چانهه جا قسم ۽ ان جا ناڪاري اثر

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    چانهه جا قسم ۽ ان جا ناڪاري اثر​

    [​IMG]

    چانهه جو استعمال وڏي عرصي کان ڪيو پيو وڃي. چيو وڃي ٿو ته اڄ کان 50 هزار سال پهريان چين جي طبيبن چانهه کي دوا طور استعمال ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ان جو استعمال وڌو ويو. چانهه ٻن قسمن جي ٿيندي آهي: هڪ ڪاري چانهه ۽ ٻي سائي چانهه. چانهه ڪيميلا سائينسز جي سُڪل پنن مان حاصل ڪئي ويندي آهي. ڪجهه سائنسدانن ۽ طبيبن ان جي ججهي استعمال کي نقصانڪار سڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته بليڪ ٽِي (ڪاري چانهه) ڇاڪاڻ ته ڪيميلا سائيننسز جي سُڪل پنن کي پينهين حاصل ڪئي وڃي ٿي. انهن پنن ۾ ڪيفين (caffeine) هوندي آهي جيڪا مرڪزي اعصابي نظام کي وڌيڪ متحرڪ ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن سان مختلف بيماريون پيدا ٿي پونديون آهن. کوجنا مطابق مرڪزي اعصابي نظام ۾ توازن برقرار نٿو رهي ۽ بي خوابي (جاڳ) ۽ گڙدن جا مسئلا جنم وٺندا آهن.
    * چانهه جي وڌيڪ استعمال سان گڙدن ۾ فلٽريشن جو عمل ضرورت کان وڌيڪ تيز ٿي ويندو آهي، جن سان ضروري نمڪيات (سوڊيم ۽ پوٽاشيم وغيره) پڻ پيشاب ذريعي خارج ٿيو وڃ. ان کان سواءِ گڙدن کي معمول کان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، جنهن سان گڙدن جو رڳون ڪمزور ٿي وينديون آهن ۽ نيٺ گڙدا فيل ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي پوندو آهي. چانهه ۾ ڪيفين هوندي آهي ۽ اها ڪيترائي ناڪاري اثر وجهندي آهي، جنهن سان معدي جون بيماريون پيدا ٿي پونديون آهن.
    * ڪيفين معدي جا انزائم ۽ Juices کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن سان هاضمو پڻ متاثر ٿيندو آهي ۽ حد کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان سيني جي اڱاري ۽ تيزابيت پيدا ٿيندي آهي.
    * چانهه سان مزاج ۾ خشڪي ۽ چڙ پيدا ٿي پوندي آهي. اها جسم جي نظام جي سمورين رطوبتن کي خشڪ ڪري ڇڏيندي آهي. ان سان ڪن ماڻهن کي شديد قبضي پڻ ٿي پوندي آهي ۽ بک گهٽجڻ سان مجموعي طور صحت تي خراب اثر پوندا آهن.
    * چانهه ۾ ڪيفين کان سواءِ ٽينن (Ta nnin) هوندي آهي جيڪا ڪجهه اهم نمڪيات جي ابزورپشن کي متاثر ڪندي آهي، جنهن سان پڻ قبضي ٿي ويندي آهي. ان کان سواءِ آئرن يعني فولاد جي شديد گهٽتائي جو پڻ خدشو پيدا ٿي پوندو آهي.
    * چانهه جي لڳاتار استعمال سان طبيعت ۾ بيزاري پيدا ٿي پوندي آهي ۽ اڳتي هلي انسان انهي بيزاريءَ جو عادي ٿي ويندو آهي. پوءِ وقت گذرڻ سان ان جي طلب وڌندي ويندي آهي، چانهه جو هيراڪ جيڪڏهن چانهه استعمال نه ڪري ته ٻين نشن وانگر ان جا پياڪ انتهائي بيچيني ۽ تڪليف محسوس ڪندا آهن.
    * چانهه ۾ موجود ڪيفين سان دل ڌڙڪڻ جي رفتار متاثر ٿيندي آهي ۽ بلڊ پريشر غير متوازن رهڻ لڳندو آهي. جيڪڏهن چانهه جي استعمال سان وڌيڪ پگهر نڪري ۽ پيشاب گهڻو اچي ته بلڊپريشر گهٽجي ويندو آهي، ڇو ته جسم ۾ نمڪيات ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي ويندي آهي.
    * ان کان سواءِ چانهه جي گهڻي استعمال سان بلڊ شگر ليول وڌي ويندي آهي، ڇو ته اس ۾ کنڊ جو پڻ باقاعدي استعمال ڪيو ويندو آهي، ان جي استعمال سان عام طور معدي جو السر، چمڙيءَ جون بيماريون ۽ بيچيني پيدا ٿي پوندي آهي. ڳورهارين عورتن ۾ نوَن ڄاول ٻارن جي صحت تي پڻ چانهه جا اُگرا اثر پوندا آهن ۽ ٻارڙي جي واڌ ويجهه متاثر ٿيندي آهي. بشڪريه عوامي آواز
     
    ابراهيم لاشاري هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: چانهه جا قسم ۽ ان جا ناڪاري اثر

    ادا نقصان ته ٻڌايا اٿئي پر فائدابه ٻڌاء نه

    يار ڪيڏو به نقصان ڇون هجي پر چانهه هاڻ
    ڇڏڻ سولي نه آهي
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: چانهه جا قسم ۽ ان جا ناڪاري اثر

    ادا عرس صاحب توهان سچ ٿا چئو ته چانهن ڪيڏي به نقصانڪار ڇو نه هجي مگر اها ڇڏڻ آسان نه آهي، ادا عرس صاحب مان به چانهن جو وڏو شوقين بلڪه چانهن جو موالي آهيان، ۽ مان چوندو آهيان ته ماني ٽائيم تي ڀلي نه ملي پر چانهن چڪو ضرور ملي۔مان ته هيئر هيئر به ٻه ڪوپ ڇڏائي ويٺو آهيان،
    ادا عرس توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته منهنجي زندگي جو پهريون دوست به توهان جو نالي ڀائي محمد عرس وگهيو هو جيڪو منهنجو ماروٽ پڻ آهي، مان جڏهن توهان جو نالو ڏسندو آهيان ته مون کي اهو پنهنجو دوست محمد عرس وگهيو ۽ اهي ٻاراڻي دور جون حرڪتون ، رانديون، شرارتون، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪري، بيهي ڪري ڪچهريون ڪرڻ ، هڪٻئي سان شڪايتون ڪرڻ ۽ اهي سچائي ۽ محبت وار مزا ياد ايندا آهن، جن ڳالهين کي مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان، ادا انهن دوستن جون يادون ۽ پچارون مان ڪيئن ٿو وساري سگهان، بقول شاه صاحب ته
    آءُ ڪيئن ڇڏيان سومرا تنهن پنهوارن پچار، ​

    ادا اهي کيڏڻ وارا ڏينهن به ٿيا پورا۔ عجيب زمانه هئا، عجيب محبتي ماڻهون هئا، ادا اهي کيڏڻ وارا ڏينهن وري نه ملندا ڪڏهن ادا بقول بلي شاه
    کيڏڻئي ته کيڏ، بلي شاه ،، ول نه ملسئي وار،
    کيڏڻ دي ڏينهن چار، کيڏڻئي ته کيڏ بلي شاه ​


    [​IMG]
    ساڄي پاسي کان ٻئين نمبر تي ممتاز وگهيو کان پوء محمد عرس وگهيو جي تصوير


    ادا انهن دوستن مان ڪافي دوستن کي ته سال ٿيندا جو ڏٺوئي نه آهي، ۽ انهن کي ڏسڻ لاء دل سٽون پئي کائي، ( ڏٺي ڏينهن ٿيام ڪهه ڄاڻان ڪهڙا پرين،، سهسين سج الي ويا واجهائيندي ويام، تنين سال ٿيام جنين ساعت نه سهان هڪڙي ) ادا اسڪول جي ڏينهن شايد ڪنهن کان وسرندا هجن۔ بس اسڪول مان نڪتاسين ته ڪڻو ڪڻو ٿئي وياسين، بقول شاه لطيف ڀٽائي رح۔
    ڪڻي منجهه ڪرار، هئا هيڪاندا سنڱ ۾
    ڳاهي ڳاهه ڦيراق جو ڪيئون ڌارو ڌار
    نه ڄاڻان ٻيهار ته ڪير ملندو ڪنهن سين ​
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: چانهه جا قسم ۽ ان جا ناڪاري اثر

    نه ادا ائين به ناهي .
     
  5. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: چانهه جا قسم ۽ ان جا ناڪاري اثر

    ادا عرس ڀريا چئي سچ تو چانهه ته پاڻ کي اصل ڏيج ۾ مليل آهي
     
  6. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    TEAچانهه

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    چانهه جي ٻوٽي جي اصل ديس جي خبر ڪنهن کي به ناهي مگر ان جي پوکي جو فن چين ملڪ منجهه ٽي هزار سال اڳ قديم زماني کان وٺي آهي چانهه جي پوک جي شروعات چين ملڪ ۾ 2737 ق_ ۾ کان چئي وڃي ٿي ان زماني کان پوٰءَ سڄي دنيا ۾ چانهه پکڙجي هر ملڪ ۾ وڃي پهتي چين جي بادشاهه شين ننگ کي جڏهن اندر جي صفائي جي ٻاڙ لڳندي هئي ته پاڻي جي ديڳ ڪاڙهائي ان جو پاڻي پيو پيئندو هو هڪ ڀيري قدرتي پيدا ٿيل چانهه جي ٻوٽي جا پن پتا ان پاڻي ۾ اوچتو ڪري پيا جڏهن اهو پاڻي بادشاهه پيتو ته سندس جسم ۾ چست ۽ تازگي محسوس ٿي بادشاهه معلوم ڪرڻ تي خبر پيس ته اهي چانهه ٻوٽي جا پن پتا هئا ان زماني ان ڏينهن کان وٺي چانهه هڪ ناياب ٻوٽو شمار ڪيو وڃي ٿو ٻارهين صدي قبل مسيح ۾ چائو بادشاهت منجهه چانهه جو واهپو قدري شربت طور شروع ٿيو تنهن بعد هان بادشاهت جي زماني ٻين قبل مسيح کان ٻين صدي عيسوي تائين وڏي ۽ ننڍي طبقي ۾ چانهه جو استعمال ٿيندو رهيو ٽانگ بادشاهت منجهه ستين صدي تائين چانهه هر عام ماڻهون جي استعمال رهي چانهه يورپ ۾ 1559ع ڌاري ۾ ڊچ ۽ بعد بعد ۾ ايسٽ انديا ڪمپني معتارف ڪرائي 1664ع ۾ چانهه جو هڪ ڪلو کن انگلينڊ جي بادشاهه چارلس (ٽو) کي تحفي طور ڏياري موڪلي بع ۾ ٿورڙي عرصي منجهه چانهه برطانيه جي رهڻي ڪهڻي منجهه فيشن طور استعمال ٿيڻ لڳي هن وقت چانهه سڄي دنيا منجهه عام جام واپرائي وڃي ٿي هڪ اندازي مطابق چانهه دنيا جي سموري آدمشماري جي ٽئين حصي کان به وڌيڪ چانهه جو وهائپو آهي دنيا جي سڀ کان نهايت عمدي چانهه پيدا ڪندڙن علائقن منجهه انڊيا جو آسام سريلنڪا چين وڌ ۾ وڌ چانهه پيدا ڪندڙن ۾ شمار ٿين ٿا جڏهن ته جپان ڪينيا انڊونيشيا پڻ جهجهي انداز منجهه چانهه پيدا ڪندڙ ملڪن منجهان آهن اسان جي ملڪ پياري پاڪستان منجهه چانهه جي امڪاني پوک جا هنڌ علائقا چين ملڪ جي ٿيندڙ چانهه جي پوک وارن ضلعن جهڙي خاصيت رکن ٿا پاڪستان منجهه 1971ع کان اڳ چانهه هڪ اهم ناڻي ڪمائي وارو فصل هوندو هو چانهه جي پوک ان زماني ۾ اوڀر پاڪستان ۾ عام جام ٿيندي هئي جڏهن اوڀر پاڪستان اسان جي ملڪ کان جدا ٿي بنگلاديش ٿيو ته چانهه جي سڄي انڊسٽري هن ملڪ حوالي ٿئي وئي هڪ اندازي موجب اسان جو ملڪ پيارو پاڪستان هر سال 14 ارب روپين جي چانهه ٻاهرين ملڪن کان گهرائي ٿو ان کي گهٽائي ملڪ جي مخصوص موسم وارن علائقن منجهه تجرباتي بنيادن تي پوکي شروع پڻ ڪئي وئي آهي پاڪستان ۾ چانهه جون مختلف جنسون چين ملڪ سريلنڪا ملڪ ۽ ڪينيا ملڪ مان گهرائي پوکي پڻ ڪئي وڃي ٿي تجرباتي پوک پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل پاران شروع ڪئي وئي جڏهن ته چانهه ڪمپنين جي به جهجي سيڙپ ٿيل نظر اچي ٿي جئين ته پاڪستان ۾ چانهه جي پوک ۽ صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ۽ ان جا مقاصد حاصل ڪرڻ لاءِ خيبر پختونخوا صوبي جي مانسهره علائقي ۾ تجريا ٿيا آهن ان کان علاوه هزاره سوات ۽ آزاد ڪشمير پڻ اهڙا علائقا آهن جتي چانهه ڪامياب ٿي سگهي ٿي

    ] چانهه جي ٻوٽن ۾ هيٺيان جزا صحت لاءِ نقصانڪار ٿيندا آهن

    ٿين هي کار جهڙو زهري جزو آهي جيڪوٿوري عرصي لاءِ چانهه واپرائيندڙ کي چست بڻائيندو آهي ۽ ساڳي طرح وري ذهن کي به سست ڪري ڇڏيندو آهي ان جزي جو نه هجڻ جي ڪري چانهه منجهه لزت مزو به ناهي رهندو

    ٽئنن هي به هڪ زهريلو جزو آهي جيڪو 15 سيڪڙو چانهه منجهه هوندو آهي هي زهريلو جزو وري انساني معدي ۾ هاضمي جي رس ۾ بگاڙ پيدا ڪندو آهي جنهن سسب جي ڪري معدو خراب ۽ هاضمو ويتر خراب ٿي ويندو آهي انکان سواءِ چانهه منجهه ڪافور جهڙو اڏامندڙ تيل جو هڪ نمونو به موجود آهي جيڪو چانهه منجهه خوشبو پيدا ڪري ٿو مگر جڏهن هن جو اثر ختم ٿئي ٿو ته انسان جي جسم کي سست ۽ ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو چانهه قدرتي طرح ننڍ ۾ خلل وجهي ٿي ۽ ننڍ وڃائي ٿي چانهه زياده پئيڻ سان گڙدن کي به ڍلو ڪري پيشاب به جالارو ڪري ٿي چانهه مغز جي پردن کي خشڪ به ڪري ٿي چانهه انساني هاضمي کي به خراب ڪري مادي ۾ تباهي مچائي ڇڏي ٿي چانهه سوا ٽي سيڪڙو ۽ ڪافي وري چار سيڪڙو انساني جسم منجهه بورڪ ائسڊ پڻ پيدا ڪري ٿي جنهن سبب ڪري وائي سور ننڍ ۾ خلل مغز جي موڳائپ سهڪو اکين جو خراب ٿيڻ پيشاب ۾ پٿري ۽ شوگر جهڙيون عنيڪ بيماريون جسم ۾ جنم وٺن ٿيون جيڪي انسان جي لاءِ نهايت نقصانڪار پڻ آهن

    چانهه جو هڪ ٻيو قسم گرين ٽي ( سائي چانهه ) جيڪا ساڳي قسم جي ٻوٽي منجهان حاصل ٿيندي آهي جيڪا ماهرن جي چوڻ موجب انساني صحت لاءِ نهايت مفيد آهي گرين ٽي پئڻ سان معدي ۽ چمڙي جي ڪينسر (سرطان) کي گهٽ ڪري ٿي مگر انهن جي بچڻ جو به اهم وسيلو سبب هي چانهه پيئڻ آهي ماهرن جو چوڻ آهي ته سائي چانهه منجهه وٽامن (سي) ۽ وٽامن ( اي) پڻ جهجهي هوندي آهي هي چانهه ڪاري چانهه جي مقابلي ۾ گهٽ نقصانڪار ٿئي ٿي هن چانهه منجهه اي جي سي جي نالي مادو هوندو آهي جيڪو ( اينٽي اوڪسيڊئنٽ) هوندو آهي چين ملڪ ۾ هي چانهه قوت مدافعت مصبوط ڪرڻ ۽ هاضمي جي نظام لاءِ پڻ استعمال ڪئي وڃي ٿي ڪاري چانهه سان دماغ جا پردا خشڪ ٿين ٿا پر سائي گرين ٽي جي پيئڻ سان دماغ ۽ رت جي دوري کي وسعت ملي ٿي گهاٽي رت کي صاف ڪري ٿي بک به وڌائي ٿي کاڌي کي به جلد هضم ڪري ٿي هي چانهه پگهر آڻيندڙ ۽ اڃ گهٽائيندڙ آهي دل ۽ دماع کي خوش ڪري ٿي هي چانهه گرين ٽي سج جي شعاعن جي نقصانن کان چمڙي کي محفوظ رکي ٿي سائنسي ماهرن موجب هن سائي چانهه منجهه اي بي سي جا ڪيمائي مادا موجود آهن جن جي استعمال ڪرڻ جي ڪري ڪينسر ۽ دل جا مرض سميت ٻين اهڙين بيمارين کان جيڪي جيو گهرڙن تي اثر انداز ٿين ٿيون انهن کان بچي سگهجي ٿو چانهه جي ٻوٽي مان ٽڻ چئن سالن کانپوءِ پيداوار لهندي آهي ۽ اهو سلسلو پنجاهه سالن تائين جاري رهندو آهي ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو