فليش ڊرائيو کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ فعال يا غير فعال ڪريو۔۔۔

'ونڊوز رجسٽري' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو ڪافي عرصي کان ڪمپيوٽنگ جي رجسٽري واري حصي ۾ ڪا تحرير نه موڪلي اٿم جو ڪافي دوست اڃان ڪمپيوٽر جا سيکڙاهٽ لڳا ٿي ۔۔ جڏهن ته رجسٽري سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ لاءِ ماهر هجڻ ضروري آهي ۔۔۔ ائين نه ٿئي جو بي خيالي ۾ پنهنجي ڪمپيوٽر جي ونڊوز خراب ڪري وجهو۔۔۔
    هميشه جيان توهان کي رجسٽري کي ڇيڙڻ کان اڳ ان جو مڪمل بيڪ وٺڻ جو مشورو ضرور ڏيندس۔۔۔ جنهن کان اڄ جو عنوان پڙهڻ‌لاءِ چوندس۔۔۔


    ساٿيو اڄ ڪالهه فليش ڊرائيو جو استعمال عام آهي۔۔ ان سان جتي کوڙ سارا فائدا آهن اتي هن جو استعمال ڪمپيوٽر لاءِ هاڃيڪار به ٿي سگهي ٿو۔۔۔ ڇو ته آٽو پلگ ان هجڻ ڪري هي ڪمپيوٽر ۾ خود به خود انسٽال ٿي وڃي ٿي ۽ ڪافي پروگرام پاڻ مرادو هلائي ٿي۔۔۔ جنهن ڪري اڪثر مختلف قسم جا وائرس ۽ ورمس آرام سان توهان جي ڪمپيوٽر ۾ منتقل ٿيو وڃن۔۔۔
    ان ڪري اڄ مان توهان پنهنجي ڪمپيوٽر لاءِ فليش ڊرائيو کي فعال يا غير فعال بڻائڻ سمجهايان ٿو۔۔۔
    پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ فليش ڊرائيو کي غير فعال بڻائڻ لاءِ هيٺين هدايتن کي پڙهو۔۔

    سڀ کان پهريان اسٽارٽ مينو تي ڪلڪ ڪري رن ڪمانڊ تي اچو ۽ regedit لکي ڪيبورڊ ذريعي انٽر ڪي پريس ڪريو۔۔
    جنهن کان پوءِ هيٺين ڪي تي پهچو۔۔
    HKEY_LOCAL_MACHINE\SYSTEM\CurrentControlSet\Services\USBSTOR
    هاڻي سامهون Start نالي ڊي ورڊ تي ڊبل ڪلڪ ڪري ان جي ويليو 4 ڏيو۔۔۔ تفصيل لاءِ هيٺين تصوير ڏسو۔۔۔۔

    [​IMG]

    اوڪي بٽڻ پريس ڪريو ۽ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔۔
    جيڪڏهن توهان ٻيهر فليش ڊرائيو کي فعال بڻائڻ چاهيو ٿا ته Start نالي ڊي ورڊ تي ڊبل ڪلڪ ڪري ان جي ويليو 3 ڏيو۔۔۔
    اميد ته ايڊوانس ليول جي هي ٽپ ڪجهه دوست سمجهي ويا هوندا۔۔۔ جن نه سمجهي هجي اهي هن موضوع کي نظرانداز ڪن۔۔۔ :((يا سوال ڪن :-??
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فليش ڊرائيو کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ فعال يا غير فعال ڪريو۔۔۔

    مهرباني ادا توهان جي جو توهان اسان سان اهڙي قميتي ٽپ ونڊ ڪئي باقي اها ڳالهه پنهنجي سمجهه کان چڙهيل آهي ان ڪري نه ته توهان کان ڪو سوال ٿو ڪري سگهان نه وري ڪو جواب ٿو پڇي سگهان ان ڪري ................................


    واه جي شئيرنگ آهي چئي جان ٿو ڇڏايان

    ها ها ها

    سدائين گڏ
     
  3. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: فليش ڊرائيو کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ فعال يا غير فعال ڪريو۔۔۔

    السلام عليڪم ادا رشيد سائين

    تمام سٺي ڳالهه ٻڌائي توهان۔۔۔مهرباني سائين۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فليش ڊرائيو کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ فعال يا غير فعال ڪريو۔۔۔

    سائين مهرباني۔۔۔ پر مان ڳالھ نه سمجهي۔۔۔۔۔:-w
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو