ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو، ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ۔
    دوستو هڪڙي مهان اردو شاعر جو هي شعر سدائين منهنجي ڪمزوري رهيو آهي ته
    ڪيا حال پوڇتي هو ميري ڪاروبار ڪا،
    انڌون ڪي شهر ۾ آئيني بيچتا هُون۔۔۔۔۔۔۔؟​

    دوستو جيڪو غزل تصويري صورت ۾ توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان انهيءَ غزل جي مطلعي جي شعر جي ٻي سٽ ۾ مان انهي مٿيئن لاجواب شعر کان سورهان آنا متاثر آهيان، هينئر ويجهڙائي ۾ اهو غزل سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۾ اصلاح لاءِ پيش ڪيو، ته هڪڙي شاعر بجاءِ منهنجي انهيءَ غزل تي اصلاح ڪرڻ جي، ۽ ٽيڪنيڪي حوالي سان تعمير ڪرڻ جي ڊائريڪٽ مون تي الزام مڙهيو ته ته اهو غزل تخليق ڪري مون انهيءَ اردو شعر مان چوري ڪئي آهي، حالانڪه جڏهن مون اهو غزل لکت ۾ جڏهن اتي پيش ڪيو هو ته انهيءَ ڪاغذ جي هڪڙي پاسي واضح لکي ڇڏيو هو ته منهنجي هن غزل جي مطلع جي ٻي سٽ ۾ ، آئون اردو واري شعر انڌون ڪي شهر ۾ آئيني بيچتا هون کان متاثر آهيان۔ خير وڏا بحث ٿيا، ڪنهن چيو ته ناز کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ته وري ڪنهن چيو ته بهترين غزل آهي، سڀئي جذبات ۾ ڀريل هُئا، مزي جهڙي ڳالهه ته ڪنهن کي به انهي ڪاغذ تي لکيل هڪڙي پاسي تي منهنجي متاثر ٿيڻ واري ڳالهه نظر ڪانه آئي، جڏهن دستور موجب منهنجو غزل صرف ذاتي تنقيد ۽ واهه واهه بهترين واري روايتي همت افزائي کان نڪري مونکي انهي ذاتي تنقيد جو جواب ۽ همت افزائي جي شڪريه ادائگي لاءِ مون وٽ آيو ته ، مون سڀني دوستن کي انهي غزل واري ڪاغذ تي پنهنجي حاشيه تي لکيل تحرير ڏيکاري چيو ته ڪافي سارن شاعرن بجاءِ منهنجي هن غزل جي تعمير ڪرڻ جي مونکي چور خبر ناهي ڇا ڇا جا خطاب ڏنا،جڏهن ته مان اڳ ۾ ئي هتي لکي ڇڏيو هو ته منهنجي هن غزل جي مطلع جي ٻي سٽ ۾ مان انهيءَ اردو شعر کان متاثر آهيان، جڏهن مون ايڊوانس ۾ انهي ڳالهه جو اعتراف ڪري ڇڏيو ته مان متاثر آهيان ته پوءِ مونکي چور جهڙي لفظ سان نوازڻ بي واجبي آهي.۽ دنيا جا جيڪي به وڏا وڏا شاعر هوندا هُئا ، يا اڃان تائين آهن پنهنجي ڀر پاسي ۾ رهندڙ شاعرن جي ڪنهن ڪنهن تخليق کان متاثر هوندا هُئا، جو هُو سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح سان پنهنجي تخليق ۾ انهي تخليق جو ڪو هڪڙو لفظ ، ڪو هڪڙو اسم ڪو هڪڙو نقطو جنهن کان هو متاثر هوندا هُئا بلڪل آڻيندا هُئا، شاهه سائين پڻ پاڻ کان اڳ واري شاعر دوهي واري شاعر ڪبير ڀڳت جي دوهي کان متاثر هُئا، ڪبير ڀڳت جو هڪ دوهو هو ته ڪاگا سڀ تن کايو، چُن چُن کايو ماس، دو نينان مت کايو انهين پيا ملن کي آس، شاهه سائين به پنهنجي لازوال بيت ۾ ڪانگ کي هنيون هٿن ۾ ڏيو چوي ٿو منهنجي محبوبن جي اڳيان اهو هينيون وڃي کائج ۽ انهي کي سلام ڏجان ته اها هينئن واري قرباني ڪنهن ڏني، اڃا ڪالهه سنڌي شاعري جي خوبصورت ترين شاعر، محترم امداد حسيني جو ڪتاب منهنجي مطالعي هيٺ آيو، جنهن ۾ امدا حسيني صفحي نمبر 261 تي پنهنجي لکيل ڪافي “ٻيو ڇا هي ڙِي” ۾ حاشئي تي واضح لکيو آهي ته هي شاعري، مشهور سنڌي شاعر زمان شاهه جي لازوال ڪافي ، جنهن سان دلڙي لڳي تنهن کان ڌارٿيڻ اهو ناهي مرڻ ٻيو ڇا هي ڙِي کان متاثر ٿي لکي آهي، سڀني دوستن جي دلچسپي لاءِ امداد حُسيني جي اُها ڪافي جا چند بند جيڪا هُن متاثر ٿي لکي آهي اهي به ونڊ ڪري ٿو ڇڏيان۔
    هڪڙي لمحي لاءِ اچڻ، اهو ناهي جيڻ ٻيو ڇا هي ڙِي!
    ۽ ٻي لمحي هليو وڃڻ، اهو ناهي مرڻ ٻيو ڇا هي ڙِي !

    ڪئن رات اُماس اُڪاريم، ڪئن ڏونگر جهڙو ڏينهن گذاريم،
    حال ڏيڻ نه حوال وٺڻ، اهو ناهي رُسڻ ٻيو ڇا هي ڙِي !

    سِٽَ سٽ ڄڻ سنگين هُجي ۽ پنو رت سين رنگين هُجي،
    مُڇيل آڱرين سان به لکڻ، اهو ناهي لکڻ ٻيو ڇاهي ڙي!
    (امداد حُسيني)​

    حالانڪه سواءِ ڪافيئي لکڻ جيئڻ، مرڻ جيئن ۽ رديف ڇاهي ڙي کان سواءِ امداد جي هي ڪافي ڀلوڙ شاعر زمان شاهه جي ڪافي کان پنهنجي سوچ، پنهنجي فڪر، پنهنجي ڏانءُ سميت ڪافي مختلف آهي۔ پر شابس هُجي سائين امداد حُسيني کي جنهن پنهنجي وڏ ماڻهپي واري خيالات جو اظهار پنهنجي ڪتاب هوا جي سامهون جي صُفحي نمبر 261 تي متاثر ٿيڻ واري ڳالهه لکي ڪيو آهي۔ ساٿيو، بلڪل منهنجو هي غزل به اردو واري شعر جي فڪر، ۽ ڏان ءُ کان هڪ هزار دفعا مختلف آهي، پر اهو منهنجو فرض هو ته متاثر ٿيڻ واري ڳالهه لکي ، پنهنجي ضمير جي آواز کي لبيڪ چوان۔ دوستو هاڻي اچان ٿو سنڌي ادبي سنگت واري انهي گڏجاڻي جي صدارت ڪندڙ انهي شاعر جي راءِ طرف جنهن منهنجي هن غزل تي پنهنجي خوبصورت راءِ ڏيندي چيو ته نثار ناز جي هن غزل کي پڙهي ۽ نثار ناز جي وضاحت کان پوءِ انهي ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه هُئڻ کپي ته نثار ناز جو هي غزل پڙهي آئون دل سان چوان ٿو، ته ڪيا حال پوڇتي هو تم ميري ڪاروبار ڪا ، انڌون ڪي شهر ۾ آئيني بيچتا هون واري فڪر کان ڪافي سگهارو آهي، اردو جو ته صرف هڪڙو شعر آهي، پر نثار ناز هن غزل جي هر بند ۾ ماحول ۾ ٿيندڙ هر ظلم ۽ ناانصافي کي ايڪسپوز ڪيو آهي، دوستو منهنجو هتي اهو مقصد قطئي ڪونهي ته ڪو منهنجي شاعري پڙهي صرف واهه واهه ڪري، پر مان ته هميشهه اهو چاهيندو آهيان تو ڪو سنڌي دوست سنڌي ڏاهو بڻجي منهنجي هر شاعريءَ جي تعميري ڇنڊ ڇاڻ ڪري، تعميري تنقيد ڪري، ته جيئن مون جهڙو اڻ ڄاڻ ماڻهو، جيڪو سدائين پاڻ کي ٽي درجي وارو شاعر سڏائيندو آهي جي ڄاڻ ۾ اظافو ٿئي، ان کان علاوه هي جي آئون وڏي وڏي تمهيد لکندو آهيان ته هرڪو سنڌي دوست لکڻ جو ڏانءُ سکي، واهه واهه بهترين آهي وارن روايتي جملن کان ٻاهر نڪري۔ دوستو ڪوبه هن دنيا جو ماڻهو تنقيد کان بالاتر ڪونهي، دوستو تنقيد کان بالا تر صرف الله تبارڪ تعالى جي بابرڪت ذات آهي، هرو ڀرو ڪير تعريف وارا ٻٽي لکي اهو به اهڙي انداز سان ڪري جنهن ۾ خوبصورت لفظن جي مالا جُڙيل هُجي، دوستو واهه واهه بهترين آهي کان هٽي ڪري توهان غور ڪندا ته انيڪ منهنجي پياري ٻوليءَ سنڌي جا لفظ توهان کي نظر ايندا، جن کي لکي توهان پنهنجي ننڍڙن ليکن سان پنهنجي راين سان انصاف ڪري سگهو ٿا۔ هاڻي پيش آهي اهو غزل جنهن جي ايڏي وڏي تمهيد لکي توهان دوستن جو ڪافي سارو وقت ورتو اٿم۔
    پنهنجي غزل ” ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وۡڪڻُون“ جي ڪمپيوٽر چترڪاري​

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

    سائين نثار۔۔۔ ! بس ماٺ ڀلي آهي۔۔ توهان جن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي انهن جي سنڌ ۾ ڪمي ڪانهي۔۔ منهنجي خيال ۾ ته اڄ ڪلهه سڀ کان سولو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي جيڪا تنقيد انهن ماڻهن توهان جي اهڙي پياري غزل تي مختلف الزامن سان ڪئي، اها تنقيد انهن پنهنجي معلومات ڏيکارڻ ۽ پنهنجو علم ڏيکارڻ‌لاءِ‌ڪئي توهان کي هيٺانهون ڏيکارڻ‌لاءِ‌اها تنقيد ڪئي۔۔
    توهان جي هي شاعري به توهان جي هر پيش‌ڪيل ونڊ وانگر زبردست ترين آهي۔۔۔ هن ۾ توهان معاشري جو درد سٺي نموني ڏسايو آهي۔۔ الله توهان جي قلم ۾ اڃان تاثير ڏئي۔۔۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

    سائين اسان اڃان سکڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون۔
    اسان دوست جي همٿ افزائي ڪرڻ جي لا جيڪي لفظ من ۾ هوندا آهن دوستن کي چوندا آهيون۔
    مست چواڻي ته هتي تنقيد ڪرڻ وارن جي کوٽ ڪانهي،باقي پاڻ کي سچ پڇو ته اڃان سنڌي به لکڻ ڪان ٿي اچي۔
    اسان وڏا نصيبن وارا آهيون جو اسان کي اوهان جهڙيون انمول شخصيتون ملون آهن،
    باقي اوهان جي شاعري (اُهي ئي روائتي جملا) تمام بهترين آهي،سان ڪندم۔
     
  4. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

    سائين نثار صاحب، تمام سٺو غزل آهي، تمام فڪر انگيز، باقي رهي تنقيد،اگر اها برا اصلاح آهي ته اهو ادبي محفلن جو حسن آهي، ادبي سنگت جي گڏجاڻي هڪ ادارو آهي، جتي ٿيندڙ ٽيڪا ٽپڻي، ۽ بحث مباحثا نه هجن ها ته جيڪر اڄ سنڌي شاعري موجوده مقام تي نه هجي ها! پر جيڪڏهن تنقيد برا تنقيد آهي، ته به مايوس نه ٿيو، ان تنقيد کان نه ڀٽائي بچيو، نه اياز ۔ جڏهن ماڻهن چيو ته ڀٽائي شاعر آهي ئي ڪونه جو سندس شاعري وزن ۽ بحر کان خالي آهي، ۽ رمضان واڍو کانئس وڏو شاعر آهي، تڏهن به ماڻهن ڀٽائي سان محبت ڪونه ڇڏي، جڏهن ماڻهن چيو ته اياز شاعر ناهي ڪافر آهي، تڏهن به اسان سندس مريدي ڪونه ڇڏي، ته پو ڇا ٿي پيو جو ڪنهن ٻي اوهان کي چور ڪوٺيو آهي، اسان جي محبت تڏهن به دائم آهي ۽ رهندي، هتان جا فقير، مست، عاشق، ديوانا سڀ توهان سان پيار ڪن ٿا! اهو پيار ئي اهم آهي، باقي ته هر شي ختم ٿي ويندي، بقول هڪ اردو شاعر جي ته،
    لوگون ڪا ڪيا سمجهاني دو، سب ڪي اپني مجبوري!
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

    سائين نثار ناز مهرباني جو اوهان پنهنجي شاعري پيش به ڪئي ۽ ان جي اڳيان هيترو ڪجه لکيو۔ هاڻي اوهان ته رهيا شاعر اسان ۽ عاشق سولنگي ان معاملي ۾ صفا ڪورا سو اوهان جي ۽ ٻين شاعرن تي ٽيڪا ٽپڻي ته پاڻ کان ڪونه پڄي سگهندي۔

    مان اياز جو نثري ٽڪرو پيش ڪندس:

    ”ڪنهن چيو فلاڻي صاحب تنهنجي ادبي تخليقات تي تنقيد ڪئي آهي۔ مون پهاڙ تان هيٺ ڏٺو۔ هڪ وڇون ، پهاڙ جي پَيرن وٽ پٿر کي ڏنگي رهيو هو۔ پهاڙ خاموش هو، اتل هو“ حوالو ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون
    سو ادب ۽ شاعري تي تنقيد ٿيندي رهندي۔ ان جي ڪڏهن به دل ۾ نه ڪجو۔

    اوهان جو هي غزل به لاجواب آهي۔ لفظن جو ميلاپ ۽ سنگم بينظير آهي۔ اوهان پنهنجي هن سلسلي کي قائم رکو ۽ سنڌ سان محبت جو لازوال نمونو پيش ڪندا رهو۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

    ادا لاجواب شيئرنگ آهي.
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

    ادا مست تنقيد ته تمام سُٺي هوندي آهي پر ڪابه تنقيد ٿئي ته اها تنقيد برا اصلاح هجڻ کپي، جنهن مان مون سميت معاشري جو هر فرد لاڀ حاصل ڪري، پر ماڻهو ذاتي تنقيد ڪري اندر ساڙڻ جي ڪوشش به ڪندا آهن، مزي جهڙي ڳالهه اها ته اهڙي قسم جون تنقيدون اهي ڪندا آهن جن پنهنجي ياڄمار ۾ ڪو به شاعري جو مڪمل غزل، مڪمل نظم، ڪڏهن به ڪنهن فورم ۾ ڪونه ونڊيو هوندو، ان هوندي به نڀائڻو پوندو آهي، باقي تنقيد برا تنقيد سان مان ڪڏهن به ڪونه گهٻرائيندو آهيان، اردو جي ان بهترين شاعر موجب ته
    تُندي  باد مخالف سي نه گهبرا اي عقاب
    يه تو آتي هي تجهي اونچا اڙاني ڪي ليئي۔​
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

    مٺا عاشق سولنگي تنقيد ڀلي ٿئي ان سان اسان جهڙا ٽي درجي وارا شاعر تمام گهڻو لاڀ حاصل ڪندا آهن، ۽ گهٽ ۾ گهٽ اها ته خبر پوندي آهي ته اسان ڏان جي ڪيتري پاڻي آهيون۔ دوست ڏاڍي پيو ٻُڌائين اڃان توکي سنڌي به لکڻ ڪانه ٿي اچي۔ منهنجي خيال ۾ هاڻي توهان جي لکڻين جو تعداد هزار لکڻين کان مٿي ٿي ويو آهي، دوست توهان سان هڪڙي مزيدار ڳالهه شيئر ڪندو هلان ته مان جهونو پنهنجي ڏهن لکڻين کانپو سنڌي لکڻي کي ايترو ته دل ۾ سمائي ويٺس جو ڪنهن به قسم جي پريشاني ڏسڻي ڪانه ٿي پوي۔ بس ٿورو پنهنجي پياري ٻولي سان پيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن به تو پنهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي کي پنهنجي جان کان وڌيڪ ٻولي ڄاتي پڪ ڄاڻج عاشق سنڌي ٻولي اصل فٽافٽ لکڻ شروع ٿي ويندين۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

    محترم سجاد سرور سائين توهان بلڪل سچ ٿا چئو ته سنڌي ادبي سنگت دنيا جو واحد وڏي ۾ وڏو سنڌي فورم آهي، جنهن مان پاس ٿيل هر ڪو شاعر ، هرڪو ڪهاڻيڪار، هرڪو مضمون نگار ٻيو ڪجهه ڀلي بڻجي يا نه پر اهو غضب جو اعتماد حاصل قوت خود اعتمادي حاصل ڪري نڪري ٿو، مان به انهن مان هڪ آهيان خوشنصيب آهيان جو سنڌي ادبي سنگت جهڙي اداري ۾ گهڻو ڪجهه سکيو آهي، ۽ اڃان به سکڻ جي آس اٿم۔ لاکيڻي لطيف جي شاعري کان ڪو ڪم ظرف ئي مُنهن موڙي سگهي ٿو،
    مونکي پنهنجي هڪڙي نظم جو بند ياد پيو اچي ته
    لطيف جو ڪو سُر کڻي جڏهن پڙهان ٺريو پوان
    ڪڏهن نه مُور ڍاپجان وري پڙهي پڙهيو پڙهان،
    رڳون رباب دوستو رَلِيو نه مُنهنجو رُوح آ،
    هِنيُون هِنيُون هُلي هتي ته موتئي جِي بُوء آ​

    ان کان علاوه ڌرتي جيڏي شاعر شيخ اياز جي ڏات ۽ ڏان تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي رهي آهي، پر جنهن به شيخ اياز جي شاعري ته تنقيد برا تنقيد ڪئي آهي ان سدائين مُنهن جي کاڌي آهي۔ اسان ڪڏهن به تنقيد برا تنقيد کان پريشان ٿيڻ وارا ڪونه آهيون ، سنڌي ادبي سنگت جي پهرين درجي واري نه سهي مگر ٽي درجي واري پيادي جي حيثيت سان تنقيد کي سر تي وسائي ڪوشش ڪندا آهيون ته ڪيل تنقيد مان ڪو ڄاڻ ڀريو نقطو حاصل ڪريون يا وري ان تنقيد جو لاڀ سان ڀريل اهڙو جواب ڏيون جو تنقيد ڪندڙن سميت ٻين جي پڻ ڄاڻ ۾ ڪجهه نه ڪجهه اظافو ٿئي۔ توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن غزل جي مطلب ۽ مفهوم کي سمجهي ان کي سُٺو چيو لک لائق
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

    ادا اسان کي توهان جهڙن سنڌي دوستن تي فخر آهي جو پنهنجي لکڻين ۾ ڪونه ڪو ڄاڻ ڀريل نقطو اسان سان ونڊ ڪري ڇڏيو ٿا، ڪاڪ ڪنڌي قبرون وارو حوالو دل کي ڇُهي ويو۔ ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته جڏهن ڪو جاهل ڪنهن تخليق تي واهه واهه ڪندو آهي تڏهن به روئي پوندو آهيان ۽ وري جڏهن پڙهيل لکيل سڀ ڪجهه سمجهي ٻه اکر به پنهنجي ڄاڻ جا ان تخليق تي نه ونڊي ۽ بلڪل خاموش ٿي وڃي ته اهو به جاهل واري ڳالهه کان وڌيڪ روئڻ جو مقام هوندو آهي۔باقي تنقيد ڪير منهنجي تخليق تي برا اصلاح ڪندو آهي ته دل جي گهرائين سان اُن جي آجيان ڪندو آهيان ، ذاتي تنقيد تي به ڪڏهن ڪڏهن خوش دلي سان خاموش ٿي ويندو آهيان، ڇا ڪيون جو

    راڻا هُيس رِيءُ‘ تو سائين مون سونَ ڪَيو
    منهنجي مدايُن جو حال اٿيئي هِيءُ
    ڍوليا ڍڪڻ ٿِيءُ ڪامل ، ڪچايُنِ جو۔۔۔!
    شاهه سائين​

    ادا سليمان تنهنجا ٿورا جو پنهنجا پيار ڀريا ڪامينٽس منهنجي هن غريباڻي غزل تي ڏنا
     
  11. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

    ادا نثار صاحب تمام سٺو غزل آهي، باقي رهي تنقيد جي ڳاله ته اها غلط آهي۔ اسان ڪافي طرحي مشاعره ڪيا آهن جن ۾ ڪا به طرح ڏنل هوندي آهي سڀ شاعر حضرات ان تي طبع آزما ئي ڪندا آهن۔ مان جيڪڏهن ڪو غزل اوهان کي ٻڌايان جيڪو مون ڪڏهن ڪنهن طرحي مشاعري ۾ پڙهيو هجي، اها طرح قبلا سائين مخدوم طالب المولي صا حب جن جي هجي اتفاق سان توهان اهو غزل به پڙهيو هجي۔ يا مون ڪنهن شا عر جي ڪنهن غزل مان متاثر ٿي هڪ غزل لکيو ته هرگز چوري نه چئبي۔ اوهان پليز انهن جي ڳالهين ۾ نه اچجو۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻُون (غزل) نثاراحمدناز

    ادا عبدالواحد سومرا سڀ کان پهرين ته منهنجي هن خوبصورت اڱڻ تي ڀيرو ڀرڻ جو دل جي گهرائين سان توهان کي پنهنجي سموري سنڌ سلامت سٿ پاران ڀليڪار ٿو چوان ، دوست اسان کي ته تمام خوشي ٿيندي آهي جيڪو دوست اسان جي شاعري تي اصلاحي تنقيد ڪندو آهي، طرحي شاعري به هڪڙو خالص ٽيڪنيڪل سان آراسته فن آهي، بلڪل طرحي شاعري ۾ ڏنل سِٽَ کان علاوه به ڪافي سارا اسم ملي به پوندا آهن، پر طرحي شاعري سان اسان شاعرن کي لڪير جو فقير بنجڻو پوي ٿو۔ڪافي سارن سُندر خيالن جو خون ڪرڻو پئجي ويندو آهي، جيڪڏهن مون بحالت مجبوري ڪنهن طرح تي ڏنل تي شاعري لکي هوندي يا تخليق ڪئي هُوندي ته اها مذاحيه هوندي آهي۔ پوءَ ڀلي جو انهي طرح تي ڏنل سٽ جو مفهوم ڪيترو به سنجيده هُجي۔ هڪ دفعو ٻيهر توهان جي مهرباني جو توهان منهنجو سنڌ سلامت سٿ شريڪ ٿيڻ وارو توهان سڏ ورنايو مونکي ۽ منهنجي سموري سنڌ سلامت جي ساٿ کي يقين آهي ته توهان پنهنجون تخليق ڪيل نڪور لکڻيون هن محبتي اڱڻ جي ساٿين سميت ساري دنيا جي سنڌي ساٿين سان ضرور ونڊ ڪندا۔ لک لائق ادا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو