علي بابا ۽ سندس ڌرتيءَ ڌڪاڻا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    علي بابا ۽ سندس ڌرتيءَ ڌڪاڻا​


    [​IMG]
    نند ڇڳاڻي

    اصلي نالو علي محمد، ادبي نالو علي بابا. سندس پتا جو نالو محمد يوسف بلوچ. 1940ع، ڪوٽڙيءَ ۾ سندس جنم ٿيو. سندس وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا. سندس پتا ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي ملازم هو. پاڻ ڇهه درجا انگريزي پڙهيو. پهرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور گهڙيو. هڪ سال نوڪري ڪيائين. پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور 4 سال گذاريائين. 1965ع کان لکڻ شروع ڪيو اٿائين. اڄ سوڌو قلم هلي ٿو. شايد سنڌ ۾ اهو ئي ليکڪ/ ساهتيڪار آهي، جنهن کي پنهنجي ڪمائيءَ جو وسيلو فقط قلم آهي. ادب سندس پيٽ ڀرڻ جو ذريعو آهي. ڪلاڪار جون گهرجون اتي ڪڏهن ڪڏهن فن سان انصاف ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ٻيو رولڙو سندس نصيب ۾ لکيل آهي. ڪٿي به ٿر ٿانءِ نه ٿيو آهي.
    پنهنجي ڪتاب ”منهنجون ڪهاڻيون“ ڀاڱو پهريون ۾ لکي ٿو ’هر ليکڪ سٺو پاٺڪ به هوندو آهي. مون کي شيام جئسنگهاڻي وڻندو آهي. لعل پشپ وڌيڪ وڻندو آهي. گنو سامتاڻي، ايشور چندر ۽ موهن ڪلپنا وڻندا آهن. ائين ته وڻڻ جي ڪا انتها ئي ڪونهي، ائين جيئن چيخوف، اوهينري. مارڪيز مون کي چيخوف جيترو نه وڻندو آهي ۽ نه لعل پشپ جيترو... “
    ”نسيم احمد کرل تمام وڏو ڪهاڻيڪار هو. جيئري عالماڻي جو به ڪو مٽ ڪين هو. اڃا هن ڪهاڻيون لکڻ ئي مس شروع ڪيون ته پاڻ ڪئنسر ڪهاڻي ٿي ويو. ساڳيءَ ريت ماڻڪ کي به موت جي پيئڻ بلا وقت کان اڳ پي وئي.“
    ساڳئي لعل پشپ جو نائونمل ڪتاب پڙهي، ڏاڍي ڏکاري لهجي ۾ هن لکيو ’سنڌ جو درد ۽ بي خبر ماڻهو‘..... (سلسليوار سنديش 2006)” لعل پشپ تي لکيل اڀياس پڙهندي محسوس ٿيو ته لعل جي اندر ۾ به هڪ وياج خور واڻيو ويٺو آهي. جيڪو تاريخدان نه هوندي به تاريخي وياج وصول ڪرڻ ٿو چاهي ۽ پنهنجا ٻئي پير اُن گپ ۾ گپايو ويٺو آهي. سنڌ سڳوري ساري رُڃ ٿي ويئي. لعل پشپ جهڙا اٻوجهه ڏاها اديب جيڪي هيڏي وڏي ورهاڱي جي چوٽ کائڻ کان پوءِ به سنڌي هندو، سنڌي مسلمان جي چڪر مان ٻاهر نه نڪري سگهيا آهن. اسين سنڌ جا اديب روس، افغانستان، بينگال، ويٽنام، چين، عراق، چلي، فلسطين، گهانا بلڪ هر مظلوم لاءِ آواز اُٿاريندا آهيون، پر اسان لاءِ ڪنهن ملڪ جي اديب وٽ هڪ سٽ به نه هوندي آهي. سياستدان ته اڃا پري جي ڳالهه آهي..... اسين هينئر پنهنجي دولهه درياهه شاهه کي بچائڻ لاءِ بي هٿيار جنگ وڙهي رهيا آهيون. اسان کي ڪنهن جي به مدد ڪانه کپي. اسان کي ان ڳالهه جي پرواهه نه آهي ته ڪير اسان کي ڇا ٿو چئي ماري. اسان کي رڳو ايتري خبر آهي ته اسان حق تي آهيون. پنهنجي رب پاڪ پاران اسان جي ڦٽل نه هجي. باقي ڪير اسان جي نسل ڪشي ڇا ڪندو.“
    علي بابا هڪ سٺو ناٽڪ ڪار ۽ ناول نويس به آهي. سندس ناٽڪ ”دنگيءَ منجهه درياهه“ 1981ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياهه جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول ”موهن جو دڙو“ ڪنهن مخزن ۾ قسطن ۾ هليل آهي.(بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي)
    هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري سنڌ جا آهن. هو جيڪي لکي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکي ٿو. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو پر ناليوارو. هن جا ڪردار سامهون جيئرا انسان آهن. پڙهندي ڪڏهن همدردي ته ڪڏهن نظام (حڪومت) برخلاف نفرت جو ڀاؤ پيدا ٿيو پوي. ”سؤ رپيا نوٽ ماڻهو“ ڌرتيءَ ڌڪاڻا مان فقط ساڍا ڇهه پيج ڪهاڻي پڙهو. اڄ واري ٻوليءَ ۾ اُن کي سوپاري ڏيڻ – وٺڻ چوندا آهن. ڪهاڻيءَ جو مکه ڪردار ’ڀرام‘ سؤ رپيه نوٽ جو قائل ٿو ڏسجي. سؤ جو نوٽ وٺي ماڻهو ماريو ڇڏي.... ڪهاڻيءَ ۾ چست، تازا توانا، نوان ڊائلاگ، اُهو به اُنهن جي ٻوليءَ ۾.... سنڌ ۾ بدلي جي ڀاونا اڃا هلندي اچي.... ٿڃ پياڪ ٻار کي وات ۾ پستول جي گوليءَ سان مارائي چڱي خان کي پنهنجو اندر ٺارڻو آهي.... چڱي ردوبدل کان پوءِ سؤ روپين جو نوٽ ۽ پستول سيلنسر سوڌو چڱي خان کي وٺي، لوڊ ڪري ڀرام کيس ٻڌائي ٿو ته وڏيري رمضان کان مون سؤ روپيه ورتا آهن- چڱي خان جي ڀڀ ۾ سندس ئي پستول جي گولي هڻڻ لاءِ. ۽ لفٽ جو بٽڻ خوني کي ڳڙڪائي وڃي ٿو.
    سنڌ جي هڪ عالم، تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ علي بابا کي ”سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ“ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. تاج جويو لکي ٿو ته منهنجيءَ نظر ۾ هو ”سنڌ جي روح جو پارکو“ ڪهاڻيڪار آهي. تاج کيس امر جليل ۽ نسيم کرل کان پوءِ ٽيون نمبر بهترين ڪهاڻيڪار مڃي ٿو. نبض شناس، وقت جي نازڪ رڳ تي هن جا هٿ کپيل رهن ٿا ۽ دائما اثر ڇڏين ٿا. سندس ڪهاڻي ”ڪجلا تجلا ماڻهو“..... آمريڪن اسڪالر ليڊي سنڌ جا آرٽس ۽ ڪرافٽ ڏسڻ ٿي گهري. گائيڊ سڀ ڪجهه ڏيکاريندي سنڌ جي آرٽ ۽ ڪلچر کي ڄڻ پرٽي ڇڏي ٿو. موهن جي دڙي جي سڀيتا اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو. سنڌ جي غريبيءَ جو تکو احساس ڪرائي ٿو. فراسن ٺاهڻ وارين عورتن جي مجبورين - جيڪي ڏينهن ۾ سورهن ڪلاڪ ڪم ڪري، اکين ۾ موتيو ٿيو پرائين. اُتي ڊاڪٽر جو نه هجڻ، پر پوءِ به اَملهه فراسين جو ٺهڻ ۽ آمريڪن ليڊي جو آڌرڀاءُ – حالتن انوسار اُن آمريڪن ليڊي کان زوردار اکر ٿا نڪرن ”او گاڊ! اِٽز ٽيريبل – اِٽز ٽارچرنگ!“ هر ڳوٺ، هر واهڻ ۾ آمريڪن ليڊيءَ کي ڌيءُ، ڀيڻ، نياڻي سمجهي ڳوٺاڻيون کيس خرچيون ٿيون ڏين ۽ اُهو سڀ ڏسندي گائيڊ همراهه پنهنجو معاوضو به نٿو وٺي ۽ کيس چوي ٿو، ”نو پيمينٽ – يو آر اِن ارٿ آف موهن جو دڙو.“ هن جي تحرير اهڙو آئينو آهي، جنهن منجهه ڪيترا مهانڊا ڏسي سگهجن ٿا.
    جتي نسيم کرل جهڙو ماڻهو ائين چوي ٿو ته ڪهاڻي لکڻ لاءِ رت ولوڙڻو پوي ٿو. ڪڏهن ٻه ٻه – ٽي ٽي مهينا لڳيو وڃن ۽ هو اُن لاءِ پنهنجون ڪهاڻيون ’ڪافر‘ ۽ ’چوٽيهون در‘ ٻڌائي ٿو، اُتي علي بابا چوي ٿو ته ڪهاڻيون پاڻمرادو لکجي وڃن ٿيون. ان مان سندس مشاهدي جي قوت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڻ لکي ٿو ته ڪجهه نواڻ لاءِ جاکوڙ اُڌاري ورتل يا پاروٿي نه هوندي آهي. پنهنجي نرالي سوچ کي تخليق جو ڀرپور جوڀن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو. ”نسيم نسيم کرل کرل“ ۾ چيو اٿس، ”هڪ فنڪار کي کوجي لهڻ ڏاڍو اهکو آهي. فنڪار کي ڏسڻ لاءِ هن جي هاٺي ڪاٺي، کائڻ پيئڻ، پهرڻ، ماڻهن سان وڙاءُ سڀ بيڪار آهن. فنڪار جي کوج سندس فن مان لڳائي ويندي آهي، سندس رچنائن ۾، پر ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڪيڏي ڇولان ڇول هوندي! ان لاءِ اسان ڪابه سائنسي ايجاد نه ڪري سگهيا آهيون. سڀ ايڪسري مشينون بيڪار آهن.“
    مونکي 1987ع ۾ علي بابا سان گڏجڻ جو موقعو مليو. سنڌ الاجي ۾ نند جويري ۽ هري موٽواڻيءَ سان گڏ سنمان وارو جلسو هو. اُن کان هڪ سال اڳ مرحوم هري موٽواڻي ڪوٽڙيءَ مان هن جي گهران موٽي آيو هو. هي خانه بدوش کيس ڪونه گڏيو. هاڻي اُن وقت لاءِ معافي وٺندي، هريءَ کي چيائين ته منهنجي پتا کي خبر ئي ڪونه آهي ته هري ڪير ٿيندو آهي. مون کيس تنهنجو آدرستڪار نه ڪرڻ تي ڏاڍو ڳالهايو، پر 1995ع ۾ ”منهنجون ڪهاڻيون“ ڪتاب هن مرحوم پتا جي نالي ارپڻ ڪيو. تازو گوبند خوشحالاڻيءَ جي ناول کي هن ناٽڪ ۾ روپانتر ڪيو، جيڪو سنڌ ۾ ڏيکاريو ويو. گوبند کان علي بابا بابت ڪجهه ڄاڻڻ چاهيم. چيائين مون سان روبرو ڪڏهن به ملاقات ڪونه ٿي اٿس. دوستن جي معرفت ڪم ٿيو آهي. موهن ڪلپنا جي علي بابا سان لکپڙهه. ٻئي ڪوٽڙيءَ جا. علي بابا لکيس ته ڪوٽڙيءَ جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ منهنجي ڪلاس ۾ برابر هڪ موهن هو، جنهن جا گوبا پيا وهندا هئا. موهن جواب ڏنس ته علي نالي ڇوڪرو پنهنجي چولي سان منهنجا گوبا پيو اُگهندو هو.... پر موهن ڪلپنا 1930ع ۾ ڄاول آهي ۽ علي بابا 1940ع ۾ ڄاول آهي.
    ’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘ ڪتاب ۾ ٻيون سترهن ڪهاڻيون آهن. ٽائيٽل ڪهاڻي ڌرتيءَ ڌڪاڻا ورهاڱي جو درد کڻي هلي ٿي. رام پٽ ساوتري هنڱوراڻي جڏهن ماءُ جي گرڀ ۾ اڃا چئن مهينن جو هو ته ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. اڄ پرڏيهه مان موٽندي هو خاص اُن هوائي جهاز ۾ ٻيڻو ڀاڙو ڏئي سفر ڪري رهيو آهي، جيڪو انڊيا وايا ڪراچيءَ ويندو. کيس اِها ڄاڻ آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز فقط 45 منٽ ترسندو. ٽرانزٽ لائونج کان ٻاهر به نه وڃي سگهندو. ننڍڙي هوندي کان هن پيءُ ماءُ ۽ ناني واتان ور ور ڪيو، سنڌ – ڪراچيءَ جون الاهي ساريون ڳالهيون ٻڌيون. ماءُ کي اُن وقت ڳالهائيندي، هنجون هاريندي ڏٺو. چوندي هئس، رام، هي سياستدان سدائين پاڻ ۾ وڙهيو پيا پرچن. ڪڏهن ته پاسپورٽ کلندا، تون وڏو ٿين ته هڪ ڀيرو مونکي وطن جا وڻ ڏيکارجانءِ. آءٌ سنڌو ساگر جي پوڄا ڪندس. موهن جي دڙي کي سجدا ڪندس. شاهه تي پَڙ چاڙهيندس، نه ته منهنجي آتما ڀٽڪندي رهندي... ۽ هوءَ ايترو چوندي چوندي اچي سڏڪن ۾ پوندي هئي. ممبئي جي گيٽ آف انڊيا کي ڏسندي کيس ڪلاچي – ڪراچيءَ جو سنڌو ساگر سمونڊ ياد ايندو. هوءَ اهو به مڃڻ لاءِ تيار نه هوندي هئي ته هن کي عربي سمنڊ چوندا آهن. چوندي؛ راجا ڏاهر وقت به ڪو عربي سمنڊ هو ڇا؟ پاڻ اهو رام ور ور چوي ٿو ته آءٌ ڇا ڄاڻان وطن. آءٌ اُن جذبي کان ڪورو آهيان، خالي آهيان. آءٌ هڪ ڌرتيءَ ڌڪاڻو آهيان. ڪو ٿر ٿانءُ ڪونهي. ڪا ڌرتي، ڪو شهر، ڪو سُر سنگيت ڪونهي. مون کي ڪهڙي خبر شاهه جي سُرن جي. کيس ناني، جيڪا هاڻ وڏي ويشنو سڏائيندي آهي، زبان کي چشڪو ڏيئي چوندي هئي، ”اڙي، هل ڙي ڀيٽو، منهنجي ملڪ جو رڳو پلو کائي ڏسين ها ته هندستان جا ست طعام ڀلجي وڃين ها.“ هوءَ ڀلجي به پنهنجو وطن نه پر منهنجو وطن چوندي هئي. کيس اهو به سمجهه ۾ اچي ٿو ته ايئرپورٽ لائونج ۾ جي اهي ڳالهيون مليون به ته آءٌ اُنهن جو ساءُ – سواد – سونهن – رس رنگ اُن نموني ماڻي نه سگهندس جيئن منهنجي ماءُ محسوس ڪيو هو. ايئرپورٽ تي جهاز مان لهندي، هن جي من جي مونجهه – هوا جي جهونڪي لڳڻ سان ماءُ جي يادگيري ساريندي، پگهر ۾ شل ٿي وڃي ٿو. لائونج ۾ موهن جي دڙي جون تصويرون – سنڌي پينار ۽ اوٺين جون تصويرون – ڪئنٽين ۾ فقط پاڻيءَ جو گلاس، سنڌو جل لاءِ. اهي مڙيئي ڳالهيون ڏيئي، علي بابا جيئرو ڌرتيءَ ڌڪاڻيل ڪردار اکين آڏو ٿو بيهاري. اُن وقت جي پاڪستان جي حالت ڏسو، جو بوڪ اسٽال تان ڪوبه سنڌي ڪتاب کيس ڪونه ٿو ملي. کيس چوڻو پوي ٿو،”يهان ڪي قومي زبان اڙدو هئه، يهان ڪوئي سنڌي ڪتاب نهين رکهتي....“ مهروان ممتاڻي ۽ ڀڳوان ڪپور جي ائبسٽرڪٽ مان سنڌي مهانڊا کيس بخوبي ياد ٿا اچن، پر هتي ته جيئرن انسانن مان ڪوبه سنڌي چهرو نظر نٿو اچي ۽ ائين رام پٽ ساوتري هنڱوراڻي واپس جهاز ۾ پنهنجو منهن لڪائي اچي سڏڪن ۾ پوي ٿو..... ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جي مزاج، جذبن ۽ لاڙن جو وڏو دخل آهي. قلم سندس چيو ڪري ٿو. جيڪو لکيو اٿس ڄڻ حقيقتن جي سؤ سيڪڙو ترجماني ڪئي اٿس. مشاهدي جي قوت قدرت کيس اڻ مئي ڏني آهي.... جيڪو پاڻ محسوس ڪري ٿو، اُن کي پوري شڪل به اهڙي ڏني اٿس، جو اهوئي تاثير پڙهندڙن جي پلئه پوي ٿو. ڪتاب ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ اهڙي پر بهار ۽ رنگين شخصيت سان روشناس ڪرايو آهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ وزندار سنڌي شخصيت گهرجي بشڪريه سارنگا.
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,837
    ورتل پسنديدگيون:
    2,482
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علي بابا ۽ سندس ڌرتيءَ ڌڪاڻا

    ادا ممتاز بهترين ونڊ آهي
    جاري رکندا
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    339
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: علي بابا ۽ سندس ڌرتيءَ ڌڪاڻا

    ادا زبردست ونڊ آهي .......
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: علي بابا ۽ سندس ڌرتيءَ ڌڪاڻا

    ادا مهربانيون اوهان سڄڻن جون ​
     
  5. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    124
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    [​IMG]
    سنڌ جو يگانو ليکڪ عظيم ڪهاڻيڪار علي بابا جي پهرين ورسي جي مناسبت سان

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ وقت به وقت ڪيترن ئي شاعرن اديبن ڪهاڻيڪارن ۽ اهل علم کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي جيڪي پنهنجي ڪيل ڪمن جي ڪري سڄي دنيا منجهه سڃاتا وڃن ٿا ،اهڙن انسان منجهه سونهاري سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جي شهر ڪوٽڙي ۾ علي بابا نالي شخص سال 1940ع ڌاري محمد رمضان رند بلوچ جي گهر کان پنهنجي زندگي جوسفر شروع ڪيو. سندس ڇٽي جو نالو علي محمد رکيو ويو .علي محمد اڳتي هلي (علي بابا ) جي نالي سان سڃاتو ويو ۽ مشهور پڻ ٿيو .علي بابا جا وڏڙا اصل بلوچستان صوبي منجهان اوڻيهين صدي ۾ لڏي اچي سيوهن شهر چهوپڙي اڏي اچي ويٺا ،علي بابا جو والد صاحب پڙهيل لکيل ۽ ريلوي کاتي ۾ شنٽنگ پائلٽ طور ملازم پڻ هو .علي بابا کي والد ڪوٽڙي شهر جي نانگو لائين ميونسپل اسڪول ۾ ڦرهي هٿ ۾ ڏئي داخل ڪرايو ، جتان هن پرائمري تعليم جا پنج درجا پاس ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شيردل خان هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ داخل ٿيو ،علي بابا جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏئي رهيو هو ته امتحان هال منجهه هڪ هڪ ٻار (ڇوڪر ) کي علي بابا گهٽ وڌ ڳالهايو (ڀونڊو ) ڏنائين جنهن جي ڪري سندس استاد قاضي يار محمد امتحان هال منجهان ڪڍي ڇڏيو ،تنهن کان پوءِ علي بابا اسڪول وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو . علي بابا پنهنجي والد صاحبجي ڪرت جيان هن به پهريان ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ملازمت اختيار پڻ ڪئي مسلسل ست سال کن هو ڪلارڪي جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو . تنهن بعد علي محمد رند (علي بابا ) هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسٽنٽ مئنيجر طور ڪم ڪيو . سال 1965ع کانپوءِ علي بابا نوڪري منجهان هٿ ڪڍي آجو ٿي لکڻ پڙهڻ کي اچي ورتائين بس هاڻ لکڻ پڙهڻ ئي علي بابا جو گذر سفر جو ذريعو بڻجي ويو .علي بابا شروع شروع ۾ ڪهاڻيون شمشيرالحيدري (نئين زندگي ) رسالي ۾ 1965ع ڌاري ڇپيون .علي بابا سنڌي ٻولي جو اهو پورهيت اديب هو جنهن هميشه سچائي سان پورهيو ڪيو .علي بابا سنڌ جي چپي چپي کي پرين جي شهر سمجهي گهميو حساس دل جو هي عظيم اربيلو مست الست ڪهاڻيڪار سنڌ جي حسن ڏسندي ڪڏهن به نه ٿڪو .سنڌ هن لاءِ سونهن ۽ حسن جو باڪمال نمونو آهي . هن جي ڪهاڻين منجهه سنڌ جي ثقافت ۽ لاجواب ٻولي جو جهجو استعمال پڻ آهي هن پنهنجي سموري زندگي ۾ ريڊيو ،ٽي _وي ، لاءِ ئي ڊراما لکيا جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا .علي بابا کي ڊراما لکڻ جو وڏو ڏانءِ هو . هن سندس هڪ ٽي _وي ڊرامي (دنگي منجهه درياهه1976)کي ميونخ جرمني جي شهر جي بين الاقوامي ميلي منجهه (ٽيون نمبر )حاصل ٿيو هن ميلي منجهه دنيا جي 97 ملڪن حصو ورتو هو . هي پاڪستان جو پهريون ڊرامو هو جنهن کي بين ا لاقوامي ايوارڊ سان نوازيو ويو. اهڙي طرح هن جي ٻين ڊرامن کي پاڪستان ٽيليويزن ڊرامي (عڪس ۽ اولڙا ) کي پڻ ايوارڊ سان نوازيو ويو علي بابا ڊرامانگار کان سواءِ ناول نگار ، افسانه نگار جي حيثيت سان پاڻ مڃرائي چڪو آهي سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن . علي بابا جو هڪ ناول ( موهن جو دڙو ) مسلسل قسطوار چپنجدو رهيو آهي هن ناول سندس وڏي مقبوليت پڻ ماڻي چڪو آهي علي بابا هن وقت تائين سنڌي ادب کي لڳ ڀڳ ٽي سو کن کان مٿي ڪهاڻيون ، سندس لکيل ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ ڌرتي ڌڪاڻا ، لهندڙ سج جي لام، رڻ سڃوئي رت ڦڙا ، آيل ڙي اولاڻا ،منهنجون ڪهاڻيون ، سنڌباد جو سفر ۽ ناولن جي ڪتاب ۾ (مسافر ) ۽ موئن جو ڌڙو اچي وڃن ٿا .انکان علاوه علي بابا ٽيلي ڊراما ، فلم اسٽوريون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ ڏنا آهن علي بابا جي پهريون ڪهاڻين جو مجموعو (ڌرتي ڌڪاڻا) سال 1983ع ڌاري ڇپيو جنهن جو مهاڳ نما مضمون سنڌ جي ناليواري عظيم براڊڪاسٽر ، اديب عظيم انسان محترم نصير مرزا صاحب لکي ٿو ته

    پهرين ڪهاڻي کان آخري ڪهاڻي تائين جي ارتقا جو ساٿ ڏيندي ، مسلسل نئون علي بابا جنم وٺندو رهيو آهي .ان مجموعي منجهه علي بابا جون ارڙهن ڪهاڻيون شامل هيون سندس ڪتاب (ڌرتي ڌڪاڻا ) تي کيس سگا پاران ايوارڊ پڻ مليو هو ۽ هڪ هزار روپيه پڻ ۽ سنڌ الاجي طرفان پڻ ايوارڊ ڏنو ويو هو ان کانسواءِ علي بابا کي مڃتا طور کيس مليل ايوارڊن ۾ شاهه لطيف ايوارڊ ڊرامئٽيڪ سوسائٽي پاران گولڊ ۽ پاڪستان سرڪار پاران مليل صدارتي ايوارڊ پڻ شامل آهن علي بابا سنڌ جو اربيلو، سنڌ جو يگانو نثر نويس ، افسانا نگار ، ناٽڪ نگار ، ۽ ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي زماني جو هي نرالو ۽ منفرد ليکڪ علي بابا ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ پنهنجي ڀائٽي محمد رفيق رند بلوڄ جي گهر ۾ترسيل هو ته اوچتو سندس کي دل جي تڪليف ٿئي پئي هن عظيم اديب علي با با کي ترت اسپتال ته پهچايو. ويو مگر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو اهڙي طرح هي سنڌ جو يگانو اديب 8آگسٽ سومر ڏينهن سوين اديبن دوستن ۽ پنهنجي گهر واري 5 نياڻين ۽ هڪ پٽ کي سوڳ ۾ ڇڏي زندگي جا 80سال 7 مهينا گذاري هميشه هميشه لائي راهه رباني ٿي ويو. سندس مڙه کي ڪراچي کان منتقل ڪري ڪوٽڙي ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ محمد يوسف بلوچ آندو ويو ، جڏهن ته شام ڇهين وڳي ڌاري درگاهه صلاح الدين جي گرائونڊ تي نمازه جنازه ادا ڪئي وئي. علي بابا جي نمازي جنازه ۾ علمي ادبي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت پڻ ڪئي ، سندس ڪيل ادبي پورهيو صدين تائين ياد رهندو سندس اڄ 8 آگسٽ تي هن اربيلي يگاڻي ڪهاڻيڪار ، اديب جي پهرين ورسي ملهائي ويندي ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو