سامي ــ مايا ۽ پنهجو سماج

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ حسام ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2009۔

  1. حسام ميمڻ

    حسام ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جون 2009
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I think, write ,analyse the things and share
    ماڳ:
    Karachi
    سامي ــ مايا ۽ پنهجو سماج

    پوڙهو ائين پني پيو ، روڊن تي لاچار
    مايا مايا ٿو ڪري، هو ڇو هر هر وار
    هلو ته پڇون ساميءَ، جو ڄاڻي مايا ڄار
    هِنَ سان اتياچار ، ماڻهوءَ يا مايا ڪئي

    مايا متِ کسي يا ، بُکَ نهوڙيو هانءُ
    سامي! سلوڪن ۾، ڪونهي ان جو نانءُ
    سوچيان ويٺو آنءُ، ڪنهن دَرِ ڏجي دانهڙي

    مڃيو ماڻهوءَ من ۾، رامَ گاڏئو نام
    سنسار ۾ ٻيئي هلن، ٻنهي ڪجي پرنام
    پنهنجو پنهنجو ڪام، سامي! ماڻهن کي سُنهين

    مايا جو ڪاٿو، ڪونه ڪري سگهندين
    مايا ڪُنڊيءَ ۾، مَن تنهنجو ڦاٿو
    سوچين تون ڇا ٿو، ڄار پٺيان ٻيو ڄار آ

    وارو او وارو ! ويل وٺڻ جي ڪر
    پيڙهي پويان ٿي اچي، کول مٺا تارو
    کڻ تون يڪتارو ، وقت وڃئي ٿو

    پيسي ڪاڻ پي ٿيو، ڀاءَ کان پنهنجو ڀاءُ
    ڪونه ڪري پيو ڪنهن تي، ڪوئي اڄ ڪهڪاءُ
    اُٿ اُٿ سامي!آءُ، مايا کي سمجهاءِ


    مايا ڌوتي آ ، يا ڌوتو آ انسان
    ساڌو،سنت،سڏائي، پوءِ به بي ايمان
    اڄڪلهه جو انسان، سامي!سمجهه مٿانهون

    مايا موههُ رکي ٿي، پر او سامي ڀاءُ
    اڄڪلهه جي انسان کي، بک ڏنو آ گهاءُ
    ڏَسِ ڏَسِ اِن جو تاءُ، تو ڪڏهن محسوس ڪيو

    پيٽ بکايل ٻار لاءِ، ودياڪوهه ڪري
    ان کي وديا چئبو آ، جيڪا پيٽ ڀري
    پر جي بک مري، مَنش، ته وديا ڇا ڪبي

    اچ اچ سامي! ڏس، اَوديا جا ڪارڻ
    پورهيو سارو ڏينهن ڪرن، پوءِ به ٻارڻ
    هي ماڻهوءَ مارڻ، وديا وارا ٿا ڪرن

    محبوب کي ماڻي ڪري، مُنهن مَٽِڻ وديا نه آ
    اُن سان رهڻ،اُن کي چمڻ، سامي! سڀن جو جيءُ ٺري
    رابيل روحن ۾ ڦٽن، رات چادر جيئن ڌري
    تو الائي ڪيئن سَري ، پاڻ لئه محشر اهو

    جنهن ڄڻيو ان کي ڇڏڻ، اُن جو قسم وديا نه آ
    اُن اڳيان سِرَ جو جُهڪڻ،سامي! لڳي منزل ملڻ
    شبد هُن جو ڪو چوڻ، شبد تنهنجي کان مٿي آ

    سچ چوانءِ سامي! جي مٺيان نه ڀائين
    مايا مايا ٿو ڪري، ڄڻ واقف ئي ناهين
    پاڻ منجهه آهين، پُورو پنهجي ساءِ تون
    وڏا وارَ ڪري، ٿو جوڳي سڏائين
    فنا جي فڪر اڳيان، مُور نه تون آئين
    ماڻهو پيو کائين، خودي کائڻ سک چريا

    جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته منَ ۾ ڏيئو ٻار
    پاڻپڻي جو پاڻي، قلب منجهان تون هار
    سَهه سڀ ڪا آر، سائين! هن سنسار ۾

    صابرين کان سک، سندو صبر ساز،
    ڪونهي جن آواز، آنءُ نه جيئندي ان ري
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا حسام تمام بهترين، ساميءَ جي شاعري جو جواب ناهي تمام لاجواب شاعري آهي
    shabash


    lajwab-sharing



    sindhsalamatsaathsal
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا حسام ميمڻ صاحب
    حق موجود

    ڀائڙا انتهائي بهترين ونڊ ڪيو اٿوَ، لکيل ٽائيٽل ۾ ٿورڙو مونجهارو آهي .. ”سامي ــ مايا ۽ پنهجو سماج “ جنهن مان ائين لڳي ٿو ته اهو پورو ٽائيٽل ئي آهي ... جڏهن ته منهنجي سمجه آهر سنڌي ٻوليءَ جي محترم شاعر ساميءَ“ جا ٻول آهن ... مهرباني ڪري ٿورڙو سمجهائيندا ... ممڪن ڪا غلطي ٿي هجي ...

    سائين منهنجا، پيغام انتهائي ڪارائتو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي عنوانن تي ٻول ۽ نصيحتون ٿيل آهن پر مايا ۽ سماج سان لاڳاپيل ٻولن جي حمايت ۾ آءُ صرف حضرت علي رضه الله تعالا عنه جي هن قول سان ڪندس ته ” مايا جو مثال درياه جي پاڻيءَ جيئان آهي ... پاڻي ٻيڙي جي هلائڻ لاءِ ضرور آهي پر جي اهو پاڻي ٻيڙيءَ ۾ داخل ٿي ويندو ته ٻيڙيءَ کي ٻوڙي ڇڏيندو ساڳي طرح سان، زندگيءَ کي هلائڻ لاءِ مايا ضروري آهي پر جي اها انسان جي دل ۾ گهر ڪري وئي ته انسان کي ٻوڙي ڇڏيندي“

    ٻيو هڪ نماڻو عرض ڪندس جي دل ۾ نه ڪريو ته، هن فورم ۾ سنڌي ادب جي نالي سان هڪ ڌاڳو آهي ... جنهن ۾ ادب سان لاڳاپيل سڀ صنفن کي ماپائڻ جي جڳهه آهي ... اوهان مهرباني ڪري جي اهڙا ونڊ، ان لاڳاپيل خاني ۾ ڪندا ته اسان سڀني کي پڙهڻ ۽ مستقبل جي حوالن ۾ مدد ٿيندي ...

    لک ٿورا
    سدائين گڏ
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سچ چوانءِ سامي! جي مٺيان نه ڀائين
    مايا مايا ٿو ڪري، ڄڻ واقف ئي ناهين
    پاڻ منجهه آهين، پُورو پنهجي ساءِ تون
    وڏا وارَ ڪري، ٿو جوڳي سڏائين
    فنا جي فڪر اڳيان، مُور نه تون آئين
    ماڻهو پيو کائين، خودي کائڻ سک چريا
    ادا سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي، ادا مونکي هي سٽون پسند آيون آهن. اگر مٿين سٽن جي توهان اسان اٻوجهه ماروئڙن کي معني ڪري ٻڌايو ها ته توهان جي مهرباني ٿيندي.
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا حسام انتهائي اونها ويچار، تُنهنجي خالص هن تخليق کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي۔ دوستو، مُون غريب جي ڄٽاڻي ڌُڪي موجب هي سائين حسام جي خالص پنهنجي تخليق آهي، جنهن ۾ سائين حسام مايا جي موهه ۽ موجوده وقت جي سامي جي لوڀ کي پنهنجي انداز ۾ ( بلڪل نڪور انداز) ۾ اسان جي سامهون پيش ڪيو آهي۔ سائين حسام جس لهڻي جو ايڏي خوبصورت تخليق سنڌ سلامت تي اسان سان شيئر ڪئي۔
     
  6. حسام ميمڻ

    حسام ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جون 2009
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I think, write ,analyse the things and share
    ماڳ:
    Karachi
    سامي جا خيال هن وقت ، هلندڙ دور ، ڄڻ ته مشڪل نه پر ناممڪن هجن، جو هو هر شيٌ کي مايا ڄار ٿو سمجهي، بس انهيٌ پس منظر ۾ مون اهي بيت لکيا آهن، باقي دوست سڀ پڙهيل ڳڙهيل آهن ، ان ڪري سامي پڙهبو ته پوٌ ڪافي ڳالهيون سمجهه ۾ اينديون ، هونئن به سامي کي پڙهڻ گهرجي ، اسانجي سنڌ ۽ شڪارپور جي ڪلاسيڪل شاعر آهي، افسوس اهو آهي ته اسانجو نوجوان اهڙيون شيون پڙهڻ کان ڪيٻائي ٿو، مون جيڪو به بيتن ۾ لکيو آهي اهو منهنجو ذاتي خيال آهي، ضروري ناهي ته هر ماڻهو ان سان اتفاق ڪري۔ جمهوري دور آهي، پنهنجي خيال جي پرچار ته هر ڪو ڪري ٿو سگهي۔ دوستن جي مهرباني جو ساراهن ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو