سيلر بدران سيلرا ڳوٺ تي چڙهائي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڌاڙيل ڳولڻ لاءِ سيلر بدران سيلرا ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي

    "شهدادڪوٽ (ن ڪ) شهداڪوٽ لڳ ڳوٺ سيلرا تي پوليس پاران چڙهائي ڪري گهر گهر تلاشي وٺڻ خلاف سيلرا برادري جي ماڻهن پاران احتجاج ڪرڻ کان پوءِ ڊي پي او قمبر عبدالحميد کوسو ڪالهه شهدادڪوٽ پهچي سيلرا برادري جي ماڻهن سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ محمد صالح سيلرو، غلام الله سيلرو، صادق سيلرو، ڪامريڊ نصير سيلرو، صالح کوسو، منور منگي، شاهه محمد سيلرو ۽ ٻين چيو ته پوليس بنا سرچ وارنٽ جي اسان جي گهرن ۾ ڌاڙيلن جيان ڪاهي ڀڃ ڊاهه ۽ عورتن سان بدسلوڪي ڪئي آهي، جنهن تي ڊي پي او عبدالحميد کوسو چيو ته ڌاڙيل خاشو گراماڻي شهدادڪوٽ جي سيلر ۾ موجود هئو پر پوليس سيلر بجاءِ ڳوٺ سيلرا ۾ چڙهائي ڪئي. هن اعتراف ڪيو ته سيلرا برادري جي ماڻهن سان پوليس ناجائزي ڪئي آهي. اسين ڊي آءِ جي کي رپورٽ پيش ڪنداسين. هوڏانهن ڄاڻايل آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ ايس پي اسلم لانگاهه ڪاوش کي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون کي بالا آفيسرن ڏوهارين جي موجودگيءَ واري اطلاع تي ڳوٺ سيلرا ۾ ڪارروائي ڪرڻ لاءِ چيو هو، باقي سيلر ۽ سيلرا ڳوٺ ۾ وڏو فرق آهي. گهر گهر تلاشي وٺڻ سان ڳوٺاڻن کي تڪليف پهتي آهي. آئون سڀاڻي سومر تي ڳوٺ سيلرا پهچي ڳوٺاڻن کان معافي وٺندس. هوڏانهن سيلرا برادري جي ماڻهن گڏجاڻي ڪري ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سان ملاقات ڪرڻ ۽ پوليس خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ 7 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي آهي
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سيلر ۽ سيلرا جي وچ ۾ صرف الف جو فرق موجود آهي۔۔۔ جڏهن ته پوليس وارن کي الف جي ڪا خبر نه پئجي سگهي۔۔۔ بقول ايس پي اسلم لانگاهه جي ته انهن کي اعلي آفيسرن جي حڪم تي ڳوٺ سيلرا ۾ ڪاروائي ڪئي۔۔۔۔۔۔۔

    سائين چوندا آهن ته نه ڏوهه نه ثواب، نه داد نه فرياد، هتي ته ڪابه خبر نه ٿي پئي۔۔۔
     
  3. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين پنهجني پياري وطن ۾ اها ئي ته مشڪل آهي وڏي ۾وڏو بد امني جو اهو ئي ته مسئلو آهي اگر حقيقي ڏوهارين کي سزا ملي ته امن امان هوندو
    ليڪن اسان وٽ برعڪس آهي تنهن جي ڪري پيا ڀوڳيو
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، بد امني پيدا ڪرڻ وارا اسان جو معاشرو ئي آهي،
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا اها ته آهي اسان جي ستم ظريفي ڇا ڪجي ادا
    lajwab-sharing
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا فقير پر ڪجي ڇا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو