سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾


    [JUSTIFY]سنڌي ثقافت جي ڏينهن جي مناسبت سان پاڪستان پيپلز پارٽي سچل ڳوٺ يونٽ ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ شاخ ، سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي پاران سچل ڳوٺ ۾ 4 ڊسمبر تي رنگ برنگي تقريب جي دعوت ڏني وئي هئي. سنڌ سلامت کي به خصوصي دعوت ڏني وئي ۽ زور ڀريو ويو ته هن تقريب ۾ شرڪت ڪريو. مون ٻه ڏينهن اڳ ئي ادا رشيد سمون کي عرض ڪيو جنهن يقين ڏياريو ته هو اچي ويندو. هڪ ڏينهن اڳ ادا طاهر سنڌي فون ڪيو ته هو ڪراچي م آهي ۽ مون کيس عرض ڪيو ته اوهان به سڀاڻي اسان سان گڏ هجو.

    4 ڊسمبر جو مونکي آفيس به وڃڻو پيو پر ان کان اڳ جڏهن مان سچل ڳوٺ جي گهٽين ۾ نڪتس ته اجرڪ ۽ ٽوپيون پئي نظر آيون. اسڪولي ٻارن ريليون ڪڍي نعرا پئي لڳايا. ڪجه تصويرون انهن ٻارڙن جون ۽ استادن جون :
    [/JUSTIFY]



    [​IMG]

    [​IMG]


    [JUSTIFY]
    شام جو 3 بجي مان ادا رشيد سمون سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ اسان جي دوست عرس پريو کي ساڻ ڪري پروگرام م پهتاسون. جتي سنڌ ڌرتيء جا ننڍڙا ٻار ، نوجوان ۽ بزرگ گهڻي تعداد ۾ موجود هئا. مان پاڻ به سگا جي ميمبر هئڻ ناتي ميزبان هيس ۽ مونسان گڏ سنڌ سلامت جو ميمبر غلام مرتضي وساڻ به گڏ هيو. تقريب ۾ سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻ ٽوپي جي هڪ وڏي تصوير آويزان هئي ۽ ان سان گڏ اجرڪ ، سنڌي ڀرت ، سنڌي ڏاند گاڏي جي خوبصورت نمائش به ڏسن وٽان هئي. ادا طاهر سنڌي به تيستائين اچي اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيو. اسٽيج تي موهن جي دڙي ۽ سنڌي ثقافت جو ڏيک هيو .

    ٻي اهم ڳاله ته منهنجي ننڍڙي گذارش تي پي پي پي سچل ڳوٺ جي جنرل سيڪريٽري ابراهيم ڀٽي صاحب سنڌ سلامت جا به بينر ٺهرائي اسٽيج جي ٻنهي پاسي لڳرائي ڇڏيا هيا.
    [/JUSTIFY]



    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي ٽيم طاهر سنڌي، عبدالرشيد سمون ، سليمان وساڻ ۽ عرس پريو

    [​IMG]

    [​IMG]



    [JUSTIFY]پروگرام جي خاص مهمانن ۾ سنڌ جو سماج سڌارڪ جناب نثار حسن علي آفندي ، سابق صوبائي وزير ۽ پي پي پي جو اڳواڻ عبدالحڪيم بلوچ ، عبرت گروپ آف پبليڪيشن جو سرواڻ جناب قاضي اسد عابد ۽ ٻين سماجي ۽ سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ٿي ان کانپوء روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي ٻارڙن قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا. ان کانپوء سگا جي جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنه ، روشن تارا اسڪول جي وائس چيئرمين الهداد گوپانگ ، سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين غلام رسول ٻٻر ، سچل پبلڪ اسڪول جي سرپرست پروفيسر علي انور بالادي ، سپاف سکر ضلعي جي سابقه صدر امداد ڏهر سنڌي ثقافت ۽ ان جي تاريخي حيثيت تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

    تقريب جي دوران سنڌ سلامت جي سرواڻ عبدالرشيد سمون ۽ سنڌ سلامت جي آيل ساٿين جي اسٽيج تان تاڙين جي گونج ۾ آجيان ڪئي وئي ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي ڪيل خدمتن کي پڻ واکاڻيو ويو.

    سائين عبدالحڪيم بلوچ سنڌي جي ثقافت تي ڪيل چٿرن تي تنقيد ۽ صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي همت کي سلام پيش ڪيو جنهن سنڌي ٽوپي جي شان ۾ واڌارو آندو.

    سائين نثار حسن علي آفندي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ثقافت سان گڏ پنهنجي قدرن ۽ علمي ڄاڻ ۾ اضافو آڻي تعليمي انقلاب آڻڻ جي ضرورت آهي.

    سائين قاضي اسد عابد سنڌ جي ثقافت ۽ ان جي اهميت تي ڳالهائيندي سنڌي قوم کي سلام پيش ڪيو جنهن هن ڏينهن تي هڪ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏنو آهي. آخر ۾ پي پي پي جي اڳواڻ تاج محمد وساڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا[/JUSTIFY]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    سائين هن پروگرام جو مختصر حال پڙهي ۽‌ تصويرون ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔۔۔ اهڙي طرح ئي سنڌي دوستن جا ميلا ٿيندا رهن،​
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾



    سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    [​IMG]
    جناب نثار حسن علي آفندي خيالن جو اظهار ڪندي

    [​IMG]

    [​IMG]
    جناب عبدالحڪيم بلوچ خيالن جو اظهار ڪندي

    [​IMG]
    جناب قاضي اسد عابد خيالن جو اظهار ڪندي

    [​IMG]
    محترم تاج محمد وساڻ ڳالهائي رهيو آهي


     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]



     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    سائين تمام پياري شيئرنگ آهي خوبصورت ڏهاڙي تي خوبصورت تصويرن جا رنگ پنهنجي فورم جي زينت ۾ اضافي جا سبب بنيا آهن سائين نثار ناز سائين طاهر سنڌي ٻين ڪافي دوستن جي شيئرنگ ڏسي دل خوش ٿي وئي. الله تعالي سنڌ کي سلامت رکي. سنڌ واسين کي خوشحال رکي.
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    [justify]پيارا محمد سليمان وساڻ صاحب جيئي سنڌ، جيئي سنڌي ٻولي ، جيئن سنڌي ڀائر ، سنڌي ڀيڻون، جيئي سنڌي ٽوپي، جيئي سنڌ جي سُونهن اجرڪ، ۽ جيئي اسان جي سنڌ سلامت جو هي محبتي اڱڻ۔ سچل ڳوٺ جي سنڌي ماڻهن جون مُرڪون توهان سنڌي ماڻهن جي اجرڪن جي ڦلڙين اجرڪ جي رنگن، سنڌي ٽوپين جي ٽِڪِن جي تجلن کي اسان سان گڏ ساري دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪيو انهي ڳالهه جا لک لک ٿورا، مون کي سنڌ سلامت پاران ان موقعي تي ايڪتا بينر ته تمام گهڻي خوشِي ڏني، انهي خوشي جو اندازو انهي ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته مون فوري طور تي انهي سنڌ سلامت جي بينر جي تصوير کي پنهنجي پي سي ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو، توهان ماشاالله سنڌ جي هن قومي ٻڌي واري ڏينهن کي تمام بهترين انداز سان ساري دنيا جي سنڌين سان گڏجي پاڻ ملهايو آهي۔ توهان کي جس هُجي۔ توهان کي مُبارڪون هُجن۔ ڪافي ڏينهن کانپو جادوگر عبدالرشيد سمون جي تصوير ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي هُو باقائده دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي فورم جو سرواڻ لڳي رهيو هو۔ سڀني دوستن محترم عرس پريو، محترم طاهر سنڌي، ادا سليمان توهان ادا عبدالرشيد سمون کي انهن خوشين ۾ شريڪ ڏسي ائين پي محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي سنڌ ڌرتي جا چنڊ چوڏهين جي چنڊ جيان نکري نروار ٿيا آهن۔ الله سائين سدائين توهان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي سنڌ ڌرتي سان ناتو نڀائڻ جي توفيق ڏي۔ شال سڀئي جُڙيا هُجو آمين۔[/justify]
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    ادا سليمان!
    ڀاءُ تصويرون ونڊڻ لاءِ ٿورا۔
    پر ڪجهه تصويرن ڪٽيل ٿيون نظر اچن شايد انهن جي اپلوڊنگ پرابلم هجي يا وري منهنجي برائوزر ۾ خرابي هجي۔
    هڪ دفعو ڏسي وٺندا۔
    ٿورا۔۔۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    ادا طاهر تصويرون مون وٽ ته صحيح پيون نظر اچن۔ اوهان ڪنهن ٻئي برائوزر ۾ ڪوشش ڪري ڏسو
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جا ٿورا جو اسان جي هن ننڍڙي ڪاوش جي هيڏي وڏي ساراه ڪئي آهي۔ مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان ادا رشيد ، ادي طاهر ۽ ادا عرس پريي جو جن موٽ ڏني ۽ ننڍڙي عرض تي ڪهي آيا۔

    سنڌ سلامت جي تعريف به ٿي ۽ ڪافي دوستن اسان جي بينرن کي به ساراهيو ويو۔ بلڪل جتي سنڌ سلامت جو سرواڻ رشيد سمون هجي ته اها اسان جي به خوش نصيبي هئي۔

    دعا آهي ته سنڌ سلامت انٽر نيٽ سان گڏ سنڌ جي هڪ وڏي سوشل فورم ۾ به تبديل ٿي سنڌين جي خدمت ڪري ۽ اهڙا ڪيئي ميڙاڪا ٿيندا رهن۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    سائين اوهان جا قرب

    سنڌ ڌرتي جو ثقافتي ڏڻ هجي ۽ دوست ان ۾ شريڪ هجن ته سڀ پنهنجا رنگ دوستن سان ونڊيندا۔ دوستن جون مهربانيون جيڪي سنڌ سلامت کي پنهنجو سمجهي ڪوششون پيا ڪن۔

    مهرباني
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    [justify]سڀ کان پهريان ته سڄڻ دوست سليمان وساڻ جا لک ٿورا جنهن کوڙ ساتريون سهڻيون تصويرون ونڊ ڪيون، جن ۾ سچل ڳوٺ جا پيارا ۽ سهڻا سنڌي ماڻهون، مٿان وري سنڌي ثقافت جا رنگ ۽ ثقافتي عيد جو ڏهاڙو ۽ سون تي هيرن جو ڪم جو سنڌ سلامت جي نمائندگي بينر سميت نظر آئي، سنڌ سلامت جي مکيه ۽ روح روان دوستن هن ڏينهن تي سچل ڳوٺ ۾ اچي سنڌ جي ثقافتي عيد ملهائي انجو احساس ۽ ارمان رهندو ته آءُ پنهنجي گهر جي ڀت سان لڳل اهڙي سهڻي تقريب ۾ ڇو نه گڏ رهيس ۔۔۔ !!!

    مٿان وري ڪراچيءَ مان ٻيا به ڪجهه معزز مهمان ڪهي اچي سچل ڳوٺ جي هوائن ۾ ثقافتي عيد جي خوشين ۾ شريڪ ٿيا اهو به اسانجي دوست وساڻ ۽ سندس خاندان جون ڪاوشون آهن جو هو سچل ڳوٺ کي ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو هڪ مثالي ڳوٺ قائم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ رات ڏينهن محنت ڪري رهيا آهن ۔۔۔

    سائين تاج محمد وساڻ سان ملاقات ٿيندي آهي ته ائين لڳندو آهي ته هي مهان انسان سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ تڙپندو رهي ٿو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ميدان تان سنڌين جي ڀلائيءَ واري عمل ۾ رڌل رهي ٿو ۔۔۔ کلڻو، بردبار، دوستيون نڀائڻ وارو، آئي وائي کي کيڪار ۽ مهمانوازي، تڪڙو انصاف سندس دل جا دروازا هميشه کليل [u]”جي آيا سي اگهيا”[/u] هر ماڻهونءَ کي انجي حيثيت کان به وڌ مان ڏيڻ جي ريت ڪنهن کي سکڻي هجي ته محترم تاج محمد وساڻ کان سکي ۔۔۔

    ڪراچي شهر جيڪو ڌارين جي ملڪيت ٿي چڪو آهي، ڪراچي جنهن ۾ سنڌين جي ساهه کڻڻ واري هوا ٻوساٽبي پئي وڃي، ڪراچي جنهن ۾ سنڌين کي اوپرو ۽ پرايو سمجهيو وڃي ٿو ۔۔۔ ڪراچي جنهن ۾ جڏهن ڌاريا چاهن ته سنڌين کي ٿيلها کڻائي ڇڏيندا آهن ۔۔۔ ان ڪراچيءَ ۾ سچل ڳوٺ ۽ سچل ڳوٺ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تاج محمد وساڻ جهڙا مڙس ماڻهون ڏسندو آهيان ته خوشيءَ جي هڪ عجيب ڪيفيت پئدا ٿيندي آهي ۔۔۔

    رب العالمين سنڌ واسين کي پنهنجن ماڳن مقانن جي مالڪي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين

    ٻي ڳالهه ته جيڪي تصويرون ونڊ ڪيون ويون آهن، سي کولڻ وقت ڪمپيوٽر کي ايتري تڪليف ٿئي ٿي جو ڄڻ ڪمپيوٽر قبضيءَ جو مريض هجي، تمام آهستگيءَ سان تمام وڏي سائيز جون تصويرون کلن ٿيون ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ پوري سائيز جون ٿين ٿيون. جنهن سبب ڪافي وقت لڳي وڃي ٿو ۽ ڪمپيوٽر پڻ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو ... ائين ڇو ٿيو آهي ..؟ انجو جواب ڪي ڄاڻون ئي ڏئي سگهنٿا ...

    آخري ڳالهه ته تمام سهڻو ۽ يادگار آلبم آهي .... ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو آلبم آهي ... لک ٿورا دوستن جا جن محنت ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سنڌ جي ثقافتي عيد جي خوشين سان سنواري ڇڏيو آهي ...

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار .... آمين[/justify]
     
  13. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    ماشاالله ادا سليمان وساڻ صاحب

    اسان جي ته اها دعا آهي ته اهي ميلا مچندا رهن دوست ملندا رهن
    توهان کي اسان جي پاران سنڌي ٽوپي اجرڪ ڏينهن مبارڪ هجي

    تمام بهترين ڪوشش آهي توهان جي ان بهاني اسان عرس پريو صاحب . طاهر سنڌي صاحب ۽ توهان جو درشن ڪيو

    الله توهان کي خوش رکي پنهنجي پيارن سان


    سدائين گڏ
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    ادا نثار ابڙا سڀ کان پهرين ته انهي ايڪتا ڏينهن جي شُڀ ڏڻ ملهائڻ تي توهان کي کوڙ ساتريون واڌايون ان کان پو انهن تصويرن جي کُلڻ ۾ دير ڪرڻ جي ڪري ڪالهه رات کان وٺي منهنجو پريم ڪِڪُو(پي سي) مونکي روئي روئي دانهون ڏئي رهيو آهي ته جهونا، سنڌ سلامت جي سٿ کي چئو ته ڪجهه انهن سچل ڳوٺ جي تصويرن جي هيئت ۽ لينٿ کي گهٽ ڪريو نه ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪو به سنڌي سئولائي سان پنهنجي ڪمپيوٽر جي عين (اک) سان ڏسي ڪونه سگهندو۔ ٻيا ڪهڙا ڪمپيوٽر جا ڄاڻو آهن اهي سنڌ سلامت جي جادوگر وڏي ايڊمن کان سوا في الحال ڪوبه پاڻ وٽ ڄاڻو موجود ڪونهي۔ ڀلي اهو پنهنجي فُل چار پنج ايم بي کان مٿي واري هڪ هڪ تصوير جو جلوو ڏسي وٺي ان کان پو انهن تصويرن جي لينٿ هميشهه جيان گهٽ ڪري ساري دنيا جي ڏيکارڻ لا اوڪي ڪري ڇڏيندو، اسان وٽ ته چلو ڊي ايس ايل آهي جو روئي روئي اهي تصويرون اسان جون ڪمپيوٽر ڏيکاري ٿو پر انهن وي وائرليس رکندڙ دوستن جو ڇا ٿيندو جنهن جي نيٽ جي اسپيڊ صفا گهٽ هوندي۔ ٻيلي وارو ڪريو ڪجهه تصويرن جي لينٿ کي گهٽايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    دوستن کان معذرت جو تصويرن جي ڊيگھ ۽ ويڪر وڌيڪ هئڻ سبب هي مسئلو پيش آيو۔ آفيس ۾ گهڻي مصروفيت سبب سنڌ سلامت کولي ڪجه ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيم ته آفيس جو ڪونه ڪو نئون ڪم ايندو رهيو۔

    ان باوجود دوستن جي پريشاني کي ڏسندي ، آفيس جي ڪم کي پاسي تي رکي ، تصويرن کي ريسائيز ڪري ٻيهر اپلوڊ ڪيو اٿم۔ انشاءالله هاڻي اهو مسئلو پيش ڪونه ايندو۔

    مهربانيون
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    فقير تنهنجا قرب پر يار سنڌ سلامت جو هڪ ٻيو دوست به ان ئي تصوير ۾ موجود اٿئي۔ اهو به توکي ڳلڻو آهي نه ته سائين نثار ابڙو ته هڪ ئي ڌڪ ۾ ڳجهارت ڀڃي وجهندو۔
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    سائين ڀلا هاڻ ٻڌايو ته هي تصوير جيڪا هن غريب جي موبائل جي ڪيمرا مان ورتل آهي سا جلدي اچي ٿي يا دير ڪري ٿي؟

    [​IMG]
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    سائين نثار اوهان جا ٿورا۔۔۔۔۔۔۔

    بلڪل سچل ڳوٺ جي فزا مهڪندڙ پئي لڳي۔ اسان سان گڏ به سنڌ سلامت جا مهڪندڙ گل جو گڏ هيا۔ اوهان ۽ اسان جي گهر سامهون گهٽيء ۾ هي تقريب شروع ٿي ته سنڌ سلامت جي ذڪر ڪري دوستن نثار ابڙي کي بار بار پي ياد ڪيو۔

    سائين نثار صاحب ۔۔۔۔۔۔!!!

    تاج محمد وساڻ يا اسان جو گهراڻو اڪيلو ڪجه به ناهي اسين جيڪو ڪجه آهيون سموري سچل ڳوٺ جي دوستن جي ساٿ ڪري آهيون۔ مان سوچيندو آهيان جيڪڏهن سموري سنڌ سچل ڳوٺ وارن پنهنجي پنهنجي وستين ۽ واهڻن جي سار لهي ته جيڪر سنڌ سون ٿي پوي۔

    مان سنڌ سلامت جي دوستن جي پيار ۽ موٽ لاء شڪر گذار آهيان
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    مان ادا رشيد سمون ، ادا طاهر سنڌي ۽ ڀاء عرس پريي جو ٿورائتو آهيان جن خاص مهرباني ڪري منهنجي سڏ کي موٽ ڏني غ پروگرام کي چار چند لڳائي ڇڏيا۔ پاڻ پوري تقريب ۾ آخر تائين ويٺا رهيا۔
     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

    مٺڙا سليمان هاڻ ڪم ڀلو ٿيو آهي ۽ تصويرون بلڪل آساني سان اچن ٿيون ۔۔۔ لک ٿورا وري محنت ڪرڻ جا ۔۔۔“ هُڻ ڪم ڀلا ٿيا اي، ميڏا بابلا” ۔۔۔ هاڻ ور ور ڪري پيا تصويرون ڏسنداسون ۔۔۔

    دعائن ۾ گڏ ۔۔۔@};-
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو