گهريلو ٽوٽڪا

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٿانوَ ڌوئڻ جي سنڪ يا بيسن ۾ روزانو رات جو ٿانوَ ڌوئڻ کان پوءِ تيز گرم پاڻي وجهي ڇڏيو بدبوءِ نه ٿيندي.

    ڪمري مان سگريٽن ۽ کاڌي جي بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ ميڻ بتي ٻاريو.

    بصرن جي بوءِ هٿن مان ختم ڪرڻ لاءِ ليمي سان مهٽي هٿ صاف پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو

    ڪارپيٽ ۽ غاليچن مان بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ متاثر جاءِ تي سرڪو يا ليمي جي رس لڳايو ان کي گرم پاڻي ۽ اسفنج سان مهٽيو بوءِ ختم ٿي ويندي.

    ٻارن جي کير پيئڻ واري بوتل کي صاف ڪرڻ لاءِ ڊبل روٽي جو ٿورو ٽڪرو ان ۾ وجهي پاڻي سان ٻه ٽي ڀيرا ڌوئي اُٻاري استعمال ڪريو.

    سخت بخار ۾ کيري جي کل سان پيرن تي مالش ڪرڻ جي ڪري بخار گهٽجي ويندو آهي.

    ميٿي داڻي کي پاڻي ۾ پيهي هفتي ۾ ٻه ڀيرا ان سان وار ڌوئو ته وار مضبوط ۽ ڊگها ٿيندا.

    کٽاڻ ۾ ليمي جي رس ملائڻ سان کٽائڻ ڊگهي عرصي تائين استعمال جهڙي رهندي.

    پٽاٽي جي کل سان آر سي صاف ڪريو ته اها ڊگهي عرصي تائين صاف رهندي.

    جيڪڏهن ڪوبه ٿانو سڙي پوي ته ان ۾ پٽاٽي جي کل ۽ پاڻي ان ٿانوءَ ۾ وجهي اٻاريو ۽ پوءِ ان کي مَليو، ان سان ٿانوَ صاف ٿي ويندو.

    جيڪڏهن آڊيو ڪيسٽ لڳاتار وڄائڻ جي ڪري ان جو آواز خراب ٿي وڃي ته اها 5 منٽن لاءِ ريفريجريٽر ۾ رکو، ڪيسٽ مڪمل طور صحيح ٿي ويندي.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: گهريلو ٽوٽڪا

    تمام بهترين ادا اسان ڪجه ٽوٽڪا پڻ آزمائيندا آهيون مهرباني ادا
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گهريلو ٽوٽڪا

    عوامي آواز زنده آباد ادا سليمان وساڻ پائينده آباد جو زبردست گهريلو ٽوٽڪا ڪٽ پيسٽ ڪري کڻي آيو۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: گهريلو ٽوٽڪا

    ادا وساڻ صاحب ٻيون ڳالهيون ته سڀ سون پر ادا توهان ( ڪمري مان سگريٽن ۽ کاڌي جي بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ ميڻ بتي ٻاريو.) سو ادا ان لاء عرض ته ميڻ بتي ٻاريون يا اگربتي اهيا ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گهريلو ٽوٽڪا

    ادا اگربتي مزارن تي ٻاربي آهي۔ هتي ميڻ بتيء جي جلڻ کانپوء جيڪا بوء پيدا ٿيندي آهي اها ٻين بدبوئن کي ختم ڪندي آهي۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گهريلو ٽوٽڪا

    ادا توهان جا ٻڌايل ٽوٽڪا تمام بهترين ء ڪارائتا آهن انهن کي ضرور آزمائينداسين .
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گهريلو ٽوٽڪا

    · اُٻاريل پٽاٽن جي کل ان وقت لاهيو، جڏهن پٽاٽو گرم گرم هجي، ٿڌي پٽاٽي جي کل لهڻ ۾ دير ڪندي آهي.

    · موسم جي لحاظ سان گوشت کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪپڙي جي هڪ ٽڪري کڻي پاڻي ۽ سرڪي ۾ پسايو ۽ پوءِ اهو گوشت مٿان رکو ته گوشت گهڻي دير تائين تازو رهندو. ۽ ان تي مکيون به نه ويهنديون.

    · چانورن کي ڪيڙي کان بچائڻ لاءِ انهن ۾ لوڻ ملائي ڇڏيو ته چانور محفوظ رهندا.

    · بصر ڪپڻ وقت اکين مان ڳوڙهن ڳڙڻ، کان بچڻ لاءِ بصر جي کل لاهي ان جا ٻه ٽڪرا ڪري پاڻيءَ ۾ پسايو ۽ ٿوري دير کان پوءِ ان کي ابتي پاسي کان ڪپيو.

    · بصر جي عرق ۾ ڪپهه ٻوڙي نڪ تي رکڻ سان زڪام ختم ٿي ويندو.

    · ڇري، چاقو ۽ ٿانون تان بصرن جي بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ پاڻي ۾ ليمو ملائي ان سان ڌوئو ته بوءِ ختم ٿي ويندي.
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گهريلو ٽوٽڪا

    ٽوٽڪا ته واقعي سٺا آهن ۽ روزاني جي ڪم ڪار ۾ اچڻ وارا آهن ۔۔۔


    مطلب ته شادي شده ته فائدي ۾ آهن ئي آهن پر جيڪي ڇڙا آهن سي به ياد ڪن ۽ اسانجي ڀاڄائين کي اڳ کان ئي تيار ٿيل اهڙا سلڇڻا مڙس ملندا ته سندن زندگي سڪون ۾ گذرندي ۔۔۔

    واه سائين واه ۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گهريلو ٽوٽڪا



    سائين ابڙا صاحب يقين ڪريو ته مان جڏهن ادا سليمان جو هي ٿريڊ پڙهي رهيو هوس ته اهو خيال ذهن ۾ آيو ته آخر ۾ لکندس ته ڀائو شادي کان اڳ ئي سٺي تياري پيو ڪري وري ٿوري هيٺ جڏهن علي علي جا ڪمينٽس پڙهيم ته سوچيم ته ابڙا صاحب ڏسو پنهنجا ڪمينٽس ڏيو پر جئين ئي هيٺ توهان جا هي ڪمينٽس پڙهيم ته اصل
    ها ها ها ها ها ها
    =))=))=))=))=))

    سٺو ٿو وڃين وساڻ صاحب

    سدائين گڏ
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گهريلو ٽوٽڪا

    سائين نثار مهرباني

    ضروري ناهي ته هي ٽوٽڪا عورتن لاء ئي هجن ۔ ڇو ته دنيا جا وڏا وڏا ۽ مڃيل شيف مرد ئي آهن۔ هي ٽوٽڪا اسان جهڙن ڇڙن لاء به آسانيون ٿا پيدا ڪن جو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي سڀ ڪم ڪرڻو پوندو آهي۔

    ۽ ها شادي کانپوء زال جو هٿ ونڊائڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وقت اچي ته ماڻهو مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏي
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گهريلو ٽوٽڪا

    سائين نثار ابڙو ته آهي ئي سيون اسٽار ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ کائڻ پيڻ وارن سيڪشنن جو انچارج سو سائين کي ته کائڻ پيئڻ جو ڪو مسئلو هوندو نه ٿانو ٿپا ڌوئڻ جو۔ باقي يار اسان کي ته هي ٽوٽڪا آزمائڻا ٿا پون ۽ فقير آهي بادشاه ماڻهو ۔۔۔اسان ڪهڙا ڪمينٽس ڏيون بس دوستن جي خوشي ۾ اسان به گهڻو خوش آهيون ۔۔۔۔ فقير جي هاهاها سان اسان به پنهنجا ٽهڪ ٿا ملايون ۔۔۔۔۔۔هاهاهاها
     
  12. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: گهريلو ٽوٽڪا

    ۽ جيڪا وري ميڻ بتي جي ٻرڻ جي بوء ٿيندي اها وري ڪئين ختم ٿيندي؟~x(
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار هاڻي ته هي ٽوٽڪا الاهي ڪم وارا ٿي پيا آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو