مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

'سنڌياڻي' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏5 ڊسمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا ڏينهن ملهايو ويو​

    [justify]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ۔ ڪالهه 4 ڊسمبر تي ٽنڊو محمد خان ۾ ساري دنيا جي سنڌين سان گڏ سنڌ جي سرتين جي هڪڙي آرگنائيزيشن مومل آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان پڻ ايڪتا ڏينهن زور شور سان ملهايو۔ ڪالهه شام جو پنجين وڳين موبائل ڪال آئي هيلو السلام عليڪم چئي قومي ايڪتا ڏيهاڙي جون مُبارڪون ڏنم، ايتري ۾ ڪنن ۾ رس گهوليندڙ آواز آيو ته توهان سر نثار ناز پيا ڳالهايو، جي ، جي مان نثار ناز پيو ڳالهايان، توهان ڪير؟ مان پڇڻ لڳس ، چوڻ لڳي ته مان راحيلا خاصخيلي پئي ڳالهايان، سر اسان جي مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن هن قومي ايڪتا ڏينهن کي ملهائڻ جو هڪڙي ننڍڙي تقريب رکي آهي . ڇا توهان سنڌ سلامت لاءِ هن ايڪتا ڏينهن جي اسان جي هن ننڍڙي ڪاوش کي سنڌ سلامت لاءِ ڪوريج ڪندا ، چيم ته راحيلا بابا مان سارو ڏينهن انهي ايڪتا ڏينهن جي تقريبات کي ڪور ڪندو بس هينئر گهر ۾ آرام پيو ڪريان، پر توهان جي اها تقريب ڪيڏي مهل ٿيندي ، چوڻ لڳي ته سر بس ٿوري دير کان پوءِ، ڏسان ٿو بس پهچان ٿو، پر توهان جي اها ايڪتا واري تقريب ڪٿي پئي ٿئي چوڻ لڳي ته سر ٽائون هال جي سامهون اتي اسان جي آفيس اهي انهي آفيس ۾ ! چڱو بابا مان اچان ٿو راحيلا موبائل تي ٿورا مڃيندي ٿينڪ يو چيو. مان اٿيس وري سنڌي ٽوپي مٿي تي سجايم ڪُلهي ۾ اجرڪ وڌم ڪئميرا کي کنيم ته مولائڻ ماسات سڳوري چيو ته مولائي وري ڪيڏانهن پيو وڃي جهونا ٿڪين به ڪونه ٿو ڪيڏانهن پيو وڃي هي فون ڪٿان آيو آهي، چيومانس ته منهنجي سنڌ سلامت جي سجائڻ جو سڏ مليو آهي انهي ڪري فقير جيڏانهن پنڌ تيڏانهن ڪنڌ اصل بنا بريڪ جو وڃئي پيو. چوڻ لڳي ته مولائي کيسي ۾ پيسا اٿئي اڙي پهرين منهنجو پرس منهنجي حوالي ڪر. پنهنجو پرس کيس کان وٺي دولهه جي پڙ مير محلا، گُلو پاساري واري گهٽيءَ کان ٿيندو، واڻ بازار، شاهي بازار ، جيئل شاهه مرتضى چوڪ کان ٿيندو، ميمڻ محلا ۽ دائيداڻن جو پاڙو ڪراس ڪري يڪ ساهي ۾ ٽائون هال مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن جي آفيس ۾ پُڄي ويس. مونکي پري کان ڏسي راحيلا خاصخيلي صاحبه اڳتي وڌي اچي منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو، اتي ڪافي ساريون سنڌي ڀينرون اجرڪون اوڍي، سنڌي ڀرت ڀريل لباس پهري سنڌ جي ثقافتي ڏينهن کي چار چنڊ لڳائي رهيو هيون. ٿوري دير کان پوءِ انهي ننڍڙي مگر پُر وقار تقريب جي ڪاروئي راحيلا خاصخيلي چيئر پرسن مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاڻ هلائي. انهي ايڪتا ڏينهن جي تقريب جو آغازباقائده تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو ان کان پوءِ نعت رسول مقبول حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سعادت به حاصل ڪئي وئي، ان تقريب ۾ ٽنڊو محمد خان شهر جي شاگرد نياڻين سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت جي حوالي سان تمام زبردست تقريرون ڪيون، باقائده سنڌي ثقافت جي حوالي سان شاندار ٽيبلو پيش ڪيا. آخر ۾ هن خوبصورت تقريب ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران ڪرايل ڪمپيوٽر ٽريننگ ڪورس ڪمپليٽ ڪرڻ وارين سنڌي نياڻين کي
    سُٺي ڪارڪردگي وارا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. انهي تقريب جي افتتحائي تقرير ڪندي راحيلا خاصخيلي چيو ته اسان هن سنڌ ڌرتي جون سنڌياڻيون آهيون اسان کي پنهنجي سنڌ پنهنجي جند کان به پياري آهي پنهنجي ساهه کان به پياري آهي، اسان سڀني سنڌي ڀينرن جو فرض ٿئي ٿو ته سنڌ جي هر گهٽي گهٽي کي سجايون، اهڙا خوبصورت ايڪتا وارا ڏينهن سدائين ملهائي دشمن سنڌ کي ٻُڌايون ته اسين سنڌي هر موڙ تي هر ميدان تي هڪ آهيون اسان سنڌ جي سينڌ کي سدائين سائو رکڻ ڄاڻو ٿا، اسان جي سيني ۾ مٺي سنڌ سدائين دل جي ڌرڪنن وانگر ڌڙڪندي آهي، اسان سنڌي نياڻيون بظاهر ته شبنم آهيون هن ڌرتيءَ جون سڀيتائون آهيون پر جڏهن اسان جي هن ڌرتي جو دشمن سنڌ تي ميري اک رکندو ته انهن جون اکيون ڪوري ڪڍي سگهون ٿيون بلڪل وڄ وراڪن جيان، مان راحيلا جي اهڙي جذباتي خيالن کي ٻُڌي بي اختيار تاڙيون وڄائڻ لڳس، سموري پنڊال مان پڻ منهنجي هن خوبصورت شهر جي سنڌي نياڻين خوب تاڙيون وڄائي راحيلا کي سوين پيار نڇاور ڪيا. هاڻي پيش آهن انهي خوبصورت ايڪتا تقريب جون تصويري جهلڪيون۔[/justify]

    [​IMG]
    هن ايڪتا تقريب جو باقائده بينر به آويزان ڪيو ويو هو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي چيئر پرسن راحيلا خاصخيلي سنڌي ثقافت واري موضع تي ڳالهائڻ جا چند مختلف انداز

    [​IMG]

    [​IMG]
    پڙهيل لکيل سنڌي نياڻين سان نوڪري ڏيڻ جي سلسلي ۾ ٻه اکيائي ڪرڻ واري موضع تي هڪڙو ٽيبلو جو منظر ٻن مختلف اينگلز جون تصويرون۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    اسان جون سنڌياڻيون جڏهن پنهنجي ايڪتا جا رنگ وکيرينديون آهن تڏهن سموري سنڌ مُرڪڻ لڳندي آهي مهڪڻ لڳندي آهي
    وڌيڪ تصويرون ٿوري دير کان پو
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    سائين نثار ناز اوهان جي هن رپورٽنگ ۽ ڦوٽوگرافي جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي ڇو ته هي توهان جي پنهنجي ذاتي محنت آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان لفظن جي ذريعي اها ڀيٽا نه ٿا ڏئي سگهون، جيڪو توهان جي هن محنت جو حق آهي۔۔ زبردست ۔۔۔ اهڙي طرح ئي سنڌ سلامت لاءِ نوان نڪور ونڊ ڪندا رهو ۽‌ سنڌ جي ثقافتي ڏيهاڙي جي رپورٽنگ اسان سان ونڊ‌ڪندا رهو۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جي ڪوششن جي ڇا ڳاله ڪجي جيڪي ايڪتا جي ڏينهن جي حوالي سان ڪيل آهن۔ اوهان جي ڪوريج ڪنهن وڏي چئنل يا اخبار جي رپورٽنگ کان گهٽ ڪونهي۔

    سائين بهتر ٿئي ها جي اوهان سنڌ سلامت جا ڪجھ بئنر آويزان ڪيو ها يا ڪو هڪ بئنر جيڪو هر پروگرام ۾ڊسپلي ڪيو ها ته ماڻهن کي سنڌ سلامت جي وڌيڪ آگاهي ٿئي هان۔

    اوهان جي ڪوششن تي اوهان کي سلام
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    پيارا مست شال جُڙيو هُجين توکي هزار بار چيو اٿم ته سڀ تعريفون منهنجي مٺي پاڪ پروردگار جون آهن، پنهنجي سنڌ ڌرتي لا پنهنجي سنڌ سلامت لا محنتون اسان جي فرضن ۾ شمار ٿين ٿيون۔ توهان کي پاڻ هزار ڀيرا جس هُجي جو اسان اڀاڳن کي حوصلو ڏيو ٿا۔ هي ڪجهه تصويرون انهي فنڪشن جون اڃان به رهيل آهن سوچيان پيو ته محترما راحيلا کي ارپي ڇڏيان۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ملهايل ايڪتا ڏيهاڙي جا وڌيڪ خوبصورت رنگ سنڌ جون سنڌياڻيون ۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    ايڪتا جو ڏينهن ۽ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان ۽ سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن حيدرآباد پاران ملهايل مشترڪا ايڪتا ڏينهڙو[​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    مست سدائين چوندو آهي ته سائين نثار اهڙين تقريبن ۾ پنهنجي تصوير شيئر نه ڪندو آهي ته مزو ئي ڪونه ايندو آهي، مون ته اتي ئي بس ڪئي پر مومل ڊيولپمينٽ وارن به ضد ڪري منهنجون اهي تصويرون لڳائڻ جي فرمائش ڪئي آهي۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    ادا مست تنهنجون مهربانيون ان کان علاوه مومل ڊيولپمينٽ وارن جون به مهربانيون، جو هُنن سنڌ جي قومي ايڪتا جي پر مسرت موقعي تي سنڌ سلامت وارن کي به ياد رکيو باقي اسان جي محنت سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ اڳيان ڪا شي  ئي ڪانهي توهان جون همت افزايون اسان جا حوصلا اڃان به بلند رکنديون اچن۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    ادا توهان جون مهربانيون جو اسان جي هن ننڍڙي محنت کي توهان مان ڏنو، ادا اسان جو سنڌ سلامت ڪنهن به چئنل کان گهٽ ڪونهي، ڪنهن به اخبار کان گهٽ ڪونهي چينل ۾ ڪجهه گليمبر زياده هوندو آهي اسان وٽ نه چينل جي رپورٽنگ جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لا ماڻهو ڏسڻ‌لا پريشان هوندو آهي، پر اسان جون هي تصويرن ڀريون رپورٽون چويهه ڪلا ڪ حاضر ، اخبار جي زندگي صرف هڪڙو ڏينهن هوندي آهي ان ۾ ڪنهن به فنڪشن جون تصويرون ايتريون ته ڌندليون هونديون آهن جو فور پلس جي چشمي تي به نظر ڪونه اينديون آهن پر پنهنجي سنڌ سلامت جهڙو شاداب اڱڻ هاڻي ڪٿي به ڪونهي۔ باقي رهي هن ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان بينر واري توهان جي تجويز لک جي آهي پر رپورٽنگ ادبي گڏجاڻيون، پنهنجي شاعري، انهي ڳالهين جي ڪري مونکي ٽائم ڪونه ملي سگهيو پر منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان وارا مونکي ڀلي ريت سُڃاڻن ٿا هرڪو باقائده هاڻي مونکي سنڌ سلامت جي ڪارڪن جي حيثيت سان ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا۔ توهان جا ٿورا جو سدائين پنهنجي حوصلن سان اسان جا ڀروسا قائم رکو ٿا۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    سائين ناز صاحب!
    مولا اوهان کي سدا سلامت رکي۔
    يقينن تعليم تمام ضروري آهي پٽن توڙي نياڻِن لاء۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    جي ادا توهان اها ڳالهه هڪ ڪروڙ کان وڌ ڪئي آهي ته علم هر پُٽ توڻي نياڻي لا تمام ضروري آهي، ادا علم سان گڏ ان تي عمل به ضروري آهي، اسان جي سنڌ ۾ اڃان تائين اهڙا ڪٺور سنڌي خاندان آهن جيڪي نياڻين جي تعليم ته ڇا پر پنهنجي پُٽن کي به تعليم ڏيارڻ کي عيب ٿا سمجهن۔ اسان جا سڀئي سنڌي خاندان، سمورو سنڌي معاشرو فقط علم وارو دڳ وٺي ته توهان پڪ ڪري ڇڏجو ته هاڻي اسان جي مٺي سنڌ جو آجپو تمام ويجهو آهي۔ لک لائق توهان دعائون ڪيون۔
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    سنڌ جي سڀني ڀينرن، مائرن، مومل، سومل، مارئي، ٻاگهي، سسئي ۽ نوري کي دل جي گهراين سان سنڌ جي ثقافتي عيد جون واڌايون قبول پون ۔۔۔ نثار ناز کي سلام جو هو نه فقط نوجوانن جو ترجمان آهي بلڪ پوڙهن، ٻارن ۽ نياڻين جي ترجماني ڪري ٿو ۽ سنڌ سلامت جي اڱڻ کي باغ بهار ڪندو رهي ٿو ۔۔۔

    رب العالمين سنڌ جي ڀينرن، امڙين، زالن ۽ ڌيئرن کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ سندن عزت ۽ علم جو پاسدار بڻائي ۔۔۔ آمين
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    ادا نثار ابڙا ؛تنهنجا سلام ۽ ثقافتي عيد جون واڌايون سنڌ جي سڀني مومل سومل مارئي ٻاگهي سسئي ۽ نوري کي هتان کان موڪليا پيا وڃن اميد ته سنڌ جي راجه ابڙو جا سڏ ۽ سلام ضرور ورنائينديون ۔پاڻ تعليم جي اُجالا طرف ضرور اينديون۔
     
  14. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    ادا نثار توهان جي ڪم کي ڏسي لڳي ٿو ته توهان 16 سال جا نوجوان آهيو، توهان جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي.
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    [justify]ادا امين سمان ڏاڍي پيو ٻُڌائين يار 16 سال ته صفا ننڍڙو جيتامڙو ٿِي ويندس نِي پاڪستاني قانون مطابق 16 سال جي عمر واري جو ته شناختي ڪارڊ ئي ڪونه ٺهي ملندو، مطلب ته اسان کي تو اڃان ٻار سمجهيو آهي، ٻيلي ڏاهو ٿِي يا ته اسان جي عمر ۾ ٻه ٽي سال ڪجهه وڌائي يا ته ماڳهون اسان کي تنجڻن ۾ ڏيکاري ڇڏ۔ باقي تنهنجون مهربانيون جو مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان وارن جي ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان ڪيل ڪوريج توکي پسند آئي۔ لک لائق۔[/justify]
     
  16. راحيلا علي

    راحيلا علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    توهان سڀني سنڌ سلامت جي ڀائرن جي مهرباني خصوصي طور تي ادا نثار ناز جي مهرباني جو اسان جي مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان جي ملهايل ايڪتا ڏينهن واري تقريب کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ونڊ ڪري ساري دنيا جي سنڌين کي آگاهي ڏني ته اسان ٽنڊو محمد خان جون ڀينرون به ساري دنيا جي سنڌين سان گڏ آهن، پنهنجون خوشيون به سنڌين سان گڏ شيئر ڪنديون آهن۔
     
  17. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    مهرباني ادي راحيلا، اهو منهنجي فرضن ۾ شمار آهي ته سنڌ سلامت تي اسان جون خوشيون اسان جون غميون به شيئر ڪريان، توهان سنڌي ڀيڻ جي حيثيت سان سنڌ جو ايڪتا ڏينهن ملهايو ۽ مون هڪ سنڌي ڀا جي حيثيت سان سان اهو ايڪتا جو ڏينهڙو ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪيو حساب برابر، ادي سنڌ سلامت سان اسان سڀني سنڌ سلامت جي ميمبرن جو نينهن جو ناتو آهي، الله جو شڪر جو توهان سنڌ سلامت جا ميمبر ٿيا آهيو اسان اميد ٿا ڪريون ته پنهنجي سنڌ سان ناتو سدائين نڀائيندا رهندا۔ لک لائق راحيلا۔
     
  18. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    [justify]مونکي ته خبر ئي ڪانه ٿِي پوي ته ادا نثار ناز پنهنجو ايترو وقت ڪٿان ٿا ڪڍن، سندن ذاتي زندگي جي باري ۾ مان ڀلي ريت ڄاڻان ٿِي ته هو، ڪهڙن ڪهڙن پريشانين ۾ گهيريل هوندو آهي پر ايتري مصروفيات جي باوجود نه صرف سنڌ سلامت پر هر ادبي ميڙاڪو هُجي، سياسي گڏجاڻيون هُجن، يا فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ ڪا به تقريب هوندي آهي ته اتي ادا نثار ناز کي ضرور موجود ڏسندي آهيان، فوٽو گرافي کان وٺي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرائض۔ مٿان شاعري ۽ ڪڏهن به کيس کي مون ڪنهنجي جواب ڏيندي نه ڏٺو آهي۔ هي مومل ڊيولپمينٽ واري تقريب به محترم نثار ناز جي اڪيلي سر هڪڙي محنت جو اکين ڏٺو ثبوت آهي مونکي به انهي گڏجاڻي جي دعوت هُئي پر ڪن مجبورين سبب ان تقريب ۾ شرڪت ڪري نه سگهي هُيس۔ پر محترم نثار ناز جي هن تقريب جو اکين ڏٺو احوال ۽ تصويرون ڏسي بلڪل ائين محسوس پيو ٿئي ته جهڙوڪر آئون خود انهي تقريب ۾ موجود هُجان۔ ادا نثار ناز ۽ سنڌ سلامت وارن کي جس هُجي جو ساري دنيا جي سنڌين سان منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان جون ادبي ، سياسي ۽ سماجي تقريبون ونڊ ڪن ٿا۔ توهان جي مهرباني[/justify]
     
  19. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔

    مهرباني شبانه جو منهنجي هن غريباڻي ونڊ تي ڪجهه پنهنجا ڪامينٽس ونڊيا، بس سمون صاحبه زندگي هڪ جدوجهد جو نالو آهي، سدائين ڪوشش ڪندو آهيان ته محبتن جو اهڙو سڏ ڏيان جنهن سان سنڌڙي سدائين هڪڙي نئين رنگ ۾ نظر اچي ۔ محترما راحيلا علي به سنڌ سلامت جي ميمبر ٿي آهي پر الائي هو ڀيرو ڪانه پئي ڀري، ٻه ته ٻارهن ٻه سنڌي ڀينرون راحيلا ۽ شبانه توهان ٻنهي جو تعلق منهنجي شهر سان آهي، اسان جي سنڌ سلامت تي سنڌي ڀينرن جي اڳواڻي جي تمام کوٽ هُئي مونکي خبر آهي ته توهان ٻنهي سنڌي ڀينرن ۾ اُهي صلاحيتون آهن جو اسان جي سموري سنڌي ڀينرن کي توهان سُڄاڳي جو سڏ ڏئي سگهو ٿيون، سنڌ سلامت اڱڻ تي اهي پنهنجي سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري سگهن ٿيون ان کان علاوه وڏي ڳالهه ته سنڌ سلامت تي سنڌي ڪمپوزنگ سکي سگهن ٿيون جنهن جو وڏو مثال توهان کي سنڌي ٻولي جو هڪڙو اکر به ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جو ڪونه لکڻ ايندو هو هاڻي ماشاالله توهان گهڻو ڪجهه سنڌي ڪمپوزنگ لکي سگهو ٿيون۔ توهان جي مهرباني توهان جي هنن همت افزائين جو انتهائي ٿورائتو آهيان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو