هڪ آرٽسٽ، هڪ آئينو! ( ظفر ڪاظمي )

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هڪ آرٽسٽ، هڪ آئينو! ( ظفر ڪاظمي )​

    [​IMG]
    نامعلوم ليکڪ۔۔۔ بشڪريه ڪاوش
    2007ع منهنجي هن سان پهرين ۽ آخري ملاقات مهينو کن اڳ ٿي هئي، جڏهن آمريڪا ۾ رهندڙ هن جو ناٺي جاني ابڙو سندس گهر ترسيل هو. مان ۽ طارق عالم گڏجي ميوزيم ڀرسان سندس گهر پهتاسين. انهن ڏينهن ۾ هو ڪجهه ڪجهه ڳالهائي رهيو هو، پر هن جي حالت مان لڳو پئي ته پاڇا ڊگها ٿي چڪا آهن، سج لهڻ تي آهي. اهو ڪمرو، جنهن ۾ هن جي جوانيءَ واريون تصويرون ۽ سندس ٺاهيل پينٽنگز لڳل هيون، محسوس پئي ٿيو ته ان ڪمري ۾ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻيو سڀ ڪجهه هوندو، پر ظفر ڪاظمي صاحب نه هوندو...۽ ڪالهه ايئن ئي ٿيو...هو هليو ويو، اهو سڀ ڪجهه هتي ڇڏي، جنهن کي هن زندگي ڏني هئي...سمورن برشن، سمورن رنگن، سمورن ڪينواسن ۽ سمورين پينٽنگز کي الوداع چئي ان ڌرتيءَ جي هنج لاءِ اُسهيو، جنهن ڌرتيءَ کي هو ماءُ ڪوٺيندو هو.
    مان هن سان ڪچهريءَ دوران نوٽس به وٺندو رهيس ته ظفر صاحب جي هن ڪچهريءَ کي ڪو انٽرويو جو روپ ڏيندس، پر موت کان ڪجهه ڏينهن جي فاصلي تي بيٺل ماڻهوءَ جا خيال ايئن ئي هوندا آهن، جيئن محرم جي مهيني ۾ ماتمين جا وار...وکريل وکريل، بي ترتيب! هن جا خيال به وکريل وکريل هئا، بي ترتيب! پر انهن خيالن ۾ اها بيباڪي ساڳي ئي هئي، جيڪا سموري زندگي هن جي سڃاڻپ رهي. هن جي سڃاڻپ هڪ مصور طور هئي، پر مان سمجهان ٿو ته ان سان گڏ هن جي وڏي سڃاڻپ هن جي بيباڪي هئي. هن مهل به جڏهن اوهان ڪچهريءَ ۾ ظفر صاحب جي شخصيت تي ماڻهن کي ڳالهائيندي ٻڌندئو ته هن جي پينٽنگز ۽ مصوريءَ کان وڌيڪ ماڻهو هن جي بيباڪيءَ تي ڳالهائيندي نظر ايندا ته ڪيئن نه ظفر نوڪريءَ جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي ئي کاتي جي ڪامورن کي اسٽيج تي بيهي سوين ماڻهن اڳيان سچ چيو هو. مون ظفر صاحب جي اها بيباڪي ان پروگرام ۾ به ڏٺي هئي، ۽ ساڻس ٿيل هن پهرين ملاقات ۾ به ڏٺم. جڏهن هن ڳالهائيندي ڳالهائيندي منهنجي ڪنهن سوال تي مون کي دڙڪو ڏنو ته جاني ظفر صاحب کي چيو ته، منظور اوهان سان ڪچهري ڪرڻ آيو آهي، ته ظفر صاحب چيو، ”هن کي مون چيو هو ته اچي؟“ هو شروع کان وٺي ڳالهائڻ جو کرو هو، ۽ آخر تائين کرو رهيو، ۽ پنهنجي ان انداز کي هن سڀني لاءِ هڪجهڙو رکيو، ڪڏهن ايئن نه ٿيو جو هن پنهنجي ماتحت سان ته بيباڪي ڪئي هجي، ان سان تکو ٿي ڳالهايو هجي، پر ڪنهن وزير مشير جي هروڀرو خوشامد ڪندو هجي. مون کي ڪنهن دوست ٻڌايو ته، عبدالله شاهه هن جو دوست هو، ۽ جڏهن هو وڏو وزير ٿيڻ کان پوءِ هن سان سندس گهر ملڻ لاءِ اچي رهيو هو ته هن جي پهچڻ کان اڳ حيدرآباد انتظاميا جا عملدار سيڪيورٽي جاچ لاءِ هن جي گهر ويا ته هن کين اهو چئي ڀڄائي ڇڏيو ته جيڪڏهن هن لاءِ منهنجو گهر سيڪيورٽي رسڪ آهي ته پوءِ مون سان ملڻ ڇو پيو اچي؟ ڪامورن اها ڳالهه عبدالله شاهه کي ٻڌائي ۽ پوءِ هو بنا پروٽوڪول ظفر ڪاظميءَ سان ملڻ ويو.
    جيئن هن وٽ زندگي گذارڻ جو پنهنجو آرٽ هو، ايئن ئي هن وٽ هر ماڻهو، هر ڪردار ۽ هر نظرئي لاءِ پنهنجي فلاسافي هئي. هو ڀٽائيءَ جو عاشق هو، پر سڌڙيو عاشق نه هو. هن ڀٽائيءَ جي سورمين کي پينٽنگز جو روپ ڏنو، ۽ ڀٽائيءَ جي شعرن جي تشريح به پنهنجي انداز سان ڪئي. ڀٽائيءَ بابت هو پنهنجي امڙ کي استاد سمجهي ٿو. هن چيو ته ”مون کي ڀٽائيءَ امان سمجهايو.“ ان ڏس ۾ هن چيو ته ”مون هڪ اسڪالر کان ڀٽائيءَ جي شعر ”مڌ پيئندي مون ساجن صحيح سڃاتو“ جي تشريح پڇي ته هن چيو مڌ معنيٰ شراب. پر امان چيو ته مڌ معنيٰ ماءُ جي ٿڃ، ۽ ساجن معنيٰ خدا. جيڪو ماءُ جي ٿڇ پيئندو، اهو ئي خدا کي سمجهي سگهندو.“ هن چيو پئي ته ”عورت جو مرتبو سڄي انسان ذات کان بلند آهي، ان ڪري ئي ته ان کي امان ڪري سڏيندا آهن.“ هن جي دعويٰ هئي ته هر عورت ۾ ڀٽائيءَ جي سورمي آهي، ۽ اهي سورميون ماءُ جون صورتون آهن. ڀٽائيءَ جي سومين مان وري هن کي سسئي گهڻو وڻندي هئي. ڇو؟ ان جو جواب ڏيندي ظفر صاحب چيو ته، ”ڀٽائيءَ جي سمورين سورمين کي پنهنجا پنهنجا مائٽ هئا، پر سسئي ٻين وٽ پالي نپائي وئي، ۽ انهن ڌارين ڪري ڏيکاريو ته نياڻي ڪيئن نپائبي آهي.“
    ظفر ڪاظمي هليو ويو، ان کان اڳ انور پيرزادو، ان کان پهرين آثم ناٿن شاهي، ان کان پهرين....ان کان اڳ...۽ ايئن لسٽ وڃي ٿي طويل ٿيندي. موت ميار ناهي، پر ميار اها آهي، جو سنڌ جا ڪلاڪار ايئن بي يارو مددگار مري رهيا آهن، ڄڻ ڪو ڪنهن ٻئي وطن ۾ جلا وطن ٿي مرندو هجي. شايد ان ڪري جو هو سنڌ ڄاوا آهن، ان ڪري ئي پنهنجي وطن ۾ جلا وطن ٿي جدا ٿيندا پيا وڃن. ادارا سنڌ لاءِ ٺهيل آهن، پر شايد اهي ادارا ايترا بي ديد ٿي ويا آهن، جو سنڌ جي انهن ڪلاڪارن تي به انهن جي نظر نٿي پئي، جيڪي ڪنهن اسپتال جي ويران وارڊ ۾ زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڳڻي رهيا هجن ٿا. اسان جا ادارا ٻين جي مدد لاءِ آهن، پر سنڌ واري ڊوميسائل جو سڪو انهن وٽ نٿو هلي. ثقافت کاتي جا ڪامورا سنڌ جي ڪلاڪارن کي ڪجهه به ناهن ڏئي سگهندا، سواءِ هڪ منٽ جي تعزيتي فون ڪال جي!
    سنڌ ۾ قحط الرجال آهي، يعني سنڌ ۾ ماڻهن جو ڏڪار آهي. هيءُ اُهو روئڻ آهي، جيڪو اسان جي سماج جو هڪ وڏو حلقو روز روئندو رهي ٿو، پر اهو نٿو سوچيو وڃي ته آخر اهو ڏڪار ڇو آهي؟ آخر ڪٿي اسين ئي اُهي ماڻهو ناهيون، جيڪي پنهنجي سڃاڻپ بڻجندڙ ڪردارن کي پنهنجي اکين اڳيان ويراڳ جي وطن ڏانهن ويندي ڏسندا رهون ٿا ۽ ڪک ڀڃي ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ٿيون. ڄڻ ته انهيءَ انتظار ۾ هجون ٿا ته ڪير موڪلائي ۽ پوءِ ان جي تڏي تي وڃي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجي راءِ لکي واپس هليا اچون. اهي سمورا ماڻهو، جن کي واقعي به سنڌ جي ڪلاڪارن سان پيار آهي، اهي تعزيتي ڪتاب ۾ ٻه اکر لکڻ کان اڳتي به ڪجهه سوچين.
    ڪاظمي صاحب هڪ اهڙو انسان هو، جنهن فطرت کان لاتعلق بڻيل دلين کي ڪائنات جي قريب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هو جيڪو ڪري سگهيو ٿي، هن ڪيو، پر اسان هن لاءِ ڇا ڪري سگهياسين؟ اهو سوال اسان کي پنهنجي اندر جي آرسي ۾ اصلي چهرو ڏيکارڻ جي ضرور ڪوشش ڪري ٿو...۽ ان آرسيءَ ۾ ثقافت کاتي کي به ضرور پنهنجو چهرو ڏسڻ گهرجي. اهو ان لاءِ به جو هڪ آرٽسٽ هڪ آئينو به هجي ٿو، ۽ جيڪڏهن اهو بيباڪ هجي ته اهو پڪ سان ظفر ڪاظمي ئي هوندو

    ظفر ڪاظمي صاحب جي علڻ فقير جي آواز ۾ ڳايل شاعري ​

    http://www.youtube.com/watch?v=mChNuoa7xgI
    ڪاظمي صاحب جون تصويرون ۽ ڪم ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو ​

    ڪاظمي صاحب جي ٺاهيل هڪ خوبصورت تصوير ​

    [​IMG]
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هڪ آرٽسٽ، هڪ آئينو! ( ظفر ڪاظمي )

    ت ادا ...............
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڪ آرٽسٽ، هڪ آئينو! ( ظفر ڪاظمي )

    ادا توهان جي مهرباني
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) شهيد ذوالفقار ڀٽو سميت ڪيترين ئي ناليوارين شخصيتن جا پورٽريٽ ٺاهيندڙ ناليواري چترڪار ظفر ڪاظمي جي وڇوڙي کي 10 سال مڪمل، اڄ ورسيءَ واري ڏهاڙي تي کيس ڪنهن به ياد نه ڪيو. ثقافت کاتي طرفان ڪوبه پروگرام نه رکيو ويو آهي، ظفر ڪاظميءَ جو اصل نالو سيد ظفر علي شاهه ڪاظمي هو. هن 25 ڊسمبر 1933ع تي آمري ڳوٺ ۾ جنم ورتو. هن کي چترڪاريءَ جو شوق ننڍپڻ کان هو. انٽر جي ڪلاس کان باقائده ڊرائنگ شروع ڪيائين، 1951ع ۾ اين جي وي اسڪول ۾ ڊرائنگ اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو، اتي هن 9 سال نوڪري ڪئي، ان بعد 1954ع ۾ شاهه لطيف اسڪول حيدرآباد ۾ پينٽنگ جي نمائش ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو. 1979ع ۾ ظفر ڪاظمي جي تصويرن جي نمائش برطانيا جي برمنگهم ميوزم جي آرٽ گيلري ۾ ٿي، ان بعد ڏيهه پرڏيهه ۾ ڪيترائي ڀيرا سندس تصويرن جي نمائش ٿيندي رهي، ظفر ڪاظمي ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيا، 1999ع ۾ کيس شاهه لطيف ايوارڊ ڏنو ويو. پاڻ فني ڪيريئر دوران ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي رهيو. هن سنڌ جي ڪيترن ئي ميوزمن لاءِ ثقافتي ڪم ڪيو. هن جي فن پارن ۾ سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي نظر اچي ٿي، ظفر ڪاظمي پنهنجي چترڪاري ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو سهارو ورتو ۽ لطيفي سرهاڻ کي ميڙيو، عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ مصور ظفر ڪاظمي 12 جنوري 2007ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ آهي.

    ڪاوش جي ٿورن سان
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ظفر ڪاظمي : رنگن جي شهنشاهه جو لاڏاڻو
    مير نادر علي ابڙو


    [​IMG]
    ظفرڪاظمي جي لاڏاڻي بعد مصوري جي جهان ۾ شانت ڇانيل آهي. پنهنجي مصوري وسيلي پوري جڳ ۾ پاڻ ملهايو ته اتي وري کين لاتعداد ايوارڊ مليا، هن سنڌ جي انتهائي حسين منظرن کي ڪينواس تي چٽيو. هو مسلسل ٽن سالن کان بيماري سان ويڙهاند ڪندي آخرڪار ۷۳ ورهين جي ڄمار ۾ اڻ ميون يادون ڇڏي اسان کان وڇڙي ويو. هن جو شمار سنڌ جي اهم شخصيت ۾ ڪيو ٿي ويو. اڄ سندن لاڏاڻي بعد جيڪي هن سنڌ جا منظر چٽيا هئا اهي سمورا اسان کان اهو سوال ٿا ڪن ته ڇا اوهان ظفر کي اهو مانُ مرتبو ڏنو، جنهن جي هو لائق هو.ظفرڪاظمي سيد مير محمد شاهه جي گهر ۾ ۲۵ ڊسمبر ۱۹۳۳ع ڌاري دادو ضلعي جي ڳوٺ آمري ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم آمري ۽ نيل داس ڪالوني اسڪول پاڪستان چوڪ ڪراچي مان حاصل ڪئي. انگريزي جو ٻيو درجو سنڌ مدرسه السلام ڪراچي مان حاصل ڪيو.۱۹۴۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخل ٿيو، جتي هن انٽرميڊيٽ ڊزائين گرڊ ٽاپ پوزيشن سان حاصل ڪيو. ۱۹۵۰ع ۾ جي جي وي ڪراچي مان پاس ڪيائين. ۱۹۵۴ع ۾ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان سنڌ ٽيچر سرٽيفڪيٽ امتحان ٽاپ پوزيشن مان پاس ڪيو.۱۹۷۹ع ۾ ميوزالائجي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ برطانيا مان ڪيائين. ظفر ڪاظمي ۱۹۴۸ع انٽر ڪلاس دؤران پينٽنگ ۽ ماڊلنگ ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو. ۱۹۵۱ع ۾ ڪراچي جي اين جي وي اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ڪيو ويو، جتي هو ۹ سال استاد رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ شاهه لطيف اسڪول حيدرآباد ۾ پينٽنگ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين ۽ ۱۹۷۶۾ حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ۾ آل گورنمينٽ ٽيچر ڪانفرنس ۾ پهريون انعام ڏنو ويو. ظفر ڪاظمي جي پهرين نمائش ۱۹۵۸ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ٿي، تنهن جو افتتاح تڏهوڪي صدر ايوب خان ڪيو.۱۹۵۹ع ۾ آل پاڪستان ٽوئرز ۾ پوسٽر مقابلي ۾ قومي سطح تي کيس پهريون انعام ڏنو ويو. ۱۹۶۰ع ۽ ۱۹۶۱ع ۾ ڪاظمي کي سنڌ ايجوڪيشن ڪانفرنس دؤران آرٽ ٽيچر پينٽنگ نمائش ۾ پهريون انعام مليو. ظفر ڪاظمي جي تصويرن جي نمائش ۱۹۷۹ع ۾ انگلينڊ جي برمنگهم ميوزم ۽ آرٽ گيلري ۾ ٿي ۽ ۱۹۸۲ع ۾ سگا طرفان حاجي جمن ابراهيم گولڊ ايوراڊ مليو ۱۹۷۰ع ۽ ۱۹۸۰ع ۾ کيس پاڪستان ۽ فرانس حڪومتن پاران آرڪيالاجي جي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو. ۱۹۸۵ع ۾ ٿرپارڪر ميلي ۾ کيس سنڌ ايوارڊ ڏنو ويو. هلال احمر حيدرآباد طرفان کيس آزادي واري ڏهاڙي تي ۱۹۸۵ع ۾ بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ ۽ آمريڪي اداري طرفان ليڊر شپ ايوارڊ ڏنا ويا. ۱۹۹۷ع ۾ کيس ٻاراڻي رسالي نٽ کٽ طرفان لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. ۱۹۹۸ع ۾ ظفر ڪاظمي اي ڪي پي شيخ ايوارڊ ڏنو ويو. سنڌ ثقافت کيس ۱۹۹۹ع ۾ لطيف ايوارڊ سان نوازيو. ۲۰۰۶ع ۾ يوم مادرن وطن تقريب ۾ ظفر ڪاظمي ثقافت ايوارڊ ڏنو ويو. سيد ظفر ڪاظمي پنهنجي ڪيريئر دؤران ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهيو. هو اين جي وي اسڪول ڪراچي جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اولڊ ڪئمپس ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ڊرائنگ ٽيچر رهي چڪو آهي. سنڌ جي صوبائي ميوزم حيدرآباد ۾ ٽيڪنيڪل آفيس جي عهدي تي رهيو، سنڌ ميوزم ۾ پهرين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر جي عهدن تي رهي چڪو. هن سنڌ ميوزم حيدرآباد، ٿرپارڪر ميوزم ميرپورخاص، ڀٽ شاهه، ميوزم، سيوهڻ ميوزم، لاڙ ميوزم، ۽ بدين ميوزم ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن شمس العلماءَ علامه بن دائود پوٽا لائبريري حيدرآباد ڀٽ شاهه ۾ شاهه جو باغ ۽ سنڌ مدرسي ميوزم جي اندروني ڊزائين ۽ گيلري جي ڊزائين پڻ ڪئي.
    [​IMG]
    ظفر انتهائي ڀلو ماڻهو هيو ۽ سنڌي عوام کي آخري پنهنجو پيغام ڏيندي چيو ته اول امان، آخر امان جي پيٽ ۾ انسان ڪيڏو نه خوش هيو هاڻ وري امان جي دنيا ۾ خوش رهندو، مٽيءَ کي مانُ ڏيو، امان جو گهر آباد ڪيو. لطيف اوسر ڏني. خود غرضيءَ سنڌ جي عظمت وڃائي. سمجهو، سکو ۽ پڙهو.
    ظفر ڪاظمي جي آخري پيغام کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، بابا سائين مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو، ته اهي ئي ماڻهو آخرت ۽ دنياوي زندگي ۾ ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا جيڪي پنهجي وڏڙن جي پيغام تي هلن ٿا. سو ظفر ڪاظمي به سنڌ جو لازوال انسان هو جيڪو بي مثال بڻجي اڄ اسان کان وڇڙي چڪو آهي.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ظفر ڪاظمي : ناميارو چترڪار
    دارا ابڙو

    [​IMG]
    جنوريءَ جي ۱۲تاريخ صبح جا ۶ٿيا هئا، فون جي گهنٽي وڳي. خبر نه آهي ته ڇو مون کي اُن وقت فون جي گهنٽيءَ جو آواز، ڪنهن اڻ وڻندڙ انديشي جي آمد ۽ ڪنهن وڏيءَ پيڙا جي پرُوڙ جو پيغام پئي لڳو! رسيور ڪن تي رکي خاموشيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳس. ٻئي طرف کان آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجي پُٽَ زاهد دارا (جانيءَ) جو آواز آيو: ”بابا...“ مون جواب ۾ هڪدم وراڻيو: ”جاني! مٺا... خير ته آهي؟“ ڀريل آواز ۾ وراڻيائين: ”بابا... سائين ڪاظمي صاحب جن پيالو پي ويا... اوهان هينئر ئي سندن گهر پهچو.“ مون کيس دلداري ڏيندي چيو ته: ”اوهان فڪر نه ڪريو... آءٌ هينئر ئي نڪران پيو.“ فون بند ڪري فليٽ مان نڪري، رڪشا وٺي يار جي آخري ديدار لاءِ سنڌ ميوزيم ڏانهن روانو ٿي ويس.

    ذهن ۾ بيشمار خيالن جو واچوڙو ڦرڻ لڳو. تقريباً اڌ صديءَ جي پياري يار ۽ سنڌ جي نامياري چترڪار ظفر ڪاظمي جي شخصيت ۽ فن سان ڳنڍلي دلپذير يادن جو اڻ کٽ سلسلو فلم جي هڪ هڪ فريم جيئن اکين جي اڳيان گهمڻ لڳو. خيالن ۾ گهيريل هوس ته اوچتو رڪشا بيٺي. ”گهر اچي ويو،“ رڪشا ۾ مون سان گڏ ويٺل منهنجيءَ وائيف جي آواز تي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو ۽ ظفر تصور ۾ مون وٽ اچي هڪ دفعو ٻيهر جدا ٿي ويو!
    ظفر سان منهنجي تازي ملاقات بنهه ٻه ڏينهن اڳ ٿي هئي. هميشه وانگر وڏي اُتساهه سان مليو ۽ گهڻيءَ دير تائين اِشارن ۾ ڳالهيون ٿينديون رهيون. سندس اشارن جي انداز مان چڱيءَ ريت سمجهي پيو سگهان ته ڇا چئي رهيو آهي. سندس اظهار جو انداز صاف ۽ چٽيءَ طرح سفر جي ”آخري منزل“ جو اشارو پئي لڳو. گهڻيءَ تڪليف جي باوجود به پاڻ ڏاڍو باهمت ۽ آسوَند پئي نظر آيو.
    ظفر سان منهنجي ويجهڙائيءَ ۶۰جي ڏهاڪي دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي، جتي (انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن اولڊ ڪئمپس) ۾ اسان ٻئي نوڪري ڪري رهيا هئاسون. ان کان اڳ ڪاظمي صاحب جا ٺاهيل چتر سنڌي ادب جي ٻن نالي وارن ادبي رسالن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ ۾ ڏسي چڪو هوس، سندس ڪم، خاص طرح سان ”چونڊيل موضوعن“ کان تمام گهڻو متاثر هوس، سندس ڪم ڪرڻ جو دائرو ايترو ته وسيع هو جيتري سنڌ جي پنج هزار ساله تاريخ! (جيڪا اڄ ڪلهه عام جي ذهنن مان تيزيءَ سان ميساربي پئي وڃي.) ظفر جڏهن سنڌ جي ثقافت کي پنهنجي فن ۾ چٽڻ جو عزم ڪندي لطيف جي ڪردارن ۽ ٻهراڙيءَ جي روزمره واري زندگيءَ کي ڪئنواس تي محفوظ ڪرڻ جي شروعات ڪئي، تڏهن نج سنڌي روايتون ۽ رسمون ڄڻ هٿن مان نڪرنديون پئي ويون. مثلاً صدين کان وٺي سون نديءَ مان مليل معاشري جون ريتون رسمون، اُٿڻيون ويهڻيون، سهرا، گيت ۽ لاڏا، سگهڙن جا سخن، پهاڪا پروليون، ڪچهريون ۽ مارڪا، ميلا ۽ ملاکڙا، دُهل ۽ ڌمالون.
    اُن دؤر ۾ به ظفر جي ڪم مان مون کي پوري يقين سان لڳو پئي ته سندس هٿن ۾ جهليل برش ۽ رنگن جي پليٽ جو کليءَ طرح اعلان هو سنڌ جي هر ثقافتي شيءِ کي هميشه لاءِ پنهنجي ڪلا ۾محفوظ ڪري ايندڙ پيڙهين کي سندن سڃاڻپ ڪرائڻ جو.
    ظفر ذهين چترڪار هو هتي جي سادن سودن ماڻهن جو، ٿر جي ماروئڙن، سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن جو، ڌنارن ميهارن ۽ ٻڪرارن جو، جيڪي روز سج اُڀرئي کان وٺي سانجهيءَ تائين پنهنجو مالڙو ڪاهي جهنگ جو رُخ ڪندا آهن. پوءِ سڄو ڏينهن لسيءَ لپ ۽ جوئر ڍوڍي تي غاريبو گذران ڪندي، ليَن ۽ لاڻين، ٻيرن ٻٻرن ۽ گهاٽن کٻڙن جي ڇانون ۾ ويهي مال جي ڳچيءَ ۾ٻڌل چَڙن ۽ ٽَلين جي سُريلن آوازن سان سُرُ ملائي لطيف سائينءَ جا بيت ۽ ڪافيون جهونگاريندا رهندا آهن، ته ڪڏهن وري جهنگ جي پکين- چانهه، چيهن، تترن، تلورن ۽ ڳيرن جي ڳُٽڪارن يا ڪوئل جي من موهيندڙ ڪوڪن تي بانسري، بوڙينڊي ۽ نڙ پاون جي پڪار ۽ چنگ جي چُونگار سان جهر جهنگ جي ماٺيڻي ماحول کي مست بڻائي ڇڏيندا آهن.
    ٻئي طرف ظفر کي نظر پيا اچن ميلن ملاکڙن ۾ پينگهن جا منظر ۽ ٻارڙن جون چوڏيلن جي رينگٽن تي رڙيون. پري کان شرناءِ جي سُرن سان گڏ دهل جي ڊرنبڪ واري ڏونڪي تي ملهن جا جوڙا هڪ ٻئي کي سندرا پيا ٻڌن. چوڌاري ملاکڙو ڏسڻ جا شوقين نصرپور جي کيسن ۽ ٿر جي ڏاسن جي کٿن سان ڪانڀ ڪڍي ويٺل، ته ٻيا وري ڪلهن تي هٿ رکي يا هڪ ٻئي جي چيلهن ۾ ڀاڪر وجهي ميدان ۾ لٿل ملهن کي شابس پيا ڏين ۽ ڪرسين تي ويٺل ڪامورا ۽ وڏيرا کٽيندڙ ملهن تي انعام طور نوٽ پيا گهورين. ملهه به وڏيرن ۽ صاحبن جي اڳيان گوڏا کوڙي هٿ وڌائي نوٽ وٺي سلام ڪري سڄي ميدان ۾ نچندا ڪُڏندا نظر پيا اچن.
    اچو ته ڏسون ظفر ڪاظميءَ جي چترن ۾ درويشن جي درگاهن تي پري پري کان آيل پانڌيئڙن جا ويس وڳا... مٿي تي ٻڌل پٽڪن جا مختلف ڀير، پيرن ۾ ڀرت ڀريل رينگٽن واري جُتي سان وڏن قدمن جي لچڪدار لوڏ تي محبوب جي هٿن جا هُرمچي ڀريل تُرن جا تجلا، کاڌيءَ جون کسي ڳلي واريون قميصون، وَرَ کنجيل وڏيونگهيردار سلوارون، ڳچيءَ ۾ ڳانا، ڪنٺا تعويذ ۽ سڳڙا، ڪولابن وارن هٿن ۾ چمڙو چڙهيل نيٽَ جا لڪڻ، چاپئيون ڏاڙهيون، مُڇون مروٽيل، شهپر شهتير، ڪنن ۾ سون چانديءَ جون ڪيوٽيون، ڪلهن تي ڦلڙيءَ وارن اجرڪن جا بوڇڻ،چيلهه تي ٻڌل لُنگين جا سندرا. ائين پيا لڳن ڄڻ موهن ۽ ڪاهوءَ جي دڙي وارا ساڳيا ملوڪ ماڻهو اچي اسان سان مليا هجن ۽ گڏ کلي کائين پيا پيڙا ۽ برفيون، ڳنڍا ۽ قلفيون، سڱر ۽ پڪوڙا، توت ۽ ڀڳڙا، وڙا ۽ لائي، شربت جي ڀريل گلاسن سان.
    رات اچي وئي مچ مچي ويا
    سگهڙ ۽ سازيندا به اچي ويا
    لطيف سائينءَ جا بيت ۽ وايون
    الڻ فقير جي الله هُو
    سڀ ڪو چوي حق تُو هي تُو
    آيو مصري خان جمالي
    الغوزي تي سُڻ ڪوهياري
    الڻ فقير جي الله هُو
    سڀ ڪو چوي حق تُو هي توُ
    ظفر جي هر تصوير هڪ پيغام، هڪ آس، هڪ خوشي ۽ ڪيترن ئي اُٿندڙ اُڌمن، بيشمار جذبن ۽ اڻ کٽ اميدن سان ڀريل رنگن جي راند هئي، جيڪا يار ويهي کيڏندو هو وهندڙ واهن ۾ پَر پُسائي کنڀڙا کولي خوش ٿي ڪڏندڙ ڪٻرين، ڪانون، طوطن سان پر پکيڙيل مورن سان، جهمر پائيندي جهرڪين سان. هو پينٽ ڪندو هو کڏن کامن کي، اُترپار کان ايندڙ ميگهه ملهارن، ڪارن ڪڪرن، وڏڦڙي تي ٿر جي ڀِٽن کي، هن جي مصوري ڄڻ سنڌ جي فطرت جي شاعري هوندي هئي. ”ڪري قطارون نڪتيون ناريون“، جهڙ ڦڙ جهڙ ڦڙ جهمريون پائي، نيلا پيلا ويس مٽائي، گهاگهر گهڙي کي چيلهه تي چاڙهي، چُني چادر کي چڪڙو پائي، چوڙي واري ٻانهن لوڏائي، گيت خوشيءَ جا هر هر ڳائي، حُسن هليو آ ميگهه ملهائي.
    جِي ها!... ظفر جو رنگن ۽ برشن جي مدد سان ٿر جي ماروئڙن جي آسن ۽ اُميدن، اُمنگن ۽ جذبن کي اظهارڻ وارو انداز ڪيترو نه حسين ۽ دلفريب آهي!
    لاکيڻي لطيف سائينءَ جون سورميون ظفر جي تصويرن جا خاص ڪردار رهيا آهن. ظفر انهن کي شاهه جي ورقن مان کڻي بيتن ۽ واين مان وٺي رنگ رهائش جا ڏئي، روپ وفائن جا ڪتي، ڪامياب ڪوشش ڪئي محب ملائڻ جي، هُن پار هلي پهچائڻ جي
    ڏسو ڪينجهر ڪناري، ڪنول کلائي
    ملي نوري، ڄام تماچي سان
    گڏ کِکين سندي کاريءَ سان
    سُهِڻي محب ملڻ لاءِ ماندي آ
    جنهن ميهر سان لئون لاتي آ
    کڻي گهڙو سا ٻانهُن ۾
    وچ سير ملڻ لئه آتي آ
    ---
    وٽ سوريندي لهاويم تيل ٻَري
    موٽ مسافر سُپرين چانگي تي چڙهي
    راڻي لاءِ رڙي ويئي وهامي راتڙي
    (شاهه)
    ظفر سنڌ جي نينگرين جي لباسن کي پنهنجي فنپارن ۾ خاص جڳهه ڏني آهي. هن، سندن لٽن ڪپڙن کي انڊلٺ مان شوخ ۽ نکريل نيرا پيلا ڳاڙها ۽ ساوا رنگ کڻي سينگاريو آهي. ململ جي چُنيءَ، چڪني جا چولا، سوسيءَ جون سلوارون کڏي کڌڙ جا گهيردار گهگهرا تن تي ڪاون واري هلڪي هُرمچي ڪوڏين موتين، زريدار پلڙن ۽ پٽ ريشم جون ڀرت ڀريل ڊزائنون چِٽيون آهن. ظفر ئي آهي تن جو سونار وينجهار- سينگاري ٿو تن کي جيئن لڳن من موهڻيون. نڪن ۾ تني جي نٿ، لونگ، ڪوڪا يا بئنسر ۽ بولا، ڳچين ۾ تن جي هس هار دُهريون چندن هار چوپڪليون گلوبند ۽ ڪٺمال. ٻانهن ۾ ڪنگڻ ۽ وٽ دار چورا. هٿن ۾ ويڙهه، ميناڪاريءَ واريون منڊيون ۽ چانديءَ جا ڇن ڇن ڪندڙ ڇلا. پيرن ۾ پٽيون ڪڙا ۽ ٽوڙها. ظفر پنهنجي تصويرن ۾ انهن سڀني زيورن جو دل کولي موقعي مهل سان استعمال پئي ڪيو آهي. زيورن جي جوڙجڪ ۽ انهن جي مٿان رنگين ٻُڙن جو جڙاءُ، هن جي مصوريءَ ۾ ميناڪاريءَ جو ڪم وڏيءَ خوبصورتي ۽ پختگي سان ٿيل آهي.
    انهن خوبصورت روايتي زيورن جي استعمال جو رواج صدين کان وٺي سنڌ جي عورتن جي سونهن سوڀيا پئي رهيو آهي، پر موجوده دور ۾ انهن زيورن جي پائڻ جو رواج تيزيءَ سان گهٽبو پيو وڃي. لڳي ٿو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ اهي روايتي سنڌي ويس وڳا ۽ ڳهه ڳٽا اسان فقط ڪاظمي صاحب جي چِٽيل چترن ۾ ئي ڏسي سگهنداسون، جيڪي هو اسان لاءِ پنهنجي مصوريءَ ۾ محفوظ ڪري ويو آهي. سچ ته هيءُ آهي ته سنڌ ميوزم جو اصل بانيڪار به ڪاظمي صاحب پاڻ آهي. سڄي حياتي اُن کي سجائڻ ۽ سينگارڻ ۾ صرف ڪيائين، جتي سندس سالن جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ سخت محنت سان ڪيل ڪم موجود آهي. سنڌ جي مختلف آرٽ گئلريز ۽ عجائب گهرن ۾- جن ۾ خاص طرح سان قابل ذڪر ”ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر“ آهي- جتي سندس تصويرن سان گڏ ”Diorama“ پڻ رکيل آهن، جيڪي سندس فن ۽ صلاحيتن جا بيمثال ۽ نادر نمونا آهن، لطيف سائينءَ جي بيتن تي ٺهيل انهن سورمين جا من موهيندڙ الڳ الڳ انداز ڏسندڙن کي حيران ۽ مسرور ڪرڻ لاءِ هر وقت منتظر آهن.
    ساڳيءَ ريت ان کان به وڌيڪ سندس ڪيل ڪم حيدرآباد جي ”سنڌ پراونشل ميوزم“ ۾ موجود آهي، جتي ڪاظمي صاحب ڊگهي عرصي تائين ڊائريڪٽر جا فرائض انجام ڏيندو رهيو. محدود سرڪاري وسيلن جي باوجود به هن عجائب گهر جي آرٽ گئلري ۾ ڏيکاريل ثقافتي ورثو جنهن ۾ سنڌ جي پورهيت طبقي جا ڪم ڪاريون، زندگي گذارڻ جا ڍنگ، ٻارڙن جو رانديون رونديون، عورتن جا ويس وڳا، زيورن جا مختلف نمونا ۽ انهن جي پائڻ جا الڳ الڳ انداز ڏيکاريل آهن. سنڌ جي ثقافتي ورثي جو وسريل خزانو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گڏ ڪري ميوزم ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. ظفر جي ڪيل انهيءَ مثالي ۽ تاريخي ڪم کي اسان ڪڏهن به وساري ڪونه سگهنداسون، ڇو ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي صدين کان پاتال ۾ پيل پاڙُن جي پروڙ ۽ ورثي جو وچور ڪاظمي صاحب جي ئي هن ڪيل ڪارنامن مان ڏيکاري سگهون ٿا. ظفر جي وڇوڙي کان پوءِ مهراڻ جي ماڻهن جي هٿن مان هي ٽيون اُملهه موتي ڇڏائي عميق ۾ هليو ويو آهي. هن کان اڳ سائين ع ق شيخ صاحب ۽ علي اڪبر سومرو سدا لاءِ جدا ٿي ويا آهن پر سندن ياد اسان جي آسپاس، دلين جي ويجهو ۽ ذهنن ۾ هميشه قائم آهي.
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ظفر ڪاظمي : سچ جو سپاهي

    گل محمد عمراڻي

    هڪ مهان ڏاهي جو چوڻ آهي ته ”سچائيءَ جي خاطر ميدان ۾ مارجي وڃڻ سڀ کان عظيم انت آهي.“ سنڌ جي مهان چترڪار ظفر ڪاظمي سڄي ڄمار برجسته سچ چوندي ۽ منافقن جي مڪروه چهرن تان برملا نقاب چاڪ ڪندي، تمام ٿورا دوست، ڳچ دشمن ۽ کوڙ بدخواهه پويان ڇڏيا. هونئن ته سندس زندگيءَ جو موازنو ”موازنه اَنيس و دبير“ جيان مائيڪل اينجلو ۽ ليونارڊو ڊوانچي سان ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻ هنن ٻنهي مهان ۽ آدرشي ڪلاڪارن وانگر مشاق مصور ۽ سنگتراش، آرڪيٽيڪٽ ۽ شاعر هو، پر سندس اصل موازنو يونان جي جهوني فيلسوف استاد ديوجانس ڪلبي سان ڪرڻ گهرجي، جنهن پنهنجي زندگي ڪمال سادگي سان هڪ ننڍڙي ٽب ۾ گذاري ڇڏي ۽ اُهو ٽب به ماڻهن پراڻو سمجهي رستي تي ڦٽو ڪري ڇڏيو!

    جڏهن ۲۰۰۲ع ۾ مان ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ بدلي ٿي آيس تڏهن ڪاظمي صاحب سان تمام گهڻيون ڪچهريون سنڌ ميوزيم ۾ ٿينديون هيون، جنهن جو هُو باني، خالق ۽ عاشق هو. سندس ”منهن تي سچ چوڻ“ واري بيڌڙڪ ۽ مستقل عادت عام ۽ روايتي نوڪرشاهيءَ کيس اصل ڪانه وڻندي هئي، پر مان هميشه کيس ”سچ جو سپاهي“ ڪوٺيندو هوس ۽ ذاتي طرح کيس گهڻو پسند ڪندو هوس.
    ڪاظمي صاحب پنهنجي سرڪاري رهائشي ڪوارٽر کي ”ديوجانس وارو ٽب“ سمجهندو هو. هڪ ڏينهن موڊ ۾ اچي ديوجانس بابت پاڻ ٻڌايائين ته ”جڏهن سڪندراعظم ديوجانس کان پڇيو ته مان تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“ تڏهن عظيم فيلسوف ڪمال بيزاري ۽ بي نيازيءَ مان وراڻيو ته ”مهرباني ڪري منهنجي ۽ اُس جي درميان هڪدم هٽي وڃ!“ ديوجانس کي ”ڪلبي“ (عربيءَ ۾ ڪتن وارو) انهيءَ ڪري چوندا هئا ته هن جي نظريه مطابق ”ڪتو انسان کان وڌيڪ وفادار ۽ سچو سڄڻ آهي. انسان کان وڌيڪ دغاباز ۽ بيوفا جِيو شايد ئي ڪوئي ورلي ملي!“
    ظفر ڪاظمي هڪ حساس دل، روشن ضمير، صاحبِ طرز مصور هو. سنڌي لوڪ ادب کي ڊاڪٽر بلوچ جهڙو عظيم ۽ اورچ ريسرچ اسڪالر بيشڪ مليو، پر ظفر ڪاظمي جهڙي اڻٿڪ، جاکوڙي، بيباڪ ۽ سڄاڻ ”فيلڊ آرٽسٽ“ ۽ ڪامل مصور Implementer کانسواءِ ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر، سنڌ ميوزيم، دائودپوٽه لائبرري ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل دراصل اَڌورا اڌورا رهجي وڃن ها. ظفر بيشڪ ڪؤڙو (Bitter) ڳالهائيندو هو، پر اِهو ڪؤڙو سچ، هن جي ذات ۽ ڏات جي سڃاڻپ هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو