عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ، جيئن ته ساري دنيا ۾ قومي ايڪتا جي حوالي سان 4 ڊسمبر 2010 ۽ 5 ڊسمبر 2010 تاريخي حيثيت ڪري ويا آهن، سنڌ جا سمورا سنڌي چينل ان سلسلي ۾ خوب کان خوب تر سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ وارو ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پيارا سنڌي دوستو اسان جو هي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ به ساري دنيا جو وڏي ۾ وڏو انٽر نيٽ تي سنڌي اڱڻ آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ پاران مون به هڪڙي ايڊوانس ۾ هي غريباڻي تياري ڪئي آهي، ۽ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان پهريون ڀيرو انهي تياري جي مهورت ڪري رهيو آهيان، دوستو اهو نظم جيڪو هتي شيئر پيو ڪريان اهو اڃان تائين ٽنڊو محمد خان جي ڪنهن به ادبي حلقي ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي، مزي جهڙي ڳالهه ته اهو نظم ڪنهن به ادبي دوست کي به اڃان تائين ڪونه ٻُڌايو اٿم۔ انهي نظم کي خود پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ به ڪيو اٿم ۽ انهي نظم کي ڪمپيوٽر جي چتري ڪاري جو به رنگ ڏنو اٿم۔ مان پنهنجو هي نظم سنڌ سلامت تان پهريون ڀيرو ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪري الله سائين جي مهربانين سان فخريا طور چوان ٿو ته سنڌ سلامت هاڻ باقائده قومي ايڪتا جي حوالي سان چاهي 4 ڊسمبر هُجي يا 5 ڊسمبر هُجي سنڌ جي سموري سنڌي چينلز سميت دنيا جي سڀني سنڌين جي همقدم آهي، اسان سنڌي خوشنصيب آهيون جو ٻين قومن جو ڪوبه قومي خوشي ڀريو ڏينهن صرف هڪڙو هوندو آهي ، اسان جو ته هي قومي ايڪتا ڀريو ڏينهن يڪن سارن ٻن ڏينهن ۾ تبديل ٿِي ويو آهي جيڪڏهن سنڌ ٽي وي، مهراڻ ٽي وي، آواز ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي 4 ڊسمبر تي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ڏينهن ڪري ملهائي ٿو ته وري ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين ٽي وارا وري 5 ڊسمبر 2010 تي اهو ڏينهن ملهائين پيا۔ نتيجي طور اسان سنڌين کي ٻه ٻه ڏينهن خوشين ڀريا ملي ويا۔
    خير سڀ کان پهرين منهنجي شاعري جي چترڪاري جنهنجو عنوان آهي عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهنڙو اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون۔ پيش آهي۔ ​


    [​IMG]

    ساڳوڻو نظم پنهنجي آواز ۾ تهميد سان پيش ڪيو اٿم اهو به آڊيو جي صورت ۾ پيش ٿو ڪريان ​


    [MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/khlk.mp3[/MP3]​
    پيارا دوستو مون جهوني جي هي غريباڻي محنت ڪيئن لڳي توهان جا ڪامينٽس منهنجي لا مشعل راهه هوندا۔
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    ساري سنڌ کي عظيم ڏينهڙو مبارڪ۔

    ان موقعي تي منهنجي به زبان تي هي ٻه اکر اچي ويا:


    وساري سارا ويڇا اي دوستو۔۔
    ڪيون ادا اڄ نفرتون ختم۔۔۔
    اچو ته پيار ۽ محبتون ورهايون۔۔۔۔

    سائين ڏيو خبر
    آءُ به شاعر ٿي سگهان ٿو؟؟!!!
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    پيارا طاهر سنڌي تنهنجا لک ٿورا، جو منهنجي نظم عظيم سنڌ جي عظيم ڏينهڙي متعلق پنهنجا خوبصور شعر ونڊيا، دوست اسان سنڌي دنيا جي سمورن سنڌين سان هڪ آواز ٿِي چار ڊسمبر ۽ 5 ڊسمبر 2010ع تي اجرڪ ۽ ٽوپي اوڍي پنهنجي ثقافتن کي اڃان به چار چنڊ لڳائينداسين۔ محبتون ورهائينداسين انشاالله اسان جو هي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت به انهي سلسلي ۾ سڀني سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن سان ساٿ ساٿ هوندو۔ مهرباني طاهر سنڌي
     
  4. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    اڄ اسان جڏهن پنهنجي ثقافت سان محبت جي اظهار لاءِ گڏ ٿي رهيا آهيون ته اسان کي هڪ ٻئي ڏي يا دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ گهرجي، ته نه رڳو اسان قديم روايتن جا امين آهيون، پر اسان جديد بين الاقوامي سوچ جا به طالب آهيون. اسان پنهنجي ثقافت جي مثبت روين جا رکوالا آهيون ته ساڳئي وقت اسان تنگ نظر ۽ جامد نه آهيون. ثقافت سان محبت جو اڄ جو اظهار اسان جي قومي سوچ ۽ ترقي جو به مظهر هئڻ گهرجي.
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    سائين نثار ناز!
    جيئي سنڌ، جيئي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت ۔۔۔

    اوهانجي نماڻي نينڍ سان گڏ اوهانجو سنڌي ثقافت جي مان ۾ چيل ۽ لکيل نظم پڙهي ۽ ٻڌي، اوهانکي پر پٺ سلام ڪري ڇڏيوسون ۔۔۔ افسوس جو ان ڏينهن تي پاڻ سنڌ ۾ ناهيون پر روح اوهان دوستن سان گڏ هوندو ۽ اوهانکي (سنڌي قوم کي) سنڌي ثقافت سان سلهاڙيل ڏسي پيا ٺار ٺار ٿينداسون ۔۔۔

    قومون اهڙا ڏينهن تڏهن ملهائينديون آهن جڏهن سندن ثقافتي سرمائي تي ڪا مشڪل آيل هوندي آهي، اڄ سنڌي قوم سڄي ساري مشڪل ۾ آهي ۽ مارئي ڪوٽن ۾ قيد آهي، ان وقت مارئي جي لڄ جو ڏينهن ملهائي بيشڪ سنڌي قوم جا ادارا پاڻ ملهائي رهيا اهن ۔۔۔ کين سلام هجي ۔۔۔

    هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو اسين ثقافت سان گڏ سنڌ جي مالي وسيلن جي ڦرلٽ کي بچائڻ لا پڻ اهڙا ڏينهن ملهائي دشمنن جي وات مان سڻڀو گرهه کسي، مسڪين ماروئڙن جي وات ۾ وجهنداسون ۔۔۔

    رب اهڙو ڏينهن ضرور آڻيندو ۔۔۔ آمين

    دوستو! اسان سڀني کي هڪ مٺ ٿي پنهنجي قومي سڃاڻپ کي بچائڻ لا اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ قومي فرض ۾ هڪ وک اڳتي وڌي دشمن جي سازشن جو مقابلو ڪجي ۔۔۔

    رب سنڌ ۽ سنڌ ڄاون جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    سائين نثار ناز جي هي شاعري سندن شخصيت وانگر بي مثال آهي ۽ هن ڏينهن جي لاءِ سٺي ڀيٽا آهي۔۔
    تمام زبردست۔۔
     
  7. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    سائين توهان جي هن ڪوشش جي ساراه خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙِ ي لفظن سان پيش ڪريان
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    واھ سائين تمام بهترين شاعري۔۔۔۔۔۔۔اوهانکي يڪتا جو ڏينهن مبارڪ
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    پيارا عاجز سمان ، تنهنجا لک ٿورا جو ڪجهه ڪامينٽس منهنجي هن غريباڻي ونڊ تي ڏنا، دوست اسان سنڌي نه ڪالهه تنگ نظر هُئاسين نه اڄ آهيون ۽ نه وري ڪو سڀاڻي ٿينداسين، اسان جي سٿ ۾ ڪي ڌاريا يا انهن جا آلئه ڪار گهڙي ايندا آهن، جنهن جي ڪري اسان جا قدم گهڙي کن لا ڊڳمڳائجي ضرور ويندا آهن، بس انهي ڊڳمڳائڻ واري پل ۾ ڪافي سارن جا ايمان ڪمزور ٿي ويندا آهن۔ شاهه سائين فرمائي ٿو ته:
    مُون کي جنين ماريو، سُڃاتم پاڻا،
    لوهُو لڱڻن ناهِ ڪِي ، سنڌَ مڙئي ساڻا،
    دارُون جا داڻا ، ڏنم هوتَ هٿن سين۔​

    بس ڪمزور ايمان ۽ ڪامل ايمان وارن جو جهيڙو آهي، جيڪي سچار آهن ، اهي پنهنجي رت سين آزادي جو نان لکائي ويندا، آهن، باقي ثقافتن جا جيڪي امين هوندا آهن اهي هر جنم ۾ اسان جي ساهن کان به اوڏا سپرين آهن، جيڪي پنهنجي خون سان پنهنجي وطن جي سينڌ سواري ويندا آهن، اجرڪ ۽ ٽوپي ته تمثيل آهن۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    دوست نثار ابڙا اسان کي توهان پرپٺ سلام مُڪا، اسان به پرپٺ انهن سلامن کي قبول ڪيا، سازشون ڀلي ٿين ، اهي سازشون توڻي جو اسان جي سرن کي لڻڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪنديون آهن پر ان هوندي به ڌرتي جا پروانه پنهنجا سر گهوري،ڌرتي ڌڻين ۾ هڪڙو نئون روح پوکيندا آهن، هڪ اهڙو ته حوصلو ۽ ڀروسو اسان کي ارپيندا آهن جو سوري سينگاري به اسان جا جوڌا حق ۽ سچ جا نعرا هڻندا آهن۔ نثار ڌرتي ڌڻين کي گهٽ ۾ گهٽ هاڻي اهو احساس جاڳڻ شروع ٿي ويو آهي، هن گُهٽ ۽ ٻوساٽ واري دور ۾ اجرڪ، پٽڪي، سنڌي ٽوپي ، لوئي ۽‌ لڄ جي نان تي گهٽ ۾ مٺي سنڌ سان تجديد عهد وفا ته ڪري سگهجي ٿي۔ ادا توهان سنڌ کان دور آهيو، پر پو ڌرتي جي نان تي توهان جي دل ڌڙڪي ٿِي۔ اهو گنج آهي۔ باقي اسان پنهنجي ڌرتي ڌڻين کان مايوس ڪونه آهيون، اڄ يا سڀان اهي ڀاڳيا ضرور جاڳي پوندا، ۽ چورن کي جيئرو ڪونه ڇڏيندا بس ٿورا انتظار مٺا۔ ڏُکن جون راتون نيٺ جي ٽُٽنديون، خوشين جي پرهه ضرور اڀرندي۔ مهرباني ادا نثار۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    مست مستن کي سدائين اسان جي شخصيت بي مثال ڇو لڳندي آهي،، شاعري بي مثال صرف انهي لا لڳندي آهي جو توهان سدائين پيار ورهايا آهن محبتون ونڊيو آهن۔ شال جُڙيو هجين مهربانيون۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    پيارا محمد رمضان منڌرا بابا ائين گاڏو ڪيئن هلندو، ڪجهه نه ڪجهه لفظ توهان کي لکڻا پوندا۔ مهرباني جو توهان کي منهنجي هي شاعري سُٺي لڳِي ۔
     
  13. Abdullah Samo

    Abdullah Samo
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2010
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    201
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    نثارسائين توهان اسان سنڌين جوسرمايوآهيو ۽اسانکي توهان تي ناز آهي،جئين ته سنڌي ڪيبورڊ موجودڪون اٿم ائين نه وري هٿ هريل آهي انڪري ڪافي ڏکيائي پيش اچي پئي پر اميد اٿم ته انشاءالله جلد ان خاميء تي قابو پائي وٺندس ۽ جيئن ئي رواني آئي ته ڀرپور حصو وٺندو رهندس۔
     
  14. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    سائين قبلا اوهان جي شاعري پڙهي ۽ ٻڌي تمام خوشي ٿي. الله تعالى توهان کي سلامت رکي.
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    ادا عاشق سولنگي مهرباني جو هميشهه جيان توهان هن ڀيري توهان منهنجي هن نظم کي بهترين چيو۔
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    محترم عبدالله سمان صاحب، مهربانيون توهان کي سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي قرب ونڊيندي ڏسي دل باغ باغ‌ ٿِي وئي، دوست نه صرف آئون پر سنڌ جو هر هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جيجل سنڌ جو سرمايو آهن۔ تنهنجا ٿورا آهن جو تمام گهڻي پاٻوهه سان تو مون صفا ڪم تر شاعر جي حوصله افزائي ۽ همت افزائي ڪئي۔ پيارا عبدالله اسان جي سنڌ سلامت جو بنيادي مقصد به اهو آهي ته هرڪو سنڌي ڪمپوزنگ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هُجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي دل ۽ جان سان خدمت ڪري ۔ مونکي يقين آهي ته اڄ يا سڀاڻي تنهنجي هٿن جون آڱريون سنڌي ڪيبورڊ تي ٽِڪِ ٽِڪِ ٽِڪِ اهڙيون ته هلنديون جو اسان سنڌ سلامت جي سمورن ڀائرن کي تنهنجي کوڙ سارين تحريرن جا انمول خزانه مهيا ٿيندا۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔
     
  17. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    محترم سائين رحيم بخش ڏاهري صاحب؛ السلام عليڪم، محبوب سائين توهان آهيو ڪٿي، ڪافي ڏينهن کانپوءِ اسان جي غريباڻي شاعري تي توهان پنهنجا محبتي ويچار ونڊيا آهن۔ اسان جي شاعري توهان کي خوشي ڏني مطلب ته اسان هڪڙي نيڪي ڪمائي۔ توهان جي دُعائن جو دل سان ٿورائتو آهيان آمين۔ الله سائين جي ڌر مون مسڪين جي به دُعا آهي ته تنهنجا ويڙها سدائين وسندا رهن۔ شل شاد هُجين آباد هُجين (آمين ثم آمين)
     
  18. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    سائين خالي سٺي نه پر تمام سٺي ۽ پياري به لڳي
     
  19. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    پيارا محمد رمضان منڌرا جيئين بچين سُٺن ۽ پيارن ماڻهن کي سدائين منهنجي شاعري تمام سُٺي ۽ پياري به لڳندي آهي۔ ادل تون به ته اسان جي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو تمام سُٺو ۽ تمام پيارو ماڻهو آهين نه ۔ شال جُڙيو هُجين۔
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو، اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون (نظم) نثاراحمدناز

    سائين نثار احمد ناز صاحب سلام

    لک قرب جو اوهان سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء پاڻ پيا پتوڙيو۔ اوهان جي ڪم جي ڇا تعريف ڪيون ؟ اوهان جو ڪم تعريف کان مٿاهون آهي۔

    اوهان جي شاعري لاجواب آهي جنهن جي هر لفظ مان سنڌ ثقافت جي سونهن پئي جرڪي۔

    دعا آهي ته سنڌي هنن ڏينهن وانگر هميشه ايڪتا جو مظاهرو ڪري گڏ ٿين ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي هڪ ٿي مقابلو ڪن۔

    اوهان جا قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو