حيدرآباد جي هوائن ۾ مهڪندڙ ماڻهوممتاز مرزا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    حيدرآباد جي هوائن ۾ مهڪندڙ ماڻهوممتاز مرزا​

    [​IMG]
    طارق عزيز شيخ
    حيدرآباد شهر ۾ جتي محبت جا ميڙ متل هوندا هئا اتي اڄ ڪجهه به ناهي. شهر جي حالت ۾ اڳي کان وڌيڪ بڇڙي ٿي چڪي آهي. سوڙهو شهر ويتر سوڙهو ٿي چڪو آهي. سنڌ جي مرڪزي حيثيت رکندڙ حيدرآباد شهر کي جيڪو مقام ملڻ گهربو هو، ان کي نه ملي سگهيو جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي. جيتوڻيڪ شهر جي ترقي جي نالي تي هر حڪومت ۾ فنڊ رکيا ۽ خرچ ڪيا ويا آهن،جنهن جو رڪارڊ ڪاغذن ۾ ئي موجود آهي.
    اڄ حيدرآباد کي محبت سان ساريندڙ اديب ۽ ثقافت جي شخصيت ممتاز مراز جي تيرهين ورسي آهي. هن حيدرآباد جو ذڪر جڏهن به لکيو تڏهن ”حيدرآباد سنڌ -منهنجي جند“ ڪري لکيو. سندس ڪتابن ۾ حيدرآباد جي ثقافتي ماحول کي اجاگر ڪيو ويو آهي.جيڪو ثبوت آهي، حيدرآباد سان سندس حب جو.
    سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شهر هجي جتي اڪير جا اهڙا ميلا متل هجن جيڪي حيدرآباد ۾لڳل رهندا هئا. اڄ نفسانفسي جي دور ۾ اهي محبتون شهر مان ڪُوچ ڪري ويون آهن جو ڪير به هڪ ٻئي کي مطلب کان سواءِ ياد نٿو ڪري. حيدرآباد جا سنڌي پاڙا پنهنجون اهي قديم روايتون هاڻي وڃائي ويٺا آهن جيڪي ممتاز مراز جي تحريرن ۾ سمايل آهن. شايد وڏڙن جون روايتون جاري نه رهيون ۽ نئين نسل وٽ نيون مصروفيتون وڌي ويون.
    حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ 1938ع ۾ جنم وٺندڙ ممتاز مراز جي پرورش ادبي ماحول ۾ ٿي. سندس والد سنڌ جو ناليوارو شاعر ۽ اديب مرزا گل حسن احسن ڪربلائي پنهنجي دور ۾ سنڌ جي مشهور شخصيتن ۾ شمار ٿيندو هو. ريڊيو پاڪستان تي پروگرامن ۾ وڃڻ جي شروعات ممتاز مرزا تڏهن کان ڪئي جڏهن سندس والد صاحب کي ريڊيو جا پروگرام مليا جيڪي ان ايئر هو ڪندو هو. نه صرف اهو پر احسن ڪربلائي ريڊيو جا اسڪرپٽ به تحرير ڪندو هو. پنهنجي والد جو اثر وٺندي متاز مرزا به ريڊيو پاڪستان تي وڃڻ شروع ڪيو ۽ بعد ۾ لکڻ ۾ مصروف ٿي ويو. ممتاز مرزا جنهن ٽهي ۾ لکڻ شروع ڪيو اهو سنڌي جديد افساني جو ابتدائي زمانو هو. تڏهن ڊرامن جو پڻ رجحان پروان چڙهي ويو هو ۽ ريڊيو پاڪستان جا سنڌي ڊراما ماڻهو وڏي چاهه سان ٻڌندا هئا. ممتاز مرزا ريڊيائي ڊرامن لکڻ ۽ افسانا تحرير ڪرڻ وارن تخليقڪارن ۾ اڳتي وڌڻ لڳو.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي قائم ڪيل ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس گاڏي کاتي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۾ هن پنهنجي قريب ترين دوست شيخ محمد اسماعيل سان گڏ سنڌي ادب جو ڊگهو پروجيڪٽ پورو ڪيو جيڪو چاليهن واليمن تي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل آهي. هي ڊڪشنري ۽ لوڪ ادب جون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي مليل اسڪيمون هيون جيڪي شيخ محمد اسماعيل، ممتاز مرزا، محمد يعقوب ميمڻ، محمد حسين ڪاشف جهڙا جفاڪش عالم سرانجام ڏيندا هئا.
    ممتاز مرزا 1974ع ڌاري ڪراچي ٽي وي تي اسڪرپٽ ايڊيٽري سنڌي سيڪشن مقرر ٿيو. هن دور ۾ سنڌي ڊرامن کي عروج مليو. سنڌي ڊرامن جي تاريخ ۾ پي ٽي وي جا جيڪي به ڪامياب ڊراما هئا انهن جي ڪاميابي پٺيان ممتاز مرزا جو هٿ آهي. اهو ايئن جو ڪيترائي ڪهاڻيڪار جن اڃا ڊرامو ڪونه لکيو هو تن کي ڊراما رائيٽر ممتاز مراز بڻايو. هتي نالا ڄاڻائڻ مناسب ناهي پر اهڙن ڪهاڻيڪارن جن ڊرامن ڏانهن توجهه به نه ڏني هئي تن کي حجت ڪري ڪهاڻين مان ڊرامو بڻايائين ۽ اهي ڪامياب ڊراما ٿيا. اهڙا ليکڪ جيڪي اڄ ڊراما رائيٽر طور سڃاتا وڃن ٿا سي ممتاز مرزا جي حجت ۾ نالو ڪڍي ويا. ڪيترا ڀيرا ايئن به ٿيو ته جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ ۽ اسڪپرٽ ايڊيٽر ممتاز مرزا جي ٺاهيل پاليسين موجب سنڌي ڊراما موضوعن موجب تحرير ڪري هلايا ويا هئا. ڊرامن کان علاوه سنڌي موسيقي جا سٺا موسيقار ۽ گلوڪار ممتاز مرزا آڊيشن وٺي پيش ڪندو هو. ان ڪري ڪيترائي نوان موسيقار ۽گلوڪارمتعارف ڪرايا ويا. اهڙي ريت ادبي پروگرامن جا مختلف سلسلا شروع ٿيا، عورتن جا سنڌي پروگرام، ٻارڙن جا پروگرام ۽ مختلف نوعيت جا ٽي وي پروگرام جاري ٿيا. هڪ اهم ڪارنامو جيڪو عبدالڪريم بلوچ ۽ ممتاز مرزا کي ڪريڊيٽ وڃي ٿو سو ٽي وي تي سنڌي پروگرام جو وقت 25 منٽن مان ڪلاڪ ڪرڻ وارو آهي. ان زماني ۾ هڪڙو ئي چينل سرڪاري ٽي وي جو هوندو هو. جنهن کي سنڌي پروگرام جو وقت نهايت مختصر هو، اڄ سيٽلائيٽ جو دور آهي، ڪيترائي سنڌي ٽي وي چينل آهن،انهي ڪري شايد هن ڳالهه جي اها اهميت نه هجي.
    پي ٽي وي کانپوءِ ثقافت کاتي ۾ ممتاز مراز ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي فائز ٿيو. اتي هن کاتي جي مطابق خدمتون سرانجام ڏنيون. شاهه لطيف جي ميلي کان وٺي پرڌيهه ۾ ثقافتي شو ڪرائڻ تائين سنڌي موسيقي کي هن هٿي وٺرائي. ڪيترائي ڪتاب ثقافت کاتي شايع ڪيا جيڪي ممتاز مراز جي نگراني ۾ تيار ڪيا ويا هئا. هو ذاتي حيثيت ۾ سندس مداحن جو وڏو انگ هو. ريڊيو جي زماني کان وٺي ثقافت کاتي جي پروگرامن جي ميزباني تائين، هن جا هر شعبي ۾ الڳ مداح هئا. 1974ع کان جيئن هو ڪراچي ۾ رهائش پذير ٿيو ته وري حيدرآباد ۾ 1996ع جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ آيو. جنهن پاڙي جي گهٽين ۾ ننڍي کان وڏو ٿيو هو. تنهن جي سار آخر ڇڪي آيس. ڏهاڪو ڏينهن اڃا مس گذاريا هوندائين ته دل جي دوري 6 جنوري 1997ع جي اڌ رات جو کيس اهي شدت سان سٽ ڏنس جو دم ڌڻي حوالي ٿي ويس. حيدرآباد جي هوائن ۾ اڄ ممتاز مراز ناهي پر سندس يادون گهلن ٿيون. هن جي تحريرن ۾ جيڪي محبتون شامل آهن سي ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. اهوئي سبب آهي جو اڄ سندس وفات وري ڏينهن يادگيري آئي آهي.

    بشڪريه عوامي آواز
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌي ثقافت ۽ سنڌي سنگيت کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مقبول ڪندڙ سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪ، براڊ ڪاسٽر ۽ اسٽيج سيڪريٽري سائين ممتاز مرزا جي ورسيء تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 جنوري 2015

هن صفحي کي مشهور ڪريو