جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا ​
    ۔

    [​IMG]

    ۔ڪجهه ڏينهن پهرين محترم دوست جناب الطاف شيخ صاحب مون کي جاپان يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمنٽ جون ڪجهه تصويرون ميل ڪيون هيون جيڪي مان توهان سان ونڊ ڪرڻ ٿو چاهيان، اميد ته توهان کي پسند اينديون، الطاف شيخ صاحب مون ڏانهن اهي تصويرون موڪلڻ وارا قرب هميشه ڪندا رهندا اآهن ، پاڻ جڏهن ايران ۾ هئا ته ايران جون تصويرون پڻ مون ڏانهن ميل ڪري موڪليون هيون جيڪي پڻ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرڻ لاء سوچان ويٺو۔
    الطاف شيخ صاحب کي ڪهڙو سنڌي آهي جيڪو نه ٿو سڃاڻي، الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي سنڌ جو هر شخص دل و دماغ سان پڙهندو آهي۔ الطاف شيخ کي شايد ئي ڪوسنڌي علم دوست هجي جيڪو نه ڄاڻندو هجي۔مان ته ائين چوندس ته جيئن شاه صاحب اسان جي سنڌي ٻولي کي سنڌي شاعري سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي ۽ شاه صاحب جي شاعري ۽ فڪر اسان سنڌين ۽ سنڌي ٻولي لاء فخر جي نشاني آهن اهڙي ريت سنڌ جي لطاف شيخ صاحب تي پڻ اسان کي ناز ۽ فخر آهي، الطاف شيخ صاحب سنڌي ٻولي ۾ سون جي تعداد ۾ سفرنامه لکي ڪري سنڌي ٻولي کي سنڌي سفر نامن سان مالا مال ڪري سنڌي ٻولي تي وڏو احسان ڪيو آهي، شايد اهيو احسان اسان جو سنڌي ماڻهون ڪڏهن به وساري نه سگهي، سنڌ سلامت جا دوستو مان سائين الطاف شيخ صاحب جو ٿورائتو آهيان جو مون ڏانهن پنهنجون ميل ۽ لنڪون موڪليندا رهندا آهن،
    پاڪستان کان سواءِ دنيا جي سمورن ترقي يافته توڙي ترقي پذير ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون سکڻ جو رجحان تمام گهڻو آهي، لساني تعصب کان پاڪ ملڪن توڙي معاشرن ۾ وڌيڪ ٻوليون ڳالهائڻ واري کي وڌيڪ مان ۽ مرتبو ملندو آهي، ان ئي خيال کان 1985ع ۾ اوساڪا يونيورسٽي جي شاگرد حامياسن کان پڇيو ويو ته هو ڪهڙي ڌاري ٻولي سکڻ پسند ڪندو ته هن پڇيو ته دنيا جي سڀ کان ڏکئي ٻولي ڪهڙي آهي ته کيس ٻڌايو ويو ته سنڌي، هن به نه ”ڪيئي هم نه تم“ ۽ چئي ويٺو ته مان سنڌي سکندس ۽ ان شوق ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ داخلا ورتي ۽ 1990ع ۾ سنڌي ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ واپس اوساڪا يونيورسٽي ۾ وڃي سنڌي شعبي جو باني استاد مقرر ٿيو. هن وقت هو سنڌي شعبي جو سربراهه آهي، اوساڪا يونيورسٽي جاپان جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي آهي ۽ ان ۾ سنڌي ٻولي جو سکيا حيران ڪندڙ ضرور آهي. تازو جڳ مشهور سفرناما نويس الطاف شيخ اوساڪا يونيورسٽي جاپان ويو ۽ هن اتي اوساڪا يونيورسٽي جي سنڌي ۽ اردو شعبن ۾ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ليڪچر ڏنا
    سندس موجب سنڌي شعبي ۾ هن وقت 15 کن شاگرد آهن، جڏهن ته شعبي جو سربراهه حامياسن ته سٺي سنڌي ڳالهائي ٿو پر سنڌي شعبي جا ٻيا استاد ۽ شاگرد به سنڌي ۾ پڙهيا هئا. هن ٻڌايو ته شاگردن ۾ اڪثريت ڇوڪرين جي هئي ۽ انهن کي سنڌي ٻولي سکڻ سان خاص لڳاءُ هو. هن ٻڌايو ته هو جڏهن جهاز ۾ انجنيئر هو ته 1970 کان 1980 تائين جاپان ۾ رهيو ۽ اوساڪا يونيورسٽيءَ ۾ ويندو رهندو هو پر تڏهن سنڌي شعبو نه هو، هن ٻڌايو ته اوساڪا يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي جو سربراهه جاپاني ۽ اردو ۾ پي ايڇ ڊي آهي



    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  3. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني ادا
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ادا ممتاز مهرباني

    ڄاڻ وارو ليک اهي۔ الطاف شيخ ڪڏهن ڪڏهن مونکي جاپاني لڳندو آهي جو هميشه جاپان جي ڪا ڪهاڻي يا ڪا ورتا ذڪر ڪندو رهندو آهي۔ ظآهري آهي جاپانين کي به سلام آهي جو سنڌي ٻولي پيا سکن ۽ سنڌي شعبو پنهنجي يونيورسٽين ۾ پيا ٺآهين۔

    مون ڪٿي مزاحيه پڙهيو هو ته جيڪڏهن جاپاني پنهنجي شهرن ۾ ايڊريس ڳلڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندا آهن ته پوء الطف شيخ کي فون ملائيندا ۽ اها ايڊريس پڇندا۔ مقصد ته الطاف شيخ پاڻ به جاپاني ڳالهائي ۽ پري جاپان جي شهرن ۽ جاگرافيء جي به ڄاڻ رکي۔
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ادا ممتاز الطاف شيخ منهنجو پسنديده ليکڪ آهي
    تمام سٺي معلومات ڏني اٿو
    مونکي ان ڳالهه جي خبر نه هئي ته جاپان جي مشهور يونيورسٽيء
    ۾ سنڌيء جو شعبو به آهي

    الطاف شيخ جي ڪتابن جي لنڪ ڏئي تمام بهترين ڪم ڪيو اٿو
    ان سان اسان جهڙن ماڻهن کي مفت ۾ ڪتاب پڙهڻ لاء ملندا


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ادا پسند ڪرڻ لاء توهان جي مهرباني​
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ادا مطلب ته هاڻي جيڪو اسان جو سنڌي جاپان ويندو ته اهو انهن سان به سنڌي ڳالهائيندو
    واهه سائين واهه .
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ادا دعا ڪريو، مون کي جرمن، جاپان، ۽ لنڊن گهمڻ جو تمام گهڻو شوق آهي بس الله ڪي سبب بڻائي۔ انشاء الله جاپان وڃي انهن سان سنڌي ڳالهائيندس پر انهن کي شاه جي شاعري پڻ ٻڌائيندس۔ ​
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ادا الطاف شيخ صاحب منهنجو پڻ پسنديده ليکڪ آهي، ادا عرس صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو، ادا توهان جو ذڪر محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جي واتان پڻ ٻڌو هئم، جنهن ڏينهن سمون صاحب ۽ وساڻ صاحب مون وٽ طبيعت پڇڻ لاء ان سينا اسپتال ڪراچي ۾ آيا هئا، مگر خبر نه آهي ته ڇو توهان سان ملڻ لاء دل چوندي آهي،
    ادا منهنجو تعارف ته شايد توهان پڙهيو هوندو اگر ناهي پڙهيو ته ڪو مسئلو نه آهي هي وٺو پڙهي وٺو، مگر ان سان گڏ پنهنجو به مڪمل تعارف ڪرائيندا ته نوازش،

     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ماشاء الله ۔۔۔ جاپان جي يونيورسٽي ۽ سنڌي شعبو ۽ مٿان وري ڪجهه شاگرد به آهن جي سنڌي پڙهن ٿا ۔۔۔ ناممڪن ته ڪا ڳالهه ناهي هوندي پر هي خبر عجيب آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ اهڙو علم حاصل ڪرڻ جنهنجو مارڪيٽ ويليو هجي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، پر سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپو سنڌ ۾ ئي انجو ويليو ڪو خاص ناهي ته جاپان ۾ ڇا هوندو !!!

    اسين زال مڙس جڏهن سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري سنڌ ۽ پاڪستان ۾ گهمياسون ته خبر پئي ته

    1۔ هڪ وڏي آفيسر چيو ته اوهان کي ڪهڙي ڪاري کاڌو جو ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي اٿوَ، ٻيو ڪو مضمون اوهانکي نظر نه آيو ۔۔؟

    2۔ ٻي چيو ته اوهان بنگلا ۾ ايم اي هجو ها ته هت قائد اعظم اسلآم آباد يونيورسٽي ۾ جڳهه آهي پر سنڌي جو ڪو شعبو ئي ناهي ۔۔۔وفاقي ڪاليجن ۾ پڻ سنڌي نه هجڻ جي برابر آهي ۔۔۔

    پاڪستان جي ٻين صوبن جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبي جو نه هجڻ پر جاپان ۾ هجڻ عجيب لڳي ٿو ۔۔۔

    پاڪستان ۾ سنڌ سان ماٽيجي ما وارو سلوڪ ڪيئن آهي ۔۔۔ انجو هڪ مثال ته اهو به آهي ۔۔۔

    رب العالمين جاپان ۾ سنڌي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارن جو ڀلو ڪري، ممڪن مستقبل ۾ سنڌ جي نوجوانن کي داخلا پڻ ملي وڃي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ادا توهان جي ڳالهه شايد صحيح ٿئي ويندي ته الطاف شيخ صاحب نيٺ پاڻ به جاپاني ٿئي ويندا، ڇو جو پاڻ زندگي جو گهڻو وقت جاپان ۾ رهيا آهن ۽ جاپان بابت کين سٺي معلومات به آهي ، پاڻ جاپان جي باري ۾ پڻ گهڻو ڪجهه لکندا رهندا آهن،
    ادا ونڊ کي پڙهڻ ۽ پسند ڪري پنهنجا خيالات لکڻ جي لاء اوهان جي مهرباني۔
     
  12. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ادا تمام سٺو، اها ته اسان لا فخر جي ڳالھ آهي
     
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ادا توهان صحيح پيا چئو ته اهيا اسان لاء فخر جي ڳالهه آهي، ادا اسان کي ان ڳالهه مان به سبق سکڻ گهرجي ته هڪ جاپاني اسان جي ٻولي ان لاء ٿو سکي ته اها هن لاء هڪ چيلينج آهي، پر اهو ان چيلينج کي پورو ڪرڻ لاء پنهنجا سڀ زور لڳائي ٿو ۽ پنهنجو مقصد پورو ڪرڻ لاء جاپان مان سنڌ اچي ٿو ۽ پنهنجي مقصد ۾ نيٺ ڪاميابي ماڻي وري جاپان وري ٿو۔ جنهن جو مثال توهان ۽ اسان سامهون آهي،
    ادا اسان کي به گهرجي ته اسان لاء جيڪي ڳالهيون چيلينج آهن ان لاء پوري محنت ڪري ان چيلينج کي منهن ڏجي۔ ۽ پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻجي۔
     
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    جي ادا بلڪل توهان جو اهو خواب ضرور پورو ٿيندو پر هڪ ڳالهه اٿو جاپان گهمڻ جو سوق مون کي به گهڻو آهي دعا ڪيو ته گڏجي هلون جاپان ،...
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا


    ادا ممتاز سائين کي چئو ته اتي جا خاص ڪري ڇوڪرين کي جلدي سنڌي سيکاري تاڪي ااهي سنڌ سلامت کي جوائن ڪن باقي سنڌي هتي گڏجي سيکاريندا سون
     
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    يار علي علي، اوهان به سنڌي سيکاريندا ته اسان جن ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي آهي انهن جو ڇا ٿيندو؟
     
  17. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    تمام بهترين معلومات ۽ سائين چواڻي عجيب پڻ۔۔
    ذبردست۔۔۔۔
     
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ادا انشاءالله جاپان ضرور ڏسبو، الله جي حڪم سان ​
     
  19. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    سائين اوهان انهن جو امتحان وٽججو ڪرسي تي ويهي ڪري :)):)):)):)) باقي محنت وارا ڪم اسان تي ڇڏي ڏيو
     
  20. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا

    ادا علي علي صاحب توهان صحيح پيو چئو ته مان جاپاني ڇوڪرين کي سنڌي سيکارڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندس ته جيئن گهٽ مان ًگهٽ سنڌ سلامت جي فورم تي اهي جاپاني سنڌي ڳالهائيندڙ ڇوڪريون ته اينديون ۽ ميمبر ٿينديون ، اسان جون سنڌي ڇوڪريون فيس بڪ تي ته جام نظر اينديون آهن باقي خبر نه آهي ته سنڌ سلامت تي ڇو نه ٿيون اچن، ڪهڙو سبب آهي، الله ئي بهتر ٿو ڄاڻي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو