سنڌين کي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽن ۾ اچڻ جي دعوت

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2009۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    آچر ڏينهن تاريخ 31-5-2009 تي پاڪستان جي سڀني وڏين اخبارن ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد طرفان سال 2009 جي داخلائن جو اشتهار ڇپيو آهي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي ملڪ جي هڪ انفرادي سڃاڻپ رکندڙ اسلامي يونيورسٽي آهي اها يونيورسٽي شهيد ذولفقار علي ڀٽي جي خوابن پٽاندڙ او ، آ۽ ، سي جي چارٽرڊ يونيورسٽي آهي 60ع ۽ 70 ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اسرائيل مسلمان دنيا تي پهنجي جارحيت جو مظاهرو ڪيو ته تڏهن شهيد ڀٽي اسلامي دنيا کي گڏجڻ جو هڪڙو خواب ۽ آدرش ڏنو جيڪو هڪ عظيم تنظيم اسلامڪ ڪنٽريز آرگنائيزيشنس جي شڪل ۾ وجود ۾ آيو انهي تنظيم جي اصولن فيصلن ۽ شهيد ڀٽو جي آدرش لا۽ سڀني اسلامي ملڪن ۾ هڪڙي هڪڙي اسلامي يونيورسٽي جو قائم ٿيڻ ضروري هو.
    جنهن آدرش تحت بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي ملائيشيا ، بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي بنگلاديش ، بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد وجود ۾ آيو ، شهيد بينظير ڀٽو جنهن کي نظرياتي طرح هن يونيورسٽي سان ڪافي لڳاءُ هيو تنهن اسلام آباد ۾ هڪڙو پورو سيڪٽر H-10 هن يونيورسٽي جي نالي ڪيو ايتري ايراضي اسلام آباد ۾ شايد ئي ڪنهن يونيورسٽي کي حاصل هجي ، بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد اسلامي ملڪن سان گڏوگڏ باقي سموري مغربي دنيا ۾ هڪ سٺي ساک ۽ سڃاڻپ رکي ٿئي هي يونيورسٽي بدقسمتي سان اسان جي سنڌي ماڻهن ۾ هڪ محدود شناخت رکي ٿئي پر هن يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ ، ميڊيڪل ، ڪمپيوٽر سائنس ، اڪنامڪس ، بزنس ايڊمنسٽريشن ، انگريزي ادب ۽ زبان سان گڏوگڏ تقريبن سڀ سوشل سائنسز جا شعبا آهن ۽ جديد تعليم سان هم آهنگ آهن پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ 15 هزار کان وڌيڪ شاگردن مان سنڌي شاگرد 100 به مس آهن جيڪو تعداد هڪ سيڪڙو به ناهي جڏهن ته يونيورسٽي جو پهريون صدر اي ڪي بروهي ۽ پهريون ريڪٽر ڊاڪٽر اين اي بلوچ سنڌي هئا ۽ اڄ پڻ هن يونيورسٽي جو صدر ڊاڪٽر انوار حسين صديقي حيدرآباد جو سنڌي آهي ان ڪري اسين هن اخبار جي ذريعي سڀني سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي گذارش ڪريون ٿا ته تازو ئي اعلان ڪيل داخلائن لا۽ اڳتي وڌن ۽ پنهنجي حيثيت ۽ علم دوستي جو ثبوت ڏين ته جيئن وڌندڙ دنيا سان اڳتي وڌي سگهجي .
    اسين هن يونيورسٽي جا شاگرد پنهنجن ايندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن مدد لا۽ تيار آهيون

    ورتل روزانه ڪاوش حيدرآباد
    آچر 7 جون 2009
    مبارڪ علي لاشاري اسلام آباد



    sindhsalamatsaathsal
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا فقير سائين تمام سٺو سڏ آهي ... اسانجي نوجوانن کي جي ڪنهن منزل تي پهچڻ چاهن ٿا، اهي، ان اداري جو پراسپيڪٽس ( معلوماتي ڪتابچو) گهرائي فيصلو ڪن ۽ پنهنجي پنهنجي پسند آهر اڳتي وڌن ...
    اسانجي رهنمائي لاءِ اڳ کان ئي ڪجه سنڌي نوجوان ات موجود آهن، انهن سان رابطو ڪري ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي ...

    سدائين گڏ
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    واقعي به بهترين سڏ آهي ادا
    حقيقت ته اها آهي ته ڪراچي جيڪو سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي ان ۾ موجود ٽيڪنيڪل يونيورسٽي Ned يونيورسٽي وٽان گذريم ته هڪ وڏو بينر لڳل جنهن تي واضح لفظن ۾ لکيل هيو ته هن يونيورسٽي ۾ صرف ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ ئي داخلا وٺي سگهندا...
    انهي چيڙائيندڙ بينر کي پڙهڻ کان پوءِ توهان جي آندل هن خبر چهري کي ڪجهه ٿڌو ڪيو آهي...
    سڀني نوجوانن ۽ انهن جي والدين کي گذارش آهي ته اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ موجود سنڌين جي انهيءَ ڪوشش کي ڀرپور موٽ ڏين...
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين ادو مبارڪ لاشاري منهنجو بهترين دوست آهي. ادي ذوالفقار جي تعليم جي لاءِ تمام بهترين ڪاوشون ۽ ڪوششون آهن. جن جي جيتري به تعريف ڪجي سي گهٽ آهن. ادي ذوالفقار کي جس هجي ۽ وري اسان واري فقير ڀاءُ جي مهرباني جنهن اخبار جي منجهيل لکڻين کي پڙهي ڪري ان کي انٽرنيٽ تي شايع ڪيو.
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا رشيد
    &
    ادا عبد الوهاب
    حق موجود
    ڀائڙا، ممڪن ٿي سگهي ته هن پوسٽنگ کي اکر پڙهه الف جو ۾ منتقل ڪجي ته هوند ٿريڊ به ڪارائتو ٿيندو & ٻين دوستن کي به آساني ٿيندي ... ته هن ٿريڊ کي سمجهي سگهن ڇاڪاڻ ته نالو اکر پڙه الف جو هڪ وڏو نالو آهي جنهنجو مطلب ته شايد اڃان تائين اسين سمجهي نه سگهيا آهيون
    الله اوهانکي خوش رکي ..
    دعائن ۾ گڏ
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا ٻيو حڪم
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    تمام وقتائتو سڏ آهي جنهن جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي، اسان سنڌي ٿورو به محنت ڪيون ته منزل هر گام اسان ڀيرو هوندي
     
  8. مشتاق رند

    مشتاق رند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 اپريل 2009
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سڀني دوستن کي اسلام اليڪم
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    واليڪم السلام ،
    ادا، مشتاق رند صاحب
    ڀلي ڪري آيا جي آياbhali kareaya
    shal judy hujeen
    sadayeen gud
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا مشتاق رند جي آئين ڀلي آئين۔
    سڄي سنگت کي ٻڌائيندو هلان ته مشتاق رند منهنجو پيارو شاگرد آهي، ۽ مون سان گڏ آفيس ۾ ڪم ڪندو آهي، انهي کي سنڌي لکڻ تمام گهٽ ايندي آهي، پر سنڌ سلامت تي اچڻ جو ڏاڍو شوق هوس، سو پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي اٿس ۽ فارغ وقت ۾ سنڌي جي پريڪٽس ڪندو آهي۔
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    ادا توهان جا اهي ٿورا مان ڪيئن لاهيان ڪڏهن اچو شڪارپور ته توهان جا اهي احسان مان ضرورو لاهيندس :D

    shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو