چين گوگل تي عارضي پابندي لڳائي ڇڏي

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    چيني حڪومت چيو آهي ته انهيءَ سڀني کان وڏي سرچ انجن گوگل جا سرچ سان تعلق رکندڙ ڪجهه شعبا بند ڪري ڇڏيا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪمپنيءَ پنهنجي چيني ويب سائٽ تان فحاشيءَ کي روڪڻ لاءِ جوڳا انتظام نه ڪيا هيا.

    چين جي سرڪاري خبر پهچائيندڙ اداري ”زن هوا“ جمعي جي ڏينهن چيو آهي ته انٽرنيٽ جي نگرانيءَ متعلق چيني اداري ”گوگل چائنا“ کي حڪم ڏنو آهي ته اُهو پنهنجي سمنڊ پار ويب پيجن تي سرچ جي سهوليت کي بند ڪري ڇڏي.

    اداري گوگل کي چيو آهي ته هو پنهنجي سرچ انجن ذريعي حاصل ٿيل مواد جي صفائي لاءِ تُرت قدم کڻي.

    گوگل پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪمپني جي عهديدارن گوگل جي سروس متعلق ڳالهه ٻولهه لاءِ چيني حڪومت جي نمائندن سان ملاقات ڪئي آهي. ڪمپنيءَ جو چوڻ آهي ته هو چين ۾ پنهنجي ويب سائيٽ تائين فحاشيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهي آهي.

    ويجهو ئي چيني حڪومت وڪرو ٿيڻ وارن سمورن ڪمپيوٽرن ۾ اعتراض جوڳين ويب سائيٽن کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ سافٽ ويئر جو هجڻ لازمي قرار ڏنو آهي.

    چين انٽرنيٽ جي سهولت ڏيڻ وارن انٽرنيٽ ڪيفيز کي به اهو سافٽ ويئر لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا ابو زين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو