ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪَــسَرَ ڇڏ ڪَـنـواٽَ ! وِکُـون وِجُھ وَڌَ نــدِيُـون؛
    سَنـئِيــن سُپـيـرِيُـنِ جِي ، وِنـگِي ڀانءِ مَ واٽَ؛
    ڇَڏ جھورِي، ڏي جھاٽَ، ته هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون



    [​IMG]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    واھ واھ سائين جن جي شاعري ساڻُ تشريح سان اوهان ونڊ ڪئي آهي۔۔۔۔لاجواب ادا

    سهڻي ڊزائين۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    لطيف سرڪار، پنهنجي نفس کي ڪنواٽ سان تشبيهه ڏيندي جهڙي نموني تنبيهه ٿو ڪري ۽ کيس هدايت ٿو ڪري ته حقيقي راهه سڌي آهي جنهن ۾ ڪو ور وڪڙ ناهي، انڪري تون نه ڀلج ۽ همٿ ڪري وکون کڻ ته ذات حقيقي سان جلد ميلو ٿئي ۽ ان جو راضپو حاصل ڪري سگهجي ۔۔۔

    اسين مت جا موڙها ماڻهون هميشه سڌي واٽ کي به ٽيڙو ۽ ڦڏو ڪري پاڻ ته منجهي پوندا آهيون ۽ ٻين کي به تڪليف ۾ وجهي گناهگار ٿي پوندا آهيون ۔۔۔ انڪري اسانکي پنهنجي اندر کي اجاري، سڌي راهه تي هلڻ جو سيو ڪرڻ گهرجي ته جيئن رب جي رضا حاصل ٿئي ۔۔۔

    لک ٿورا ڀا وساڻ جو اهڙو پر معنٓى بيت ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    مهرباني ادا عاشق

    لطيف سائين کي جيئن جيئن گهرائي سان پيا پڙهون۔ تيئن تيئن ذهن جا پردا ٿا کُلن۔

    الله اسان کي ڀٽائي سائين جي فلسفي کي سمجهي سگهون
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    مهرباني سائين نثار

    لطيف سائين جو بيت عرض ڪندس

    ٻوڙِئين، چاڙِهئين، تُون ڌَڻِي! ٻِئي جو دعوىٰ رَسي نه دَمُ؛
    هِن مُنهِنجي حالَ جو، ميهَرَ تي مَعۡلَم
    رَکُ ڀيلي جو ڀَـرَمُ، جو اَچِي پِيو اَجھور ۾

    اوهان جي بهترين ڪمينٽس لاء مهرباني
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    پيارا محمد سُليمان وساڻ شال جُڙيو هُجين۔ ادا لاکيڻي لطيف کي تمام سُندر رنگن سان ڀيٽا ڏيڻ ته ڪو توکان سکي، شاهه سائين جو تمام پيار ڀريون بيت ونڊيو اٿئي بلڪل شاهه سائين جي سُر کنڀات جي هن بيت وانگر:
    راتِ سَهائِي ڀُون سَڻيِن، پَٽِيُن وڏو پنڌُ،
    هلندي حبيبن ڏي ، ڪَرَها ! موڙِ مَ ڪنڌُ،
    ٻَنڌڻُ سوئِي ٻَنڌُ، جو پهچائي پِرينِ کي !​


    الله سائين تنهنجي فڪر جي گهرائي کي ايڏي زبردست وسعت ڏي جو اسان جهڙا اڻ ڄاڻ معلومات جو خزانو حاصل ڪري سگهون ۔ ان کان علاوه تنهنجي ڪمپيوٽر جي ڪينواس جو به خير هُجي جو ايتري زبردست چتر ڪاري اسان سان ونڊ ڪرين پيو۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    سائين نثار ناز صاحب سلام

    اوهان جا قرب جو مون جهڙي اڻڄاڻ ۽ ادب کان وانجهيل ماڻهو کي هيڏي ساري موٽ ٿا ڏيو۔ اوهان جي ڇانو ۾ هلندڙ اسان اوهان جهڙن اهل قلم کان ئي پيا سکون۔

    دوستن لطيف سائين جي شاعري کي جيڪي رنگين لباس پهرايا آهن انهن ۾ اوهان جو نالو به مٿڀرو آهي۔ اسان ته بس آڱر ڪٽرائي شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ٿيا آهيون۔

    اوهان جا احسان جو اسان جي هيڏي ساري همت افزائي پيا ڪريو۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    سائين لاجواب لازوال  زبردست شيئرنگ آهي.
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    تمام بهترين ڪوشش آهي توهان جي

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    ادا تمام بهترين ڪم آهي اميد ته اهو ڪم جاري رکندا​
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    ڀاء ممتاز مهرباني

    لطيف سرڪارکي پڙهڻ ۽ سمجهڻ اسان سڀني سنڌين جو فرض آهي۔

    سنڌي ٻولي کي جيڪا سگھ لطيف سائين جي شاعري ڏني آهي ان جو ڪاٿو نٿو لڳائي سگهجي
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    سهڻا سليمان زبردست موومنٽ اهي
    جاري رکندا
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    ڀاء طاهر سنڌي

    جڏهن اوهان مڪي ۾ هئا ته اتان اوهان جي اها صلاح آئي هئي ته ڀٽائي سرڪار جا بيت سمجهاڻي سان گڏ ونڊ ڪيا وڃن۔ اسان اوهان جي ان صلاح کي دل سان سانڍي اهو ڪم شروع ڪيو آهي۔
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڀٽائي سرڪار جي سُر کنڀات ، داستان ٻيو مان هڪ بيت

    پيارا سائين اوهان منهنجي نماڻي عرض کي موٽ ڏئي مونتي ٿورا ۽ مون سان گڏ ساري سنگت جي فائدي جو ڪم ڪري ڇڏيو آهي۔
    الله تعالي اوهان کي جزاءِ خير عطا فرمائي آمين
     
  15. محراب علي سنڌي

    محراب علي سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جنوري 2015
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ڌنڌو:
    سنڌ سان عشق
    ماڳ:
    سانگھڙ سنڌ
    ڪَرَها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ؛
    منهنجو هلڻ اُتَهِين، جِتي جانِبَ جاءِ؛
    توکي چَندَنُ چارِيان، ٻيو وَڳُ، لاڻِي کاءِ؛
    اِئين اُٺَ! اُٺاءِ، جِيئن هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو