1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

مسلمان سائنسدان قسط 1

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2010۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,798
    ورتل پسنديدگيون:
    2,040
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ليکڪــ ؛ افتخار علي چوهاڻ

    جابر بن حيان
    جابر بن حيان جو لاڏاڻو 803 هجري ۾ ٿيو.پاڻ قرآن ۽ حديث سان گڏ سائنسي علم جي تعليم حضرت امام جعفر صادق ر ح کان حاصل ڪيائين.پاڻ بنو اميه جي شهزادي خالد بن يزيد کان به تعليم پرايائين جن کي مسلمانن ۾ سڀ کان پهريون ڪيمياء دان تسليم ڪيو ٿو وڃي. جابر بن حيان صوفي جي لقب سان پڪاريا ويندا هئا ۽ ڪوفه ۾ بطور حڪيم پهنجو مطب خانو هلائيندا هئا پر گهڻو وقت ۽ زياده آمدني سائنٽيفڪ ريسرچ ۾ خرچ ڪندا هئا.
    جابر بن حيان جي شهرت جي بنياد ڪيمياء جي متعلق ڪتابن جي تصنيف ڪري آهي.هوئين ته هن سو کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن پر گهڻو ڪري هن جي شهرت جو ڪارڻ هن جي ٻاويھ کن ڪتاب آهن جن جو تعلق علم ڪيمياء سان آهن. ۽ جيڪو اڄ به عربي زبان ۾ موجود آهن.هن ڪيمياء جي خاص نقطن تي سائنسي طور تي تشريح ڪئي آهي.ارڙهن صدي ۾ هن جديد ڪيميسٽري جي شروعات تائين هن جي نظرياتن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي. هن جو مطلب اهو نڪتو ته ايشيا ۽ يورپ جي سائنس ۾ تقريبن هڪ هزار سال تائين جابر بن حيان جا نظريات رائج هئا.هن جا ڪئي ڪتابن جا ترجمه انگريزي ۽ لاطيني زبانن ۾ٿيا. ڪيمياء جي متعلق هن جا گهڻائي اصطلاحات مختلف يورپي زبانن ۾ رائج ٿيا ۽ هاڻ اهي جديد ڪيمسٽري جا جزو بنجي ويا آهن. هن علم مثلث(trignometry) تي به ڪتاب لکيا.
    جابر علم ڪيمياء جي تجرباتي تحقيق(experiment) کان متعارف ڪرايو جنهن جي ڪري سائنس کي ترقي ملي ۽ جديد ڪيميسٽري جي بنياد پئي. جارج سارٽن پهنجي ڪتاب (تاريخ سائنس) ۾ لکيو آهي ته ”جابر جي ڪتابن ۾ ڪيميائي تحقيقن جو بهترين طريقو لڌو وڃي ٿو“ هن هڪڙو اهڙو آلو ايجاد ڪيو هو جنهن جي ذريعي مختلف شين جو عرق ڇڪڻ ۽ انهن جو ست ۽ جوهر ڪڌڻ جو ڪم نهايت سولو ٿي ويو هئو.هنئي آلي جي مدد سان هن ٽي معدني تيزاب گولي لڌا هئا جيڪو هن جو وڏو ڪارنامو ليکجي ٿو.هن کان سوا هن شوري جو تيزاب به دريافت ڪيو هئو ۽ پوء هڪڙو اهڙو ايسيڏ(تيزاب) تيار ڪيو جيڪو سون کي حل ڪري پيو ڇڏي. اهو به هن جو هڪ لافاني ڪارنامو هئو ڇو ته هن کان پوء اڄ تائين هن کان بهتر طريقو ڪون ڳولهيو ويو آهي.
    جابر پهنجي تجربن ذريعي ڪيترائي فارمولا به ٺاهيا جئين فولاد تيار ڪرڻ. مختلف ڌاتن کي بهتر بنائڻ. ڪپڙن ۽ چمڙن تي رنگ چڙاهڻ، واٽر پروف ڪپڙا تي وارنش ڪرڻ. لوهي کي زنگ کان محفوظ ڪرڻ ، سون سان اکر لکڻ وغيرن جا فارمولا هن پهنجي ڪتاب ۾ پڻ بيان ڪياآهن.

     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,407
    ورتل پسنديدگيون:
    26,883
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مسلمان سائنسدان قسط 1

    بهترين ونڊ

    ڪجه مستند ڪتابن ۾ اچي ٿو ته جابر بن الحيان (ابو موسي ، الصوفي‌‌ ) 721 هجري ۾ پيدا ٿيو ۽ 815 هجري ۾ وفات ڪيائين۔ سندس تعلق ايران جي علائقي خراسان جي شهر طوس سان آهي پر پوء ڪوفي ۾ اچي رهيا۔ پاڻ ڪيميادان سان گڏ صوفي منش پڻ هيا۔

    ڪيمسٽري ۾ ڪيل سندس خدمتن ، نين ايجاداتن ۽ نئين مشاهدن سبب کيس باباء ڪيميا به سڏيو ويندو آهي۔

    بهترين ونڊ آهي اوهان جو
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,798
    ورتل پسنديدگيون:
    2,040
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مسلمان سائنسدان قسط 1

    جي ادا مهرباني اوهان جي تاريخ ۾ واقعي اهڙيون گالهيون اچن ٿيو پوء ڪو ڪهڙي تاريخ درج ٿو ڪري ته وري ڪو ٻي بهرحال اصل ڳاله اسان کي پهنجي دوستن کي اهڙيون و نڊون ڪرائي اهو تاثر پيدا ڪرائڻو آهي ته اسان جي مسلمان سائنسدانن ڪيترو وڏو علمي ڪم ڪيو آهي ۽ اسان کي گهرجي ته اسان هن مان ڪجه پرايون۔ سائين آخري ۾ وري به اوهان جي مهرباني
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    339
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مسلمان سائنسدان قسط 1

    ادا بهترين ونڊ آهي ................
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,798
    ورتل پسنديدگيون:
    2,040
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مسلمان سائنسدان قسط 1

    مهرباني ادا پسند ڪرڻ تي۔۔۔۔۔۔
     
  6. جنيد احمد ماڪا

    جنيد احمد ماڪا
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    شڪارپور،حيدرآباد
    تمام بهترين ڪوششون آهن ادا،،،اهڙيون ڪوششيون ڪندا رهو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو