• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
انسان پنهنجي سهولت لاءِ کوڙ شيون بڻايون آهن ۔۔۔ پر ڪڏهن ڪڏهن کوڙ سارا مسئلا پوءِ به سامهون ايندا رهندا آهن۔۔۔ انهن مسئلن کي تڪڙو حل ڪرڻ لاءِ به حل هٿ ڪيو آهي۔۔ هاڻي جيڪڏهن توهان جي به سامهون ڪو مسئلو هجي ته ۔۔۔۔۔۔ ”ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔!“ حل موجود آهي۔۔۔ هي ڏسو۔۔۔

جيڪڏهن توهان وٽ ڪار ته آهي پر سيٽ بيلٽ ٽٽي پيو آهي ته۔۔​
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔​
oCs86122.jpg
جيڪڏهن ڪمر ۾ موجود فيوز سڙي ويو آهي ته ۔۔۔​
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔​
8n786134.jpg
جيڪڏهن گاڏي واري ٽيپ چوري ٿي وئي آهي ته۔۔۔​
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔​
lbT86134.jpg
جيڪڏهن گاڏي لاءِ ڪو جي پي ايس خريد ڪرڻ جي سگهه نه آهي ته ۔۔۔​
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔​
B3k86154.jpg
جيڪڏهن اي ٽي ايم مشين جي سڪرين پڙهڻ ۾ نه ٿي اچي ته۔۔۔۔​
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔​
pBg86155.jpg
جيڪڏهن گاڏي سعودي مان آيل آهي ۽ سٽيئرنگ مختلف سائيڊ ڏانهن آهي ته ۔۔۔​
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔​
94S86155.jpg
جيڪڏهن برسات ۾ ڊش اينٽينا خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ته ۔۔۔​
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔​
Kcc86194.jpg
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“


جيڪڏهن اليڪٽرانڪ ڪٽلي جو چُلهو خراب آهي ۽ چانهن تيار نه ٿي ٿي سگهي ته ۔۔۔
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔
tSr86194.jpg


جي گاڏي جا وائيپر برسات ۾ ڪم نه ٿا ڪن ته ۔۔۔
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔
hRc86194.jpg


جيڪڏهن اڪثر ڪمپيوٽر جون تارون ميز جي ٻئي پاسي ڪري پون ٿيون ته ۔۔۔
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔۔
4Ch87622.jpg


جي ڪمري ۾ پوري روشني نه ٿي ٿئي ته ۔۔۔
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔
4Sb86134.jpg


جي چمچو نه آهي ته۔۔۔
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔
taf86122.jpg


۽ جيڪڏهن ننڍڙو ٻار سنڀالڻ ڏکيو هجي ته ۔۔۔
ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔
34image025.jpg
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

يار رشيد! مونکي اها خبر نه هئي ته اسانجو يار ايڏو وڏو جڳاڙي آهي، خاص ڪري آخري جڳاڙ ته وڏي ڪم جو آهي ۔۔۔ ان کي چوندا آهن ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي ۔۔۔

هميشه جيئان زبردست ۔۔۔۔
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

واه سائين واه

اصل واه جو جڳاڙ ڪيو اٿن ڀلا ......................هن ڇا ؟

بهترين شيئرنگ آهي ادا
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

واه سائين رشيد

اوهان ته واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو ۔ ان ڪري ئي چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماء آهي۔

ڪجه جڳاڙ ته اسان به ڪندا آهيون پر اوهان ته حل بڌائي وڌيڪ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي۔
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

سائين واقعي جڏهن مسئلو سامهون ايندو آهي ته مجبور ٿي ان جي حل لاء سوچڻو پوندو آهي ليڪن ڪڏهن ان جي حل ڪندي ٻيڻي مشڪل به پيدا ٿيو پوي جيئن سائين جن فيوز جي متعلق ٻڌايو آهي سو خبردار ٿجو متان جهڙي تهڙي قينچي کڻي ڪيوس الله توهار پوء ويٺا کلو جيڪا قينچي سائين لڳائي آهي سا ته پلاسٽڪ جي سرن واري آهي بهرحال اهڙو ڪم احتياط سان ڪجي باقي آخري مسئلي جو حل ڏسي کل نڪري وئي. واه سائين توهان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي شال سدا سلامت هجو.
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

مون ته آخري حل جا ڏس پتا ماڻهن کي ڏيڻ شروع ڪيا آهن جو، اڄڪلهه ٻارن جا پيمپرس تمام مهانگا ٿيندا وڃن، انڪري پيمپرس جو توڙ آهي، اهو جڳاڙ ۔۔۔۔ ڪم به ٿي وڃي پئسا به بچن ۔۔۔

باقي ٻيا جڳاڙ آهستي آهستي ضرروت پوڻ وقت پيا استعمال ٿيندا ۔۔۔
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

جڳاڙته سڀ سٺا آهن پر آخري جڳاڙ ۾ آهي ڪير ؟
لڳي ٿو ته جادوگر جي ننڊي لاء جي تصوير آهي
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

اهڙي حل کي سولي سنڌي ۾ چوندا آهن ”جڳاڙ“، جيڪو اسان پاڪستان جي وسندڙن جي فطرت ۾ شامل آهي، جڳاڙ جا نوان طريقا سيکارڻ تي سائين جن جي مهرباني۔۔۔۔
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

اڄ فيسبڪ تي گهمندي ڦرندي هي جڳاڙ به نظر آيو

ڦٽڦٽيءَ تي سفر ڪندي اوهانکي سيءُ لڳندو هجي يا مٽي لڳندي هجي يا وري مينهن کان بچڻو هجي ته هي جڳاڙ ۔۔۔ اصل واه واه، آزمايون ته ٻڌائجو


http://imageshack.us
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

هاهاهاها ۔۔۔

سائين نثار هنن جڳاڙن جو ته ڪو مَٽُ ئي ناهي ۔۔۔۔۔
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

تمام بهترين ونڊ آهي، مذاق ۽ تفريح کان هٽي ڪري اسان کي اهو سکڻ گهرجي ته هر مسئلي جو متبادل حل موجود آهي پر جيڪڏهن اسان ٿورو به غور ۽ فڪر ڪريون ته مسئلو، ته ڪو مسئلو ئي ناهي!
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

اوهان ته واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو ۔ ان ڪري ئي چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماء آهي۔ پر تجربو به وڏي ڳالھ آھي
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

تصوير واري ڳاله جيڪو سائين ڏس پتو ڏنو اهو زبردست آهي

هڪ ته پيمپرس مهانگا ٿئي ويا آهن هڪ ته بچت ٻيو سامان به کليل

ها ها ها ها

سدائين گڏ
 
جواب: هر مسئلي جو حل ۔۔۔۔”ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔!“

ادا زال تنگ ٿي ڪري۔ ڪو مسئلو ئي ناهي! هيٺ تصوير ڏيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔چئلينجججججججججججججججججججججججججججججججججججج
 
Back
Top