاهيان، انڪري اڪبر سان جي اوهان جو ڪو تڪرار آهي ته ادا اهو پاڻ ڄاڻو، ٺيڪ آهي، آئينده اوهان کي ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪبي جنهن ۾ چئجي ته ادا ٻڌي ۾ اتحاد آهي.
    دل ۾ نه ڪجو ادا مان ڏاڍو اسٽريٽ فارورڊ ماڻهو آهيان، انڪري ڳالهه سڌي ڪئي، نه ته آئون اهڙن سلسلن ۾ حصو ڪڏهن نه ورتو آهي، نه اڳتي وٺبو، جتي رهو خوش رهو، سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه پاڻ وٽ نه رهي آهي نه رهندي، اوهان يقينن دل جي گهراين سان آڌر ڀا ڪيو، ان لا لک ٿورا، يقين ڪريو ته اوهان جي مون وٽ وڏي عزت ث احترام آهي ۽ يقينن رهندو،
    جيئي سنڌ
    سدائين گڏ
    سنڌ سلامت
    اوهان جو دعاڳو
    حسام ميمڻ
    سنڌ فورم جو ايڊيٽر انڪري نٿو لکان جو اوهان کي سٺو نٿو لڳي
     
  16. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    ادا توهان جي ڳالھ صحيح آهي، پر مان نٿو سمجھي سگھان ته ان ڳالهين سان سڀ دوست اڪبر لاکي کي معاف ڪري ڇڏيندا،
    جيسيتائين اڪبر سڀ دوستن کان هت اچي معافي نه ٿو وٺي تيستائين ڪجھ نه ٿو ٿي سگھي ڇو جو هن ڪنهن سان نه گھٽايو آهي،
    توهان سوچي رهندا هوندا ته مان توهان سان ايترو بحث ڇو ڪري رهيو آهيان، ادا مان به هڪ رڪن اُن لسٽ ۾ آهيان جنهن لسٽ ۾ بين لڳل دوستن جا نالا آهن، نه ڏوھ نه ثواب بنا ڪنهن ڳالھ جي بين ڪرڻ توهان سمجھي ٿا سگھو ته ڪيترو غلط فيصلو آهي، منهنجو ڏوھ اِهو هو ته مان ادا رشيد سان گڏ ڪم ڪيو. . . . . .
    اهي دوست تڏهن واپس سنڌ فورم تي اچي ٿا سگھن جيستائين اڪبر لاکو هت اچي معافي نه ٿو وٺي،
    هر هڪ انسان کي پنهنجي عزت جو خيال هوندو آهي، بس توهان اسان دوستن کي ايترو ٻڌائيندا ته جيڪڏهن توهان تي اهو ڏينهن اچي ته توهان ڇا ڪندا ?
    توهان جي جواب جو انتظار رهندو. . . . . .
    sindhsalamatsaathsal
     
  17. فقير

    فقير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2009
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ميڏا ڀرا تيڪون سنڌ سلامت دي اڱڻ تي خوش آمديد.
    ميڏا ڀرا ڳالهه ته تيڏي ٺيڪ اي هن پرين، ٻي ڳالهه ته مٺا محبت ڏيسو ته محبت ڏيسون ساڏا اصول اي، ميڏا ڀرا سنڌ سلامت تي تون آيا هين باقي تيڪون وڃڻ ڪونا ڏيسون اپڻي فقيران ڪون گهن ڪني تيڏي در تي امسان تيڪون منتان ڪريسان. مٺا سنڌ فورم ته ساڏي جان اي پر پرين سنڌ فورم دي ٽيم والا وڏا ڪيون لوڪان ڪون دي در بند ڪرڪني ولا ڪول ڏيندا اي. اها ڳالهه ميڪون سمجهه نه آئي.
     
  18. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    سائين تسان asul matt
     
  19. حسام ميمڻ

    حسام ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جون 2009
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I think, write ,analyse the things and share
    ماڳ:
    Karachi
    محترم دوستو!
    اڪبر لاکو جي ڪو ايڏو وڏو گناه ڪيو آهي ته پو ته کيس معافي وٺڻ گهرجي، پر مان اهو نوٽ ڪيو آهي ته اوهان دوست به جذباتي آهيو، هونئن هڪ ڳالهه ڪيان ته جي ايڊيٽر يا ايڊمن ڪنهن جو خط، پٽ نه هلائي ته ان کي ايئن ٿوري چئبو آهي ته هاڻي جيستائين ايڊيٽر اچي پيرن تي ڪري ۽ معافي وٺي، تيستائين دشمني برقرار رهندي، مون اڪبر کان پڇيو به نه هو ته مان ڇا پيو لکان سنڌ سلامت تي، پر هڪ دوست چيو ته اهو به ڪنهن جي چوڻ تي لکيو ويو هوندو، اها جذباتيت ناهي ته ٻيو ڇا آهي. ايڊيٽر کي پورو حق آهي ته هو هڪ پاليسي کي فالو ڪري، پر جي هو رڳو ٻين جي ٻڌي ته پو ايڊٽر ته نه ٿيو اهو ڪجهه ٻيو ٿيو.
    خير مان هٿ ٻڌي معافي ٿو وٺان ته ادا جي اوهان کي ناهي ٺهڻو ته نه ٺهو، باقي اهي معافيون اڪبر اوهان کان وٺي يا نه، ان سان منهنجو ڪو سروڪار نه آهي، مطلب ته مان هاڻي وڌيڪ ان موضوع تي ڳالهائڻ نٿو چاهيان، مان دشمنيون پاڙڻ وارو ماڻهو ناهيان ادا!
    بس مونکان غلطي ٿي وئي آئون ٿو معافي وٺان ادا، هاڻي پنهنجون دشمنيون پاڻ وٽ رکو، منهنجي ذاتي اها ڪوشش رهندي آهي ته ماڻهو علمي اختلاف ڪري ، بجا اهڙن فضول بحثن جي، سو اوهان جو پرسنل پرابلم آهي، اوهان پاڻ ڄاڻو ادا، باقي دنيا ان ناداني تي چڱي نگاه سان ڪونه ڏسندي، ڀلي اوهان اهو ڪري ڏسو، مان پنهجي هڪ شي موڪليان ٿو اها پڙهو باقي منهنجي طرفان هي بحث هتي ختم، روز ان شي تي ڳالهائڻ اسان جي وس جي ڳالهه ناهي.
    آخري ڳالهه ڪيان ته سهپ دنيا جي وڏي شي آهي ۽ معاف ڪرڻ بهترين شي، وڌيڪ اوهان جي مرضي، اوهان ڏي به خير، اسان ڏي به خير
    پنهنجو خيال رکو
     
  20. حسام ميمڻ

    حسام ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جون 2009
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I think, write ,analyse the things and share
    ماڳ:
    Karachi
    دوستو ناراض نه ٿجو، ننڍيون وڏيو ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهي، پوي سڀان پرينهن مونکي چوندا ته حسام هيئن ڪيو انڪري در تي اچي پيرين پئي معافي وٺي، پو ڪنهن ٻئي کي چوندا، پو ته گاڏي نه هلندي ادا، اهو به سٺي زماني جي سامهون چئو، اهو مناسب نه ادا. لطيف سائين جو هڪ بيت آهي ته؛
    تاڃي توريائون ته عيب ، نڪتا اڳيان
    ڪوٺي ڪاپائتي کي، پَرِ ۾ پڇيائون
    چي اگلڙي آئون، مونکان ڀڙا ڀڳا نه ٿيا

    يعني سُٽ ڪتيندڙ عورت کي سُٽ ڪتڻ نه آيو، پو صراف ڇا ڪيو جو "ڪوٺي ڪاپائتي کي پر ۾ پڇيائون يعني سٽ ڪتيندڙ عورت کي سڀني جي سامهون نه چيو صراف، ان سٽ ڪتيندڙ کي پري اڪيلائي ۾ پڃي چيو، پو سٽ ڪتيندڙ کيس چيو ته مونکي اڃا ايتري ڄاڻ نه آهي انڪري مونکان ڀڙا ڀڳا نه ٿيا ، سو اهو آهي اصل ڪلچر، جيڪو لطيف سائين ٻڌائي ٿو.
    جي اڄ سنڌ اهو ڪلچر اپنائي ته ڪرود هوند ختم ٿي وڃي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو