سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه وقت کان مسلسل دوست باربار ڪنهن پي ڊي ايف ڪتاب کي سنڌ سلامت تي اهڙي طرح اپلوڊ ڪرڻ جي گهر ڪري رهيا هئا جو اهو فائيل سنڌو سئون نظر به اچي سگهي ۽ ان کي سنڌ سلامت فورم تي سڌو سئون پڙهي سگهڻ کان سواءِ ڊائونلوڊ ڪرڻ به ڏکيو نه هجي۔۔۔
    ان جي لاءِ بار بار دوستن کي سمجهايو ٿي ويو ته سڪرائيبڊ سائيٽ تي پنهنجو ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ کان پوءِ ان جي آئي ڊي کي سڪرائيبڊ ڪوڊ سان فورم تي لڳائي موڪلي ڏيو ۔۔۔ توهان جو ڪتاب سنڌو سئون پڙهي ۽ ڊائونلوڊ ڪري سگهبو۔۔۔
    پر اسڪرائيبڊ تي ڪتاب کي اپلوڊ ڪرڻ کان سواءِ ان جي آئي ڊي کي ڳولي سنڌ سلامت فورم تي لڳائڻ انتهائي پيچيده هجڻ ڪري ڪافي دوستن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ۔۔۔ ان لاءِ ڪجهه ڏينهن عيد جي موڪلڻ هجڻ ڪري ان تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن ڪم کي انتهائي آسان بڻايو ويو آهي۔۔۔
    هاڻي جيڪڏهن توهان ڪنهن به سائيٽ تي گهمندي ڪنهن ڪارآمد ڪتاب کي ڏسو ته ان جي يوآرايل ايڊريس ڪاپي ڪري فورم تي بلڪل ائين پيسٽ ڪري موڪليو جيئن يوٽيوب جي يورآر ايل پيسٽ ڪري موڪليندا آهيو۔۔ سنڏ سلامت فورم کي سگهارو بڻائيندي اهڙي هدايت ڏني وئي آهي جو توهان جي آندل يو آر ايل مان پي ڊي ايف فائل کي جانچ ڪندي ئي سنڌ سلامت فورم پاڻمرادو سڌو سئون نه صرف نظاري طور ڏيکاريندو پر ان کي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي سهولت پڻ ڏيندو۔۔۔
    مثال طور مون کي وائيس آف سنڌ ڊاٽ نيٽ جو ڦيرو ڀريندي سائين جي ايم سيد جو لکيل هڪ ڪتاب ”پيامِ‌لطيف“ نظر مان گذريو۔۔۔ پسند آيو ته مون سنڌ سلامت تي ونڊڻ چاهيو ۔۔۔ مون ان ڪتاب جو يو آر ايل ايڊرس جيڪو ڪجهه هن طرح آهي ۔۔۔
    http://voiceofsindh.net/books/pegham_e_latif%20by%20GM.pdf
    توهان ڏسندو ته ڪتاب جي لنڪ جي آخر ۾ pdf. آهي ان يو آر ايل کي ڪاپي ڪيو ۽ سنڌ سلامت ايڊيٽر پيڊ تي پيسٽ ڪري موڪلي ڏنو ۔۔۔ نظارو ڪجهه هن طرح ايندو۔۔۔

    http://voiceofsindh.net/books/pegham_e_latif by GM.pdf

    ان کانسواءِ جن دوستن اڳ ۾ ڪتاب پي ڊي ايف جي صورت ۾ محفوظ آهي ته انهن کي گهرجي ته ڪنهن اپلوڊ جي سهولت ڏيندڙ سائيٽ مثلن فائيل ڊن تي اپلوڊ ڪري ان جو لنڪ فورم تي موڪلين ۔۔۔ يقينن سنڌ سلامت فورم ان کي به سڌو سئون ڏيکاريندو۔۔۔

    اميد ته سنڌ سلامت جي رڪنن کي هي نواڻ به پسند آئي هوندي۔۔۔ ڪنهن مونجهاري جي صورت ۾ توهان سوال ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
     
  2. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
  3. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

    واه ادا واه پهرين کان به آسان آهي... صرف لنڪ پيسٽ ڪرڻ سان ئي ظاهر آهي.....
    مهرباني.........
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

    واھ سائين تمام بهترين ۽ سولو ڪم۔۔۔۔۔۔۔مهرباني سائين جو اهڙي بهترين ۽ سولي سهولت اوهان اسان کي ڏني آهي
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

    سچ به هاڻي سنڌ سلامت جي دوستن کي ڪو به پي ڊي ايف فائيل سنڌ سلامت فورم تي شيئر ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل پيش نه ايندي

    ادا رشيد جي محنت هميشه جيان هن ڀيري به لاجواب آهي

    عيد جي حوالي سان هن کي عيد جو ٻيو گفٽ به چئي سگهجي ٿو

    سدائين گڏ
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

    ڪم ته تمام سٺو آهي ۽ سنڌ سلامت جي خيرخواهه جيئان ادي رشيد جو هي ڪم به ساراهه جوڳو آهي ۔۔۔ پر مون وٽ ڪتاب جو متن نظر نٿو اچي، ڇا اوهان سڀني دوستن کي نظر اچي ٿو؟ جي ها ته پو ممڪن مون وٽ صرف اهو مسئلو هجي ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

    جيئن ته دوستن هن ئي موضوع ۾ ٽي وڏا پي ڊي ايف ڪتاب ڳنڍيا آهن ۔۔۔ ان ڪري ممڪن آهي ته نيٽ جي رفتار خاطر صفحو لوڊنگ وٺي۔۔۔ باقي سمورن دوستن کي ڪتاب نظر اچي رهيا آهن۔۔۔ توهان لوڊنگ خاطر ڪجهه سيڪنڊ انتظار ڪريو۔۔۔
     
  9. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

    منهنجي نيٽ جي اسپيد ته Slow آهي پر فائلز نظر اچي رهيون آهن.........
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

    سائين رشيد جي هن قدم جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، واقعي هي عيد جي موقعي تي عيد جو تحفو ئي سمجهي سگهجي ٿو۔۔۔ زبردست
     
  11. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

    ادا مهرباني اوهان جي اسين به ڪوشش ڪنيو ٿا من اهو طريقو سولو هجي۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

    ادا رشيد مهرباني

    طاهر سنڌي ۽ ڪجه ٻين دوستن اها خواهش ڪئي هئي ته سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف ڪتاب سڌو سنئون ڏيکاريا وڃن۔ مان پاڻ به اهو ادا رشيد سان ڳالهايو هو۔ ادا رشيد عيد جي موڪلن جو فائدو وٺندي هنن ڪجه ڏينهن ۾ سنڌ سلامت تي گهڻي نواڻ آندي آهي جن مان هي به هڪ بهترين ونڊ آهي۔

    مهرباني ادا رشيد
     
  13. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

    سڀ کان پهريائين سائين عبدالرشيد جن کي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿي ،هن نئين ڪوڊ متعارف ڪرائڻ تي. حقيقت ۾ ڪي ڪي ماڻهو گاڊ گفٽيڊ يعني الله جي طرفان هڪ وڏو انعام هوندا آهن سائين عبدالرشيد جن جي شخصيت به اهڙن سپوتن مان هڪ آهي سندن ذهانت ۾ خدا داد صلاحيتون سمايل آهن ڪوبه ڪم جيڪڏهن ڪرڻ چاهين ٿا ته اهو کين لاء ممڪن ٿي پوي ٿو اسان لاء ڪافي ممڪن ڪم به اڻ ٿيڻا ٿي پوندا آهن ، بهرحال پاڻ هن فورم تي ڪيتريون ساريون سکيا جون ڳالهيون اسان سان شيئر ڪندا رهندا آهن اهڙي طرح پاڻ ڪنهن فرد جي نه بلڪ قوم جي ڪافي فردن جي تربيت ڪري رهيا آهن سو به في سبيل الله دعا آهي ته الله تعالي سندن ان بي لوث محنت کي قبول فرمائي ۽ کين ان جو اجر عطا فرمائي. آمين
     
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت تي پي ڊي ايف فائيل کي سڌو سئون ڏيکارڻ جي سهولت۔۔۔

    ادا تمام بهترين ونڊ شيئر ڪري اسان جي لاء سولو ڪم ڪري ڇڏيو.....................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو