ايران جي صدارتي چونڊن ۾ احمدي نجاد جي ڪاميابيءَ جا سبب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عظيم طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2009۔

  1. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ايران جي صدارتي چونڊن ۾ احمدي نجاد جي ڪاميابيءَ جا سبب

    لياقت عزيز

    ايران جو سڄو سياسي نظام 1979ع جي نئين آئين ماتحت آهي. ايران جي آئين ۾ ملڪ جي وڏي علمي ۽ مذهبي شخصيت کي ”سپريم ليڊر“ جو درجو مليل آهي. هن وقت ”آيت الله خامنائي“ ايران جو سپريم ليڊر آهي، جيڪو آيت الله خميني جي وفات کانپوءِ چونڊيو ويو هو. ”سپريم ليڊر“ کانپوءِ آئين جي لحاظ کان وڏو عهدو صدر جو آهي، جنهن کي عام ووٽر هر چئن سالن کانپوءِ چونڊيندو آهي. صدر کانپوءِ آئين مطابق 8 نائب صدر آهن ۽ ڪابينا جا 21 وزير مقرر ڪرڻا هوندا آهن، جن جي منظوري ايران جي پارليامينٽ يا مجلس کان وٺڻ لازمي آهي. ايران جي پارليامينٽ کي مجلس شوريٰ اسلامي يا Islamic consultative Assembly سڏيو ويندو آهي، جيڪا 290 ميمبرن تي مشتمل آهي، جنهن جو مدو چار سال آهي. ايران ۾ عوام کي شهري حق حاصل آهن، تحرير ۽ تقرير جي آزادي آهي، عقيدي ۽ عبادت جي آزادي آهي. ايران جي سياسي نظام ۾ سرڪاري ملازم کي سياست ۾ حصي وٺڻ تي ڪا پابندي ناهي، صرف ”لازمي سروس“ يعني فوجي اهلڪار جي سياست ۾ حصي وٺڻ تي پابندي آهي. ايران ۾ سرڪاري ملازم ڊيپوٽيشن يا موڪل وٺي ڪنهن به سياسي عهدي لاءِ بيهي سگهي ٿو.

    1979ع ۾ شهنشاهه ايران جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ايران جي سياسي، سماجي، اقتصادي، مذهبي ۽ تهذيبي ڍانچي ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن. 1979ع جي انقلاب کانپوءِ سامراجي ملڪن ۽ ان جي اتحادين طرفان ايران جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته عملي طور تي ايران کي ڏسبو ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، هر شهري کي عقيدي، جنس، رنگ ۽ نسل جي فرق کانسواءِ هر قسم جي آزادي ۽ بنيادي سهولتون ميسر آهن. البته ٿوري بيروزگاري آهي، ڇاڪاڻ ته ڏهن سالن کان مٿي عرصي تائين ايران جو هر سطح تي بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي ۽ ان جي معاشي ناڪابندي ڪئي پئي وڃي ته جيئن عالمي سامراج آڏو ايران گوڏا کوڙي. ايران خلاف اها مغربي پروپيگنڊا به غلط آهي ته 1979ع جي اسلامي انقلاب اچڻ کانپوءِ عورتن کي گهر جي چار ديواري ۾ قيد رکيو ويو آهي، پر زميني حقيقت اها آهي ته 1979ع جي انقلاب کانپوءِ ايراني سماج ۾ جيڪو مان ۽ مرتبو عورت کي ڏنو ويو آهي، اهو مغربي ملڪن کان وڌيڪ آهي. ايران ۾ صرف غير اخلاقي حرڪتن کي ٻنجو ڏنو ويو آهي، عورت جي تقدس جي پائمالي وارين محفلن ۽ حرڪتن کي بند ڪيو ويو آهي، فحاشي ۽ عرپاني کي روڪيو ويو آهي. ايراني سماج ۾ مرد ۽ عورت کي برابري واري حيثيت حاصل آهي. مرڪزي حڪومت توڙي صوبائي حڪومتن جي ڪاروبار ۽ وهنوار ۾ برابريءَ جي حيثيت ڏني وئي آهي، فوج، ايئر فورس، نيوي ۽ ٻين سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن، نياڻين کي مناسب نمائندگي مليل آهي. ايران جي مختلف شهرن ۾ نجي دوڪانن ۾ پڻ عورتون ڪاروبار هلائين ٿيون. سڀ کان نرالي ڳالهه اها آهي ته عورتون ”بس ڊرائيور“ آهن. عورتون ٽيڪسيون هلائي حلال جو روزگار ڪمائين ٿيون.

    ايران ۾ 12 جون 2009ع تي ٿيل صدارتي چونڊون هن خطي ۽ خاص طور تي وچ اوڀر جي صورتحال جي ڪري ڏاڍي اهميت رکندڙ هيون. گذريل ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا ۽ سندس اتحادي فوجون عراق ۽ افغانستان ۾ ويٺيون آهن، انهن جي ڪوشش آهي ته اهي ايران تي به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجو تسلط قائم ڪن. 1979ع ۾ پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي هئي، ايران ۾ آيت الله خميني جي اڳواڻي ۾ انقلاب آيو. ۽ افغانستان ۾ ان وقت جي سوويت يونين جي مدد سان ” ثور انقلاب“ آيو هو. هاڻي آمريڪي فوجون ايران جي ٻن پاسن کان يعني عراق ۽ افغانستان ۾ آهن. 1979ع ۾ ايران ۽ افغانستان ۾ آيل تبديليون آمريڪا جي حق ۾ نه هيون، تڏهن ان کي ضرورت پيش آئي ته پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت جو خاتمو آندو وڃي ۽ ”ثور انقلاب“ جي خاتمي لاءِ ”طالبان“ پيدا ڪيا ويا. ايراني نار ۾ آمريڪي ٻيڙن جي موجودگي ايران لاءِ ڪا چڱي نشاني ناهي. ايران ۾ تازو ٿيل چونڊن ۾ احمدي نجاد ڪاميابي ماڻي آهي، هن جي ڪاميابي جا هيٺيان سبب آهن: محمود احمدي نجاد پنهنجي گذريل صدارتي مدي دوران آمريڪا جي ڪنهن به ڌمڪي ۾ نه آيو. ايران جي خوشحالي ۽ ڪاميابي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون. چونڊن ۾ هن جي سامهون مير حسين موسوي، مهدي ڪروبي ۽ محسن رضائي هئا، پر عوام ۾ انهن کي ڪا پذيرائي نه ملي. هاڻي انهن جي حامين طرفان چونڊ نتيجن خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي.

    محمود احمدي نجاد 28 آڪٽوبر 1956ع تي ”تالشي“ خاندان ۾ جنم ورتو هو، سندس پيءُ ”لوهارڪو“ ڪم ڪندو هئو، سندس ڇٽي جو نالو ”محمود سابورجهن“ رکيو ويو هو. اڳتي هلي سندس نالو مٽائي ”احمدي نجاد“ رکيو ويو. هن جو خاندان بلڪل مسڪين هو. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سندن خاندان معاشي طور تي مستحڪم ٿيڻ لاءِ ارادان کان ڏکڻ تهران جي ضلعي نارمڪ ڏانهن منتقل ٿي ويو. 1976ع ۾ محمود احمدي نجاد ايران جي قومي يونيورسٽيءَ جو هڪ امتحان ڏنو هو، سندس چوڻ آهي ته ان امتحان ۾ چاليهه هزار اميدوارن مان 132 هين نمبر تي مارڪون کنيون هيون، جنهن کانپوءِ کيس ايراني يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سول انجنيئرنگ جي شعبي ۾ داخلا ڏني وئي هئي. سول انجنيئرنگ کان STU مان 1979ع ۾ ٽرانسپورٽيشن انجنيئرنگ ۾ پي ايچ ڊي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. ايران ۾ اسلامي انقلاب کانپوءِ هڪ تنظيم Office for Strengthening unity جو ميمبر ٿيو. پهرين جولاءِ 2005ع تي نيويارڪ ٽائيمز ۾ ڇپيل مضمون موجب، 1979ع ايران ۾ آمريڪي سفارتخاني تي شاگردن پاران ڪيل قبضي واري عمل ۾ احمدي نجاد جو اهم ڪردار هو، جنهن دوران 52 آمريڪي 444 ڏينهن لاءِ قيد ڪيا ويا هئا.تهران ۾ ڊاڪٽريٽ جي پڙهائي/ ريسرچ دوران 1993ع کان 1997ع تائين ارادبيل صوبي جو گورنر جنرل هو. 1989ع کان هو يونيورسٽي ۾ ليڪچرار ۽ فيڪلٽي طور ڪم ڪري رهيو آهي، احمدي نجاد کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي.

    محمود احمدي نجاد صدر هوندي به پنهنجي اباڻي گهر ۾ رهي ٿو ۽ صدارتي آفيس وڃڻ مهل فرانس جي ٺهيل پنهنجي ڪار پاڻ هلائي ٿو. لنچ باڪس گهر مان کڻي وڃي ٿو، آفيس وڃڻ مهل نه ٽرئفڪ بند ٿئي ٿي ۽ نه ئي پوليس رستن تي بيهي ٿي. اهڙي طرح هو عوام جي خادم طور سڄي ايران ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۽ صدارتي عهدي بدران ليڪچرار جو پگهار کڻي ٿو. سوويت يونين ۾ صدر جڏهن رستن تان گذرندو هو ته ٽرئفڪ بند نه ٿيندي هئي پر ”لوممبا يونيورسٽي“ آف ماسڪو جو وائيس چانسلر ماسڪو جي بازارن مان گذرندو هو ته احترام طور ٽرئفڪ بند ڪئي ويندي هئي. ساڳي طرح انڊيا ۾ به جيڪي صدر رهيا آهن، اهي پيشي جي لحاظ کان ”استاد“ رهيا آهن، گهڻو ڪري اعليٰ تعليم يافته يعني پي ايچ ڊي صدر رهيا آهن. موجوده وزير اعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه به معاشيات ۾ پي ايڇ ڊي آهي. جيڪي قومون پنهنجي عالمن ۽ اعليٰ تعليم يافته انسانن کي پنهنجي رياست جو سربراهه بڻائين ٿيون، انهن قومن کي ڪير به شڪست نٿو ڏئي سگهي.ايران ۾ احمدي نجاد کان اڳ وارو صدر ڊاڪٽر اڪبر ولايتي به پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، وڪيل پنهنجي پيشي سان حقيقي طور انصاف ڪن ته پاڪستان ۾ حقيقي انقلاب اچي سگهي ٿو ۽ ان تبديلي سان عام ماڻهو جي حالت بهتر ٿي سگهي ٿي.
    رزونه ڪاوش حيدرآباد تان ورتل 2009_6_16
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بهترين شيئرنگ آهي ادا
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀائڙا عظيم
    حق موجود

    دوست جي دل ۾ نه ڪريو ته هڪ صلاح آهي، اهڙي قسم جون خبرون ۽ تبصرا جيڪڏهن حالات حاضره واري خاني ۾ لڳائجن ته آءُ سمجهانٿو ته وڌيڪ مناسب ٿيندو ...

    باقي ادب واري خاني ۾ ادبي ڪاوشون هونديون ته اسان سڀني کي آساني ٿيندي صحيح تحرير ڳولهڻ ۽ پڙهڻ ۾ ...

    وڌيڪ آءُ سمجهانٿو ته اوهين به ان ڳالهه سان سهمت هوندا ...

    الله اوهانجو مددگار هجي ...
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا عظيم تمام بهترين شيئرنگ آهي،
    سائين نثار ابڙو صاحب توهان جي ڳالهه بلڪل درست آهي. سائين توهان هن فورم جا ايڊيٽر آهيو، ۽ هڪ ايڊيٽر جي ڪم کان توهان بخوبي واقف آهيو،
    هڪ ايڊيٽر جي ناتي انهي ڪالم کي حالات حاضره ۾ رکان ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو