”ماءِ ٿري ڊي ڊوائيس“ سان آءِ فون تي ٿري ڊي وڊيو جا مزا ماڻيو!

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2010۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان....
    اليڪٽرانڪ رانديڪن جي جڳ مشهور ڪمپني ”هيسبرو“ هڪ اهڙو ڊوائيس متعارف ڪرايو آهي جنهن کي ”آءِ فون“ سان جوڙي ٿري ڊي وڊيو ۽ ٿري ڊي گيمون ڏسي ۽ کيڏي سگهجن ٿيون، هن ڪارائتي ڊوائيس جو نالو ”ماءِ ٿري ڊي“ رکيو ويو آهي، جنهن کي ”آءِ فون“ يا ”آءِ پاڊ“ سان جوڙي فائدو حاصل ڪري سگهبو، امڪان آهي ته ”ماءِ ٿري ڊي“ ڊوائيس برطانيا ۾ ڪرسمس کانپوءِ 30 پائونڊز تائين وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو، هن ڊوائيس جي تياري ۾ ”هيسبرو“ ڪمپني ڊريم ورڪ اينيميشن وارن کان مدد ورتي آهي، جنهن جي نئين فلم ”ميگا مائينڊ“ تازو سڄي دنيا ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي آهي، ”هيسبرو“ جو ”ماءِ ٿري ڊي“ آءِ فون کانسواءِ ٿري ڊي ٽي وي نيٽ ورڪ تي به استعمال ڪري سگهجي ٿو، هوڏانهن جڳ مشهور ڪمپني ”ايپل“ جي ڪمپيوٽرن جي تاريخ اڄ کان 34 سال پراڻي آهي، ايپل ڪمپني جي باني اسٽيو جابز 1976ع ۾ متعارف ڪرايل پهريون ايپل ڪمپيوٽر ڏيڍ لک پائونڊ ۾ وڪرو ڪيو ويو، جيڪو سندس والدين جي گيراج ۾ پيل هو، 1976ع ۾ ”ايپل“ ڪمپيوٽر جا لڳ ڀڳ 200 ماڊل متعارف ڪرايا ويا هئا، جن ۾ ان وقت فقط 8 ڪلو بائٽس ميموري هئي، جيڪا هاڻوڪي ”ايپل“ ڪمپيوٽرز جي ميموري کان 5 لک 24 هزار ڀيرا گهٽ چئي سگهجي ٿي، ان وقت جي ايپل ڪمپيوٽر ۾ هڪ گانو به محفوظ ڪرڻ جيتري ميموري نه هئي، 34 سال پراڻي ”ايپل“ ڪمپيوٽر جي نيلامي لنڊن جي ڪرسٽي هال ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪمپيوٽر جي خريداري لاءِ ڪيترائي خواهشمند پهتا، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته شروعاتي دور وارن ڪمپيوٽرن کي به شوقين پسند ڪن ٿا، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ”ايپل-1“ ڪمپيوٽر مانيٽر بنا ٺاهيا ويا هئا، هن ناياب ڪمپيوٽر کي حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيا جي مختلف ميوزيم مالڪن ۽ عام شوقينن ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ”ايپل-1“ ڪمپيوٽر اسٽيو ووز نياڪ جو ڊزائن ڪيل آهي.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ”ماءِ ٿري ڊي ڊوائيس“ سان آءِ فون تي ٿري ڊي وڊيو جا مزا ماڻيو!

    سٺي معلومات آهي سائين

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ”ماءِ ٿري ڊي ڊوائيس“ سان آءِ فون تي ٿري ڊي وڊيو جا مزا ماڻيو!

    سٺي معلومات آهي سائين

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ”ماءِ ٿري ڊي ڊوائيس“ سان آءِ فون تي ٿري ڊي وڊيو جا مزا ماڻيو!

    شڪر آ ٻن لفظن کان اڳتي ته وڌيو

    ادا بهترين
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”ماءِ ٿري ڊي ڊوائيس“ سان آءِ فون تي ٿري ڊي وڊيو جا مزا ماڻيو!

    ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني ....
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”ماءِ ٿري ڊي ڊوائيس“ سان آءِ فون تي ٿري ڊي وڊيو جا مزا ماڻيو!

    ادا مطلب ،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو