سلام فقير طرفان

'تعارف' فورم ۾ فقير طرفان آندل موضوعَ ‏16 جون 2009۔

  1. فقير

    فقير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2009
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سهڻا سنڌ واسيو.
    پوري سنڌ سلامت کي السلام عليڪم

    منهنجو نالو، حيدر علي آهي پر ماڻهو پيار منجهان فقير چوندا آهن، مان پنج درجه پاس آهيان سي به سنڌي ۽ هن وقت پنجان جي ضلعي رحيم يارخان جي تعلقي صادآباد ۾رهندو آهيان، اصل ۾ منهنجا وڏڙا سنڌي آهن ۽ مان پاڻ کي فخر سان سنڌي سڏائيندو آهيان، ڪنهن ذاتي مجبورين جي ڪري 12 سال اڳ پنهنجي سنڌ امڙ کي ڇڏڻو پيو، خير انڌا ٿيا سين پر پرين پرکياسين، الله جي مهرباني سان ڪافي ٻوليون ڳالهائيندو آهيان.پنجابي، اردو، بلوچي، سرائيڪي، ۽ پنهنجي ماکي کان به مٺڙي سنڌي. فقير ان ڪري جو پاڻ تمام سادي طبيعت جا مالڪ آهيون، پنجاب ۾ به پنهنجي سنڌ واري روايت برقرار رکيو اچون، اها اجرڪ ۽ ٽوپي، هڪ وڏي ٻٻر جي وڻ جي هيٺا بابا ۽ مان ويٺا اوطاق ملهايون، جڏهن پنجابي ڀائر اچن ته" اوئي توسي سنڌي وڊي بيٺڪي او" بابا چوندو آهي ته اها اسان جي تهذيب آهي.

    ڪمپيوٽر جو شوق مونکي شروع کان وٺي هو خاص ڪري سنڌي ۾ مٺا مان ڏينهن رات محنت ڪري ڪمپيوٽر انڌو ڪاڻو ڪمپيوٽر سکيوسين. ته انهي وقت سنڌ سلامت جو وجود ٿيو، سو به سائين ماجد ڀرڳڙي جي مهرباني سان. سو آهسته آهسته سنڌي به سکيم، ۽ ڌڪا ٿاٻا کائي هاڻي توهان جي اڳيان آهيون. بس دعا ڪيو ته جلد ئي پنهنجي ماڳ اچون.
    مٺا بجلي جي ڪري بس صرف ايترو ئي لکي سگهيو آهيان.
    هن جنم هن جنم لئه وچن ٿو ڪريان مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو ٿيان.
     
  2. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڀلي ڪري آيا ..
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا حيدر علي عرف فقير سائين
    حق موجود؛
    اسان دوستن جا ڀاڳ ڀلا جو هڪ ٻيو فقير به اسانجي محفل ۾ اچي شامل ٿيو آهي، هونءَ ته پهريان به اسانجي محفل ۾ ڪجه سهڻا فقير موجود آهن، جن ۾ ادو ڦلپوٽو ۽ ڀاءُ زاهد جن شامل آهن، پاڻ ته هاڻ فقيريءِ کان اڃان پري مسڪيني لڏي ۾ شامل آهيون پر تنهن هوندي به فقيري لڏي ۾ اچڻ جي تمنا آهي ...

    ادا فقير سائين، ڀلي ڪري آيا ۽ اميد ته اوهانکي هن فورم جي دوستن کان گهڻو ڪجه ملندو ۽ جي اوهانجي گودڙيءَ ۾ به ڪي لعل آهن ته سهڻا سائين! ديدار ضرور ڪرائجو...

    اسان دوستن جي دعا آهي ته اوهان جلد پنهنجي ماڳ موٽي اچو ۽ اچي پنهنجي وڳر سان ملو ... هونءَ ته تاريخي حوالي سان رحيم يار خان ۽ صادق آباد پراڻي سنڌ جا حصا آهن پر وقت جي گردش سبب سنڌ کان جدا ٿي پنجاب جا ڀاڱا ٿي ويا آهن ...

    اسانجون ڪيتريون ئي سنڌي ۽ بلوچ ذاتيون انهن علائقن ۾ رهن ٿيون ۽ ڪيترائي سٺا دوست پڻ ايڏانهن رهنٿا ...

    الله اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ... آمين

    سدائين گڏ

    نثار ابڙو
    مڪو پاڪ
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    فقير سائين هي ناچيز اوهان کي خوش آمديد چوي ٿو. ء توهان جي لاءِ دعا ٿو گهري ته توهان جلد ئي پنهنجي پيارن سان ملندا.
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ماشاالله ادا حيدر علي ڀلي ڪري آئين، دوست علي علي قاهره پيو گهمي، نه ته هيستائين توهان جو استقبال گلن سان ضرور ڪري ها، باقي ادا وحيد ڦلپوٽو فقير به الائي ڇو ديريون پيو ڪري ادا وحيد ڦلپوٽو لڳي ٿو شايد توهان جي گُلن واري ٽوڪري مان گُل ختم ٿي ويا آهن. دوست وحيد ٻيلي وارو ڪر، ڪا بُڪي يا ڪي گُل مٺي حيدر علي فقير تان نڇاور ڪر. ڪي نوان رنگ لڳن اصل ڪي ست خير ٿين. اسان جي لاءِ انتهائي فخر جي ڳالهه آهي ته سنڌ سلامت ۾ مولائي ۽ دل وارا مٺڙا ٻه فقير موجود آهن. بهرحال لک لائيق ادا حيدر اميد ته توهان پنهنجي خوبصورت لکڻين سان سنڌ سلامت مهڪائي ۽ جرڪائي ڇڏيندا
    سنڌ سلامت پيو آ مهڪي
    فقير حيدر علي آيو مُرڪي
    ڇانئي هن اڱڻ تي مهڪار
    مُنهنجا ڀاڳ جاڳي پيا​
     
  6. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    wslam
    bhali kareaya
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    منهنجا ڀاڳ جاڳي پيا، فقير وڌي ويو،
    فڪر نه ڪر فقير، فقير سومرو پهچي ويو،
    ڦلپوٽي فقير کي اچان، پتو ڪونه پيو،
    علي علي قاهره مان، گلن کي موڪلي پيو،
    اهڙا ڀاڳ اسان جا جو، فقير وڌي پيا.
    ..


    محترم ادا حيدر علي المعروف فقير، سائين سنڌ سلامت جي سهڻن سنگتين سان، سٺي صحبت رکڻ وارن سهڻن پيارن سان توهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي لکين واڌايون ڏيندين ايترو چوندس ته فقير سائين هاڻي ته اسان فقيرن جا اصل ڀاڳ کلي پيا جو اوهان جهڙو فقير هن سنڌ سلامت تي ڪهي آيو، سائين محترم نثار صاحب جي شاعري ته اوهان پڙهي هوندي جا سائين اوهان جي آڌرڀاءُ ۾ لکي آهي انهي کي مون جهڙو اڻ ڄاڻ اڳتي وڌائي پيو اميد اوهان کي به پسند ايندي، انهي سان گڏوگڏ مان سائين محترم نثار صاحب کان معافي وٺندس ته مون سائين جي شاعري ۾ بغير پڇا ڪرڻ تي واڌارو ڪيو...
    ادا فقير، منهنجي طرفان هڪڙو ننڍڙو تحفو قبول ڪندا...

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا حيدر علي فقير سنڌ سلامت فورم تي مان اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو مون کي ان ڳالهه جو افسوس آهي جو مون کي ڪجه مصروفيتن سبب توهان جو استقبال ۾ دير ٿئي وئي بهرحال چوندا آهن ته دير آيد درست آيد ان نموني ويلڪم ادا
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]



    [​IMG]

    مون کي ان ڳالهه جي به خوشي آهي ته فورم تي فقيرن جو تعداد وڃي ٿو وڌندو :D

    shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا فقير مونکي اڄ خبر پئي ته توهان جي ڪهڙيون مصروفيتون آهن،
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    يار بلوچ ڀاءُ ائين ڳالهه ته نه کول سياڻو ٿي . asul matt



    sindhsalamatsaathsal
     
  11. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڀليڪار.......

    ڀليڪار.......



    bhali kareaya

    [​IMG]
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    باقي منهنجو ڪهڙو ڪم جو پرايون ڳالهيون کوليان، مونکي ڪهڙي خبر ته توهان ڪنهن جي ڪري ڪيترا مصروف آهيو. هائو ادا سياڻن سچ چيو آهي.
    khil sahi
     
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    ادا حيدر علي ( هر دم علي:D:D)

    ادا اوهان سنڌ سلامت فورم تي اوهان پنهنجا بابرڪت قدم کڻي آيو ادا اوهان جا لک لائق اسان اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا ادا هوئن ته هن فورم تي هڪڙو فقير آڳ ۾ ئي آهي جيڪو اسان جي اک جو تارو آ پر يار هاڻي ٻه فقير ٿي ويا اصل موجان وي موجان هوئن به اسان جهونا ماڻهوڻ آهيون سو فقيرن سان ڪجهه سوائي لڳندي آهي ادا اوهان کي دوستن گل ته تما م گهڻا ڏنا آهين پر يار جي مان گل نه ڏنا ته سائين نثار ناز چوندو ته ڀوري مينهن وارو جهونو غريب ٿي ويو آهي جو مهمان کي گل نه ڏنائين ادا مون اوهان جي لاء ادا گلڻ جي دڪان تان اصل تازا گل آندا آهن اميد ته قبول پوندا
    باقي اوطاقون پيون هلنديون ۽ ڪچهريون پيون ٿينديون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  14. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    ادا حيدر علي سنڌ سلامت فورم تي اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا.
     
  15. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ابا پرديسي فقير، ٻروچ جي طرفان ڀليڪار
     
  16. فقير

    فقير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2009
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مٺاتوهان۔جا۔قرب۔جو۔توهان۔فقير۔کي۔ايڏي۔محبت۔ڏني۔پر۔معاف۔ڪجو۔اسان۔هئاسين۔وونئڻ۔راهڻ۔۾۔مصروف۔سو۔اڄ۔به۔بابا۔کان۔ميڙ۔منٿ۔ڪري۔ڪيفي۔تي۔پهتو۔آهيان۔مٺا۔هاڻي۔انشاءَالله۔روزانو۔پيا۔ملنداسين۔
     
  17. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا فقير لڳي ٿو ته توهان سان اسپيس جو مسئلو آهي توهان موزيلا برائوزر استعمال ڪيو ته توهان جو اهو اسپيس وارو مسئلو حل ٿئي ويندو
    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو