1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

استاد بخاري جي شاعري جو جائزو

'استاد بخاري' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,604
    ورتل پسنديدگيون:
    368
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    استاد بخاري جي شاعري جو مختصر جائزو​


    مظلوم قومن جي ماڻهن جو هڪ الميو اهو به آهي ته اهي هر ننڍي وڏي ڳالهه تي جلدي مايوس ٿي ويندا آهن. اها مايوسي ۽ ماٺ واري ڪيفييت ڏاڍي خطرناڪ هوندي آهي. انهيءَ حالت مان قوم کي جيڪڏهن جلد نه ڪڍيو ويندو آهي ته اها ڪيترائي سال پوئتي رهجي ويندي آهي. انهيءَ حالت مان ڪڍڻ لاءِ شاعر ۽ اديب جيڪو ڪجهه تخليق ڪندا آهن انهيءَ کي ”اتساهيندڙ ادب“ چيو ويندو آهي.

    استاد بخاري جي شاعري جو وڏو حصو اتساهه پيدا ڪندڙ شاعري تي مشتمل آهي. انتهائي حساس ۽ ذهين شاعر هجڻ جي ڪري سندس هٿ هميشه سنڌي قوم جي نبض تي رهيو آهي. هن جڏهن به ڏٺو آهي ته ماڻهو مايوسي جي غار ۾ گهلبا ٿا وڃن ته هن پنهنجي شاعري کي استعمال ڪري ماڻهن ۾ نوان جذبا پيدا ڪيا آهن ۽ انهن کي پنهنجن حقن وٺڻ لاءِ هر دم همٿايو آهي. چوي ٿو:

    سون، بازار مان ڳنهي وٺبو آ،
    فيض مرشد کان پني وٺبو آ،
    جو به سمجهو ته اوهان جو حق آ،
    حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ،

    ڪوڪا پائي پيرن منجهه، تير سجائي سينن منجهه،
    ڏنڀ سهائي رڳ رڳ تي، وڌ اڳتي او وڌ اڳتي.​


    جاڳو جاڳو ٻانگ اسان جي، در در ٺڪ ٺڪ ڏانگ اسان جي،
    ڳائي ڳائي نيٺ بخاري، ڳوٺ اٿاري وجهنداسين.

    استاد بخاري هڪ باشعور آهي. هونه صرف اسان جي قومي مسئلي کي کولي سمجهائي ٿو پر ان مسئلي جو حل به ٻڌائي ٿو ۽ ان لاءِ همت به پيدا ڪري ٿو. چوي ٿو:

    هٿين خالي اسين ظالم سان لڙنداسين، لڙڻ ڏسجو،
    اميد آهي، يقين آهي ته کٽينداسين، کٽڻ ڏسجو.
    جبل ايندا اڳيان، جبل جا سينا ڏاري وجهنداسين،
    بحرحال اسين منزل ڏي وڌنداسين، وڌڻ ڏسجو.​


    استاد اهو به ٻڌائي ٿو ته اسان ڪڏهن وڌنداسين، ان لاءِ هو ڪو وقت نٿو ٻڌائي پر اهڃاڻ ٿو ڏي. چوي ٿو.

    ”اٿن اولڙ، گجن گوڙون، وهن واهڙ،
    تڏهن سمجهو ته ڪجهه ترپيا اسين آهيون.“​


    استاد جي سموري شاعري ۾ مهراڻ واري موج آهي، فڪر جي گوناگوني سان گڏ ان ۾ بي انتها رواني به آهي، مثلا:

    ڪجهه جاچ ڪبي، ڪجهه سوچ ڪبي، ڪجهه ماٺ ڪبي، ڪجهه شور ڪبو
    ڪجهه هوش ڪبو، ڪجهه جوش ڪبو، ڪجهه غور ڪبو، ڪجهه زور ڪبو
    هر حالت ۾، هر صورت ۾، هن حالت کي، هينئن ڪرڻو آ،
    جي هينئن نه ٿيو، پوءِ هونئن ڪبو، جي هونئن نه ٿيو ڪجهه اور ڪبو.

    استاد پنهنجي شاعري ۾ ڪيڏارو به زبردست نموني سان چيو آهي هن سنڌي قوم جو رت ڪيترائي دفعا وهندي ڏٺو آهي. هن سنڌين کي ڌڪ پچائي، وڙهندي به ڏٺو آهي، سنڌين جي بهادري بابت چوي ٿو:

    سنڌي شير ببر، گجن گولين وچ ۾
    ڇڄن ڪين ڇپر، وسن مينهن رُهيون ڪري.​


    پوءِ پيا ڪڍجو پار، پهريان ڳڻ ڳڻي وٺو،
    بهادريون بيبا ڪيون، ڪري ڪير شمار،
    حيلا هوش هزار، ڪَٺا هڪڙي ڪونڌ ۾.

    استاد ماٺ جو دشمن آهي. هو چوي ٿو ته هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهو. ڇو ته ماٺ ڄڻ موت جي ڀيڻ آهي. حق وٺڻ لاءِ جيڪڏهن وڙهڻ جي سگهه نه آهي ته واڪا ڪرڻ ته نه ڇڏيو! چوي ٿو؛

    ساڙيو ماٺ سڙيون، کوڙ مري ويون ماٺ ۾!
    لايو ڌم ڌڙيون، هوڪا، واڪا حق لئي.

    استاد جي سڄي شاعري جو محور سنڌ ۽ سنڌي عوام آهي. ماروئڙن جا ڏک ۽ سور هن کي پنهنجا ڏک سور ٿا لڳن. جيڪڏهن ماروئڙا بک ۾ آهن ته استاد ڪيئن ٿو پيٽ ڀري کائي سگهي؟ جيڪڏهن سانگيئڙا بي گهر آهن ته استاد ڪيئن ٿو محلن ۾ رهي سگهي؟ چوي ٿو؛

    مان ڪيئن سيج سمهان
    منهنجا ماروئڙا- منهنجا سانگيئڙا- پڌري پٽ سمهن.

    تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن،
    کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن.

    مان ڪيئن لوڻ چکان،
    منهنجا ماروئڙا-منهنجا سانگيئڙا روزا روز رکن.

    تو وٽ خوب خوشيون، عيدون، عيش، وهان،
    ريشم، ويس وڳا، ڏينهون ڏينهن نوان،

    مان ڪيئن سينڌ ڍڪيان،
    منهنجا ماروئڙا-منهنجا سانگيئڙا- ننگي پيٽ گهمن

    استاد پنهنجي هر خوشي ۽ هر غم کي سنڌي عوام سان واڳي ڇڏيو آهي. سنڌين تي ٿيندڙ هر ظلم پان تي ستم ٿو ڀانئي ۽ ان ستم کي خوبصورت انداز سان ٻين تي آشڪار به ڪريٿو ۽ ڌرتي جي خدمت لاءِ هر وقت تيار به رهي ٿو. پاڻ چوي ٿو:

    آڙاه ۾ آلاڻ، اها اڻ ٿيڻي،
    ۽ سون ۾ ڪاراڻ اها اڻ ٿيڻي،
    جنهن وقت سڏي سنڌ، بخاري ڀڻڪي،
    ڇا لاءِ ۽ ڇاڪاڻ، اها اڻ ٿيڻي.​


    استاد بخاري سنڌ سان محبت کي عبادت جو درجو ڏيندي چوي ٿو:

    ”پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي، ڇو تسبيح پيو سورين!
    چيم هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ.
    ” بخاري“ سنڌ، سنڌي ۽ سدا سنڌوندي دائم!
    نه ڪوثر جي، نه حُورن جي ، نه جنت جي ضرورت آ.

    استاد بخاري جي شاعري فني لحاظ کان به اعلى قسم جي آهي. هن خاص ڪري وائي ۾ ڏاڍا سٺا ۽ ڪامياب تجربا ڪيا آهن. هن وائي جي موضوع سان گڏ ان جي گهاڙيٽي ۾ به تبديليون آنديون آهن. سندس هڪ وائي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

    باهه وڇائي، نانگ بڇائي، ڇير ٻڌو ڇمڪايان،
    ڇا ڇمڪايان؟
    هو ڪجهه ٻوڙو، مان ڪجهه گونگو، سپنو پيو سمجهايان،
    ڇا سمجهايان؟
    هن وٽ ڦٽڪا، مون وٽ گجرا، ڦهڪائي ڦهڪايان،
    ڇا ڦهڪايان؟

    استاد جي شاعري تي تبصرو ڪندي محترم سرڪش سنڌي لکي ٿو:

    ”استاد جي شاعريءَ ۾ جتي حسن سان اٿاهه پيار آهي اتي ڏاڍ سان اڻ ٿڪ جنگ جوٽيل نظر ايندي. سندس دل ۾ پنهنجي پيڙهيل مظلوم قوم جو درد، انهن جي غلامي جو احساس، انهن کي ڇڙ وڇڙ رکڻ تي سياسي اڳواڻن جي روين تي افسوس، پنهنجي ڀونءِ جي ڀترن، پنن، ميون، وڻن، ڍنڍن، ندي، واهن،ڪسين، پاڻي، اناج ۽ ان تي زندگي جي سمورن پهلوئن سان اٿاهه محبت سندس هڪ هڪ لفظ ۾ ڀريل آهي. هو قومي ٻڌي لاءِ تڙپي ٿو. آزادي وٺڻ ڳچي واري ڳٽ کي چيلهه جو سندرو ڪريٿو، ۽ هماليه کان به وڌيڪ عزم رکي ٿو.“

    محترم اڪبر لغاري جي لکيل ڪتاب ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ تان ورتل....
     
    الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,604
    ورتل پسنديدگيون:
    368
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    استاد بخاري جون تصويرون

    [​IMG][​IMG]
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,378
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا زاهد سومرا صاحب استاد بخاري جي شاعري جي ڇا ڳالهه ڪجي ۽ توهان ڇا ته استاد جا شعر ڳولهي ڳولهي ڪري لکيا آهن ادا توهان اهڙي شيئرنگ تي جس لهڻو ادا توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو . shabash
    lajwab-sharing

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,068
    ورتل پسنديدگيون:
    3,013
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    lajwab-sharing
    ادا زاهد محبوب سائين اوهان جا لک قرب جو استاد جي شاعري جو جائزو پيش ڪيو ادا مان استاد جو اصل ديوانو آهيان ادا استاد جهڙي شخصيت نه ڪا پيدا ٿي ۽ نه ٿيندي هر گل جي پهنجي خوشبو آ سا استاد جو مٽ مان ڪنهن کي به نٿو ڀانيان ادا اوهان جي تمام گهڻي مهرباني ادا الله ڪري سدائين جڙيو هجين پرين shabashlajwab-sharing
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,156
    ورتل پسنديدگيون:
    267
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه الجميلي واهه،
    مان ڪيئن سيج سمهان
    منهنجا ماروئڙا- منهنجا سانگيئڙا- پڌري پٽ سمهن.

    مٺا تمام لاجواب شيئرنگ هئي. مونکي حيرت آهي ته انهي لاجواب شيئرنگ تي اسان جي دير سان نظر ڇو پئي.
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,604
    ورتل پسنديدگيون:
    368
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    فقير سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔ اصل لکي قرب ڪري ڇڏيا اوهان۔۔۔۔۔۔shal judy hujeen
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,604
    ورتل پسنديدگيون:
    368
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    مٺا تون جيڪڏهن اسان جي دادو جي من مهڻي استاد بخاري جو ديوانو آهين ته اسان تنهنجا ديوانا آهيون۔۔۔۔۔ جاني پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا۔۔۔۔

    shal judy hujeen
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,604
    ورتل پسنديدگيون:
    368
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)

    محبوب راز جا راڻا آهيو۔۔ جڏهن ڪنهن تي نظر ڪريو ٻيلي جڏهن به اسان ته نظر ڪيو ته رحم ۽ ٻاجهه جي نظر ڪجو۔۔۔ بحرحال ادا بلوچ اوهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔ يار۔۔۔ لک قرب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔pasand
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,753
    ورتل پسنديدگيون:
    2,728
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا ذاهد ڪهڙا حال آهن:
    استاد بخاريء جي شاعريء سان مونکي به دلچسي آهي
    استاد بابت مفيد ڄاڻ ڏيء دل خوش ڪري ڇڏي۔
    انشاالله توهان سان شاعري share ڪبي رهبي۔
     
  10. sabirpanhwar

    sabirpanhwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    زاهد صاحب توهان کي جس هجي ۽ رب پاڪ همٿ ۽صحت ڏي سدا اهڙي شاعري سان هن پروگرام کي آباد ڪندا
     
  11. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪات
    ادا زاهد حسين سومرا صاحب توهانکي رب پاڪ همٿ ۽صحت ۽ هر مصيبت کان پناه ۾ رکي۔ آمين۔ مونکي حيرت آهي انهي ڳالهجي جو مونکي هن لاجواب قصي تي دير سان ڇو نظر پئي

    آئون ڪيئن سيج سمهان
    منهنجا ماروئڙا- منهنجا سانگيئڙا- پڌري پٽ سمهن.

    تنهنجي ڪوٽن اندر ، سوين طعم پچن ،
    کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن.

    آئون ڪيئن لوڻ چکان،
    منهنجا ماروئڙا-منهنجا سانگيئڙا روزا روز رکن.

    تو وٽ خوب خوشيون، عيدون، عيش، وهان،
    ريشم، ويس وڳا، ڏينهون ڏينهن نوان،

    آئون ڪيئن سينڌ ڍڪيان،
    منهنجا ماروئڙا-منهنجا سانگيئڙا- ننگي پيٽ گهمن

    دوست اچو ته محترم محمد قاسم ماڪا جي مهرباني سان۔ مرحوم قمر سومرو جن جي آواز ۾ ٻڌون​
    http://www.youtube.com/watch?v=RS6B3c9r-6g
    http://www.youtube.com/watch?v=vSYAO7QLsxQ


    توهان جودعاڳو الله نگھبان
    علي منير پاٽائي
    مڪـوپاڪ

    [​IMG][​IMG]
     
  12. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,604
    ورتل پسنديدگيون:
    368
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    مهرباني محترم عرس پريو صاحب۔۔ مان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان اوهان جون دعائون آهن۔۔ استاد بخاري جي شاعري ڪنهن کي پسند نه هوندي آهي ڪو اهڙو سنڌي جيڪو چوي ته استاد جي شاعري مونکي پسند ناهي۔۔۔ سوال ئي پيدا نٿو ٿي سگهي۔۔۔۔

    بس توهان به سائين جي شاعري جو ونڊ ضرور ڪجو۔۔۔۔
     
  13. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,604
    ورتل پسنديدگيون:
    368
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جي ادا آمين۔۔۔

    ادا صابر پنهور اوهانکي سنڌ سلامت تي جي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ شال رب ڪريم اسان جي سنڌ ۽ سنڌ سلامت جي هن اڱڻ کي شادوآباد رئي آمين۔۔ هن ساٿ جا ساٿي اوهان کي تمام متاثر ڪندا۔۔۔

    پر اوهان پنهنجو تعارف ضرور ڪرائجو۔۔۔۔۔ shal judy hujeen
     
  14. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,604
    ورتل پسنديدگيون:
    368
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا علي منير پاٽائي

    وعليڪم السلام ورحمته الله وبرڪاته هو۔۔۔

    دوستو مان اوهان کي ايترو ٻڌائيندو هلان ته ادا علي منير پاٽائي منهنجو رشتي ۾ سؤٽ ٿئي۔۔ ۽ سؤٽ جو رشتو به عظيم رشتو هوندو آهي۔۔۔۔ سو دوستن کي ايترو عرض ڪندس ته جڏهن مان ادا علي منير جي ڪنهن تحرير ۾ هن کي سؤٽ جاني لکان يا سؤٽ لکان ته مونکي ائين نه چوندا ته اوهان هتي فورم تي به ناني ويڙهو ٺاهيون ويٺا آهيو۔۔۔۔۔

    سؤٽ جاني اوهان مرحوم قمر سومرو جي آواز ۾ مرحوم استاد بخاري جي شاعري کي لڳائي هن تحرير کي اصل چار چنڊ لڳائي ڇڏيا اٿو۔۔۔۔۔pasandshal judy hujeen
     
  15. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    جواب: استاد بخاري جي شاعري جو جائزو

    بهترين چونڊ آهي
     
  16. barkat ali

    barkat ali
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مئي 2010
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    hyderabad
    جواب: استاد بخاري جي شاعري جو جائزو

    ادا زاهد توهان استاد بابت گهڻو سرڇ ڪيو آهي۔
    اوهان جي جاڪهوڙ ڪي سلام آهي۔
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,837
    ورتل پسنديدگيون:
    2,482
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: استاد بخاري جي شاعري جو جائزو

    سائين آهن ئي ڇپا رستم
    سنڌي ادب ۾ سائين جون خدمتون قابل ديد آهن
     
  18. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    40
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138

    سنڌ جولافاني شاعر استاد بخاري

    ابرهيم لاشاري (وارھ)[​IMG]

    دنيا ڏاڍي ساڙولي، ڏيندءِ ڪانه ڏسڻ

    مون ڏي نيڻ نه کڻ


    هر سال جيان 16 جنوري جي تاريخ اهڙو ته خوشين جو موقعو کڻي ايندي آهي جو هن تاريخ تي رب سائين سنڌ ڌرتي تي هڪ حساس طبيعت جي نماڻي عوامي رنگ سان سرشار ٿيل شاعر کي سيد حاجن شاهه جي گهر پيدا ڪيو جنهن جو والدين آذان( ڇٺي )جو نالو پنهل شاهه رکيو هو جنهن کي سڀئي گهر وارا پيار منجهان ( عرسو ) جي نالي سان سڏيندا هئا مگر جڏهن استاد بخاري نصابي تعليم جي وهي کي رسيو ته سندس والد صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي سندس والد صاحب خوشي منجهان پتاشا ورهائي (احمد شاهه ) نالو لکرايائينس . سيد احمد شاه بخاري ولد سيد حاجن شاه بخاري جي گهر کان 16جنوري 1930 ع خميس ڏينهن هن جهان ۾ اک کولي سندس ننڍ پڻ ۾ سندس پي ِسيد جي جهوپڙي منجهه قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون، تاريخي واقعا ٻڌائي ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري پنهنجي مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي هئي ، عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن ،امڙجي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري 1944ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال 1946ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو مگر اها نوڪري سندس طبعيت کي ڀان نه پئي جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي .تڪڙو ئي1947 ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي پڙهائڻ لڳو .انهن ئي ڏينهن 1961ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1963ع ڌاري انٽر ،بي اي، جا امتحان خانگي طور سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين . ۽ وري استاد بخاري تعليم ۾ هڪ وک اڳتي وڌائيندي 1964ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان( سنڌي ادب ۾ ايم اي) ڪيائين. پاڻ لاڳيتو ٻارهن سال پرائمري استاد ۽ ڇهه سال انگري ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏيندي نظر آيو سال 1967ع ڌاري استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. اهڙي ريت استاد بخاري لاڙڪاڻو، سانگهڙ ،دادو، ۽ سيوهڻ ڪاليجن ليڪچرر ٿي رهي آخر ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين . استاد بخاري پاڻ سنڌي ٻولي جو محبوب بهترين شاعر ۽ سندس شمار جديد شاعرن جي صف ۾ سڀنئي کان مٿي پهرين نمبرجو ٿئي ٿو . سندس دل دردن سان ڀريل هئي استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان سرشار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته

    تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي

    ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ گٿو ڪو ڪونهي

    عشق جي اڳ ڪچهري کي بنايو آوي

    جو هتي آ سو پڪو آهه ڪچو ڪو ڪونهي

    سونهن ۽ نيهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي

    ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي

    ڪو ٻري پيو ڪو ڳري پيو ڪو ڀري پيو آهون

    تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي

    عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد

    سونهن جي ذات نه ڪا پات پتو ڪو ڪونهي


    سندس پهريون تخلص سندس نالو احمد شاهه هو پوءِ (آسي) ان بعد( دردي ) ۽ (بخاري ) به استعمال ڪيائين ، مگر پوءَ جلدي پاڻ کي( استاد )سڏرايائين .سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي .سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت ،درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃان پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو.استاد بخاري ننڍي هوندي تمام ذهين هوندو هو اسڪول جي شاگردن ۾ به نمبر اول تي هوندو هو. جڌهن اسڪول جي اسيمبلي جو گهنٽ وڄندو هو ته پنهنجي مٺڙي مڌر آواز سان گيت هروز پيو چوندو هو. سندس ڳائڻ سان به بيحد دلچسپي هوندي هيئس ۽ هڪ موسيقار جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هوپاڻ گها گهر، يڪتارو، مٽ نهايت بهترين نموني سان وڄائڻ ڄاڻيندو هو ان وقت جي مشهور مقبول شاعرن جي شاعري جا الاپ پيو ورجائيندو هو .اڪثر استاد سڳورا سندس اسڪول بند ٿيڻ مهل يا وري رسيس جي مهل ڪجهه ٻول ٻڌائڻ لاءِاستاد بخاري کي فرمائش ڪندا هئا. ائين ئي سندس دل ۾ شاعري ڪرڻ جا اڌما پيا ايندا هئا ۽ پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس 1947 عيسوي ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري ) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ڪري چڪو هو ليڪن علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني بهرو وٺڻ لاءِ 1950/51 ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي 1950 ع واري زماني کان وٺي عمومن مشاعرن ۾ پئي بهرو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو .سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هوته اتي وڃي پهچندو هيس. سندس تعلق بزم طالب المولي انجمن ،آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ بحرو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري استادن کان داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته

    دوست ڪيا سين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزاو ري

    چنڊ جهڪيو هو جن قدمن تي چوٽ لڳي ڪاپاري

    ڪوئل ڏئي ويس بلبل ڏي ويس پرواني ڏي ويس

    جنهن جنهن وٽ ويس تنهن تنهن وٽ آ زاري زاري زاري

    تنهنجو منهنجو ناتو رشتو ، شايد موت ڇني

    هي ياري هڪ ٻي ياري آ ناهي ماڻهن واري

    اوکي بازي الفت واري ، پياري ۽ نياري

    هي جن جيتي تن به نه جيتي ، هارين ناهي هاري

    پيار جي عيوض پيار گهرين ٿو ، حيف اٿئي استاد

    عاشق ناهين ڄڻ ڪو آهين ، يار وڏو واپاري.

    .استاد بخاري صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري هڪ سادو انسان هو سندس شاعري ۾ به سادي ٻولي نروار نموني سان جاءِبجاءِ ملي ٿي پنهنجي شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا ٽماهي رسالي ( مهراڻ ) ۾ پئي ڇپجي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان شاعري ڇپائڻ ۾ حوصله افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذڙڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع ،ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.شعر جي ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل ۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي انداز ۾ شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو. سندس شاعري نج سنڌي لفظن سا ٽم ٽار آهي اڪٽر شاعري ۾ تشبيهه ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي سندس کي (استعارن جو بادشاه )چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءِ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾ پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ امڙ جي چڪي مٽي جو هڳاءِ هو استاد بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي،استاد بخاري شاعرن منجهه سمورن خوبين جو مالڪ هو، استاد بخاري هڪ ته سونهن جو پوڄاري ٻيوهو استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساه پيدا ڪيو انهن کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ راه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح تو ڏي ته

    سون بازار مان ڳهني وٺبو آ

    فيض مرشد کان پني وٺبو آ

    جو سمجهي ته اوهان جو حق آ

    حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ

    استاد بخاري سونهن جو شيدائي ۽ پيار جو فدائي هو هن پنهجي شاعري ۾ سونهن پيار کي امرتا بخشي هئي. استاد بخاري کي سنڌ ڌرتي جي سٻاجهڙن ماروئڙن سان بي لو ث محبت هئي. جنهن کي هو عبادت سمجهندو هو . جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعري وسيلي پڻ ڪيو پاڻ چوي ٿو ته

    پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين

    چيم هڻي پڇاڙي آ

    عبادت جي ضرورت آ

    سندس شاعري جا 25 کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، اوتيون جوتيون ،لهر لهر دريا ءِ سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي ،نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو۽ووڪ ،ميلا ملهالا، لهر لهر لالڻ ،وطن ۽ ويساه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي ،هڙئي ئي هيج وطن جا، تڙتڙ تيڏيان ڳالهيان ،گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره سندس ٻيوڪا في اهڙو ڪلام جيڪوشعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهومختلف اخباري رسالن ۾ ٽريل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيه جي شهر لنڊن ما بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري موت سندس وڌيڪ هن عظيم شاعر کي جئيڻ نه ڇڏيو آخر ڪار استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو 9 آڪٽوبر 1992ع جمعي ڏينهن هجري سن مطابق 11 ربيع آخر 1413هه تي ڪراچي ۾ 62 سال 8 مهينا 23 ڏينهن زندگي جا گذاري سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي لاءِ راهه رباني ٿي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو سندس مرتي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي استاد بخاري هن زماني جو وڏي مان وڏو عوامي شاعر هو سندس شاعري وارن لفظن کي اڄ تائين جهر جهنگ ۾ ترنم سان ڳايو وڃي ٿو اڄ سڄي سنڌ ۾ سندس جي جنم ڏينهن 88 سالگرهه نهايت عقيدت ملهائي ويندي سنڌ جا سڀئي اديب سندس شاعري ،شخصيت۽ فن ، فڪر تي روشني وجهندا 616


    [​IMG]

     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو