مالڪ، نوڪر ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مالڪ، نوڪر ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ

    ادي مگسيءَ واري ڀوڳ تي ياد آيو ته؛

    هڪڙي مالڪ، نوڪر کي چيو اڄ ڪڪڙ جو ٻوڙ چاڙهي کاراءِ
    نوڪر هاڪار ڪئي ۽ لڳي ويو ٻوڙ چاڙهڻ ۾
    مالڪ جڏهن کاڌي تي ويٺو ته ڏٺائين ته ٻوڙ ۾ ته صرف هڪ ڄنگهه آهي، رڙ ڪري نوڪر کي چيائين؛ اڙي هي هڪ ڄنگهه ڇو آندي اٿئي، ٻي ڄنگهه ڪٿي آهي؟“
    نوڪر جواب ڏنو ” سائين الله جو قسم هي هڪ ڄنگهه وارو ڪڪڙ هو“
    مالڪ چپ ٿي ويو ...
    هڪ ڏينهن ٻئي گڏيا ٿي ويا ته رستي تي هڪ ڪڪڙ، پنهنجي هڪ ڄنگهه لڪائي بيٺو هو ...
    نوڪر چيو، سائين هي ڏسو، هڪ ڄنگهه وارو ڪڪڙ !!!
    مالڪ، ڪڪڙ کي ڏسي ڇڇڪر ڪئي ته ڪڪڙ لڪايل ڄنگهه ڪڍي، وٺي ڀڳو ...
    مالڪ چيو حرامي، هن کي ته ٻئي ڄنگهون آهن ...
    نوڪر وراڻيو؛ سائين، ان ڏينهن به ڇڇڪر ڪيو ها ته ٻي ڄنگهه به اچي وڃي ها ...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    واه سائين واه توهان ته asul matt ادا نثار ابڙو صاحب
    مٺا تمام لاجواب شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو shabash

    shal judy hujeen

    suhnan saan



    sindhsalamatsaathsal
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا ڪڪڙ جي ٻوڙ جو نالو ٻڌي مان ڀڄندو آيس:d پر اسان پوڙهن جي پهچڻ کان اڳ ئي هڪ ٽنگ مالڪ ته ٻي نوڪر کائي چڪو هو ۽ باقي بچيل کچيل مال فقير کي نصيب ٿيو اسان اهڙا جو اهڙا ..... اسان بس رهياسين اڌورا اڌورا:d:d
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مان ٻڌو آهي ته بچيل ڪچيل مال جا مالڪ ڪانو ۽ ڪڪڙن هوند آهن فقير وري اهو ڌنڌو ڪڏهن کان شروع ڪيو آهي.
    hall chari
    hatt-pare
    suhnan saan
     
  5. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    lajwab-sharing
    shabash
    سائين فقيرن کي ائين ته نه چئو
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    يار عظيم هڪ ڳالهه چوان يار ناراض نه ٿجان يار توهان پنهنجو ريپلائي ڪرڻ جو لهجو بدلايو يار اوهان جي من ۾ ڀلي ڪجهه نه هجي پر پڙهڻ واري کي الائي ڇو ائين محسوس ٿيندو آهي ته اوهان چوچي ڏئي رهيا آهيو ادا ناراض نه ٿجو يار هي حقيقت آهي

    ادا باقي فقير اسان جو ادو آهي ادي وهاب جي ڳالهه تي ناراض نه ٿيندو ۽ اهو ڀوڳ ڪندو به آهي ته سهندو به آهي

    مهرباني ادا شل جڙيو هجين​
     
  7. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    shabash
    ڀاءُ علي علي صاحب
    منهنجو لهجو ڪئين آهي توهان سڀني کي مان ڇا ٿو لڳان
    اگر توهان تي بوجهه آهيان ته پيارا دوستو مان اڄ کان بعد هتي نه اچان مون چيو فقيرن کي ائين نه چئو بس اها چوچي آهي يار منهنجي پاڻ اڄوڪين ڪجھ دوستن جي تحريرن ڪري دل ٽٽل هئي وري توهان زخمن ۾ لوڻ ٻرڪي ڇڏيو
    ادا توهان جي مهرباني جو دل جي ڳالهه ٻاهر ڪڍيو
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    يار تون اسان جي سر جو سائين آهن ادا مون اوهان کي پنهنجو ڀاء سمجهندي مشورو ڏنو ۽ اوهان کا معافي به گهري ته ناراض نه ٿجو اسان لاهوتي ماڻهون آهيون ڪنهن جي ڳالهه دل ۾ وٺي ڪري ٽينشن ڪونه رکون پر يار زمانو ته خبر ٿي ادا مان چيو نه ته اوهان جي دل ۾ ڪجهه ناهي هوندو ڪنهن لاءِ به پر زمانو ته اوهان جي دل سان ٻڌل ناهي نه بس يار وڌيڪ تنهنجي مرضي سهڻاHaqMojood
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، جيڪي دل ۾ نه ڪن انهن جي لاءِ ئي چئبو آهي، مٺا ناراضگي معاف ڪجو اگر توهان جو نالو کڻان ها ته توهان کي ڪاوڙ لڳي ها. انهي ڪري سياڻن چيو آهي ته،
    جو ور ورائي ور تني سانڀيان ساهه سان.

    ادا علي علي، فقير آهي پنهنجي ئي لڏي جو آهي، فقير ناراِض ٿيندو ته آخر ويندو ڪيڏانهن، اڳي پوءِپاريسري آهي. ٻيو ته مونکي هن جي مصروفيتن جي به خبر به پئجي وئي آهي، بس اهڙو تڪڙو ڪيو. اٿم جو ڪڇندو ئي ڪانه.

    مٺا منهنجا ناراض ٿيندي، ته اسان فقيرن کي ناراضگي ختم ڪرڻ ايندي به آهي، اگر جي ناراض ٿيندي ته توهان تي به ادو علي علي ادي جهانداد وانگر ڏنڊ هڻندو. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته ڏنڊ صفا ٿورڙو آهي. بس سنڌ سلامت جي سڀني ميمبرن کي بهترين ماني کارائڻي آهي. مونکي ته ماني وڻندي ئي ناهي.
    صرف ناشتي ۾ 3 ڊڳڙيون، 2 پليٽون ڇولن جون، 3 پيالا ڏهي، 2 عدد انڊا، بس تمام ٿورو ناشتو آهي. باقي ادي فقير جي ته ڳالهه ئي نه پڇ ان جو حشر مٿي ڏسي آيا هيو.
    هاڻي ناراض ٿيو يا نه ٿيو انتخاب توهان کي ڪرڻو آهي.

    asul matt
    asul matt
    HaqMojood
    hatt-pare
    shal judy hujeen
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    واه ادا واه اه اوهان جو ناشتو آهي پوء ته ادا اوهان دشمن جي در تي ٻڌڻ جهڙا آهيوasul matt:D
    باقي فقير کي سوگهو ڪيو ٿي پر پارت هجئي فقير جي ڇوته فقير راضي الله راضي hall chari shal judy hujeen
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مٺا مان ڇا ڪيان اهو به اگر جي بک نه هجي ته کائيندو آهيان اگر جي بک هجي ته پوءِ انهي کي چئن سان ضرب ڪريو.

    فقير جي ڳالهه نه ڪر، مونکي ڏاڍو پيارو اٿئي بس رڳو هڪڙي ڳالهه خراب اٿس.
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    منهنجي سر جا سائين
    علي علي
    فقير ڦلپوٽا
    عبد الوهاب
    عظيم
    حق موجود
    يار مون وارو لطيفو ايترو مزاحيه نه هو جيترو ادي علي علي جو ڪڪڙ جي نالي تي ڊڪي اچڻ، بس يار کلي کلي پيٽ ۾ ور پئجي ويا ... ڳلن تي لالي اچي وئي ...

    اڄ وري ادي عبدالوهاب جي ناشتي جو پڙهي ته ترا ئي لڳي ويا ... مان سمجهانٿو ته ادي عظيم کي اهڙو ته ڊيڄاريو اٿس جو هو اصل ڪاوڙ ڪرڻ کان توبهه نه ڪري! يا وري ڪاوڙجي به هو، منٿ به هو نه کڻي اچي ته يار تون پنهنجي گهر ئي هج، مون ڪاوڙجڻ کان توبهه ڪئي ...

    ٻي ڳالهه ته ادي علي علي جي ڳالهه جيئان ته ادي عبدالوهاب کي پنجاب ۾ ڪجه عرصو ڇڏي اچجي ته ڀل انهن جي ڀيل ٿئي ...

    يا وري مصر ۾ هجي ته خبر پويس ته هو گهڻو ٿو ناشتو ڪري يا مصري ڀائر ... اسان وٽ ته اصل مصري قوم ... گوشت ئي کٽائي ڇڏيو آهي ... ماني ٿوري کائن ... گوشت ڏسن ته ڇتي ڪتي جيئان وات پٽي پيا گرڙاٽ ڪن ... الله امان

    ادي عظيم کي عرض آهي ته يارن سان ڪهڙا ليکا ... لائجي ته نڀائجي نه ته اصل نه لائجي ... ياري رکبي ته مهڻا به سهبا ...

    مصري قوم ...ج.. کي ...گ... سان اچاريندا آهن ... لڳي ٿو اسان سنڌين ان ...گ کي... مصرين کان وٺي گڏهه تي نالو گڏهه رکيو، جو هو گهڻو ڪري پاڻکي ئي حمار حمار ڪري پڪارين ..

    الله اوهان سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه سائين واهه
    ادو علي علي نه اچي ته محفل ئي نه مچي

    باقي ادو عظيم سمجهدار آهي سمجهي ويندو

    سائين منهنجا ماما پنجاب ۾ رهندا آهن، پر مونکي اُتان جو پاڻي به نڙي ۾ ناهي لنگهندو. وڏي ڪوشش جي باوجود ٻه گرهه کائي سگهندو آهيان.
    hatt-pare
    hall chari
    khil sahi
     
  14. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    سائين ڇا ڪيون ڪڪڙ جي ڳاڙهي ٻوڙ جي ڳاله هئي سو اهو ته قسمت سان نصيب ٿيندو آهي اهو به پاڙي واڙن جو چوري ڪري :D :D سو مون جڏهن ڪڪڙ جي ٻوڙ جو ٻڌو ته پٽڪو ته پري جي ڳالهه پر جتي به ڪونه پاتم پر سائين ڇا ڪيون اسان کان به وڌيڪ حاجت مند اڳي ئي ٻرو ڏئي ويا :D سائين ڪڪڙ جي ٻوڙ جو ٻڌي ته ڪو به ڀَڄِي ايندو :D سائين اسان وٽ اهڙا جوان به آهين جو ڪو ناراض ٿي ته ڏيکاري فقير ۽ وهاب جهڙا ٻه در تي ميڙ لاء موڪليا سيس ته پاڻهي راضي ٿي ويندو :D شال جڙيا هجو مون ڪٿي پڙهيو هو ته
    ادخال السرور في قلب المومن عباده
    مومن جي دل خوش ڪرڻ به هڪ عبادت آهي

    اوهان جون ڳالهيون پڙهي مان به ڏاڍو کليو آهيان ڊڄ اٿم ته ماڻهون ائين نه چون ته جهونو پاگل ٿي ويو آهي :D
    shal judy hujeen​
     
  15. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    واه ڙي جهونا واه، سڏائين جهونو پيو ڪم جوانن واري ڪڪڙن جي پويان ائين پيو ڊوڙين جيئن ماڪڙ فصل تي... وري اصل ادي وهاب کي جهڙو جواب ڏني اهو به مزيدار واقعي ادي وهاب کي بقول سائين نثار صاحب جي ڳالهه وانگر ته پنجاب ڇڏي اچجيس ته جيئين انهن جي ڀيل ڪري اچي..... سائين اهڙا ڪڪڙ پيا کائو، ادي عظيم کي صلاح به ڪونه ٿا ڪريو. ڇو توهان سمجهو ته ادو ناراض ٿي ويو آهي... سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ادو ناراض نه پر جذباتي ٿي ويندو هوندو جو اوهان جيڪو ڪڪڙ کائي ويٺا آهيو اهو به ڪڪڙ ادي عظيم جو ته هئو سوبه ادي وڏي محنت سان پاڙيوارن جو چورايو هئو سوچيو هئائين ته مٿين سياري جي موسم ۾ اصل ميل ۾ لاهيندو سانس پر يار علي علي تون ته اصل ڪو چورن مٿان مور نڪتين ۽ ادا عظيم واري ڪڪڙ جون اصل کانڀڙاٽيون به کائي ويئن...... asul matt
     
  16. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    اواه ادا واه asul matt asul mattshabash
    يار ڇا ڪيون ادا مرغي عظيم جي هڪ ٽنگ مالڪ کائي ويو هڪ نوڪر باقي فقير کي ڦٻي خواري جهوني کي جهلڻي پئي ٿڪيا سي به اسان ڪجهه ڦٻيو به نه ۽ مٿان خواري الاڙي hall chari
     
  17. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    هڪڙي ٽنگ وارو ڪڪڙ ته مون به ڏٺو آهي. يقين نٿو اچيوَ ته هي ڏسو:

    [​IMG]
     
  18. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا ابوزين اصل ڪڪڙ جي تصوير ڏئي ڪري هن تحرير جو اصل مان ئي مٿانهون ڪري ڇڏيو.....

    اصل دل ڏاڍي خوش ٿي.... shal judy hujeen
     
  19. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    shabashshabashshabashshabashshabash
    ڀاءُ ابو زين ڪڪڙ جي تصوير ختم ڪريو ورنه ادا علي علي پنهنجي ڪمپيوٽر جو مانيٽر ڀڃي ڪڪڙ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو
    ڀاءُ اهڙيون تصويرون ته نه ڏيون جوماڻهو پنهجا مانيٽر ڀڃي ڇڏن
    suhnan saan
    suhnan saankhil sahi
     
  20. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سڀ هيڏانهن اچو ڪڪڙ هٿ اچي ويو


    سائين نثارابڙو ٻڌايو ته مالڪ جڏهن ڪڪڙ کي چچر ڪئي ته ڪڪڙ ڀڄي ويو سائين اسان ان ڪڪڙ کي ڳولهيندا ڳولهيندا الاء ڪٿي منزلون هينون ته اهو ڪڪڙ ڪٿي ملي پئي سائين نثار کي واپس ڏيون سائين اسان جو فقير انٽيليجينس ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهو به آهي ۽ هر مهيني جاسوسي ڊاعجسٽ جو پڙهندو آهي سو اهو ڪم ان جي ذمي لاتو سي ادا ابو زين ڪڪڙ ڳولهي ته ڏنو پر پڪڙي ۽ سڪ ڪري نه ڏنو سو يار ادي فقير وهاب قمبراڻي جي مدد سان زاهد الجميلي جي مشورن سان ادي عظيم جي دعا سان نيٺ وڃي ٿر مان اهو ڪڪڙ بر آمد ڪري ان کي اهڙو سوگهو ڪيو اٿائين هاڻي اصل ڪونه ڀڄندو
    سائين نثار هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته ڪٿي پهچائي وڃونس ۽ اسان جو انعام ڇا ٿيندو فقير پيرن اگهاڙو ڏينهن ان پٺيان رليو اٿئي مڪي وارا پارت هجئي فقير جي

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو