الله جي وحدانيت ۽ شاهه جي دعا

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو، اوهانکي اها ته خبر آهي ته ڀٽائي سڳوري پنهنجن بيتن لاءِ هيئن چيو آهي ...

    جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين
    نيون من لائين. پريان سندي پار ڏي.

    اڄ شاهه جي هڪ اهڙي دعا جو ذڪر ڪبو جنهن ۾ ” الله جي وحدانيت، سندس صفات ۽ مالڪيت جو ذڪر اهڙن ته پراثر لفظن ۾ ٿيل آهي جو سڄي دنيا جا شاعر ملي ڪري به اهڙي پراثر دعا تخليق ڪري نٿا سگهن ...

    شروع الله جي نالي سان؛

    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱيا،
    ري ٿنڀي، ري ٿوڻئين، تون ڇپر، تون ڇانءُ،
    ڪڄاڙو ڪهانءُ، توکي معلوم سڀ ڪا.

    جيڏو تنهنجو نانءُ ...
    الله جو نالو ايترو وسيع ۽ ڪامل آهي جو انجي تعريف ۾ جي سڀ سمنڊ ۽ انهن جيترا ٻيا ست سمنڊ ملائي مس ٺاهجي ۽ ڪائنات جي سمورن وڻن کان به ست ڀيرا ٻيا وڻ گڏ ڪري انهن جا قلم ٺاهجن ته به سندس تعريف جو ذڪر پورو ڪونه ٿيندو ...

    ٻاجهه به اوڏيائي مڱيا ...
    ايڏي وڏي تعريف جي مالڪ کان جي ٻاجهه، رحم ۽ ڪرم جي دعا ڪجي ته ڪيئن ڪجي، سندس نالو ئي ايترو وڏو آهي ته سندس ٻاجهه به ته اوتروئي وسيع ۽ اڻ کٽ هوندي ... ڌڻي سڳورو پنهنجي رحمت جا دروازا هميشه کليل رکيا آهن ... بس هجي ڪو گھرڻ وارو ...

    ري ٿنڀي، ري ٿوڻئين ...
    الله ذوالجلال جي ذات کي نه ته ڪنهن آسري جي نه ڪنهن جي مدد جي ضرورت آهي ... هو خالق عظيم پنهنجي ئي آسري تي ۽ پنهنجي ئي سگهه سان سڄي ڪائنات جو چرکو هلائي ٿو ... سندس ڪرسي پوري عالم تي وسيع آهي ۽ ان ڪرسيءَ جو بار کيس هڪ پل لاءِ به نٿو ٿڪائي ...
    تون ڇپر، تون ڇانءُ
    اهو هڪ ئي ڍَڪُ آهي ۽ اهو ئي سڀ جو ڍڪيندڙ ، اهوئي آسرو ته اهو ئي ڇانوَ، ان کان بغير ڪير آهي جو انسان جي ڇوٽڪاري جي دعوا ڪري سگهي ... انجي جهولي ئي ايتري وسيع آهي جو پوري ڪائنات ان ۾ سمائجي سگهي، باقي ٻيون سڀ جهوليون ته پاڻ خالي آهن، باقي ٻين سڀن جي جهوليءَ جا پلئه ته پاڻ مٿي کنيل آهن ... ان ٻاجهاري جي هڪ نظر ڪرم لاءِ ...

    ڪڄاڙو ڪهانءُ ...
    هاڻ ايڏي وڏي مالڪ جي آڏو ڪهڙي ڪهڙي دعا گهرجي ... ڪهڙا ڪهڙا ڏک ظاهر ڪجن، ڪهڙين ڪهڙين مشڪلاتن جو ذڪر ڪجي ... ڪهڙا ۽ ڪيترا شڪرانا ادا ڪجن ... ڪهڙا ۽ ڪيترا ذڪر ڪجن ...

    توکي معلوم سڀ ڪا ...
    کائنس ڪهڙي ڳالهه لڪل آهي ... ڪهڙو ڳجهه آهي جو کيس معلوم ناهي ... ڪهڙو اندر آهي جو سندس سامهون ناهي ... ڪهڙو نظارو آهي جو سندس نظر ڪرم کان لڪيل هجي ...

    اي ڌڻي سڳورا! اسان سنڌين جو حال تنهنجي سامهون آهي، اسين ته هاڻ دعا گهرڻ جهڙا به ناهيون، جو اسانجي عملن جي ڄاڻ به تون ئي رکين ٿو ... اسانجي لاءِ پنهنجي ڪرم جا دروازا کول ۽ ڪي اهڙا انسان موڪل جي اسانجي ڇوٽڪاري واري راه طرف رهنمائي ڪري سگهن، جن جي دلين ۾ سچائي ۽ ايمان جي سگهه هجي، ۽ بهادري هجي، جن وٽ کليل دل ۽ دماغ هجي ... ڇا تو ٻين قومن وٽ اهڙا انسان نه موڪليا جن پنهنجن پيٽن تي پٿر ٻڌي قوم جي جوانن جو پيٽ ڀريو، جن پنهنجي رت جي آبياريءَ سان پنهنجي قوم جي درياهن ۾ پاڻي وهايو، جن پنهنجي مال جي قربانيءَ سان پنهنجي قوم جي سک ۽ ڏک جو خيال ڪيو، ته پوءِ اي منهنجا مالڪ تون اسانجي قوم وٽ به اهڙا انسان موڪل جي پنهنجي پورين سچائن سان اسانجي ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي سر تريءَ تي رکي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪن ۽ پاڻ به سرکرو ٿين... آمين

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سبحان الله ، جزاڪ الله

    مٺڙا نثار ابڙا۔۔۔۔ ادا حق موجود

    اوهان سائين لطيف سرڪار جي دعا واري بيت جي اهڙي ته تشريح ڪئي آهي جو هر هر منهنجي زبان مان سبحان الله نڪريو وڃي۔۔۔۔۔ اوهان جي اهڙي سمجهاڻي ڏيڻ تي اوهان کي جس هجي۔۔۔۔۔۔
    الله سبحان هو و تعالي جي تعريف ۾ جيترو لکجي سو گهٽ آهي۔۔۔ اوتروئي منهنجو سهڻو ڪريم ٻاجهارو پڻ آهي۔۔۔ الله جي وحدانيت ۾ ڪو شڪ ناهي ۔۔۔ الله وحده لاشريڪ له واري ذات پاڪ آهي۔۔۔۔

    تمام لاجواب شيئرنگ
    الله اوهان کي شادوآباد رکي۔۔۔۔ آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين نثار ابڙا صاحب تمام پياري شيئرنگ آهي ادا توهان جي اهڙي ئي بهترين شيئرنگ جو انتظار رهندو ادا توهان جي شروع ڪيل ٿريڊ مان اسان جهڙن ماڻهن کي ڪجهه علم حاصل ٿيندو آهي
    مهرباني ادا
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين سبحان الله، توهان جي سمجهاڻي جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ هوندي.
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ

    ادا مٺا فقير خير ته اٿئي. مٺا خيرپور ويو هيئن. ٻيلي پنهنجن پيارن جا نالا نه بگاڙ
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو؛
    هيءَ دعا، مون خاص سنڌ سلامت جي دوستن لاءِ لکي آهي ته جيئن هو هميشه اها دعا گهرندا رهن ته من ڪو سنڌ جو ڇوٽڪارو ٿئي ... اچو ته دعا سان گڏ عملي طور تي به اڳڀرا ٿيون ... متان چوي خان بلوچ ته هن ڪمينيءَ مان ڪين ٿيو ...
    الله جي مدد هجي اوهان دوستن سان ته ٻيڙا پار ...
    سدائين گڏ
    pasand
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين الله جي مدد تڏهن ٿيندي آهي جڏهن توهان جهڙن نيڪ بخت انسانن جو دعائون اسان جي نيڪ تمنائڻ لاءِ گهريون وينديون آهن .
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا عبد الوهاب
    حق موجود
    ادا سائين امان سڳوريءَ جي صحت هاڻ ڪيئن آهي؟ ڪالهه مون حرم پاڪ ۾ طواف ڪيو ۽ سنڌ سميت سڀني دوستن لاءِ دعائون گهريون ۽ خاص اوهانجي والده ۽ سائين ناز جي والد محترم لاءِ ...
    پنهنجو ۽ امڙ جو خيال ڪندا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين توهان جي دُعائن سان امڙ جي طبيعت هاڻي ڪافي بهتر آهي. توهان مون مسڪين تي اهڙي ڪم نوازي ڪئي جو جنهن جي لاءِ مون وٽ لفظ ناهن جو اوهان جو شڪريو ادا ڪريان shal judy hujeen
    sindhsalamatsaathsal
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوست، ماءُ جو پيار ۽ انجي موجودگيءَ جو احساس ئي ايترو لطيف هوندو آهي جو ڪو به پٽ جڏهن دنيا جي مشڪلاتن کان اچي ماءُ جي پناه وٺندو آهي ته بس ٻيڙا ئي پار ... سڪون جي ننڊ اچي ويندي آهي ...

    ڪالهه منهنجو هڪ دوست پنهنجي ماءُ سميت عمرو ڪرڻ لاءِ آيو ... آءُ ساڻس ملڻ لاءِ حرم پاڪ ويس جت هن پنهنجي امڙ سان ملايو ... حقيقت پڇو امڙ ته دوست جي هئي پر جنهن نموني هن منهنجي پٺيءَ تي هٿ گهمايو اصل سڪون اچي ويو ...

    پنڌ ڪندي جو ڌڪو کاڌم، پيار منجهان ٿي گود وهاريم
    مرڪي هر هر مونڏي نهاريم ... منهنجي امڙ

    ڌڻي سڳورو اوهانجي امڙ جي پيار جي ڇانوَ اوهانجي سر تي دائم رکي ... آمين

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: الله جي وحدانيت ۽ شاهه جي دعا

    مهرباني ادا تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    الله الله!۔۔۔سبحان الله۔۔۔سائين نثار صاحب توهان اکين ۾ لڙڪ ڏيڻ جا ماهر آهيو۔۔۔ڪي لڙڪ اهڙا هوندا آهن جو ڪنهن دل آزاري ڪئي هجي۔۔ ڪي لڙڪ خوشي وچان نڪري پوندا آهن ۔۔ڪي لڙڪ وري روح کي تازگي بخشڻ لا اندر جي ڪٺور پڻي کي رجائي وجهندا آهن ۽ هنيا کي فرحت ڏئي ويندا آهن۔۔بس اوهان پاران لطيف سرڪار جي بيت جي روح کي ريجهائڻ جهڙي تشريح لکي ڪري ڪرم ڪري وڌو۔۔۔وري مٿان ما جيجل جي ممتا جو احساس ڏياري لڙڪن جي اکين ۾ ترڻ جي مزي کي ويتر مٺو ڪري وڌو۔۔ڌڻي ٻاجهاري جي بارگاهه اقدس ۾ دعا آهي ته شل اوهان جي سيني ۾ اهڙو سنڌ ۽ سنڌين سان چاهه قائم رهي ۽ ان ڀلي پار ۾ هر هر الله پاڪ جي پاڪ گهر جو طواف ڪندي اها ئي دعا ٻاڏائيندا رهو۔۔ته سائينم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار۔۔۔دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪري۔۔۔آمين
     
  14. سجاد حسين ساقي

    سجاد حسين ساقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Teacher
    ماڳ:
    ٽنڊوالهيار
    بهترين لاجواب لطيف کي سمجهائڻ لا
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو