سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ؛
    دوستو ڪالهه بروز خميس 2 ڊسمبر 2010 هڪ دوست جي شادي جي دعوت جي سلسلي ۾ حيدرآباد ويس اتي وليمي جي ماني کائي رهيو هُئس ته اسان جي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون جو ٽيلي فون آيو ته سائين نثار ڪٿي آيو، مون کيس جواب ڏنو ته گيس ڪر ته مان ڪٿي آهيان چيائين ته سائين جادوگر ڪونه آهيان اهو ڪم جادوگرن جو هوندو آهي ته هُو ڍارا هڻي ٻُڌائي ته ڪير ڪٿي آهي، مونکي فوري اسان وارو جادوگر عبدالرشيد سمون ياد اچي ويو، جيڪو اهڙن ڍارن هڻڻ جو ايڪسپرٽ هوندو آهي خير مون چيو مانس ته النور گارڊن لطيف آباد پوڻا ست نمبر ۾ هڪڙي دوست جي شادي ۾ ڀت پيو کايان ، سائين اڄ ته جيڪو گهران هان الله سائين مونکي ڏي ها، آئون لطيف آباد حيدرآباد واري ريلوي ڦاٽڪ جي آس پاس آهيان النور گارڊن جي آس پاس ئي آهيان بُک به ڏاڍي لڳي آهي، توهان سان ملڻ جي بهاني توهان جي گهور تي مان به وليمي جو ڀت کائي وٺندس۽ هڪڙي زبردست ڳالهه ٻُڌايان ٿو، اڙي غفور ٻڌ ته.......... ايتري ۾ غفور موبائل بند ڪري ڇڏيو، جيئن ته لطيف آباد حيدرآباد واري ريلوي ڦاٽڪ کان النور گارڊن صرف پنجن منٽن جي مفاصلي تي آهي سو عبدالغفور سمون بيگاني دعوت ۾ عبدالله ديوانو ٿي، بنا دعوت پهچي ويو، سڌو اچي اسان واري ٽيبل تي پهتو : مون کيس چيو ته شينهن سمان ڊيٽ ماڻهو ته ٻيا به گهڻا آهن پر تون ته صفا استاد آهين، اصل مفت وارا ڀت ڳوليندو وتين، چيائين ته سائين نثار ناز جي بادشاهي جو خير هُجي ، پُئو(گهور ) سائين نثار ناز جو عبدالغفور سمون ڀت ڇو نه کائي؟ چڱو ويهه ويهه يار صفا ويجهي دوست جي شادي آهي جيڪو کائڻو اٿئي کاءُ آئون تقريبن مائي کائي چُڪو هُئس، عبدالغفور سمون پيٽ ڀري وليمي جو ڀت کاڌو، ايتري ۾ ڪولڊ ڊرنڪ به اچي وئي، اها پيئندو رهيس ، چيومانس ته تو فون ڇو ڪيو هو؟ ڪهڙي ڳالهه هُئي؟ ، چوڻ لڳو سائين ناز پهرين طعام پوءِ ڪلام ، چيومانس ته شينهن مفت جا مال کائيندا آهن تون ڀلي اها رسم پوري ڪري وٺ، مون وڃي واشنگ بيسن مان هٿ ڌوتا، چيومانس ته مان گهوٽ سان گڏ ٿو ويهان تون ماني کائي اچ، چيائين ته هائو اچان پيو غفور وراڻي ڏني، ٿوري دير گهوٽ سان گڏ وڃي ويٺس، ٿوري دير کان پوءِ عبدالغفور سمون پيٽ ڀري وليمي جي ماني کائي نڙ ٿي اچي بيٺو عبدالغفور سمون جي گهوٽ سان انٽروڊڪشن ڪرائي، گهوٽ کي چيم ته تنهنجي هي پهرين شادي آهي پر اسان جي عبدالغفور سمون کي ٻي شادي ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق آهي، تون دُعا ڪرينس ته غفور جي ٻي شادي ٿئي منهنجي انهي ڳالهه تي گهوٽ سميت اتي ويٺلن سڀني دوستن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ان کانپوءِ گهوٽ کان موڪلايم عبدالغفور سمون کي ساڻ ڪري اچي گهور لکايم ان کان پوءِ عبدالغفور سمون جي پنهنجي ڦٽ ڦٽي (موٽرسائيڪل) جو رُخ حيدرآباد جي آٽو ڀان واري روڊکان حسين آباد واري رستي ڏانهن رکيو، اڙي چريا ڪيڏانهن پيو هلين چيائين ته سائين منهنجا مون پهرين موبائل ڪال صرف انهي ءَ لاءِ ڪئي هُئي ته سنڌ ميوزم ۾ ظفر ڪاظمي فيڪلٽي هال ۾ ٿر جي شهر پٿوري جي هُنر مند ڪاٺ جا مجسما ٺاهيندڙ خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش جو افتتاح ڪرڻ ثقافت جي وزير محترما سسئي پليجو صاحبه پئي اچي سنڌ سلامت کي به انهي تقريب ۾ شرڪت جو دعوت ملي آهي، اهائي ڳالهه توکي موبائل تي ٻُڌائڻ ٿي چاهيم . اڇا مون پنهنجي واسڪوٽي جي کيسن ۾ هٿ وڌا چيومانس ته اڄ مان ڀي پنهنجي ڪئميرا کڻي آيو آهيان پر ان نمائش جو افتتاح جو ٽائم ڪهڙو آهي، ايتري ۾ عبدالغفور سمون جي موٽر سائڪل اچي حسين آباد چرين جي اسپتال وٽ پهتي، چيائين ته سائين شام جو ٺيڪ پنجين وڳي هينئر پاڻ سنڌ ميوزم ڏانهن پيا هلون، ايتري ۾ حسين آباد واري ريلوي پُل جي هيٺان نڪري، وحدت ڪالوني واري رستي کان عبدالغفور سمون پنهنجي موٽر سائيڪل جو رُخ سنڌ ميوزم ڏانهن رکيو، اسان جي ڳالهه ٻول هلندي رهي عبدالغفور انهي مجسمن واري نمائش ۾ ڪهڙي اهم ترين شخصيت جو مجسمو رکيل آهي جو سنڌ جي ثقافت جي وزير محترما سسئي پليجو صاحبه اچي رهي آهي غفور چوڻ لڳو ته سائين پٿوري جو مشهور مجسما ساز خوشحال مهاراج هن ڀيري ڪاٺ سان سنڌ راڻي محترما بينظير ڀٽو شهيد جو تمام زبردست مجسمو ٺاهيو آهي، ان کان علاوه ڪاٺ سان ايترا ته خوبصورت ٻيا مجسما رکيا آهن جو توهان هلي ڏسو ته سهي، مون چيومانس ته تون اهي مجسما ڏسي آيو آهين چيائين ته هائو آئون ڏسي آيو آهيان سائين نثار ناز تون به شاعر آهين تخليق ڪار آهين توکي سنڌ ميوز م ۾ هن نمائش کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿيندي، ايتري ۾ سنڌ ميوزم به اچي ويو، اسان سنڌ ميوزم وارو گيٽ ڪراس ڪري سنڌ ميوزم جي اندروني احاطي ۾ پهچي وياسين. اتي ڪافي سارا دوست نظر آيا، جنهن ۾ سنڌي شاعر محترم عاشق هالائي، سليمان ابڙو پڻ موجود هُئا، عاشق هالائي جو مونکي ڏٺو سو وڌي آيو ڀاڪرن ۾ ڀري چيائين ته سائين اڄ توهان کي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرڻ لاءِ تمام خوبصورت شيون ملنديون ، اڃا اها ڳالهه هلي رهي هُئي ته عبدالغفور سمون اچي چيو ته مجسمن جي نمائش جو افتتاح ٿِي رهيو آهي جلدي اچو، مون چيو ته محترما سسئي پليجو صاحبه پهچي ويئي چيائين ته نه پر سنڌ ثقافت جو سيڪريٽري محترم شمس جعفراڻي پهتو آهي محترما سسئي پليجو جي بدران هاڻي شمس جعفراڻي انهي نمائش جو افتتاح ڪندو، ايتري ۾ اسان مشهور مصور ظفر ڪاظمي فيڪلٽي هال پهچي وياسين، دروازي تي خوبصورت روبينون ڦيٿ جي صورت ۾ لڳل هيون هڪ پاسي کان اسان پهتاسين ته ٻي پاسي کان سنڌي ثقافت جوسيڪريٽري محترم شمس جعفراڻي سنڌ ميوزم جي سربراهه ۽ ان نمائش جي ڪوريج ڪرڻ وارا صحافي ۽ نمائش ڏسڻ وارن جي وڏي ميڙاڪي سان اچي رهيو هو، محترم شمس جعفرائي کي هڪڙي خوبصورت پليٽ ۾ اسٽيل جي چمڪندڙ قينچي ڏني وئي جنهن سان محترم شمس جعفراڻي باقائده اها ڦيٿ ڪاٽي نمائش جو افتتاح ڪيو خوش قسمتي سان مونکي محترم شمس جعفراڻي سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي انهي خوبصورت ترين نمائش جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، انهي دوران عبدالغفور سمون مسلسل تصويرون ڪڍي سنڌ سلامت لاءِ ڪوريج ڪري رهيو هو، هر مجسمي کي ڏسي مونکي سنڌ جي هن ڏاهي خوشحال مهاراج مجسما ساز جي محنت تي فخر ٿي رهيو هو، مونکي سنڌ ڌرتي تي فخر ٿِي رهيو هو جنهن جي هڪ ڏاهي پُٽ خوشحال مهاراج ايترا خوبصورت مجسما جوڙي هڪ نئين تاريخ جوڙي آهي. نمائش ۾ شامل سنڌي ثقافت جي سيڪريٽري محترم شمس جعفراڻي کان وٺي هرهڪ ماڻهو پنهنجي زبان مان واهه واهه جا لفظ ڪڍي رهيو هو، دوستو هاڻي مان توهان کي وڌيڪ انتظار ڪونه ٿو ڪرايان، انهي مجسمن جون تصويرون توهان سان ونڊ ٿو ڪريان، دوستو اسان جي سنڌ سلامت کي اهو به اعزاز ٿِي رهيو آهي ته سنڌ جي پٿوري شهر سان تعلق رکندڙ اسان جي سنڌي مجسما ساز جي مجسمن جون تصويرون انٽر نيٽ جي حوالي سان صرف سنڌ سلامت تي شيئر ڪيون پيون وڃن. دوستو ان سلسلي ۾ هڪ ڀيرو وري به عبدالغفور سمون جا ٿورا جنهن ايڏي خوبصورت نمائش جو نظارو ڪرايو ۽ سنڌ سلامت لاءِ تصويري ڪوريج ڪئي.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو ڪارڪن جهونو نثارناز ۽ سنڌ ثقافت جو سيڪريٽري محترم شمس جعفراڻي گڏجي انهي نمائش جو مشاهدو ڪري رهيا آهن

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    محترم شمس جعفراڻي ۽ ٻيا انهي نمائش جي مجسمن جو مشاهدو ڪري رهيا آهن جڏهن ته سنڌ جو عظيم سنڌي مجسما ساز تخليق ڪار خوشحال مهاراج اڇي ٽوپي ۽ اجرڪ ڪلهن ۾ پاتل انهي مجسمن جي تياري واري مرحلن جي باري ۾ سڀني کي آگاه ڪري رهيو آهي۔
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    ساري دنيا جا سنڌي دوستو هاڻي پيش آهن خوشحال مهاراج جي بنايل مجسمن جو تصويرون سنڌ سلامت جي پنهنجي پيشڪش

    [​IMG]

    [​IMG]
    خوشحال مهاراج سنڌي جوڌي کي جس هُجي جنهن سنڌ جي گهوٽ لطيف جو خيالي مجسمو جوڙيو توهان دوستن کي سُڌ هُجي ته شاهه سائين جي هن مجسمي جهڙو خوبصورت مجسمو دنيا ۾ ڪٿي به موجود ڪونهي سنڌي تخليق ڪار خوشحال مهاراج جي هٿن کي سلام۔

    [​IMG]
    سنڌ راڻي محترما بينظير ڀٽو شهيد جي مجسمي جي تصوير جنهن جي باري ۾ خوشحال مهاراج جو چوڻ هو ته هي سارو مجسمو ڪاٺ جو ٺهيل آهي ۽ انهي مجسمي جي خصوصيت اها آهي ته هن مجسمي ۾ ڪٿي به ڪو جوڙ ڪونهي۔​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڪجهه وڌيڪ مجسمن جون تصويرون
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    ڪجهه وڌيڪ مجسمن جون تصويرون
    [​IMG]
    پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو مجسمي جي تصوير هي مجسمو به تمام خوبصورتي سان بنايو ويو آهي۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    سنڌ سلامت جا ساٿيو ڪيئن لڳيون ۽ هي مجسمن جو تصويرون اميد ته سنڌ سلامت تي انهي نمائش جو اکين ڏٺو احوال ۽ هي تصويرون سنڌ سلامت تي توهان کي سنڌ سلامت تي هڪ نڪور ۽ نئين چينج جي صورت ۾ نظر آئي هوندي۔ توهان جي پرخلوص راين جو شدت سان منتظر رهندس ۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    سائين نثار ناز صاحب توهان جو هي ڪم ته مها تعريف جي لائق آهي ۽ هن ڪم جي تعريف نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي، سائين توهان جو جيتوڻيڪ هر ڪم بهترين ۽ تعريف جي لائق هوندو آهي، مگر هي ڪم ته مون کي تمام گهڻو پسند آيو، سائين توهان جي سنڌ سلامت لاء جاکوڙ ۽ محنت ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهجي، بلڪه انيء کي سنهري الفاظن ۾ لکيو ويندو۔ سائين نثار ناز صاحب حقيقت ته اهيا آهي ته سڀ کان وڌيڪ قيمتي شيء آهي وقت جيڪو توهان سنڌ سلامت لاء محنت ۽ جاکوڙ ۾ ٿا صرف ڪيو .
    سائين اهڙي ونڊ ونڊڻ لاء توهان جون مهربانيون ۽ قرب۔

    [​IMG]
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    پيارا ممتاز علي وگهيا، ادا تعريفون سڀ مٺي الله سائين جل جلالہُ کي جُڳائن، آئون ته صفا گندو گناهه گار ماڻهو آهيان، بس سنڌ سلامت کي جرڪائڻ جون وس آهر ڪوششون ڪريان پيو، ڇو ته منهنجي سنڌ سلامت جرڪي پئي ته سمجهندس ته سنڌ سموري جرڪِي پئي، بس ادا وقت جو قدر هرڪنهن کي ڪرڻ کپي، اسان جا سڀئي سنڌي جيڪڏهن ٿورو وقت پنهنجي مصروفيتن مان ڪڍي جيجل سنڌ ، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت تي صرف ڪن ته هُوند سموري سنڌ هميشهه جيان گُل ۽ گُلزار بڻجي پوي، ۽ سنڌ جي سُرهاڻ قيامت تائين مهڪندي رهي۔ توهان جون مهربانيون آهن جو اسان جي هن ونڊ تي پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ منهنجي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ڪئي۔ لک لائق ادا۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    ماشاءَ الله اوهان جي جاکوڙ کي سلام آهي.
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    پيارا طاهر سنڌي ٿورا تنهنجا جو اسان کي پنهنجا پيار ڀريا سلام موڪلين پيو، ادا اڃان ته هن سموري نمائش جو وڊيو به پنهنجي ڪئميرا ۾ ڀري آيو آهيان، جنهن ۾ سنڌ ثقافت جو سيڪريٽري هن نمائش جي حوالي ۽ سڀاڻي 4 ڊسمبر 2010ع واري ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ٻُڌائي پيو، يار پوڙهو مڙس آهيان ان وڊيو جي ايڊيٽنگ ڪريان پيو پر دوست اهو ايڊيٽنگ وارو ڪم ڪافي ٿڪائيندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ آهي، بس دُعا ڪر ته ان وڊيو جي ايڊيٽنگ واري مرحلي کان اُڪري پار پوان ته جيئن انهي خوبصورت مجسمي جي نمائش جو وڊيو سنڌ سلامت تي شيئر ڪري سگهان۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    الله تعالي اوهان کي پنهنجين صلاحيتن جو صحيح مَصرَف نصيب فرمائي
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    ادا طاهر سنڌي مونکي منهنجي مٺي پاڪ پروردگار مالڪ سائين جل جلالہُ جي ٻاجهه ۾ پورو ۽ پڪو يقين آهي ته توهان دوستن جون دعائون مون مسڪين کي سهي ۽ سڌي رستي تي ضرور هلائينديون ۽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آجپي جو نينهن نظارو ضرور ڪرائينديون۔ (آمين ثم آمين)
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    سائين نثار ناز صاحب ماشاءَ الله توهان جي ڪم جي جيڪي تعريف ڪجي اها گهٽ آهي بحر حال تمام زبردست سائين جيڪڏهن اسان ايڏانهن اچون ته اسان کي به اهي مها وغيرا وغيرا جو درشن ڪرائيندو نه .................
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    پيارا رياض يار ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين، هليو اچ اسان نه جيڪا دال روٽي هوندي گڏجي کائينداسين ۽ ان سموري نمائش جي مشاهدو توکي ضرور ڪرائينداسين ۽ سنڌ جي مهان مجسمه ساز خوشحال مهاراج سان ضرور ملاقات ڪرائينداسين ۔ پاڻ تنهنجي اچڻ جي ڪري خوشحال مهاراج سان سنڌ سلامت لا انٽرويو ڪري وٺندس۔ ٺيڪ آهي ادا پو ڪڏهن ٿا اچو۔
     
  12. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    ادا نثار توهان گي جس هجي،
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    سائين نثار ناز! اوهان جي هن بهترين ونڊ‌کي پڙهي ۽ ونڊ‌ڪيل تصويرن کي ڏسي اصل دل خوش ٿي وئي، اهڙا ونڊ ته بس سنڌ سلامت جو ناز ۽ شينهن ئي پيش ڪري سگهن ٿا۔۔۔ ​
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    [justify]سائين محترم نثار ناز صاحب! سنڌ اندر مجسمي سازي جو فن تاريخي حوالي سان انتهائي آڳاٽو آهي، اڄ کان ڪئي هزار سال پهريان موئن جي دڙي مان لڌل مجسما پڻ ڏسڻ جي لائق آهن جنهن ۾ سنڌ جي راجا جو مجسمو ۽ نرتڪي (ناچڻي) جو مجسمو اڄ به ڏسڻ وٽان آهي ۽ تاريخ جو اهڃاڻ آهي ۔۔۔

    مجسمي سازي جي عمل کي اڃان به سگهه ملي جڏهن ڪجهه مذهبن پنهنجن ديوتائن جا مجسما ٺاهي انهن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي ۔۔۔ ڏسندي ئي ڏسندي دنيا سموري مجسما ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ هٿ جي ٺاهيل ديوين ۽ ديوتائن ۽ ان وقت جي رشي انسانن جا مجسما ٺهي انسانن جي گهرن تائين پهچي ويا ۔۔۔ ۽ بس پو بت پرستي اهڙو ته زور ورتو جو اڄ تائين ڪئي مذهب ان ريت کي نڀائيندا اچن، ڪاٺ ۽ پٿر جا ٺهيل مجسما ديوتائن جو روپ وٺي ويا ۔۔۔ ۽ سجدا ٿيڻ لڳا ۔۔۔

    دنيا جي طاقتور انسانن پڻ پنهنجا مجسما ٺهرائي انهن کي عام ڪيو ۽ پنهنجي عظمت آڏو ماڻهن کي جهڪڻ تي مجبور ڪيو ۔۔۔ اهو سلسلو پڻ اڄ سوڌو قائم ۽ دائم آهي ۔۔۔ يورپ وارن ته انهن مجسمن کي پنهنجن شهرن جي زينت ڪرڻ شروع ڪيو ۽ انهن کي ڏسندي ئي اسانجي ڪجهه مسلمان ملڪن جي سگهارن انسانن پنهنجن ملڪن جي چوراهن تي رکرايا ۔۔۔ جن ۾ تازو عراق جي چوراهن تي نسب ٿيل صدام جا مجسما آمريڪي فوجن اچي ڊاهي پٽ ڪيا هئا ۔۔۔

    ڪوبه فن پنهنجو پاڻ ۾ ڏوهاري ناهي هوندو، پر خود انسان جڏهن پنهنجي ئي فن پارن کي مذهبي صورت ڏئي وجهندو آهي ته مسئلو اتان شروع ٿيندو آهي ۔۔۔ حضرت ابراهيم کان وٺي خاتم الانبيا حضرت محمد صلعم تائين مجسمن واري مذهب جي مخالفت ڪندي انهن کي ٽوڙيو ۽ اسلامي فڪر تحت انهن مجسمن جي ٺاهڻ جي ممانعت ڪئي وئي ۔۔۔ ايترو ئي نه پر مصوري جي پڻ ممانعت ڪئي وئي ته جيئن ڀٽڪندڙ انسان آڏو بند ٻڌا وڃن ۽ اهڙي ڪابه شئي جا هڪ الله کان ڀٽڪائڻ جو سبب ٿئي انکي ختم ڪيو ويو ۔۔۔

    مجسمي سازي هجي يا مصوري هجي يا ساز هجن يا راڳَ هجن يا عمارت سازي (مقبرا)پنهنجو پاڻ ۾ ڏوهي ناهن پر انهن کي استعمال ڪرڻ واري انسان جو ڀٽڪيل ذهن ڏوهاري آهي، جنهن انهن فنون لطيفه جي شاهڪارن ۾ پنهنجا خدا ڳولهڻ شروع ڪيا ۔۔۔۔ ۽ اهو سلسلو اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري آهي ۔۔۔

    دوستو! اهو فن، فن ئي رهي ته انسان جي ڪم جو ۽ فن سڏرائبو پر جڏهن اهو فن انسان جي ڀٽڪائڻ جو سبب ٿئي ته هاڃيڪار ٿئي ٿو ۔۔۔

    ڪاتي ناهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾ ۔۔۔

    انسان هاڻ آهستي آهستي ترقي جون راهون طع ڪري رهيو آهي ۔۔۔ جيئن برطانيا جي شهر لنڊن ۾ هڪ ميوزم آهي جنهن ۾ دنيا جي سڀني مشهور ماڻهن جا اهڙا ته مجسما ٺاهيا ويا آهن جو ڪير هڪ دفعو ڏسي ته چڪرائجي وڃي ۽ يقين نه ڪري ته هي ڪو مجسمو آهي يا جيئرو جاڳندو انسان ۔۔۔ انساني ڪمال آهي ۽ سندس فن جو معراج آهي ۔۔۔

    حاصل مطلب ته فن جو هجڻ ۽ ان جو واڌو استعمال ته سٺو لڳي ٿو پر جي انهن جو استعمال غلط ٿيندو ته سماج ۾ بيماريون پئدا ڪري ٿو ۔۔۔

    رب العالمين اسانکي علم عطا ڪري ۽ شين کي سمجهڻ جي سگهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين[/justify]
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    [justify]جي ادا نثار ابڙا توهان بلڪل سچ ٿا چئو انسان جو ايمان ڪيڏي مهل به ڀٽڪي ٿو سگهي، اهو ڪيڏي مهل به مجسمن کي پنهنجو ديوتا سمجهي سگهي ٿو، مونکي چڱي طرح ياد ٿو اچي ته جڏهن افغانستان ۾ طالبان حڪومت ۾ آيا، هر طرف هيڪڙائي حق جا نعرا هڻندي اتي جي ڪنهن علائقي ۾ ٻُڌ مذهب جي باني گوتم ٻُڌ جا تاريخي مجسما جيڪي سياحن لا ڏسڻ جي قابل هُئا فن مجسما سازي جي خوبصورت ترين مثال هُئا انهن مجسمن کي بلڊوزن ۽ بمن سان ڪيرائي پٽ ڪيا هُئائون۔ پيارا ڀامسلمانن جي ملڪ مصر ۾ احرام مصر جا جيڪي به وڏا وڏا پهاڙ جيڏا عجوبه آهن جنهن کي دنيا جي عجوبن مان سڀ کان وڌيڪ ۽ سُندر سمجهيو ويندو آهي جتي ساري دنيا جا سياح فقط انساني هٿن جي انهي ڪاريگري کي ڏسڻ ايندا آهن جنهن مان مصر کي پنهنجي قومي آمدني جي مد ۾ ڪافي سارو لاڀ حاصل ٿيندو آهي اهي به انسانن جي هٿن سان جوڙيل فقط مجسما آهن ٻيو ڪجهه به نه ! پيارا نثار پٿر جي مجسمن ۽ ڪاٺ جي مجسمن جي تاريخ واقعي پراڻي آهي، انهن مجسمن جي پوڄڻ، انهن مجسمن کي ڊاهڻ ۽ ڪيرائڻ جي تاريخ به ڪافي پراڻي آهي، حضرت ابراهيم عليهه السلام کي دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏ بت شڪن ڪوٺيو ويو آهي، جڏهن فتح مڪه ٿِي ته حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم جن خانه ڪعبه مان ٽي سو سٺ بت ڀڃي ڀورا ڪيا هُئا ، بت پرستي جي خلاف مونکي حضرت عمر رضي الله عنه جي اها تاريخي ڳالهه به ياد پئي اچي ته پاڻ ڪعبت الله شريف جو طواف ڪندي جڏهن حجر اسود کي چُمي ڏيڻ آيا ته حجر اسود ڏانهن منهن ڪري چيائون ته اي حجر اسود تون صرف پٿر آهين، توکي قطئي ڪونه چُمي ڏيان ها پر ڇا ڪيان جو تون جنت جو پٿر آهين ۽ توکي آقا حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جن کي چُميون ڏيندي ڏٺو اٿم، انهي مان معلوم ٿيو ته جنت جا پٿر پوڄڻ ۽ چمڻ جي لائق آهن زماني جي پٿرن کي ڪونه پوڄبو آهي، حڪم حق به اهو آهي۔ مونکي انهيءَ نام نهاد بُت شڪن محمود غوري جي بُت شڪني به چڱيءَ طرح ياد آهي جڏهن بُت شڪني جي نالي ۾ هندن جو کوڙ سارو خزانو مال غنيمت جي نانءُ تي پنهنجي پيءُ جي ملڪيت سمجهي کڻي ويو هو۔ سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ٿيندڙ هن نمائش واري منهنجي هن ونڊ کي صرف هڪڙي خبر ڪري ليکيو وڃي، ان نمائش کي باقائده هن وقت جي مسلم حڪومت جي ثقافتي کاتي جي اجازت سان منعقد ڪرائي وئي آهي، توهان کي سڌ هُجي ته پاڪستان جي سموري ميڊيا جي چينلن انهي نمائش کي تمام سُٺي نموني هاءِ لائيٽ ڪيو آهي، پر انهن سڀني ميڊيا جي چئينلن کان پهرين انهي نمائش جي خبر تصويرن سميت سنڌ سلامت تي صرف مون ۽ ادا عبدالغفور سمون مشترڪا ڪاوشن ذريعي هتي ونڊ ڪئي آهي هاڻي مونکي خبر ڪانهي ته انهي خبر واري ونڊ کي ڏسي ڪيترن ايمان جي ڪچن جا ايمان ڊڳمڳائجن ٿا۔[/justify]
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي شهر پٿوري جي مهان سنڌي مجسمي ساز خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش۔

    سائين نثار ناز سلام

    سائين ڇا تعريف ڪجي خوشحال مهاراج جي سچ پچ ته لاجواب ڪم ڪيل آهي۔ سنڌ ۾ هنرمندن کي مٿي کڻي اچڻ وارو ڪو به ڪونهي نه ته هي ڪم ڪنهن مها هنر مند کانسواء ممڪن ناهي۔

    خاص ڪري شهيد محترمه جو ٺهيل ڪاٺي جو مجسمو ۔ ڪم ڪاٺي جو ٿيل هجي ۽ ڪو جوڙ به نه هجي ۔۔۔ڪمال جي ڳاله آهي۔ اسان پاران مجسمه ساز خوشحال مهاراج کي بهترين ڪم تي مبارڪون۔

    اوهان ۽ غفور سمون جا به لک احسان جو پنهنجو قيمتي وقت ڏئي اسان سان هيڏا بي مثال پروگرام ونڊ ٿا ڪريو۔ اوهان جي محنت تي اوهان کي به سلام۔

    دعا آهي ته سنڌ ترقيء جي اوج تي پهچي جيئن اسان جي هنرمندن جو قدر پوري دنيا ۾ ٿي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو